ڪتاب جو نالو: اهي ڀي ڏينهن هوندا ها
مصنف: شبير سيال
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 11 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 543 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 171 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شبير سيال دوستن جو دوست ۽ سدائين زنده دل شخصيت جو مالڪ آهي، سندس شاعريءَ ۾ سندس زندگيءَ جا اولڙا پسي سگهجن ٿا. سندس شاعري ۾ ڪافي نواڻ پڻ آهي. شبير سيال جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن پڻ ڳائي آهي.
شبير پنهنجي شاعري ۾ سڪ اڪير کي ائين آلاپيو ۽ ساريو آهي جيئن مور پنهنجي ٽهوڪن ۾ سانوڻ کي ساريندو آهي. سندس شاعري وسڪاري لاءِ واجهائيندڙ سمونڊ جي سپن جهڙي اداس ادائن واري به آهي، جيڪا اداس دلين ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪري وجهي ٿي،
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 813 هون
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • مهاڳ
  • خوابن جي ساڀيان جهڙي شاعري
  • دلين کي ڇهندڙ شاعري
  • سانورين سوچن وارو سانورو شاعر
  • ڀاڳوند شاعر
  • اديب ۽ عوامي شاعر
  • شاعر پاران
  • غزل

  • سڄڻ ٻئي گڏ هئاسون هَل! اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.
  • جيئن ٿي جدا ويو آ دلدار دوستو.
  • رات ڏس گذريو وڃي ٿي آ پرين.
  • آ ته هڪ ٿي وڃون پيار جي ڇانوَ ۾.
  • اسان جي محبت اڃا ساڳي آهي.
  • آسرن ۾ نه رک ۽ نه گمراه ڪر.
  • جذبا نوان ڪي اُڀارجو.
  • سرِ عام دلبر اکيون جو مليون.
  • اسان جو پاڻ ۾ پَرچي پوڻ جو فيصلو ٿي ويو.
  • اڃا روز تنهنجا بهانا گهڻا هِن.
  • چئوس مون کي نه ڏُکائي نه مون کي ياد ڪري.
  • نه کوليو نه کوليو ڏکن جون ڪهاڻيون.
  • ماڻهو بدليل ٿو ڏسان بدليل زمانو ٿو ڏسان.
  • انتظاريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.
  • تنهنجي جنهن بي رُخي ڏٺي هوندي.
  • انتظاريءَ جا ڏهاڙا دلربا گهٽجن نٿا.
  • سنڌ سڏي پئي جاڳ ڀٽائي.
  • پاڻ جهڙن ساڻ ئي دل لائجي.
  • دشمنن لئه تيغ ٿيو ۽ تير ٿيو.
  • اڄ ڪي من جون ڳالهيون ڪنداسون.
  • ڪبو واعدو پختو ۽ پاري ئي ڇڏبو.
  • هن جون اکيون تَر ڏسي حيرت لڳي.
  • اوهان ٿا گذاريو پري زندگي.
  • هُو جي ڪنهن ڳالهه تان رسي ٿو وڃي.
  • جدائي ڇو ڪيئي جانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.
  • سينڌ سنڌو ندي ٿي لڳي.
  • ڏينهن توکي ٿيا ڪيترا.
  • جا گذري سا گذري پيارا نه پُڇ.
  • تولئه سادا سادا آهيون.
  • توکي مرڪڻ جي ڪاريگري ٿي اچي.
  • اها سِڪ آ ساڳي اسان جي اکين ۾.
  • تون ساڳيو آهين ليڪن تنهنجو پيار ساڳيو ناهي.
  • هر اک جا پنهنجا پنهنجا اشارا الڳ الڳ.
  • گهاوَ گهڻائي من تي آهن.
  • بار ڏکن جو آيو هوندئي.
  • سَهڻا پون سوين ٿا نقصان زندگيءَ ۾.
  • ڏک روز سهندي سهندي گذري پئي حياتي.
  • تنهنجي ديدار تي بندشون ڇا ڪنديون؟
  • اهڙو دل جو امير ڳولي ڏيو.
  • مينهن ۾ سُرهاڻ تنهنجي ڳوٺ جي.
  • بيقدرن جون، ڳالهيون نه ڪريو.
  • ساٿ قسمت نه پنهنجو ڏنو اي مٺا، تو به چاهيو گهڻو مون به چاهيو گهڻو.
  • هن جو اچڻ ٿي نٿو سگهي.
  • تنهنجي سامهون نگاهه، ڪير کڻي.
  • گهڻو روئي ويٺس تنهنجي سار آئي.
  • ايڏي اچڻ ۾ دير ڇا معنيٰ؟
  • ڪير آ جو سوجهرو، ڳولي پيو.
  • وري ڪيئن تو پنهنجو بنائي ڇڏيو آ.
  • ايتري بي رخي چڱي ناهي
  • ڪانه ماريندي جدائي محبتون ساڳيون هجن.
  • ڪي، ڪي ماڻهو ته اهڙا مٺا ٿا لڳن.
  • مان ته گهڻو پي ويٺو آهيان.
  • مان هن کي وڻڻ لئه تيار ٿيو.
  • شهر تنهنجي ۾ اچي، ڀُلجي ويس.
  • ڪيئن ويران من پنهنجو پِرڀائجي.
  • وقت گذريل جو ورجاءُ، ڇو ٿو ڪرين.
  • روز مون وٽ تنهنجون سارون ٿيون اچن.
  • دل جو درياء چڙهيل چڙهيل ٿو لڳي.
  • بُلند پنهنجو مقام رکجان.
  • تون ڪنهن ڏور ستاري وانگي.
  • هو جڏهن کان رسي، ويو آهي.
  • ايترا سينگار اڄ ڇو پيا ٿين؟
  • پيار ڇا هي پيار جي معنيٰ نه پُڇ.
  • لوڀ لالچ ۾ جيڪو اچي ٿو وڃي.
  • ڪنهن به دل مان هڪ دفعو جي پيار ٿو نڪري وڃي.
  • مونکي توسان نڀائڻو پوندو.
  • اعتمادن کي چوٽون رسايُون ته نه.
  • آس دل ۾ اها نه رکجان تون.
  • چاهتن جو آستانو ناز باغ.
  • زندگي ٿي وئي آ گذر ڪيتري.
  • ڪافي

  • سار لهي وڃ يار
  • اکيون اٽڪي پيون آزار ٿيو
  • هي ٿڌڙيون هوائون هلي جيئن هندورو
  • مٺا موٽ جدائي ماري ٿي
  • گُل تنهنجي اڳيان شرمائن ٿا
  • توکي هاڻ وسارڻ مشڪل آ
  • تنهنجي پيار ۾ دل ٿي قابو وئي
  • هي حسن جوڀن جواني يار، هوندئي چار ڏينهن
  • خط لکيم پر يار تائين ڪيئن پُڄي
  • تو لکي جيڪا چٺي لک ٿي لهي
  • عيد اڄ مون ڪانه ڪئي، پر دنيا وارن عيد ڪئي
  • وري آيو سانوڻ اڃا تون نه آئين
  • جي ترسي پئون ٿا محبت نٿا ڏيو
  • توکان دل پيارا پلي آ نه پلبي
  • ٿيا اُڀ تي آگم ته تون ياد آئين
  • ڪيڏو ٿو ڪيان هن سان مان پيار مڃي نه مڃي
  • منهن مَٽيو يارن صفا، پر مون نه يارن کي ڇڏيو
  • ائين مون نه ڄاتو اوهان دل پليندؤ
  • وائي

  • تنهنجي چٺيءَ مان
  • ساجن موٽ وري
  • ساٿي اوري آءُ
  • مون کان پُڇين ڇا ٿو
  • ماڻهن پيارن جي
  • ساجن لهه تون سار
  • هر هنڌ آ چرچو
  • ساٿي جاڳ سوير
  • چوسٽا

  • ڀل ته باغي ٿي وڃڻ جون تهمتون لڳنديون رهن
  • انڌيرن ۾ هٿ سان اسان کي ڌڪو ڏئي
  • بي خوف رقيبن سان لڙڻ وارا اسان هُون
  • ڪري ڳالهه اُن تان ڦرڻ وارا ناهيون
  • هت زبان تي آهي بندش هت عدالت ڪانه آ
  • اسان ڏات قومي امانت ٿا سمجهون
  • هِتان هُو جي هڪڙو پهر ٿي وڃي
  • سُک سج جو اُڀاريو ٿئي رات ختم ڀل
  • هر قدم تي پرين بي رخي تو رکي
  • نظم

  • ڪندو ديس سان جيڪو غداري
  • سنڌڙيءَ جي ثقافت جي جڏهن ڳالهه هُلي پئي
  • ظلم ستم سئو ڀيرا هوندا
  • ڪهڙو وري پيو واءُ اَلا، هي ڪهڙو وري پيو واء.ُ
  • اهو ئي ساڳيو اکين ۾ پاڻي
  • هن پاپ ننگر ۾ گهڻو انڌير ڏسان ٿو
  • نيڻ کلي جي کڻندو آهين
  • توتان گهور وڃان، منهنجي سنڌ امان
  • مان سينڌ سنڌوءَ جي سجائيندس
  • ٽيڙو

  • ڪهڙو هي سماج
  • لٿا لابارا
  • روزيءَ جي ڳولا
  • دل تان ڪين لٿام
  • سچائي اشاعت گهر جا موجوده ڪتاب

  • سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 813 هون

    ISBN: 978-969-7788-09-5
    ڪتاب جو نالو : اهي ڀي ڏينهن هوندا ها
    موضوع : شاعري
    ليکڪ : شبير سيال
    ڇاپو پهريون : ڊسمبر - 2018ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪيلگرافي : پير مظفر
    ڪمپوزنگ /لي آئوٽ : جهانزيب علي جوڻيجو (ساحل پرنٽر حيدرآباد)
    ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر دڙو- حيدرآباد
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650




    UHY BHI DEENHAN HOONDA HA (Poetry)
    Written By: Shabir Siyal
    Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO, Sindh
    Edition, December 2018. Cell: 0301-3640468, 0331-2997336
    Email: myusifmemon@gmail.com

    اسٽاڪسٽ
     ڀٽائي بڪ هائوس گاڏي کاتو حيدرآباد
     ڪويتا ڪتاب گهر، روبي سينٽر گاڏي کاتو حيدرآباد
     ڪنگ پن ڪتاب گهر، پريس ڪلب حيدرآباد
     سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال حيدرآباد
     قليچ ڪتاب گهر لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد
     فڪشن هائوس رابعه اسڪوائر حيدرآباد
     شاهه لطيف ڪتاب گهر گاڏي کاتو حيدرآباد
     عزيز ڪتاب گهر- سکر
     سچ ڪتاب گهر - ڍورو نارو
     غلام محمد جوهر ڪتاب گهر - ميرپور بٺورو
     سوڀو گيانچنداڻي ڪتاب گهر- گهنٽي ڦاٽڪ لاڙڪاڻي


    ارپنا

    • ٻُهڳڻي شاعر ”مسڪين“ حاجي خان ملاح جي نانءَ جنهن پنهنجي وطن جي ماروئڙن لاءِ پاڻ پتوڙيو.

    • پنهنجي پهرئين ’پٽ انور جي نالي‘ جيڪو 2001ع ۾ هڪ حادثي ۾ ميندي رتن هٿن سان مون کان جدا ٿي ويو. جنهن سان منهنجي پيار جو ڪو انت ۽ ڇيھه نه آهي.

    • قابل احترام مانواري انجنيئر مير محمد سيال جي نالي، جنهن رنگ، نسل، مذهب، مسلڪ ۽ زبان جي تفريق کانسواءِ انسان ذات جي خدمت کي ازل کان ابد تائين فرض حقيقي تصور ڪري خدمتون سرانجام پئي ڏنيون آهن.

    • پياري دوست محمد اسماعيل ”دلدار“ سيال جي نانءَ. جنهن دوستيءَ جي حق ادائگي ۾ دوستن/ عزيزن ۾ پنهنجون اڻ مٽ يادون ڇڏيون.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اھي ڀي ڏينھن ھوندا ھا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر شبير سيال جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    شبير سيال دوستن جو دوست ۽ سدائين زنده دل شخصيت جو مالڪ آهي، سندس شاعريءَ ۾ سندس زندگيءَ جا اولڙا پسي سگهجن ٿا. سندس شاعري ۾ ڪافي نواڻ پڻ آهي. شبير سيال جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن پڻ ڳائي آهي.
    شبير پنهنجي شاعري ۾ سڪ اڪير کي ائين آلاپيو ۽ ساريو آهي جيئن مور پنهنجي ٽهوڪن ۾ سانوڻ کي ساريندو آهي. سندس شاعري وسڪاري لاءِ واجهائيندڙ سمونڊ جي سپن جهڙي اداس ادائن واري به آهي، جيڪا اداس دلين ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪري وجهي ٿي،
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گھر، دڙو پاران 2028ع ۾ ساحل پرنٽرز ۽ پبليڪيشن، حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ٻه اکر

    جڏهن، شبير سيال جو شعري مجموعو ”اهي ڀي ڏينهن هوندا ها“، ڪمپوزنگ لاءِ ڏنم، تڏهن ارادو اهو هئم ته شبير سيال سان پنهنجي دوستيءَ جي ڊگهي سفر جي حوالي سان مٿس هڪ ڀرپور خاڪو لکندس، ان لاءِ نوٽس به وٺڻ شروع ڪيم، پر هي ڪم، هو ڪم، ڪندي، اها خواهش دل ۾ ئي رهجي ويئي ۽ اهو خاڪو لکجي نه سگهيو. ۽ شبير کان وڌيڪ مونکي ڪتاب آڻڻ جي تڪڙ هئي، تنهن ڪري ڪتاب کي وڌيڪ روڪڻ مناسب نه سمجهيم ۽ هاڻ هي ڪتاب اوهانجي هٿن جي زينت آهي.
    شبير سيال دوستن جو دوست ۽ سدائين زنده دل شخصيت جو مالڪ آهي، سندس شاعريءَ ۾ سندس زندگيءَ جا اولڙا پسي سگهجن ٿا. سندس شاعري ۾ ڪافي نواڻ پڻ آهي. شبير سيال جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن پڻ ڳائي آهي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته شاعرن جي شاعري ڳائي ئي فنڪار مشهوري ماڻين ٿا، ۽ فنڪار سدائين شاعرن جا ئي مرهون منت رهن ٿا، پر اسان وٽ قصو ابتڙ آهي، فنڪار ته مشهور ٿيو وڃي، پر شاعر اهو ئي گم نام ٿو رهي.
    شبير سان به قصو ڪجهه ايئن ئي رهيو آهي. ڪيترن ئي فنڪارن کي مشهوري شبير سيال جي ڳايل شاعري جي ڪري ئي ملي.
    شبير سيال جو شعري مجموعو اوهانجي هٿن ۾ آهي، پڙهو ۽ شبير جي شعري اڏار تي کيس داد ڏيڻ کان اصل نه نٽائجو.

    يوسف سنڌي
    16 ڊسمبر 2018ع


    مهاڳ

    مهاڳ

    شبير سيال جي شاعريءَ جو مسودو کوليو ويٺو آهيان ۽ پهرئين ئي غزل تي، منهنجو ڌيان، سندس غزل جي هن توجهه ڇڪائيندڙ شعر تي،اچي بيهي رهيو آهي.
    پيو تصوير تنهنجيءَ کي سجدا ڏيان ٿو
    اسان جي عبادت اڃان ساڳي آهي

    ڏٺو وڃي ته... اسان جي هيءَ سنڌ... شاعرن سان اپرمپار ڀري پئي آهي. تن ۾ ڪي ته واقعي ڀلا، ڪي وري ڍِلا شاعر. ڪن جا خيال اعليٰ، ته ڪن جا وچٿرا ۽ ڪن وٽ عام رواجي لفظ.. ۽ اڌما... بس بحروزن ئي سندن درست. شبير سيال وٽ، اُٿندي ئي مون ٻه ڳالهيون ته خاص نوٽ ڪيون. درست ۽ چُست بحر وزن ۽ ٻيو ڪِي قدر نوان خيال. ۽ گڏوگڏ ٿورا مڙئي روايتي به. ايئن سندس سموري شاعري تي نئينءَ سان گڏ، قديم فضا پڻ ڇانيل نظر آئي اٿم. مثال طور ’انبار‘ لفظ مون کي نٿو سجهي ته ويجهي ماضيءَ ۾ ڪنهن شاعر وٽ بطور ’قافيه‘ جي استعمال ٿيندي مون پڙهيو يا ٻڌو هوندو. ڏسو شبير اهو لفظ ڪيڏي نه ڪمال ڪاريگريءَ سان واپرايو آهي. ٿورو پڙهي ته ڏسو :
    جيئن ٿي جدا ويو آ، دلدار دوستو
    تيئن ٿيا غمن جا دل تي ’انبار‘ دوستو

    روايتي شاعريءَ ۾ ۽ خاص ڪري مشاعرن ۾ پڙهڻ جي لاءِ، هوشيار شاعر، هميشه ’دلچسپ رديف قافين“ تي ٻڌل غزل جوڙيندا آهن، جيڪي مشاعرن ۾ شاعرن کي، زبردست داد ڏيارڻ ۾، پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. شبير هي جيڪو هيٺيون غزل... ”پوڻ جو فيصلو ٿي ويو. “ رديف قافيه تي مهارت سان جوڙيل آهي. پڪ سان کيس ڪنهن مشاعري ۾ ڏاڍي داد ۽ واهه واهه ڏياري چڪو هوندو.
    اسان جو پاڻ ۾ پرچي پوڻ جو فيصلو ٿي ويو
    حياتي ڀَر سڄڻ سان گڏ رهڻ جو فيصلو ٿي ويو

    اسان جو شبير، جواڻ جماڻ شاعر آهي ۽ دور حاضر جو جديد ۽ سٺو شاعر پڻ، پر هن جو بطور شاعر، پراڻي مطالعي منجهان به پورو پورو لاڀ پرايل ٿو ڏسجي. مثال طور ماضي وارن غزلن جا جيڪي من پسند لفظ هوندا هئا. جيئن گلشن... حاذق... ڪيف قرار، مخمور، فسانو ۽ مئڪش وغيره... اسان جي هن شبير کي به ڪو ڏاڍا وڻن ٿا ۽ نه فقط وڻن ٿا، پر هو انهن کي ڏاڍي دلچسپي ۽ شان سان واپرائي به ٿو. پر ڳالهه حق جي ڪبي، هو گڏوگڏ انهن ۾، نئون ۽ جاڳرتا ڀريو روح به، ڦوڪڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو آهي.

    اُٿ مجاهد، انتظارن ۾ ڏسون ٿا انقلاب
    هر قدم مظلوم جو مان، باغيانو ٿو ڏسان.
    شبير جي غزل ۾، مون کي هن جي هڪڙي ڳالهه خاص طرح سان به وڻي. ڪهڙي؟ اجهو هيءَ:

    پاڻ جهڙن ساڻ ئي دل لائجي
    ڀُلجي ڏاڍن سان نه اک اٽڪائجي
    پر مصيبت هيءَ به... ته هڻي ڌُڻي پاڻ جهڙي ڪنهن سان، دل لائڻ جي ڪوشش به جي ڪبي آهي، ته اهو به نهايت جلد ڏاڍن وانگر ”ڏاڍو“ ئي ٿي، ڏاڍ ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. سو بهرحال، پاڻ جهڙن سان پيار ڪرڻ جي ڪهاڻي به هن شعر تي اچي ختم ٿي وئي.
    سونهن وارن هي ڪيو آ فيصلو
    هر دفعي ’شبير‘ کي ڪس لائجي
    ڀٽائي صاحب، پنهنجي رسالي جي بيت بيت ۾ انسان ذات کي، پاڻ ۾ ايڪي ۽ اتحاد قائم ڪرڻ جو... گهڻي ۾ گهڻو درس پئي ڏنو آهي. ”وڳر ڪيو وتن“ يا ”ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ، وغيره“ اچو پاڻ ۾ هڪ ٿيو، هڪ ٿيو... ۽ اهو، هر قوم جي سرواڻ جو به هوڪو ۽ سدا کان نعرو رهندو اچي، شبير به هي ايئن ئي ته چئي، پنهنجو فرض نڀايو آهي.
    دشمنن لئه تيغ ٿيو ۽ تير ٿيو
    پر اي يارو، پاڻ ۾ ”کنڊ کير“ ٿيو
    ته يارو! ڏٺو اوهان... ايڪي... اتحاد ۽ پاڻ ۾ ٻڌي پيدا ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي، شبير پنهنجي شعر ۾، هي ڪيڏو نه، سهڻو لفظ استعمال ڪري ويو آهي. ”کنڊ ۽ کير“ واهه شبير واهه... پر ساڳي وقت هي شبير عاشق زهر پياڪ به ته لڳو اٿم. جي ها! آر پار عاشق. تڏهن ئي ته هي شعر لکيو اٿس.
    پرين زهر ڏيندا خوشيءَ سان پي وڃبو
    رقيبن جو شربت به هاري ئي ڇڏيو
    پاڻ واري نوري نماڻي ۽ ڪينجهر جي ڪنارن بابت، ڀٽائي صاحب کان وٺي شيخ اياز تائين، ڪهڙا ڪهڙا نه دل ڇهندڙ شعر انهن شاعرن پئي لکيا آهن. اياز صاحب ته انهن ڀيڻين کي ڏسي، دانهن به ڪئي هئي. ”نه تڙ تي تماچي، نه گندري گذارا... اسارا اسارا ڪينجهر جا ڪنارا...“ شبير سيال به، ان ساڳي ئي خيال کي پنهنجي هن شعر ۾، جيئرو ڪري پيش ڪيو آهي.
    ڪانه هئي نوري، نه تڙ تي ڄام هئو
    ”تڙپندي“ ڪينجهر ڏسي، حيرت لڳي
    خاص ڪري شبير ”تڙپندي ڪينجهر ڏسي“ جهڙي نئين ترڪيب ٺاهي، ڪينجهر ڍنڍ جي تڙپ، اڪيلائي ۽ بي سڪونيءَ کي اسان جي اکين جي اڳيان آڻي ڏيکاريو آهي. اجهو ان ساڳي ئي غزل جي هِن شعر ۾ به هُن ڪيڏو نه درد، تڙپندي اسان کي ڏيکاريو آهي.
    شهر جي هر چؤنڪ تي چاڪنگ هئي
    ويو ”ڪُسي ڪونڌر“ ڏسي، حيرت لڳي
    خير”تڙپ“ جي ڳالهه تي پڙهو ته، امداد حسينيءَ جو هي هڪڙو شعر به ان ڏس ۾ مون کي، سدائين کان تڙپائيندو رهيو آهي. ڀلا ڪهڙو شعر..؟ اجهو هي:

    رات توکان سوا، وري آئي
    پاڻ کي هانوَ تي ”ٻري“ آئي

    اَلاڙي! اجهو ان لفظ ”ٻري آئي“ تي منهنجي دل کي سدائين کان ڪيڏي نه تڪليف پهچندي رهي آهي. شبير سيال به ان ”ٻري“ لفظ کي، پوري شدت سان واپرايو آهي.
    اوهان ٿا گذاريو، پري زندگي
    هتي پئي اسان جي، ٻري زندگي
    اکيون ڪنول، اکيون ستارا... اکيون ڍنڍ... ۽ نهار تلوار... ٻنگا ٻاڻ... ۽ ٻيا به اکين لاءِ سنڌي شاعرَ ڪهڙا نه ڪهڙا... استعارا ۽ تشبيهون، ٺاهيندا ۽ گهڙيندا رهيا آهن. شبير سيال وري، معشوق جي اکين جي اُڦٽ مار کي، هن ريت اظهاريو آهي.
    تنهنجي نيڻن ۾ سمنڊ ماٺيڻو
    جيڪو ڏسندو آ، سو ٻُڏي ٿو وڃي
    هتي شبير جي نئو ورني جي سهاڳ واري سينڌ لاءِ، هيءَ به ڇا ته خوبصورت تشبيهه.
    سينڌ سنڌو ندي ٿي لڳي
    اک به ڪينجهر، ڪنڌي ٿي لڳي
    ايئن هي سڄو غزل مرصعَ ۽ نج نبار سنڌي زيورن ۽ هار سينگار سان ٽمٽار آهي:
    ٻانهن ۾ چوڙيون ٿيون ٺهن
    چيلهه تي ڇا سڳي ٿي لڳي
    اردو شاعر مير تقي مير... چون ٿا، ڏاڍو نازڪ سڀاءُ ۽ نفيس شاعر هوندو هو. محبوب جي شان ۾ سندس هڪڙو شعر آهي.
    نازڪي ان ڪي لب ڪي، ڪيا ڪهيئي
    پنکڙي اڪ گلاب ڪي سي هئه
    شبير جو هي شعر، مير صاحب جي ان شعر کان... ڀلا ڇا ۾ گهٽ آهي؟
    پيار جي پهرئين اظهار ۾
    چَپ ها ڦڙڪيا ڪيترا
    اسان جو هي شاعر شبير، ٻهراڙيءَ ڄائو شاعر آهي. ان ڪري هن کيتي ٻاڙيءَ، پوکي راهي ۽ ثقافتي اوڇڻن جا، وک وک تي ڏاڍا خوبصورت خوبصورت لفظ ڪتب آندا آهن... مثال طور، ڪڻڪن ۾ لاب... لابارا... گج پڙا... ووئڻاٺيون ڪاٺيون... ماکي مصري... اجرڪ ٽوپي... ۽ اهڙن لفظن کي استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪيڏو نه اشارن ئي اشارن ۾، هڪ شعر اندر، ههڙو سنيهو به پوشيده رکي ويو آهي.
    ٽارچ ٻاري، ڪير آن... پُڇين ٿو
    پنهنجا پنهنجا، پنهنجا آهيون
    ان غزل جي هڪ شعر ۾ هي چتاءُ به-واهه! واهه!
    پاڻ ته سادا سادا آهيون
    ليڪن وڄ وراڪا آهيون
    شبير... قاضي احمد واري خوبصورت ’ناز باغ‘ تي به، ڇا ته خوبصورت ۽ مسلسل غزل لکي ڏيکاريو آهي، جنهن جي اکر اکر مان ڄڻ رنگ رنگ جي خوشبو پئي ڦٽي نڪري.
    واس خاطر ڀؤنر اُڏندا ٿا رهن
    بلبلن جو آستانو، ناز باغ
    ٻاتيون ٻوليون ڪيو گل ٿا ڇنن
    ٻارڙن جو آستانو، ناز باغ
    مينهن جي موسم، هي ماڻهن کي ئي ڇا، پکين جي روح ۾ به خوشيون ۽ شادمانيون ڀري ڇڏيندي آهي. ڀٽائي صاحب به چون ٿا.. . آسمان تي ميگهه ملهار ۽ ڪڪر ڪارو نڀار ڏسندا هئا ته، بي اختيار چوندا هئا. ”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جاويس ڪيا“. شبير به اُڀ تي جُهڙ جهڙالا ڏسي ٿو ته بي اختيار چئي ٿو ڏئي...
    ٿيا اُڀ تي آگم ته تون ياد آئين
    جي سارنگ ٿي ڳايم ته تون ياد آئين
    يا.... مينهن وسي وڃڻ کان پوءِ، هي پکي به ڪيڏا نه خوش خوش نظر ايندا آهن ۽ ٻئي پاسي ماڻهوءَ جي دل به دور دور تائين پسار ڪرڻ ۽ آسمان جا ڪنارا ڇهڻ لاءِ پئي من کي هرکائيندي آهي... پر هاءِ-هاءِ! هي مينهن سڳورو جي ڪن ساهه وارن لاءِ رحمت آهي ته، اُتي ڪن غريبن لاءِ وري زحمت به بڻجندو آهي. شبير اهڙا ڏک ڏاکڙا به ان ساڳي ئي غزل ۾ سمويا آهن:
    وسيو وڏ ڦڙو ۽ ڇپر سڀ وهي پيا
    ٿي مَنَهَنَ ۾ ٽم ٽم، ته تون ياد آئين
    شبير جي غزل ۾، هونئن ته هر رنگ آهي، جديد به ته قديم به. پر ان ۾ ڪافي رنگ به هن گهڻو ئي رکيو آهي. ان انداز کي سنڌيءَ شاعريءَ ۾، سچل سرڪار گهڻو رائج رکيو هو، خاص ڪري هن ڪافي رنگ غزل ۾...
    عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي!
    عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ اباسي
    شبير وري پنهنجي انداز سان هڪ غزل ۾ هي ٻيو ڪافي رنگ نمونو به رکيو آهي.
    تو کي مرڪڻ جي ڪاريگري ٿي اچي
    دل ڦرڻ جي به جادوگري ٿي اچي،
    ريءَ سينگارجي هوءَ اچي ٿي مگر
    جنهن مَهَل ٿي اچي، ڄڻ ٻري ٿي اچي
    سنڌي سماج، پوءِ اُهو شهرن ۾ نظر اچي يا ڳوٺن ۾، اڻ پڙهيل حضرات ڳوٺن ۾ واندڪائي جي وندر لاءِ هوٽلن ۾ پهرن جا پهر ويٺل نظر ايندا. ايئن شهرن ۾ وري پڙهيل لکيل حضرات... جيم خانه، ڪلبن، ۽ رنگ رنگ جي نالن وارن فوڊ شاپس ۽ ريسٽارنٽس تي وقت زيان ڪندا آهن. ۽ هاڻي ته حالت اها آهي جو وڏا ۽ بزرگ ته ڇڏيو، بالغ ۽ نابالغ...سڀ چاٽ چٽورا بڻجي پهرن جا پهر شهر جي فوڊ هائوسز جي آڏو يا ته بيٺل يا وري اتي ڪلاڪين مُنهن ويٺل نظر ايندا آهن... ته بس اڄڪلهه واري هن نئين دور جي اهائي... وقت تباهه ڪندڙ تفريح به بنجي چڪي آهي. شبير پنهنجي انداز سان ان تي به طنز ڪئي آهي.
    سڄي دنيا ۾ ماڻهو مصروف آهن،
    سنڌي ماڻهو هاءِ، اڃان هوٽلن ۾.
    شبير وايون پڻ... ذوق شوق سان لکيون آهن. انهيءَگهاڙيٽي ۾ به، سندس ڪي ڪي سٽون.... واقعي به سٺيون سٺيون نظر آيون اٿم. جاندار ۽ زوردار . مثال طور هي ڏسو:
    ڪيسين رهندي رات،
    نيٺ ته ٿيندو سوجهرو!
    .....
    من اڱڻ تي ماڪ پئي
    آهي رات ٺري
    ....
    تنهنجي چٺيءَ مان
    ساري سُڌ پئجي وئي

    ”ڪافي“ صنف به شبير ڪامياب چئي ڏيکاري آهي. يا چوان ته سٺي لکي آهي. چوندا آهن. ڪافي اهو شاعر لکي سگهندو. جيڪو جهونگاري ڄاڻندو هوندو.... سوچيم، شبير... ڪافي صنف جو لکي ٿو، ته معنيٰ، پڪ سان جهونگاري به سگهندو هوندو. خير هو ڳائي ڄاڻي ٿو يا نه، باقي هي ٻول ٻڌائين پيا، ته اُهي هن پڪ سان ته جهونگاري ئي لکيا آهن.
    تنهنجي ڳالهه ڪري ٿڌا ساهه ڀري
    سڄو ڏينهن توکي دل ياد ڪري
    تنهنجو نانءُ، نٿو ڪو پلُ وسري
    تنهنجي سار ۾ دل ٿي قابو وئي.
    ....
    تنهنجي ماڻهن ۾ ٿي مقال هلي
    وڻ ٽڻ ۽ پکين ۾ ٿي ڳالهه هلي
    هڪ ڏينهن نه، پر پئي سال هلي
    سڀ ڳالهيون سڄڻ تنهنجون ڳائن ٿا

    شبير.... هونئن ته، نظم به سٺا لکيا آهن ته ٽيڙو به، پر غزل، وائي ۽ ڪافي صنف ۾ سٺڙي سٺڙي شاعريءَ ڪرڻ تي او، اسان جا پيارا.... جان جگر دوست شبير سيال...!! توهان کي لک لک واڌايون ڀاءُ... سٺو سٺو لکندا رهو، جنهن کي پيار پيار سان اسان پڙهندا رهون ۽ پڙهندا ئي رهون...


    نصيرمرزا
    حيدرآباد 26.04.2016


    خوابن جي ساڀيان جهڙي شاعري

    خوابن جي ساڀيان جهڙي شاعري

    شاعري جا هونئن ته ڪيترائي حوالا هجن ٿا، پر اهو طئي آهي ته شاعري اندر جي اُپٽار آهي ۽ شاعر اهو خوشقسمت انسان آهي جيڪو ڪنهن به دل جي ويران رِڻ تي ڪنهن سانوري ۽ بانوري ڪڪر جيان وڏ ڦڙي جيان وسي دل جي ڌرتيءَ کي سرسبز ۽ شاداب ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شاعريءَ کي ڪلاسڪ صنفن ۾ سڀ کان وڌيڪ مانائتو تصور ڪيو ويندو آهي.
    ڪيترائي دستاربند اديب، شاعر ۽ نقاد شاعريءَ ۾ درجابندي ڪندي اُن کي موزون ۽ غير موزون قرار ڏيندا رهيا آهن. ساڳيءَ ريت ڏيهي ۽ پرڏيهي صنفن مان اڪثر شاعرن جي اوليتن ۾ ڪجهه به هُجي ته پنهنجون ڪلاسيڪل شاعريءَ جون صنفون ان ڪري به اوليتن ۾ شامل نه آهن جو انهن کي گهڻو تڻو غير موزون شاعري تصور پئي ڪيو ويو آهي، پر حسن، اتفاق چئجي يا ٻيو ڪجهه جو جنهن شاعريءَ ۾ ترنم، رڌم، لئه ۽ سُرتال وڌيڪ آسانيءَ سان موجود آهي، سا اهائي شاعري آهي جنهن کي غير موزون قرار ڏنو ويو آهي.
    هڪ پاسي حد بندين جا حامل نقاد آهن ته ٻئي پاسي جُڳن کان جيءَ ۾ جايون والاريندڙ شاعري، ڪافي، وائي، بيت ۽ ٻيون ڪيتريون ئي لوڪ ادب، لوڪ شاعريءَ جون صنفون آهن، جن پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي. ٻئي پاسي سنڌ سميت سموري ڏکڻ ايشيا ۾ شاعريءَ جي حوالي سان قديم ۽ جديد جو سنگم خوشگوار حيرت جو باعث آهي.
    اسان جو هي شاعر دوست شبير سيال توڙي جو ڇپيو گهٽ آهي، پر سندس شاعريءَ کي سنڌ جي ڀلوڙ عوامي راڳين، ڦوٽي زرداري، جلال چانڊيو، انور حسين وسطڙو، چاڪر چانڊيو، الهداد زرداري، امام بخش زرداري، فوزيه سومرو، ثمينه ڪنول فقير محمد مستانو، امين زرداري، شهنيلا علي، حميد راڄپر،انور زرداري، بشير جتوئي، محمد يوسف، محمد قاسم اوٺو، ممتاز لاشاري، گلشير تيوڻو، دلشير تيوڻو، لطيف چانڊيو، غلام حسين زرداري، عبدالستار ڪاڪيپوٽو، محمد صديق ڌاريجو، اعجاز خاصخيلي، محمد عرس چانڊيو، صادق فقير ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن جي آوازن ۾ هوائن جي دوش اسان جي سماعتن کي سڀاويڪ پئي لڳيون آهن. سندس شاعريءَ جو عشق مجاز کان سواءِ عرفان ۽ معرفت جي حسين رنگن سان آهي، پر هن جي شاعريءَ ۾ قومي، عوامي ۽ انقلابي اُهاءَ به آهي، جنهن نه رڳو سنڌ پر هند سميت ڏيهه پرڏيهه ۾ رهندڙ اهل دل ماڻهن جا من موهيا آهن. سندس شاعريءَ جو سرسري جائزو وٺبو ته شاعريءَ جي حوالي سان هن وٽ قديم ۽ جديد جو خوبصورت سنگم پڙهڻ، پرجهڻ ۽ ٻُڌ سُڌ لاءِ ملندو.
    شبير سيال جي شاعري خيالي توڙي خواب جي ترجمان شاعري هجڻ سان گڏ جماليات جي مظهر پڻي لاءِ هن جي داخليت ۽ خارجيت پڻ بامعنيٰ آهي. سندس شاعريءَ ۾ اشارا ۽ ڪنايا گهٽ پر سڌي راند سونٽي جي نسبتاََ وڌيڪ آهي.
    گهڻ پڙهيا دوست سندس ان ادا کان ”خفا، خفا“ رهن ٿا، پر هي وري انهن جي ان ”خفا کي جفا“ سمجهي ٿو.
    پنهنجي من پرين پياري شاعر جي گهڻ رخي شخصيت هوندي به هن جو هڪ رنگ نمايان آهي. ويهن، پنجويهه سالن کان شاعراڻي رياضت ۾ هن جي شاعري مٿي بيان ڪيل محور ئي آڌاريل پئي رهي آهي.
    جيڪو سمجهي جيئن، تنهن لئه آهيون تيئن،
    پر اصل آهيون هيئن، جو هلون پيا هنگلاج ڏي.
    جي تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ننڍي کنڊ جي وڏي مدبر ۽ نئين سنڌ جي سرجڻهار محترم سائين جي ايم سيد چيو ته قومي تحريڪ کي رڳو تنظيم جي تناظر ۾ ڏسڻ صحيح نه ٿيندو، ڇو جو قومي تحريڪ گهڻ پاسائين جدوجهد جي حامل هوندي آهي، جنهن جو مثال ڏيندي سيد محترم چيو ته جيئي سنڌ اڄ تنظيم ته سڀاڻي پارٽي ٿيندي، ان ڪري سنڌي ادبي سنگت کي ادبي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن کي قومي تحريڪ جي سماجي خدمتن وارو شعبو تصور ڪريون ٿا.
    نه رڳو ايترو پر سيد صاحب سنڌ جي ٻهڳڻي شاعر ابن حيات پنهور کي اها ذميواري سونپي هئي ته هو ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ جديد جي شاعري کي مرحليوار ترتيب ڏئي اشاعت هيٺ آڻي. انهيءَ پسمنظر ۾ ڏسبو ته سيد صاحب جي اها تاريخ ڏانهن ذميواراڻي رويي ۽ قوم جي نئين سر تعمير ۽ تڪميل جي ڪوشش ۽ ڪاوش هئي. هاڻ جڏهن اسين پنهنجي سدا بهار شاعر دوست جي شاعريءَ جي قومي، علمي، ادبي ۽ سماجي وابستگيءَ جو جائزو ٿا وٺون ته هي اسان کي نئين معيار جو ڪافي حد تائين قريب ٿو ڏسجي. اچو ته هن جي شاعريءَ جي روپ- سروپ اندر جي اظهار ۽ ادبي/ نظرياتي بيهڪ، سونهن، ۽ سنڌ بابت جا سون سريکا خيال پڙهون پرجهيون.
    شاعري توڙي جو محبت جي اصل اجهل جذبن ۽ امنگن کي اظهار ڏيڻ جو واحد ذريعو نه آهي، پر پوءِ به اها آهي باڪمال، جيئن ڀٽائي چيو ته:
    ڪاتب لکيو جيئن، لايو لام الف سين،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
    لطيف سائين جي هن شعر جي تشريح توڙي جو ڪيترن ئي جاين تي جيئن جو تيئن ٿيل آهي، پر پوءِ به جڏهن ۽ جتي اڃا به ان بيت جي جزئيات ۽ باريڪين تي سوچبو يا اڃا به ائين چوان ته هن بيت جي روح جي گهراين ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته حسن و جمال جو آئينه دار لڳندو. هي بيت هونئن به مرشد لطيف سميت ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل دور جي شاعريت، بيت، وائي ۽ ڪافي/ شاعري سميت سرزمين سنڌ جي ڪمال فن جو شاهوڪار ورثو ئي نه پر شاهڪار به آهن.
    دور حاضر جي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن مٿينءَ تناظر ۾ ڪو تسلسل آهي يا هجي ته ان جي اهميت ۽ افاديت زمانن کان زمانن تائين قائم دائم رهندي.
    اسان جي هن مانواري شاعر جي شاعريءَ کي مٿئين معيار تي پرکڻ جي گهڻي نه ٿوري به ڪاوش ڪري ڏسبي ته پڙهندڙ کي هن جي شاعري پنهنجن جمالياتي، قومي ۽ عوامي اُمنگن جي قريب تر نظر ايندي. هونئن به شاعري پڙهندڙ جي لاءِ ڪيتريون ئي آسانيون ميسر ڪندڙ صنف لطيف آهي، جو اها پڙهي پرجهي سگهجي ٿي، جهونگار سان جيءُ جياري سگهي ٿي، راڳ جي صورت ۾ اها داخلي، خارجي طور تي ردوبدل جو باعث بڻجي سگهي ٿي، شبير سيال جو هي سڄي جو سڄو ڪلام ڪافي توڙي جو شهري زندگي کان ڪجهه پاسيرو آهي، پر اسان جي وستي واهڻ جي اهڙي پيار ڪهاڻي آهي، جنهن کان اسان توهان جي اندر جي احساسن جي ترجماني اهڙي ريت ٿئي ٿي جو سمجهبو ته هيءَ پيار ڪهاڻي ڪنهن وارتا جي صورت ۾ خود اسان، توهان جي ڪهاڻي آهي، اچو هي غزل ڪتاب ۾ پڙهي ۽ پوءِ وري سنڌ جي مشهور ۽ معروف عوامي فنڪار جلال چانڊيو ۽ فوزيه سومرو جي پرجوش آواز ۾ ٻڌي ڪا راءِ جوڙي سگهون:
    سڄڻ ٻئي گڏ هئاسون هل! اهي ڀي ڏينهن هوندا ها
    پري ٿيندا نه هاسون پَل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    سدا تنهنجي محبت ۾ مٺا مخمور ٿي رهيس
    سڏيندو لوڪ هو پاڳل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    بهاني سير جي جاني مليا جو باغ ۾ هاسون
    مٿان پئي برسيا بادل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    بٽڻ منهنجي گلي جا ها ٽٽي پيا ياد ڀي هوندئي
    ڪئي تو مون هئي کيچل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    صبح ۽ شام جو سائين اچي آغوش ۾ منهنجي
    چميا تو ۽ مون تنهنجا ڳل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    جدا ’شبير‘ اڄ آهيون ڪڏهن پنهنجا پرين پيارا
    ٻٽا ڀاڪر هئا پاتل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    هي ڪافي نما غزل يا وري غزل نما ڪافي پڙهبي ته نت نوان اصطلاح، نظر ايندا، جيئن:
    رات ڏس گذريو وڃي ٿي آ پرين
    آس ڀي رهجيو وڃي ٿي آ پرين

    حال منهنجي کي ڏسي اڄ هر سکي
    مون مٿان مرڪيو وڃي ٿي آ پرين.

    تنهنجي آمد جي خوشيءَ ۾ جا ملي
    مُرڪ سا موٽيو وڃي ٿي آ پرين.

    مند ويئي ساڳ ۽ ڦولار جي
    ڪڻڪ ڀي نسريو وڃي ٿي آ پرين.

    منهنجي آکاڻي ٻڌي مون کان شبير
    هر ڪا اک رويو وڃي ٿي آ پرين.
    اوسيئڙي ۾ باک ٿيڻ يا ڦٽڻ ته روايتي انداز آ، پر رات جو رُسي وڃڻ، محبوب جي آمد خوشي جو باعث ته هوندي ئي آهي، پر ”مرڪ جو موٽي وڃڻ“ ساڳ ۽ ڦولار جي مند جو موٽي وڃڻ ۽ ڪڻڪن جي نسري وڃڻ گويا پرينءَ جي آمد جي آخري اميد هجي ٿي. سهڻو اظهار آهي.
    شبير پنهنجي هن غزل ۾ همت، جرئت، جهاد ۽ روايتن جي پاسداريءَ ۾ بهترين اظهار ڪيو آهي؛
    جذبا نوان ڪي اُڀارجو
    مان جي وڃان دل نه هارجو
    نت نوان جذبا اُڀارڻ ۽ هانءُ نه هارڻ جو درس، قول قرار جو پڪو هجڻ، زبان کي پاڻي ڏيڻ ۽ پنهنجا ڪيل قول ۽ اقرار پارڻ جو ڏس:
    پاڻي ڏجو پنهنجي زبان کي
    قول ڪيل پنهنجا پارجو.
    اهڙي دل ڌارڻ جنهن ۾ درد هجڻ، درد جو آفاقي هجي ٿو، جنهن جو ڪينواس ڪائنات جي وسيع معنيٰ ۾ چوڏسائن ۾ ڦهليل هجي ٿو ۽ درد دل ئي ته آ جيڪو وحشي جيوت جي نشانن کي انساني عظمتن ڏانهن آڻي ٿو
    جنهن ۾ ڏکن جي نه جاءِ هجي
    اهڙي ڪڏهن دل نه ڌارجو
    ڪنهن جي به مَچ تي هٿ نه سيڪڻ ۽ مڙس ٿي پنهنجي ٻارڻ نج پج ٻهراڙيءَ جي سدا حيات سوچ ۽ روايت آهي، جنهن ۾ ورجاءُ اهميت جو حامل آهي.
    هٿ نه ڪنهن جي مچ تي سيڪجو
    مڙس ٿجو پنهنجي ٻارجو
    سندس شعر کي سنڌ جي قومي، عوامي ۽ انقلابي شاعر ساٿي سائين راشد مورائي جي مشهور گيت:
    مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
    اُن واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
    جي تسلسل ۾ پڙهبو ته شبير سيال جي خيال جي اُڏام کي ڏسي سُرهائي ٿيندي.
    شبير سيال سنڌ جي انهن شاعرن ۾ شامل آهي، جنهن جي سڃاڻپ ڪڏهن سندس شاعري ۾ آهي، وري ڪڏهن ڪي لوڪ پسند راڳي جن جو ذڪر اڳ ۾ مٿي ڪري آيو آهيان ۽ ڪڏهن وري هيئن جو خود شبير ڪيترن ئي فنڪارن جي سڃاڻپ جو باعث بڻيو پنهنجي شاعريءَ جي حوالي سان، جيئن گلشير تيوڻي هن شعر جي ڪري مشهوري ماڻي:
    صفا مار ڇوڙيائي تيڏي جدائي
    ۽ حال ۾ دلشير تيوڻو هي ڪلام ڳائي شهرت ماڻي
    مان سينڌ سنڌوءَ جي سجائيندس
    تنهنجو جيجل کير ملهائيندس
    ڀٽائي سائينءَ کي سنڌ جو روحاني رهبر سڏيو ويندو آهي. بيشڪ! هجي نه هجي پر ڀٽائي سرزمين سنڌ جي مٽيءَ جي مهڪار جهڙي شاعريءَ جو خلقڻڪار هجڻ سان گڏ عالم انسانيت جو ڪائناتي شاعر آهي، کيس سمجهڻ سهل آهي پر شيخ اياز جي شاعري جي منظرنامي ۾ جيڪر کيس ڏسجي ته:
    سنڌڙي شاهه لطيف جي، لهر نه ڪو لوڏو
    اکڙين کان اوڏو، مون کي منهنجو ڀٽ ڌڻي.

    جاڳ ڀٽائي گهوٽ، توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري
    مرن پيون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ
    اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
    راءِ سهيرس ۽ راءِ سهاسيءَ کان ڄام نظام الدين عرف ”ڄام نندي” تائين ۽ ڄام نندي کان ننڍي کنڊ جي وڏي مدبر نئين سنڌ جي سرجڻهار سائين جي ايم سيد تائين، سنڌ جي زنده ضمير جي سدا حيات اهڃاڻ شاهه لطيف جُهدِ مسلسل جي ناتي توڙي تاريخ سنڌ جي عظيم ڪردارن کي امرتا بخشيندڙ شاعر هجڻ سان گڏ جديد دور جي نظم توڙي نثر جي ليکڪن جي محبت جو محور آهي، تنهن ڪري شاهه لطيف جي هستيءَ کي پنهنجو آڌار بنائي ٻين ڪيترن ئي شاعرن پنهنجو مافي الضمير بنايو آهي، بلڪل تيئن هن پرين پياري شاعر شبير سيال به کيس آڌار بنائي ديس واسين کي جاڳ، سجاڳ جو پيغام ڏنو آهي:

    سنڌ سڏي پيئي جاڳ ڀٽائي
    مشڪل ۾ آ ماڳ ڀٽائي

    درياءَ تي ڀي ڌاڙا لڳن ٿا
    ويرين هٿ آ واڳ ڀٽائي

    ورهه ويا ٿي ڪونه ورن ٿا
    ڀُلجي ويا هن ڀاڳ ڀٽائي

    تار تنبوري کان وئي کسجي
    روئي ٿو اڄ راڳ ڀٽائي

    چارئي پاسا شعلا آهن
    آهي فضا ٿي آڳ ڀٽائي

    پنهنجن جا ڦٽ تازا تازا
    دل تي آهن داڳ ڀٽائي

    ڪيئن شبير سيال گذاري
    مانجهاندي جو ماڳ ڀٽائي
    شبير سيال جاڳ ۽ ڀاڳ سان گڏ ديس جي شاهه درياء جي ڀڙڀانگ ٿي وڃڻ جي دانهن سڏ- پڙاڏو بڻائي ڀٽائي جي معرفت عالمي ضمير تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، نه رڳو ايترو پر درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙن جي دانهن به بطور حجت تاريخ جي باب ۾ رقم ڪري ڇڏي اٿس.
    سنڌ ۾ جاگيرداراڻي باقيات، وڏيرا شاهي، ميراڻيون توڙي پيراڻيون گاديون، سنڌ جي ماڻهن کي تقسيم در تقسيم رکڻ لاءِ اعليٰ ۽ ادنيٰ جو منشور جوڙي سياسي اقدار تي قابض ٿي هميشه پنهنجا مقصد ۽ مفاد پي ماڻيا آهن ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن توڙي مدبرن ۽ مفڪرن پاران جاڳرتا جي جوت جلائڻ وارو سلسلو به جاري رکيو آهي. بقول استاد بخاري جي ته:
    اي اديبو، شاعرو دانشورو
    سنڌ کي ٺاهي وٺو ٺاهي وٺو
    جي مثل شبير سيال پڻ تاريخ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اِجهو هيئن چيو آهي:
    دشمنن لئه تيغ ٿيو ۽ تير ٿيو
    پر اي يارو پاڻ ۾ کنڊ کير ٿيو.

    ڇرڪ ڀريو ڇو ٿا ڪنهن جي عڪس کان
    خوف ڇڏيو بي ڊپا بي پير ٿيو.

    زور تي ميراث سمجهيو ٿا وتن
    پر هي جڳ ڪنهن جي نه آ جاگير ٿيو

    گلم جا يارو نه بڻجو توبچي
    پاڻ پنهنجي محفلن جا مير ٿيو

    منزلون منزل ڪرڻ سان ٿيون کٽن
    سوچ ٿيو ۽ لوچ ٿيو تدبير ٿيو

    ڪين ظالم جي ڪريو بيعت شبير
    ظالمن جي لاءِ سڀ شمشير ٿيو.
    دشمنن لاءِ تيغ ۽ تلوار پر پاڻ ۾ کنڊ کير ٿيڻ منزلن کي منزل سان توڙ رسائڻ ۽ سوچ کي سوچ تائين محدود رکڻ بجاءِ تقدير کي تدبير ۾ بدلائڻ ۾ پنهنجي ماڳ کي لوچي لهڻ جي ڳالهه بيحد اُتساهيندڙ آهي.
    مولا حسين عليه السلام پنهنجي دور جي يزيد کي چيو ته”يزيد ياد رک! قيامت تائين مون جهڙو تو جهڙي جي ڪڏهن به بيعت نه ڪندو.“
    ۽ اسان جي هن لائق شاعر به ظلم جي آڏو آڻ مڃڻ ۽ ظالم جي بيعت نه ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ شمشير بڻجڻ جي سهڻي صلاح ڏني آهي.
    شبير سيال ”ڳالهيون ڪنداسون“ واري رديف سان لکيل غزل (جو پنهنجي مزاج ۾ نظم آهي) ۾ به هڪ بي ڊپي ۽ بهادر شاعر هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، اچو ته سندس هن شعر مان حِظ حاصل ڪريون:
    اڄ ڪي من جون ڳالهيون ڪنداسون
    دل! دردن جون ڳالهيون ڪنداسون

    سنڌي ٽوپي، سنڌ جي اجرڪ
    ۽ پٽڪن جون ڳالهيون ڪنداسون.

    جاري جن جاکوڙ رکي آ
    تن جوڌن جون، ڳالهيون ڪنداسون

    قيد جتي ڀي هوندا مارو
    تن ڪوٽن جون، ڳالهيون ڪنداسون

    جيڪي شبير ٿيا لال لهوءَ سان
    تن گهوٽن جون، ڳالهيون ڪنداسون.
    شبير جو هي غزل/ نظم جيڪو پنهنجي منظر جي پس منظر ۾ سڌو ۽ چٽو آهي، پڌري پٽ حق ۽ سچ جي ڳالهه چوڻ لاءِ ڪنهن گهڻي ڏانءَ جي گهرج به ناهي هوندي.
    شبير سيال جي شاعريءَ کي علم عروض، ڇند وديا ۽ علم موسيقيءَ جي ماڻ تي پرکڻ لاءِ ڄاڻايل علمن جا ماهر ضرور پرکيندا.
    اسان جي هن محترم شاعر پنهنجي غزل ۾ توڙي جو ڪي نوان تجربا ناهن ڪيا، البته ذهن ۾ خيال جي تيز روانيءَ کي ڪاڳر تي اُتاريندي کانئس شاعريءَ جي ڌار ڌار صنفن جي مزاج ۾ هيٺ، مٿاهين ضرور ٿي آهي، پر پوءِ به سندس خواب، خيال ۽ تعبيرون لک لهن سندس هن غزل ۾ خيال جي رنگين پوپٽن جي بجاءِ خوبصورت ننڍڙي اُڏار پڻ متاثر ڪندڙ آهي.
    هن جون اکيون تر ڏسي، حيرت لڳي
    اهڙو اڄ منظر ڏسي، حيرت لڳي

    ڌاريا ڌرتيءَ تي قبضو ويا ڪري
    گهر ڌڻي بي گهر ڏسي، حيرت لڳي

    ڪانه هئي نوري نه تڙ، تي ڄام هو
    تڙپندي ڪينجهر ڏسي، حيرت لڳي

    مان اُڀو دروازي تي ان لئه رهيس
    ويو مٽي دلبر ڏسي، حيرت لڳي

    شهر جي هر چؤنڪ تي چاڪنگ هئي
    ويو ڪُسي ڪونڌر ڏسي، حيرت لڳي

    منهنجي اوڻاين کي هن ساراهيو
    پڙهندو ويو پيپر، ڏسي حيرت لڳي

    مان نياپي تي ويس اُن ڏي شبير
    بند هن جو در ڏسي، حيرت لڳي.

    هن غزل ۾ روايتي ۽ غير روايتي لفظن ۽ خيالن جو امتزاج شامل آهي، جنهن کي لائق پڙهندڙ بهتر انداز ۾ سمجهي سگهن ٿا.
    مشاهدو جي شاعريءَ جو ڪُل نه هجي ته به جُز کان وڌيڪ اهيمت رکندڙ آهي.
    شبير سيال جي شاعريءَ ۾ مشاهداتي منظر ۽ انهن ۾ نواڻ جي حوالي سان هن جي غزل جو هي شعر ڏسو:
    اوهان ٿا گذاريو پري زندگي
    هتي پئي اسان جي ٻري زندگي

    انهيءَ ۾ اوهان کي ملي ٿو سڪون
    مري ڪو، يا ڪنهن جي کري زندگي

    نٿو پيار تنهنجو ڪو سنبران پرين
    مگر وڃبي پوري ڪري زندگي

    زمانو رئڻ کان نه بلڪل رهي
    رئڻ سان جي ڪنهن جي وري زندگي

    وڇوڙو ڇڏي ٿو گهٽائي عمر
    حياتيءَ کي پيئي چَري زندگي

    ڪٿي عيش و عشرت ۾ مشغول آ
    ڪٿي پيئي آهون ڀري زندگي

    ڪٿي ڪک ڇهڻ سان وهي رت ’شبير‘
    ڪٿي پيئي پٿر ڏري زندگي

    سندس هن شعر ۾ زندگي معمول آهي، پر وڇوڙو عمر ٿو گهٽائي ۽ حياتيءَ کي معمول جي زندگي ”چري“ ٿي پيئي، سندس هن غزل ۾ اهڙا ۽ ان سان ملندڙ جُلندڙ خيال ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ موجود آهن، گڏوگڏ امير ۽ غريب توڙي ظالم ۽ مظلوم جي زندگيءَ ۾ موجود فرق، تفريق کي به فن جي پيرائي ۾ بهتر انداز سان پيش ڪيو اٿس. جيئن هڪ عربي مقولو آهي ته:
    الفراق اشد مِن الموت
    بلڪل تيئن جو فراق، وڇوڙو، جدائي سنڌي شاعريءَ ۾ خاص طور تي ڪافيءَ جا لازمي جُز آهن ۽ هاڻ وري اهو مزاج غزل ۾ شامل ٿي ويو آهي. تنهن لاءِ دلچسپ ۽ نون ڪافين جي حوالي سان اچو ته شبير سيال جو هي غزل پڙهون.
    جدائي ڇو ڪيئي جانان، اها معنيٰ نٿو سمجهان
    مٿان پيو لوڪ ڏئي طعنا، اها معنيٰ نٿو سمجهان

    الائي! ڇو سبب ڪهڙي ڪيا تو يار سڀ واپس
    مُڪا جيڪي مون نذرانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان

    هُتي تِر جيتري پرواهه ڪا دلدار کي ناهي
    هِتي حالت پريشانان، اها معنيٰ نٿو سمجهان

    مقدر ۾ رڳو ناڪاميون آهن الائي ڇو!
    مليا قسمت ۾ ويرانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان
    هن غزل جو رديف ڪنهن غزل جي سِٽ جهڙو روان دوان رديف آهي جيڪو پڙهندي پڙهندڙ کي پنهنجي روانيءَ ۾ مترنم هجڻ جي ڪري مزيدار ٿو لڳي.

    غزل ۾ مزاج ۽ لفظن جي استعمال جي حوالي سان هتي شبير سيال پاران نئون تجربو ٿو لڳي، جو غزل جي روايت، تعارف ۽ تعريف جي برعڪس ابتدا ۾ ٿي.
    سينڌ سنڌو ندي ٿي لڳي
    اک به ڪينجهر ڪنڌي ٿي لڳي
    هن غزل جي ٻين شعرن مان به ڪجهه شعر کڻي انهن جي حوالي سان لکي ٿو سگهجي، پر مٿئين بند پڙهڻ سان ئي شعر جي بيهڪ نهايت ئي سُهڻي ٿي لڳي
    هن غزل ۾ شبير پنهنجي ٻي سموري شاعريءَ جيان سادي، صاف ۽ شفاف ٻولي استعمال ڪري ادبي شعور ۽ ادبي ذوق رکندڙ پڙهندڙ ساٿين کي گويا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا آهن.
    اسان جو هي شاعر پنهنجي پيش روءَ ”استاد الشعراء“ محمد هاشم ”سائل“ لاکو ۽ همعصر شاعر ”مسڪين“ حاجي خان ملاح جن جو پسنديده شاعر هئڻ سان گڏ کين به گهڻو پسند ڪندو رهيو آهي. انهن سان انهن جي حياتيءَ ۾ سدائين ساٿ نڀائيندو رهيو ۽ ساڳئي وقت هن سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي سگهڙ محمد رمضان عرف ”شيطان“ فقير سان به نينهن جو ناتو جيئن جو تيئن لايو ۽ نڀايو، سنڌ جي نهايت ئي اعليٰ سطح جي شاعر سائين راشد مورائي، پير ضياءالدين ضياء خياوري ۽ نشتر ناٿن شاهيءَ سان به هن جون روح رچنديون هيون، اسان جو هي شاعر دوست ۽ ساٿي پنهنجن پيش روء شاعرن جي شاعريءَ جو معترف پئي رهيو آهي، پنهنجن همعصر شاعرن جي شاعريءَ مان اُتساهه ماڻيندڙ ۽ نئين ٽهي جي شاعرن جي همت افزائي پنهنجو فرض تصور ڪندو آهي. جيڪو سندس شخصيت جو بهترين رخ آهي، جنهن جي ڪري علمي ۽ ادبي حلقن ۾ گهڻي ڀاڱي غير متنازع ۽ نسبتاً مقبول پئي رهيو آهي. اميد آهي ته سندس هي ڪتاب پڙهندڙن ۾ مقبوليت ماڻيندو.

    طالب ابن ابو طالب
    سڄڻ سنڌي
    پڊعيدن، نوشهروفيروز
    موبائل نمبر 0306-3435701


    دلين کي ڇهندڙ شاعري

    دلين کي ڇهندڙ شاعري

    شبير سيال جو شمار شاعرن جي اهڙي پختي قطار ۾ ٿئي ٿو، جن جي فني تربيت ڪهنه مشق استاد شاعرن ڪئي آهي. فڪري طور هو جديديت کي لبيڪ چون ٿا، سڄڻ ۽ ساڻيهه، انفرادي اهنجن ۽ احساسن سان گڏو گڏ اجتماعيت انهن جي تخليق ۾ نظر اچي ٿي.
    نفاست، ندرت، نازڪي سونهن ۽ سچ جون ريکائون شبير سيال جي شاعراڻي ڇاپ کي پُرڪش ڪن ٿيون، عشق جون علامتون، حسن جون نزاڪتون، جڳ جهان جا اسرار، تشبيهن جي نواڻ، لهجي جي بي ساختگي ۽ نماڻو انداز پڙهندڙن جي دل جيتي ٿو. اڄ ڪلهه هر جاءِ گهڻي ٿيندڙ شاعري باوجود شبير سيال جي تخليقي سفر ۾ رس برقرار آهي ورنه گهڻن جا ڪتاب ڇپيا، ڪٻٽن جي زينت بڻيا، وهڪري ۾ وهي گم ٿيا، دلين تائين نه لٿا، ادب ۾ هن جو مانائتو تشخص، موسيقيت جو بَرُ ميچي ٿو، ان ڪري هن جو خوبصورت شعر دلين ۾ لهڻ جي لائق آهي.

    اصغر ڀٽي ڀريائي


    سانورين سوچن وارو سانورو شاعر

    سانورين سوچن وارو سانورو شاعر

    ٻهراڙيءَ جي سڀاءُ واري سوادي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ پنهنجي پيار، عشق ۽ اُڪير وارا ٻول ٻولڻ وارو اسان جو پيارو ڀاءُ ۽ دوست شبير سيال جنهن سان سالن جي سُڃاڻپ ۽ پنهنجائپ جا پيچ پيل آهن، ان سان لڳ ڀڳ اٺٽيهه سال اڳ پورهيت شاعر ”مسڪين ملاح“ جي مئخاني (درزڪي دڪان) تي ٿيل پهرين ملاقات کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين ٻئي ڄڻا شاعري جي مَڌ جا متوالا بنجي پاڻ ۾ ملندا به آهيون ته شاعري جي سرڪين جو ساءُ سواد به پيا وٺندا آهيون. شبير سيال شاعري جي مٽن مان مون ڪجهه سال اڳ شاعري جو چُڪو پيتو آهي، اسين ٻئي مسڪين ملاح ۽ عاجز ٻگهئي جا همعصر شاعر آهيون، علمي ادبي سرگرمين ۽ محفلن ۾ گڏجي اسٽيجن تي اچڻ وڃڻ به ٿيندو آهي. آئون ٻاهرين پروگرامن ۾ تمام گهٽ شريڪ ٿيندو آهيان، ان ڪري مونکي ادبي لڏي ۾ گهٽ سڃاتو وڃي ٿو. ليڪن اسان جو هي دوست سڏ ٿيڻ سان ڪٿي به وڃي پهچندو آهي ۽ اسٽيجن تي ارڏائي سان وڃي بيهندو آهي. جنهنڪري ادبي ميدان ۾ سندس ڄاڻ سڃاڻ چڱي موچاري آهي. سندس شاعري ۾ سنڌ جي مٽي جي مهڪ ۽ ثقافتي رنگ روپ موجود آهن، سندس شاعراڻي سوچن ۾ سندس جهڙي ئي سانوري رنگت واري چقمقي ڇڪ جيڪا پاڻ ڏي ڇڪي وٺڻ جي سگهه رکي ٿي.
    استاد بخاري، احمدخان مدهوش، مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي ۽ مير عبدالرسول مير ان وقت جي ٻين کوڙسارن عوامي لهجي وارن شاعرن ۾ شبير سيال به شامل آهي جن کي سنڌ جي راڳداري وارن امر آوازن دل کولي ڳايو، شبير سيال جي ٻولن کي عام ماڻهوءَ پنهنجي اڌمن ۽ ارمانن جو آواز سمجهي پنهنجو به ڪيو ته پنهنجي يادن جي صندوقن ۾ سانڍي به رکيو. مرحوم چاڪر چانڊئي ” آهيان پيار تنهنجي جو مان پياسڙِي“ ۽ مرحوم جلال چانڊئي ”سڄڻ ٻئي گڏ هئاسين، هل اهي ڀي ڏينهن هوندا ها“ جهڙا سدا بهار ڪلام ڳائي سموري سنڌ ۾ شبير سيال جي ڄاڻ سڃاڻ جا چنگ چوريا. ان کانسواءِ مرحوم ڦوٽي خان زرداري ۽ ٻين ڪيترن ئي لوڪ فنڪارن به سندس اڌمن کي آلاپيو ۽ جذبن کي جيءُ ڀري جهونگاريو آهي.
    شبير سيال جي شاعري پتنگن جي جسم ۽ جستجو جهڙي محسوس ٿيندي آهي، جيئن پتنگ مچ تي اچي مِڙندا آهن ۽ اوچائي سان سر سهائڻ ۾ پنهنجي ڪاميابي پائيندا آهن، تيئن شبير جا شاعراڻا خيال به پتنگن جي پهه جهڙا آهن، جن ۾ پوئتي هٽڻ جي ڪابه پرواهه ڪانهي. سندس شاعراڻي مزاحمت مياڻي جي ميدان ۾ هوشوءَ جي ڪيل بغاوت بي معنيٰ زندگي کي معنيٰ خيز بنائڻ لاءِ ئي هوندي آهي، سندس شاعراڻن خيالن ۾ انقلابن جا اوهيرا به آهن ته تيز کان تيز طوفان به آهن.
    شبير سيال جي شاعري ۾ حُر تحريڪ جي گوريلن جو غوغاءَ ۽ انهن جي لال لهو جي لالاڻ به ليئا پائيندي نظر ايندي آهي، شبير سيال هڪ پڪو پختو، سهڻو ۽ سيبتو شاعر آهي جنهن وٽ شاعري جي مختلف صنفن جا گلدان سجايل ۽ سينگاريل آهن، جن جو هُڳاءَ به پنهنجو پنهنجو آهي، سانوري رنگت واري سُريلي شاعر شبير سيال وٽ سريليون سوچون آهن جن ذريعي محبت جا ملڪ روز ٺاهي پيار ي ٿو، سندس شاعراڻي سوچ ۾ آبشارن جهڙي اُٿل پٿل ۽ نئين گاج جهڙي تک تيزي ۽ رواني به آهي.
    شبير پنهنجي شاعري ۾ سڪ اڪير کي ائين آلاپيو ۽ ساريو آهي جيئن مور پنهنجي ٽهوڪن ۾ سانوڻ کي ساريندو آهي. سندس شاعري وسڪاري لاءِ واجهائيندڙ سمونڊ جي سپن جهڙي اداس ادائن واري به آهي، جيڪا اداس دلين ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪري وجهي ٿي، شبير جي شاعراڻي ٻولي جو مزاج مکڻ جهڙو نرم ۽ ماکي جهڙو مٺاس رکندڙ آهي، جيڪو هر ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ کي پنهنجو ذائقو ضرور چکائي ٿو، سندس خيالن ۾ سادگي جي سونهن آهي جيڪا ساهن کي سڪون آڇي ٿي ، ۽ ڪٿي ته وري تڙپندڙ دلين جون تندون به تڙپائي ٿي، سندس سوچن جي آوت ائين لڳندي آهي، ڄڻ ڪونجون ڪر کنيون قطارون ڪيو پيون اچن، سندس شاعريءَ کي ٻهراڙي جي ٻولن جو پهراڻ پاتل آهي، جنهن تي محاورن، ترڪيبن ۽ استعارن جا گل به ڀريل آهن ته اصطلاحن ۽ تشبيهن جون ٽڪون به ٽاڪيل آهن، ٻولي جي اهڙي سهڻائپ ۾ مصنوعي ميڪ اپ جو ڪو نالو نشان به نٿو ملي، سندس غزلن کي پڙهندي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سندس خيال ڪڪرن جيان ڪاهون ڪندا بنجر دلين جي بنجر زمينن تي برسڻ وارا آهن، مونکي پڪ آهي ته هن ڪتاب ۾ موجود سندس شاعري ٻيهر سُر سنگيت جي ساٿياڻي بڻبي.

    پروانو سومرو
    قاضي احمد
    03073119689


    ڀاڳوند شاعر

    ڀاڳوند شاعر

    رسول حمزه توف جو قول آهي ته ”جنهن شاعر جي دل ۾ قوم لاءِ باھ ناهي اهو شاعر نه پر لٻاڙي آهي“. سنڌ جو سڄاڻ شاعر، منهنجو علمي ادبي رهنما ’شبير سيال‘ رسول حمزه توف جي ان قول تي پورو پورو لهندڙ شاعر آهي. شبير جو هي نظم ان جو کليل دليل آهي ته :

    مان سينڌ سنڌوءَ جي سجائيندس
    تنهنجو جيجل کير ملهائيندس.

    سنڌ جي ٻهڳڻي شاعر استاد محمد هاشم ’سائل‘ لاکي هڪ دفعي هڪ ڀري محفل ۾ شهيد گلشير تيوڻو جي آواز ۾ شبير سيال جي هي وائي:

    ساٿي اوري آءُ
    سنڌ جا ويهي سور سڻايئين

    ٻڌندي بي اختيار چئي ڏنو هو ته شبير جي هيءَ وائي پنهنجي قوم لاءِ سهڻي صلاح ۽ وڏو پيغام آهي.
    شبير اهو ڀاڳوند شاعر آهي، جنهن جي شاعري کي اڪثر ناليوارن فنڪارن ڳايو آهي. ڪيترائي نوان راڳي سندس شاعري ڳائي مشهور ٿيا. سندس شاعريءَ کي ڪيسٽ کان علاوه ريڊيو ۽ ٽي وي تان ڪيترائي فنڪار ڳائيندا رهن ٿا. شبير جي شاعري فني ۽ فڪري لوازمات تي پوري لهي ٿي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پاڻ علم عروض جو تمام گهڻو ڄاڻو آهي. شبير شاعريءَ سان گڏ موسيقيءَ جي پڻ سٺي ڄاڻ رکي ٿو ۽ بينجو نواز پڻ آهي. هڪ گهر ۾ رهندي ننڍپڻ کان ئي سندس شاعري چوري چوري پڙهندو هئس، ۽ روز سندس ڊائرين مان نئين شاعري تلاشيندو هئس. ان ڪري ئي سندس گهڻي شاعري مونکي زباني ياد آهي. شبير مون لاءِ شفيق ڀاءُ سان گڏ مهربان پيءُ جيان آهي. مون جيان سنڌ جا ٻيا ڪيترائي شاعرکانئس شاعريءَ ۾ رهنمائي وٺن ٿا. دعا آهي ته سندس هي شعري مجموعو ”اهي ڀي ڏينهن هوندا ها“ خوب مقبوليت ماڻي.

    ممتاز سيال
    سيڪريٽري
    س.ا.س شاخ قاضي احمد


    اديب ۽ عوامي شاعر

    اديب ۽ عوامي شاعر

    حيدرآباد ويندي هن ڪار ۾ لڳل ٽيپ رڪارڊ هلايو ڪنهن فنڪار هڪ غزل جون هي سٽون پئي ڳايون.
    سينڌ سنڌو ندي ٿي لڳي،
    اک به ڪينجهر ڪنڌي ٿي لڳي.
    ته کانئس پڇيم ته هن غزل جو شاعر ڪير آهي؟ ته وراڻيائين ”استاد بخاري“ چيم ته واقع اها ٻولي استاد بخاري جي ئي لڳي! پر ڳجهارت صحيح ڀڃي نه سگهيس، ڇو ته مقطع جون سٽون هيون
    ڏکن ملن تان گهڻا اي شبير
    هر خوشي عارضي ٿي لڳي،
    ته ٽهڪ ڏئي چيم ته وڏو استاد آهين.. هي غزل تنهنجو آ. اهو ٻڌي بس مرڪي ڏنائي؛ اهڙي طرح ننڍي هوندي جلال چانڊيو جو ڳايل ڪلام ٻڌبو هو:
    سڄڻ ٻئي گڏ هئاسون هَل؛
    اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.
    ٻڌبو ته هو پر شاعر جي نالي جي خبر نه هئم نه ئي اهو ڪلام مطلع/ٿلھه کان سواءِ ڪڏهن غور سان ٻڌم، ڇاڪاڻ ته هر شاعر جي هر سٽ سپر هٽ نه هوندي آهي.
    شبير سيال جو مٿي ڏنل اول غزل جو مطلع حوالي طور ورتل آهي. اهو کيس ادبي ۽ عوامي تسلسل سان ڳنڍي ٿو، اها هڪ ڪاميابي شاعر جي نشاني آهي ان ڪري شبير سيال کي ادبي ۽ عوامي شاعر چوندس.

    فدا سنجراڻي
    صابو راهو.


    شاعر پاران

    شاعر پاران

    ادب جي لطيف صنف شاعري انساني جذبن جي بهترين عڪاسي ٿي ڪري. شاعري نفيس جذبن، من اندر جي احساسن کي هيمشه اجاري اڇو ڪيو آهي، ادب جي هيءَ صنف نه رڳو ماضيءَ جو آهطو، حال جو اڀياس، پر آئيندي جي اندر جهاتي پائي سگهي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو شاعر ماضيءَ جي عظمتن جا مينار، حال جا سرجڻهار ۽ ماضي ۽ حال کي ڏسي مستقبل جي حالتن جو تُز جائزو پيش ڪندا رهيا آهن. جن ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ جديد دور مان ڪيترن ئي مانواران شاعرن جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. انهيءَ تناظر ۾ عمر- عزيز جي ابتدائي ڏهاڪن ۾ مون تي شاعري ڏات بڻجي وڏ ڦڙي وسڪاري جيان وسڻ شروع ٿي ۽ ائين منهنجي اندر جي آبياري ٿيڻ لڳي.
    هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن مان اڃان 1978ع ۾ مئٽرڪ ۾ پڙهندو هئس. ان وقت به سنڌ جا سريلا راڳي چاڪر چانڊيو، ڦوٽو زرداري، امام بخش زرداري ۽ الهداد زرداري منهنجي شاعري پنهنجي مڌر آواز ۾ ڳائيندا هئا ۽ مون به شاعري کي لکڻ ۽ ڳارائڻ جي حد تائين سمجهيو ٿي، ائين ئي 1983ع تائين لکڻ ۽ ڳارائڻ جي شوق ۾ مگن رهيس. پو جڏهن منهنجي استاد الشعراءِ محمد هاشم ”سائل“ لاکو سان ملاقات ٿي ته سندس چوڻ هو ”ڏات قدرت ڏيندي آ، پر ڏانءَ سکڻو پوندو آ“ ان ڳالهه منهنجي زندگي ۾ تبديلي آندي ۽ منهنجو اکيون کولي ڇڏيون، ان کي ذهن ۾ رکندي مون کانئس اصلاح وٺڻ شروع ڪئي ۽ علم عروض تي طبع آزمائي ڪيم. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ مشاعرن/ رهاڻين ۾ شرڪت رهي. ساڳي وقت انهن ميڙاڪن ۾ منهنجي سنڌ جي نامياري شاعرن سان ڏيٺ ويٺ ٿي، جن ۾ راشد مورائي، استاد بخاري، الحاج رحيم بخش قمر، احمد خان مدهوش، سوز هالائي، عبدالحميد شهد، جوهر بروهي، نواز رڪڻائي، عبدالخالق عبد، اسحاق راهي، ناظم منگي، مير عبدالرسول مير، ڊاڪٽر عبدالطيف قمر لغاري، مير محمد پيرزادو، مخمور ميرانپوري، عرفان مهدي، علي گل رند، ڪوثر ٻرڙو، خليل عارف سومرو. منهنجي هم اثر شاعرن ۾ مسڪين حاجي خان ملاح جنهن سان 1978ع کان 28 مئي 1997ع تائين علمي ادبي ۽ ذاتي دوستيءَ جو پيوند رهيو. سندس اڻ مندائتي وڇوڙي کيس اسان کان جدا ڪري ورتو، جيتوڻيڪ هو جسماني طور جدا ٿيو پر، اڄ تائين روح سان گڏ آهي. ان کان علاوه پروانو سومرو، عاجز ٻگهيو، فدا سنجراڻي، بهرام زرداري، فيض جوکيو، نياز بالادي منهنجي هم اثر شاعرن ۾ شمار آهن. جن سان روح رچنديون رهيون تن ۾ محبوب جوکيو، علي دوست ملوکاڻي، منصور ڏاهري، سارنگ سهتو، ضراب حيدر، رضا لانگاھ، نواز علي نواز انڙ، علي مراد ڏاهري، ممتاز ميمڻ، ڄام آفتاب انڙ ، فياض چنڊ ڪليري، مجتبيٰ جوکيو، نياز جوکيو ۽ محمد علي جوکيو، فقير قادر سيال، ارشاد علي بُلو قومي شاعر ۽ سگهڙ محمد رمضان اوٺو عرف شيطان، استاد گل بيگ لُنڊ، سگهڙ رحمت الله عباسي، گلزار فقير لنڊ، دين محمد ڌمچر، سگهڙ علي گل ڀٽي جون ڪچهريون پڻ اتساھ ڏيندڙ رهيون آهن.
    ساڳي وقت ناز باغ قاضي احمد جي جوڙائيندڙ علمي ادبي ۽ سياسي شخصيت الحاج رئيس علي نواز انڙ، رئيس علي احمد نظاماڻي، ڊاڪٽر محمد نواز ڳاهوٽي، براڊ ڪاسٽر ۽ صحافي عبدالله ڀٽي، ڊاڪٽر صاحب خان انڙ، سماج سڌارڪ عبدالغني پيرزادو، قاضي دودو خان، دلمراد جوکيو علم ادب جي پارکو رئيس لعل محمد راهو (مرحوم)، خان محمد انڙ ۽ دين محمد انڙ، عبدالفتاح ڳاهوٽي منهنجي محسن سان پڻ روح رهاڻيون ٿينديون رهيون آهن.
    1984ع ۾ قاضي احمد جي دوستن سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت شاخ قاضي احمد جو بنياد وڌوسون، جنهن جو پهريون سيڪريٽري (مرحوم) پروفيسر علي احمد لاکو ۽ بعد ۾ مسڪين ملاح سيڪريٽري چونڊجي آيو، ان دوران 1997ع ۾ مسڪين ملاح جو ڪتاب ”درياء جي مستي“ مرتب ڪري ڇپرايم، پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خيرپور ۽ سچل ايف ايم نواب شاھ جي ادبي پروگرامن ۾ شريڪ رهندو رهيس، منهنجي شاعري جيتوڻيڪ سنڌ جي اخبارن، رسالن جهڙوڪ هزار داستان، نئين زندگي، مهراڻ، روزانه ڪاوش، روزانه آفتاب، سنگت پبليڪيشن، عبرت مئگزين ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپي آهي، پر اها وڏي تعداد ۾ سنڌ جي سريلي نالي وارن راڳين ڳائي آهي. جنهن جو ذڪر منهنجو مهربان دوست سڄڻ سنڌي، ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهي.
    هند ۽ سنڌ ۾ نانءَ ڪمائيندڙ ناليواري فنڪار جلال چانڊيو منهنجو هيٺيون ڪلام ڳائي يادگار بنائي ڇڏيو.
    ”سڄڻ ٻئي گڏ هئاسون هل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها“
    آئون ٿورائتو آهيان مانواري ليکڪ سائين نصير مرزا جو، جنهن وقت ڪڍي ڪتاب جو مهاڳ لکيو. وڏا وڙ سائين سڄڻ سنڌيءَ جا جنهن منهنجي شاعريءَ جو تفصيلي جائزو ورتو. قربائتي وسيم سومري، اصغر ڀٽي، ممتاز ميمڻ، ممتاز سيال، فدا سنجراڻي ۽ پرواني سومرو جا قرب، جن پنهنجو پيار ونڊيو.
    مان مشڪور آهيان پياري يوسف سنڌيءَ جو جنهن منهنجو ڪتاب ’سچائي اشاعت گهر پاران‘ ڇپائڻ جي حامي ڀري. مونکي پڙهندڙ دوستن جي راءِ جو انتظار رهندو، ڇو ته اهي ئي انصاف ڀري راءِ ڏئي سگهن ٿا.

    شبير سيال
    قاضي احمد
    03003041758


    غزل

    سڄڻ ٻئي گڏ هئاسون هَل! اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    سڄڻ ٻئي گڏ هئاسون هَل! اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.
    پري ٿيندا نه هاسون پَل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    سدا تنهنجي محبت ۾ مِٺا مخمور ٿي رهيس،
    سڏيندو لوڪ هو پاڳل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    بهاني سير جي جاني مليا جو باغ ۾ هاسون،
    مٿان ٿي برسيا بادل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    بٽڻ منهنجي گلي جا ها ٽٽي پيا ياد ڀي هوندئي،
    ڪئي تو مون هئي کيچل ، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    صبح ۽ شام جو سائين اچي آغوش ۾ منهنجي،
    چميا تو ۽ مون تنهنجا ڳل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    جدا ”شبير“ اڄ آهيون ڪڏهن پنهنجا پرين پيارا،
    ٻِٽا ڀاڪر هئا پاتل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.

    (جلال چانڊيو ۽ فوزيه سومرو جو ڳايل)


    جيئن ٿي جدا ويو آ دلدار دوستو.

    جيئن ٿي جدا ويو آ دلدار دوستو.
    تيئن ٿيا غمن جا دل تي انبار دوستو.

    انڪار منهنجي پيار کان روبرو ڪري،
    مون کي ڪيو صنم آ بيمار دوستو.

    هي فيصلو ڪيم ته سدا يار سان هُجان،
    ليڪن نه ٿيو سڄڻ کان سهڪار دوستو.

    دل مون ڪڍي هٿن تي دلبر کي پيش ڪئي،
    ليڪن وٺڻ کان هُن ڪيو انڪار دوستو.

    ”شبير“ يار جي به طبيعت عجيب آ،
    مون لاءِ بند ويا ٿي ديدار دوستو.


    رات ڏس گذريو وڃي ٿي آ پرين.

    رات ڏس گذريو وڃي ٿي آ پرين.
    آس ڀي رهجيو وڃي ٿي آ پرين.

    حال منهنجي کي ڏسي اڄ هر سَکي،
    مون مٿان مُرڪيو وڃي ٿي آ پرين.

    تنهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺي باک ٿي،
    رات ڀي رُسيو وڃي ٿي آ پرين.

    تنهنجي آمد جي خوشيءَ ۾ جا ملي،
    مُرڪ سا موٽيو وڃي ٿي آ پرين.

    مند ويئي ساڳ ۽ ڦولار جي،
    ڪڻڪ ڀي نِسريو وڃي ٿي آ پرين.

    منهنجي آکاڻي ٻُڌي مون کان ”شبير“،
    هر ڪا اک رويو وڃي ٿي آ پرين.


    آ ته هڪ ٿي وڃون پيار جي ڇانوَ ۾.

    آ ته هڪ ٿي وڃون پيار جي ڇانوَ ۾.
    تون منهنجي هانوَ ۾ مان تنهنجي هانوَ ۾.

    تنهنجي زلفن اکين ۽ لبن تي لکان،
    قيد مون کي ڪيو تو ڪهڙي ڏانوَ ۾.

    پيار ايڏو وڏو جيڏي دنيا وڏي،
    پيار ماپي نه سگهجي ٿو ڪنهن ٿانوَ ۾.

    تون چوين ٿو سُڃاڻان نٿو مان ”شبير“،
    مان سُڃاپان سڄڻ ٿو تنهنجي نانوَ ۾.


    اسان جي محبت اڃا ساڳي آهي.

    اسان جي محبت اڃا ساڳي آهي.
    ملڻ لاءِ چاهت اڃا ساڳي آهي.

    ڀلي آزمايو اڃا هر قدم تي،
    اسان ۾ صداقت اڃا ساڳي آهي.

    ڏسي تنهنجي تصوير سجدا ڪيون ٿا،
    اسان جي عبادت اڃا ساڳي آهي.

    الئه ڪيترا ڄڻ زمانا ويا گذري،
    اُها سِڪ سلامت اڃا ساڳي آهي.

    چون ڇا ڇا ماڻهو ٿا ٻڌڻو پوي ٿو،
    مٿي تي ملامت اڃا ساڳي آهي.

    ملڻ لاءِ ”شبير“ هڪ ڏينهن ايندو،
    اها دل کي آٿت اڃا ساڳي آهي.


    آسرن ۾ نه رک ۽ نه گمراه ڪر.

    آسرن ۾ نه رک ۽ نه گمراه ڪر.
    يا ته چئو وڃ هليو يا يڪو ٺاهه ڪر.

    مون ته توکان مٺو ساهه ناهي ڪيو،
    تون به مون کان مٺو ڪينڪي ساهه ڪر.

    دل جي ڌرتيءَ مٿان ڄڻ پيا ٽانڊا ٻرن،
    هڻ انهن تي ڇنڊو ڪجهه ٿڌي باهه ڪر.

    چار ڏينهنڙا حياتيءَ جا گڏجي رهون،
    ڪين تبديل پنهنجو پرين چاهه ڪر.

    ڏي دلاسو پرين دل ٿو هاريو وتان،
    چئو ته تنهنجو آهيان ڪين پرواهه ڪر.

    يار ”شبير“ سان عمر ڀر ويو ٺهي،
    هي زماني سڄي منجهه وه واه ڪر.


    جذبا نوان ڪي اُڀارجو.

    جذبا نوان ڪي اُڀارجو.
    مان جي وڃان دل نه هارجو.

    پاڻي ڏجو پنهنجي زبان کي،
    پنهنجا ڪيل قول پارجو.

    جنهن ۾ ڏکن جي نه جاءِ هجي،
    اهڙي ڪڏهن دل نه ڌارجو.

    هٿ نه ڪنهن جي مَچ تي سيڪجو،
    مُڙس ٿِجو پنهنجي ٻار جو.

    پيدا خزان مان ڪجو سڪون،
    آسرو ڇڏيو بهار جو.

    ڀُلجي ڪڏهن ڪنهن کي موقعو،
    ڪين ڏجو ڪنهن ميار جو.

    جنهن تي اَٽل بيٺو آ ”شبير“،
    جاءِ اُها جهٽ ولارجو.


    سرِ عام دلبر اکيون جو مليون.

    سرِ عام دلبر اکيون جو مليون.
    گهڻن کي اچي ويون ڏندين آڱريون.

    وري ڀَر ۾ ويجهو تون ويٺين اچي،
    محبت جون ڳالهيون تو مونسان ڪيون.

    اڙيون تنهنجي ديدن سان ديدون ائين،
    جيئن ڍنگهريون ڪي اڙيون ڄانڱريون.

    رڳو سونهن تنهنجيءَ جو چؤٻول آ،
    ڀلا ڀيٽ ڪنهن ساڻ تنهنجي ڪريون.

    پيون سونهن تنهنجيءَ مٿان ٿي ڇَڪن،
    ڪي ڀوريون صفا ۽ ته ڪي سانوريون.

    جي مون ساڻ گڏ تو گذاريون ”شبير“،
    سي ڀانيان گهڙيون ٿو مان ڀاڳن ڀريون.


    اسان جو پاڻ ۾ پَرچي پوڻ جو فيصلو ٿي ويو.

    اسان جو پاڻ ۾ پَرچي پوڻ جو فيصلو ٿي ويو.
    حياتي ڀر سڄڻ سان گڏ رهڻ جو فيصلو ٿي ويو.

    رسامان رنج ويا دل مان اسان کنڊ کير ٿي وياسون،
    وري ڪڏهين نه رسنداسون ٺهڻ جو فيصلو ٿي ويو.

    وفا جو واعدو ٿي ويو پري هاڻي نه پل رهبو،
    اسان جو گڏ جيئڻ جو ۽ مرڻ جو فيصلو ٿي ويو.

    الائي ڪيئن پرين پاڻهي لکي خطڙو مُڪو مون ڏي،
    لکيائين دل ڏنم توکي ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو.

    رقيبن جي اڳيان ”شبير“ سان ملندس دنيا ڏسندي،
    ڀريءَ محفل ۾ اڄ اهڙو سڄڻ جو فيصلو ٿي ويو.


    اڃا روز تنهنجا بهانا گهڻا هِن.

    اڃا روز تنهنجا بهانا گهڻا هِن.
    ائين دوست گذريا زمانا گهڻا هِن.

    هي ٻي ڳالهه آ جو نه پورا ٿين ٿا،
    ڏٺل خواب منهنجا سُهانا گهڻا هِن.

    اڃا ڪين موٽي اچڻ جي ڪئي تو،
    مهينا لنگهي ويا لکانا گهڻا هِن.

    هُتي توکي پرواه ڪانهي ڪا منهنجي،
    هتي لوڪ جا مون لئه طعنا گهڻا هِن.

    اوهان ڏي اچڻ جو پتو ڪيئن پوندو،
    اوهان جا الئه آستانا گهڻا هِن.

    لکي موٽ هڪڙي نه ”شبير“ ڏي تو،
    مگر خط ڪيا مون روانا گهڻا هِن.


    چئوس مون کي نه ڏُکائي نه مون کي ياد ڪري.

    چئوس مون کي نه ڏُکائي نه مون کي ياد ڪري.
    مون کي هڏڪي ٿي ستائي نه مون کي ياد ڪري.

    منهنجو سَنڌ سَنڌ اڳئي آهي سڙيو سارو پيو،
    باهه ويتر نه لڳائي نه مون کي ياد ڪري.

    هاڻي اک آهي لڳي هاڻي اٿم سور ستا،
    مون لئه محشر نه مچائي نه مون کي ياد ڪري.

    مون ڇڏيو ڊاهي سندس نالو آ موبائل مان،
    منهنجو نمبر نه ملائي نه مون کي ياد ڪري.

    ها، هيو، آهه ڪو ”شبير“ منهنجو يار مگر،
    هي نه ماڻهن کي ٻڌائي نه مون کي ياد ڪري.


    نه کوليو نه کوليو ڏکن جون ڪهاڻيون.

    نه کوليو نه کوليو ڏکن جون ڪهاڻيون.
    ستائن ٿيون يادون، اسان کي پُراڻيون.

    ڪٿي يار آهن ڪٿي آهه ياري،
    نه ٻيهر مليا جي ڪري ويا پُڄاڻيون.

    اسان ساهه ۾ سي ته سانڍي رکيون هِن،
    چٺيون چاهه مان جي اوهان هُون اماڻيون.

    ورن جا سِڪي پيون ڏسن روز سپنا،
    اڇا وار ٿي ويا جلي ويون جواڻيون.

    جي ٽانڊي لئه آيون ٿيون مالڪياڻيون،
    ۽ ٻانهيون ويون بڻجي هتي گهر ڌڃاڻيون.

    حسين ڏينهن راتيون جنين ساڻ گذريون
    اهي وقت ٻيهر ڪٿان هاڻ آڻيون

    الئه واءُ ڪهڙو وريو آهه ”شبير“،
    نه ساڳيا سڄڻ ۽ نه ساڳيون رهاڻيون.


    ماڻهو بدليل ٿو ڏسان بدليل زمانو ٿو ڏسان.

    ماڻهو بدليل ٿو ڏسان بدليل زمانو ٿو ڏسان.
    آزمائش جي گهڙي ايندي بهانو ٿو ڏسان.

    هاري ۽ مزدور تي هن ڌاڙي هڻندڙ رئيس جو،
    ظلم جي دولت مان ٺاهيل ڪارخانو ٿو ڏسان.

    هي نظام آهي يا ڪو ظلم ۽ ستم جو دؤر آ،
    هر قدم تي سنڌي ماڻهو ئي نشانو ٿو ڏسان.

    اُٿ! مجاهد انتظارن ۾ ڏسون ٿا انقلاب،
    هر عمل مظلوم جو مان باغيانو ٿو ڏسان.

    هڪ به ٿيو ”شبير“ سان واعدو وفا ناهي مگر،
    روز تنهنجو بيوفا مان نئون بهانو ٿو ڏسان.


    انتظاريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.

    انتظاريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.
    بيقراريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.

    سردي گرميءَ ۾ به ٿس ڪوڏر ڪلهي،
    هاءِ! هاريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.

    وار ويٺي جنهن جا چانديءَ جيئن ٿيا،
    تنهن ڪنواريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.

    تنهنجي قبضي جا سؤ ايڪڙ لک لهن،
    منهنجي ٻاريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.

    هِت سرن جا سودا آهن اڻ ميا،
    يار، ياريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.

    تو وئي کان پو جا دل تان گذري تنهن،
    آهه زاريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.

    ٿوري لالچ ۾ ٿا فتوائون ڏين،
    دينداريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.

    راز کي مون ساهه ۾ سانڍيو ”شبير“،
    رازداريءَ جي نه پُڇ قيمت مون کان.


    تنهنجي جنهن بي رُخي ڏٺي هوندي.

    تنهنجي جنهن بي رُخي ڏٺي هوندي.
    تنهن تي قيامت اچي لٿي هوندي.

    پيار جنهن کي نصيب ٿيو تنهنجو،
    تنهن جي نکري وئي زندگي هوندي..

    ڪالهه جنهن توسان گڏ ڏٺو گهمندي،
    باهه اُن کي وئي وٺي هوندي.

    زور دنيا لڳائي ڇا ٿيندو؟
    پنهنجي اُلفت اگر سچي هوندي.

    تنهنجي گهٽين ۾ جا رُلي هوندي،
    ٻي نه هوندي هي دل چري هوندي.

    هُن لکيو آ وساري ڇڏ اي ”شبير“،
    هي چٺي هُن جي بيوسي هوندي.


    انتظاريءَ جا ڏهاڙا دلربا گهٽجن نٿا.

    انتظاريءَ جا ڏهاڙا دلربا گهٽجن نٿا.
    روز تنهنجا هت اچڻ جا آسرا گهٽجن نٿا.

    مان اُميدن سان وڌيس راههِ وفا ۾ دوستو،
    منزلون اڻ کٽ پيون ۽ فاصلا گهٽجن نٿا.

    روز دل تي زخم تازا روز نظرن جو شڪار،
    واٽ ويندي ايندي ويندي حادثا گهٽجن نٿا.

    ڪونه ايندين تون هلي هي مان به سمجهان ٿو مگر،
    پو به ير، توسان ملڻ جا آسرا گهٽجن نٿا.

    بار دردن جا مڻين ايندا رهن ٿا اڄ به پر،
    غم اصل دل تان ڪڏهن تِر جيترا گهٽجن نٿا.

    سرگرم جيئن جيئن رقيب آيا نظر ٿي بار بار،
    پيار وارن ساڻ پو ڀي واسطا گهٽجن نٿا.

    وقت ڪو اهڙو اچي هاڻي ويو آ اي ”شبير“،
    باوفا گهٽجيو وڃن پر بيوفا گهٽجن نٿا.


    سنڌ سڏي پئي جاڳ ڀٽائي.

    سنڌ سڏي پئي جاڳ ڀٽائي.
    مشڪل ۾ آ ماڳ ڀٽائي.

    درياءَ تي ڀي ڌاڙا لڳن ٿا،
    ويرين هٿ آ واڳ ڀٽائي.

    ورهه ويا ٿي ڪونه ورن ٿا،
    ڀلجي ويا هِن ڀاڳ ڀٽائي.

    تار تنبوري کان وئي کسجي،
    روئي ٿو اڄ راڳ ڀٽائي.

    چارئي پاسا شعلا شعلا،
    آهي فضا ٿي آڳ ڀٽائي.

    پنهنجن جا ڦٽ تازا تازا،
    دل تي آهن داڳ ڀٽائي.

    ڪيئن ”شبير سيال“ گذاري،
    مانجهاندي جو ماڳ ڀٽائي.


    پاڻ جهڙن ساڻ ئي دل لائجي.

    پاڻ جهڙن ساڻ ئي دل لائجي.
    ڀُلجي ڏاڍن سان نه اک اٽڪائجي.

    اُن کان اڳ ۾ ئي ڪجي ڪو فيصلو،
    دل ڏيڻ کان پوءِ جو پڇتائجي.

    عاشقن کي هي به سونهين خوب ٿو،
    ڏوهه هُن ڏي پو به خود پرچائجي.

    ڇا ڦٽائڻ ۾ رکيو آهي ڀلا؟
    پر نڀائڻ جي ڪجي جي لائجي.

    وار منهن تي ڏئي لڪڻ جون ڪوششون،
    هن ادا کي ڪيئن ڀلا بدلائجي.

    سونهن وارن فيصلو آهي ڪيو،
    هر دفعي ”شبير“ کي ڪَس لائجي.


    دشمنن لئه تيغ ٿيو ۽ تير ٿيو.

    دشمنن لئه تيغ ٿيو ۽ تير ٿيو.
    پر اي يارو! پاڻ ۾ کنڊ کير ٿيو.

    ڇرڪ ڀريو ڇو ٿا ڪنهن جي عڪس کان،
    خوف ڇڏيو بي ڊپا بي پير ٿيو.

    زور تي ميراث سمجهيو ٿا وتن،
    پر هي جڳ ڪنهن جي نه آ جاگير ٿيو.

    گلم جا يارو نه بڻجو توبچي،
    پاڻ پنهنجي محفلن جا مير ٿيو.

    منزلون منزل ڪرڻ سان ٿيون کُٽن،
    سوچ ٿيو ۽ لوچ ٿيو تدبير ٿيو.

    ڪين ظالم جي ڪريو بيعت ”شبير“،
    ظالمن جي لاءِ سڀ شمشير ٿيو.


    اڄ ڪي من جون ڳالهيون ڪنداسون.

    اڄ ڪي من جون ڳالهيون ڪنداسون.
    دل! دردن جون ڳالهيون ڪنداسون.

    سنڌي ٽوپي سنڌ جي اجرڪ،
    ۽ پٽڪن جون ڳالهيون ڪنداسون.

    جاري جن جاکوڙ رکي آ،
    تن جوڌن جون ڳالهيون ڪنداسون.

    قيد جتي ڀي هوندا مارو،
    تن ڪوٽن جون ڳالهيون ڪنداسون.

    وڍجي ويئي پر نه جهڪي جا،
    تنهن گردن جون ڳالهيون ڪنداسون.

    خوشبوءِ واسيل وارن جون ۽،
    ڀُوري بدن جون ڳالهيون ڪنداسون.

    سور پراون جا به سلياسون،
    اڄ پنهنجن جون ڳالهيون ڪنداسون.

    جيڪي ”شبير“ ٿيا لال لهوءَ سان،
    تن گهوٽن جون ڳالهيون ڪنداسون.


    ڪبو واعدو پختو ۽ پاري ئي ڇڏبو.

    ڪبو واعدو پختو ۽ پاري ئي ڇڏبو.
    وڏن پاهڻن کي پگهاري ئي ڇڏبو.

    پرين زهر ڏيندا خوشيءَ سان پي وڃبو،
    رقيبن جو شربت به هاري ئي ڇڏبو.

    اگر مئه پرستي ڇڏيسون ته ڇا ٿيو؟
    ڪو مئخاني آيو پياري ئي ڇڏبو.

    جا طوفان ۾ ويئي ڦاسي آ ٻيڙي،
    انهيءَ کي لڳائي ڪناري ئي ڇڏبو.

    جو آداب محفل نٿو ڄاڻي ساقي،
    ته محفل مان اُن کي اٿاري ئي ڇڏبو.

    اي ”شبير“ مايوس ڇا لئه ٿيو آن،
    ڏکيو يا سکيو وقت گهاري ئي ڇڏبو.


    هن جون اکيون تَر ڏسي حيرت لڳي.

    هن جون اکيون تَر ڏسي حيرت لڳي.
    اهڙو اڄ منظر ڏسي حيرت لڳي.

    ڌاريا ڌرتيءَ تي قبضو ويا ڪري،
    گهر ڌڻي بي گهر ڏسي حيرت لڳي.

    ڪانه هئي نوري نه تڙ تي ڄام هو،
    تڙپندي ڪينجهر ڏسي حيرت لڳي.

    سونهن جون ڇوليون هُيون جت بار بار،
    سا سُڃي بازر ڏسي حيرت لڳي.

    مان اُڀو دروازي تي اُن لئه رهيس،
    ويو مَٽي دلبر ڏسي حيرت لڳي.

    شهر جي هر چؤنڪ تي چاڪنگ هئي،
    ويو ڪُسي ڪونڌر ڏسي حيرت لڳي.

    منهنجي اوڻاين کي هن ساراهيو،
    پڙهندو ويو پيپر ڏسي حيرت لڳي.

    مان نياپي تي ويس اُن ڏي ”شبير“،
    بند هُن جو در ڏسي حيرت لڳي.


    اوهان ٿا گذاريو پري زندگي.

    اوهان ٿا گذاريو پري زندگي.
    هتي پئي اسان جي ٻري زندگي.

    انهيءَ ۾ اوهان کي مِلي ٿو سڪون،
    مري ڪو يا ڪنهن جي کَري زندگي.

    نٿو پيار تنهنجو ڪو سنبران ڪڏهن،
    مگر وڃبي پوري ڪري زندگي.

    زمانو رئڻ کان نه بلڪل رهي،
    رئڻ سان جي ڪنهن جي وري زندگي.

    وڇوڙو ڇڏي ٿو گهٽائي عمر،
    حياتيءَ کي پيئي چَري زندگي.

    ڪٿي عيش عشرت ۾ مشغول آ،
    ڪٿي پيئي آهون ڀري زندگي.

    ڪٿي ڪَک ڇُهڻ سان وهي رت ”شبير“،
    ڪٿي پيئي پٿر ڏري زندگي.


    هُو جي ڪنهن ڳالهه تان رسي ٿو وڃي.

    هُو جي ڪنهن ڳالهه تان رسي ٿو وڃي.
    مون لئه اُڀريل به سج ٻڏي ٿو وڃي.

    سادگي هن جي مون کي ماري ٿي،
    ٻين جي ڳالهين ۾ جهٽ اچي ٿو وڃي.

    تنهنجي نيڻن ۾ سمنڊ ماٺيڻو،
    جيڪو ڏسندو آ سو ٻُڏي ٿو وڃي.

    ڪيتري آهي پياري آزادي،
    ڪيئن پاليل پکي اُڏي ٿو وڃي.

    مان ته چاهيان ٿو مون کان ڪو، نه ڏکي،
    ڪو نه ڪو پوءِ ڀي ڏکي ٿو وڃي.

    هن جي ناراضگي ته شل نه ٿئي،
    ٿو رسي عرش ڄڻ لُڏي ٿو وڃي.

    رونقون ٿيون پُڄاڻي کي پهچن،
    هو جي محفل منجهان اٿي ٿو وڃي.

    ڪنهن به طاقت جي اڳيان سر نه جهڪيو،
    تنهنجي قدمن مٿان جهڪي ٿو وڃي.

    ڀاڳ وارو اهو آ ڪيڏو ”شبير“،
    تنهنجي وارن کي جو ڇُهي ٿو وڃي.


    جدائي ڇو ڪيئي جانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.

    جدائي ڇو ڪيئي جانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.
    مٿان پيو لوڪ ڏئي طعنا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.

    الائي ڇو سبب ڪهڙي ڪيا تو يار سڀ واپس،
    مُڪا جيڪي مون نذرانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.

    ادا حق پيار جو هن سان ڪري الفت ڪيو آ مون،
    مخالف ٿي پيو حيرانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.

    هُتي تر جيتري پرواهه ڪا دلدار کي ناهي،
    هتي حالت پريشانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.

    اسان جي جام پيئڻ تي سدا جن خار ٿي کاڌي،
    وسايا تن ڇو مئخانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.

    مقدر ۾ رڳو ناڪاميون آهن الائي ڇو؟
    مليا قسمت ۾ ويرانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.

    گهڻو ”شبير“ مان پنهنجي چريءَ دل کي ٿو سمجهايان،
    ڀري آهون ٿي روزانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان.


    سينڌ سنڌو ندي ٿي لڳي.

    سينڌ سنڌو ندي ٿي لڳي.
    اک به ڪينجهر ڪنڌي ٿي لڳي.

    ويس ناياب پاتل اٿس،
    حور ڪا جنتي ٿي لڳي.

    ٻانهن ۾ چوڙيون ٿيون ٺهن،
    چيلهه تي ڇا سڳي ٿي لڳي.

    جنهن ۾ تنهنجو ذڪر نه هجي،
    شاعري سا ٻُسي ٿي لڳي.

    بي رخي دل ڀَڳيءَ سان لکيل،
    هيءَ چٺي آخري ٿي لڳي.

    ڏک ملن ٿا گهڻا اي ”شبير“،
    هر خوشي عارضي ٿي لڳي.


    ڏينهن توکي ٿيا ڪيترا.

    ڏينهن توکي ٿيا ڪيترا.
    مون نياپا ڪيا ڪيترا.

    ڪو سنيهو نه مون ڏي مُڪئي،
    ماڻهو آيا ويا ڪيترا.

    پيار جي پهرئين اظهار ۾،
    چپ ها ڦڙڪيا ڪيترا.

    ياد ٿئي موڪلائڻ مهل،
    نيڻ ٿي برسيا ڪيترا.

    تنهنجي تعريف لئه نه لڌا،
    لفظ مون ڳوليا ڪيترا.

    ايترو گڏ رهڻ ڪونه ٿيو،
    پر وڇوڙا پيا ڪيترا.

    وقت کان آس جا اي پرين،
    ٻاريا مون ڏيئا ڪيترا.

    توکي خارن ڦٽيو ڇو ”شبير“،
    گل تو پوکيا ڪيترا.


    جا گذري سا گذري پيارا نه پُڇ.

    جا گذري سا گذري پيارا نه پُڇ.
    هينئر حال مون کان خدارا نه پُڇ.

    جتان ٿيو گذر اُت ڪنڊا ويا ڦٽي،
    اهي اڄ وري مون کان چارا نه پُڇ.

    سدا ياد تنهنجيءَ ۾ تنها هتي،
    تڪيم ويهي راتين جو تارا نه پُڇ.

    وري ياد مون کي تون ماضي نه ڏي،
    ڪٽيل ڏينهن مون کان تون ڪارا نه پُڇ.

    جي تنهنجي تصور ۾ گذري ويا،
    اهي ڏينهن راتيون ڀلارا نه پُڇ.

    جي مون ساڻ گڏ ٿو هلين سير ۾،
    پو واپس ورڻ لئه ڪنارا نه پُڇ.

    زماني سان گڏ تون به مٽجي وئين،
    ته پو اڄ تون ”شبير“ پارا نه پُڇ.


    تولئه سادا سادا آهيون.

    تولئه سادا سادا آهيون.
    ليڪن وڄ وراڪا آهيون.

    ماٺ ۾ وقت گذاريون ٿا پر،
    بيٺل پاڻيءَ جهڙا آهيون.

    هار نه هانءُ تون پنهنجو جيجل،
    ڌرتي تنهنجا دودا آهيون.

    ٽارچ ٻاري ڪير آن پڇين ٿو،
    پنهنجا پنهنجا پنهنجا آهيون.

    ٻئي سَڏ جي ڪهڙي آ ضرورت،
    پهرئين سان ئي پهتا آهيون.

    تنهنجا ٻول به ماکيءَ جهڙا،
    پاڻ به اهڙا مٺڙا آهيون.


    توکي مرڪڻ جي ڪاريگري ٿي اچي.

    توکي مرڪڻ جي ڪاريگري ٿي اچي.
    دل ڦرڻ جي به جادوگري ٿي اچي.

    ياد تنهنجي اچڻ ڀي ڇڏي آ ڏنو،
    جنهن مهل ٿي اچي ٿي چري ٿي اچي.

    ريءَ سينگار جي هو اچي ٿي مگر،
    جنهن مهل ٿي اچي ڄڻ ٻري ٿي اچي.

    جي وري پوُر هن جا وڌي ٿا وڃن،
    پوءِ الهام ٿي شاعري ٿي اچي.

    حال هيڪر هلي ان کان پُڇجي ”شبير“،
    جنهن مٿان درد جي ڪا ڀَري ٿي اچي.


    اها سِڪ آ ساڳي اسان جي اکين ۾.

    اها سِڪ آ ساڳي اسان جي اکين ۾.
    ڪمي ڪانه آئي ڪڏهن چاهتن ۾.

    سندس ساڳي عادت رهي، ڪونه آيو،
    مگر ديد ساڳي اسان جي دڳن ۾.

    ڪنديون پيون اچن ناچ ٿڌڙيون هوائون،
    ڍڪيو پيو اچي منهن پرين بادلن ۾.

    نئون سال ۽ نئين صدي نيٺ آئي.
    اسان کي رکو ٿا اڃا آسرن ۾.

    چيو تو ته ورندس نمورين پَچڻ تي،
    مٿان ٻوُر پئجي نئون ويو نمن ۾.

    اسان کي ڌڪاري اوهان آ ڇڏيو پر،
    اوهان کي وهاريو اسان پنهنجي مَن ۾.

    سڄي دنيا محنت ۾ مصروف آهي،
    سنڌي ماڻهو هاءِ، اڃا هوٽلن ۾.

    ويا سال گذري وڏي ڳالهه ناهي،
    لڳي وينديون آهن صديون آجپن ۾.


    تون ساڳيو آهين ليڪن تنهنجو پيار ساڳيو ناهي.

    تون ساڳيو آهين ليڪن تنهنجو پيار ساڳيو ناهي.
    ڳالهيون نيون ڪرين ٿو اقرار ساڳيو ناهي.

    هي جاءِ ساڳي آهي گهٽ گهيڙ ساڳيا آهن،
    ساڳيو مقام آ پر ديدار ساڳيو ناهي.

    هن جو ڏسان ٿو اڄڪلهه ناز و انداز بدليل،
    تصوير ساڳي آ پر شهڪار ساڳيو ناهي.

    حاذق اُهي نه آهن نسخا به ساڳيا ناهن،
    غم درد ساڳيا ليڪن غمخوار ساڳيو ناهي.

    سمجهي ٿو اجنبي هو مون کي الائي ڇا کان،
    ”شبير“ ساڳيو آ پر اڄ يار ساڳيو ناهي.


    هر اک جا پنهنجا پنهنجا اشارا الڳ الڳ.

    هر اک جا پنهنجا پنهنجا اشارا الڳ الڳ.
    تنهنجي سونهن جا به جلوا سارا الڳ الڳ..

    پنهنجن سان نالي ماتر غيرن سان پيار تنهنجو،
    اڄ کان پو تنهنجا منهنجا چارا الڳ الڳ..

    مون ساڻ رنج نه ٿي تون، منهنجا گهڻگهرا گهڻا هِن،
    هر ڪنهن لئه پيار آهي پيارا الڳ الڳ.

    دنيا اندر هزارين هوندا حسين ليڪن،
    هر ڪنهن جا ڌار ماڻا آرا الڳ الڳ.

    هڪ شهر ۾ به هوندي آهيون ائين ”شبير“،
    جيئن آسمان تي هِن تارا الڳ الڳ.


    گهاوَ گهڻائي من تي آهن.

    گهاوَ گهڻائي من تي آهن.
    پو ڀي گيت لبن تي آهن.

    ڪير لڳائي شاخن کي هٿ،
    ڏينڀو ڄڻ ته گلن تي آهن.

    ڄاڻ اِجهو لابارا پوندا،
    فصل اچي ويا اَن تي آهن.

    ٻانهن بنا ننڊ ڪيئن ڪنديون سي،
    جن جا آر ورن تي آهن.

    باغي ٻيلن جا هن مالڪ
    گهيرا روز گهرن تي آهن.

    پنهنجي پرچڻ کان پو ٻئي هٿ،
    ساڙيلن کي مَٿن تي آهن.


    بار ڏکن جو آيو هوندئي.

    بار ڏکن جو آيو هوندئي.
    پوءِ گهڻو پڇتايو هوندئي.

    ڏاڍن ساڻ رُٺو هوندين تون،
    ڪونه انهن پرچايو هوندئي.

    جنهن جي خاطر مون سان رٺين تون.
    ڪونه اهو ڪم آيو هوندئي.

    ديوانا ٿيا هوندا ڪيئي،
    جيئن نقاب هٽايو هوندئي.

    درد ”شبير“ وڪوڙيو هوندئي.
    ڳل سان ڪنهن نه لڳايو هوندئي.


    سَهڻا پون سوين ٿا نقصان زندگيءَ ۾.

    سَهڻا پون سوين ٿا نقصان زندگيءَ ۾.
    رهجيو وڃن اڌورا ارمان زندگيءَ ۾.

    ڪو ٿو پٿر ڪٽي ۽ ڪو تخت تي ٿو ڏسجي،
    ڇا ڇا نه ڏسندو آهي انسان زندگيءَ ۾.

    افسوس هر ڪا موسم بڻجي خزان اچي ٿي،
    ورنديون ڪڏهن بهارون ويران زندگيءَ ۾

    مان حق گهران چون ٿا پيو آ ڪفر ۾ ڪاهي،
    هڻندا رهيا هزارين بهتان زندگيءَ ۾.

    مون کي نه ڪَل رهي ڪا گُم عشق ۾ رهيس مان،
    هر هڪ نظر جو ٿي پيس نيشان زندگيءَ ۾.

    مون کوڙ حاڪمن جا ڇڏيا حڪم عدولي،
    هڪ تنهنجي در جو ٿي پيس دربان زندگيءَ ۾.

    ”شبير“ ڳُڻ انهيءَ جا ٿا عمر ڀرئي ڳايون،
    جي هڪ دفعو ڪري ڪو احسان زندگيءَ ۾.


    ڏک روز سهندي سهندي گذري پئي حياتي.

    ڏک روز سهندي سهندي گذري پئي حياتي.
    قسمت تي رئندي رئندي گذري پئي حياتي.

    دردن کان دل اسان جي آزاد ڪانه ٿي آ،
    سورن ۾ رهندي رهندي گذري پئي حياتي.

    هر موڙ تي اکين مان بارش وسي رهي آ،
    خود لڙڪ اُگهندي اُگهندي گذري پئي حياتي.

    وچ سير ۾ لڙهون پيا باغي ٿيا ڪنارا،
    ڇولين ۾ ٻُڏندي ترندي گذري پئي حياتي.

    جنهن دم نظر کڻي ٿو دل کي ڳڀا ڪري ٿو،
    پل پل ۾ مرندي جيئندي گذري پئي حياتي.

    ”شبير“ دل جون آهون دل جا هزار اُڌما،
    شعرن ۾ لکندي لکندي گذري پئي حياتي.


    تنهنجي ديدار تي بندشون ڇا ڪنديون؟

    تنهنجي ديدار تي بندشون ڇا ڪنديون؟
    هن پنهنجي پيار تي بندشون ڇا ڪنديون؟

    فطرتي آ عمل گل سرنهه ٿي جهلي،
    اُن جي ڦولار تي بندشون ڇا ڪنديون؟

    ساز ڪو ڇيڙجي ڪنڌ هزارين هلن،
    ڪنهن به سرتار تي بندشون ڇا ڪنديون؟

    تو تي بندش پئي بند اچڻ ٿي ويو،
    پر تنهنجي سار تي بندشون ڇا ڪنديون؟

    ڪوڙ کي ڪيترو ڪو لڪائي ڀلي،
    سچ جي اظهار تي بندشون ڇا ڪنديون؟

    ڄاڻ اُڀريو وِهائو ۽ اوندهه کٽي،
    پرهه جي پار تي بندشون ڇا ڪنديون؟

    روز سپنن ۾ مون سان ملي ٿو ”شبير“،
    ظاهري يار تي بندشون ڇا ڪنديون؟


    اهڙو دل جو امير ڳولي ڏيو.

    اهڙو دل جو امير ڳولي ڏيو.
    ڪو اڇو جهڙو کير ڳولي ڏيو.

    بي گنهه گُم آ ماءُ روئي پئي،
    تنهن کي ٻچڙو صغير ڳولي ڏيو.

    پنهنجي مطلب لئه پيو جو پيرن تي،
    مون کي ان جو ضمير ڳولي ڏيو.

    جو ٽٽي زور سان سگهي ئي نٿو،
    مون کي اهڙو زنجير ڳولي ڏيو.

    رئيس سچ تي چڙي چيو آهي،
    مون کي جلدي ”شبير“ ڳولي ڏيو.


    مينهن ۾ سُرهاڻ تنهنجي ڳوٺ جي.

    مينهن ۾ سُرهاڻ تنهنجي ڳوٺ جي.
    وئي وڌي واکاڻ تنهنجي ڳوٺ جي.

    تو بنا مون کي پئي کائڻ اچي،
    هر گهٽي بس هاڻ تنهنجي ڳوٺ جي.

    تنهنجو سِر ٿو پنڌ ڪرائي ورنه ٻيو،
    مون کي ڪهڙي ڪاڻ تنهنجي ڳوٺ جي.

    آ گلي سا لڳ ته مان دلبر ڪيان،
    ڳالهه ڪا توساڻ تنهنجي ڳوٺ جي.

    سونهن ۾ ”شبير“ ٿي سَرسي لڳي،
    هر گلي توساڻ تنهنجي ڳوٺ جي.


    بيقدرن جون، ڳالهيون نه ڪريو.

    بيقدرن جون، ڳالهيون نه ڪريو.
    بيدردن جون، ڳالهيون نه ڪريو.

    جيڪي صدما مون کي ڏنائون،
    تن صدمن جون، ڳالهيون نه ڪريو.

    ڪين ميار پراوَن تي آ،
    پر پنهنجن جون، ڳالهيون نه ڪريو.

    ماضي ياد نه ڏياريو مون کي،
    منهنجي من جون، ڳالهيون نه ڪريو.

    منهنجون ٻُڌو ۽ مون کي ٻُڌايو،
    هِن جون هُن جون، ڳالهيون نه ڪريو.

    قومي جذبو ناهي ته پوءِ!
    ’ڀٽ‘ ۽ ’سَن‘ جون، ڳالهيون نه ڪريو.


    ساٿ قسمت نه پنهنجو ڏنو اي مٺا، تو به چاهيو گهڻو مون به چاهيو گهڻو.

    ساٿ قسمت نه پنهنجو ڏنو اي مٺا، تو به چاهيو گهڻو مون به چاهيو گهڻو.
    پاڻ کي گڏ نه ماڻهن سَٺو دلربا، تو به چاهيو گهڻو مون به چاهيو گهڻو.

    وس منجهان تو ۽ مون ڪجهه گهٽايو نه هو، هر قدم تي تڏهن ڀي ٿيون ناڪاميون،
    ڪونه سمجهي سگهيس مان ويو ٿي هي ڇا، تون به چاهيو گهڻو مون به چاهيو گهڻو.

    جن جي راهن ۾ رنڊڪ نه مون ٿي سَٺي، جن جي راهن مان ڪنڊا ٿي مون ميڙيا،
    پنهنجي راهن ۾ رنڊڪ اهي ٿي پيا، تو به چاهيو گهڻو، مون به چاهيو گهڻو.

    مون نه ڪنهن جي چئي جلدبازي ڪئي، راءِ پنهنجي هميشه مون قائم رکي،
    منصفن کان ويا ٿي غلط فيصلا، تو به چاهيو گهڻو، مون به چاهيو گهڻو.

    ڪانه ”شبير“ جي تو شڪايت ڪئي، ۽ نه شبير تنهنجي شڪايت ڪئي،
    ڏوهه پنهنجو نه آ ڊوهه ماڻهن ڪيا، تو به چاهيو گهڻو مون به چاهيو گهڻو.


    هن جو اچڻ ٿي نٿو سگهي.

    هن جو اچڻ ٿي نٿو سگهي.
    منهنجو وڃڻ ٿي نٿو سگهي.

    هن تي هِن هزار بندشون،
    تڏهن ملڻ ٿي نٿو سگهي.

    توکان سوا اي پرين ٻيو،
    منهنجو سڄڻ ٿي نٿو سگهي.

    تنهنجي سڄي سونهن تي غزل،
    پورو لکڻ ٿي نٿو سگهي.

    تنهنجي نظر تي جو ويو چڙهي
    اُن جو بَچڻ ٿي نٿو سگهي.

    مان ٿو زهر کي زهر چوان،
    ماکي مکڻ ٿي نٿو سگهي.

    ڪنهن ٻئي جو نانءُ اي ”شبير“،
    مون کان وٺڻ ٿي نٿو سگهي.


    تنهنجي سامهون نگاهه، ڪير کڻي.

    تنهنجي سامهون نگاهه، ڪير کڻي.
    هوش گم ٿئي ۽ ساهه، ڪير کڻي.

    تنهنجي صورت اڳيان نه سجدو ڪجي،
    ايڏو آخر گناهه، ڪير کڻي.

    هِن ڪپر خالي بيٺي ٻيڙي آ،
    ڪوبه ڪونهي ملاح، ڪير کڻي.

    واپسي ڀي ته آهي ناممڪن،
    هي خطرناڪ راهه، ڪير کڻي.

    ها، وڃان ٿو هليو اڪيلو مان،
    پاڻ سان گڏ گواهه، ڪير کڻي.


    گهڻو روئي ويٺس تنهنجي سار آئي.

    گهڻو روئي ويٺس تنهنجي سار آئي.
    تنهنجي سار ساجن کڻي بار آئي.

    تڏهن خوب خوشبو پکيڙي هلي وئي،
    جڏهن هوءَ کولي وڏا وار آئي.

    اچانڪ اچڻ ٿي ويو ملتوي آ،
    لڳو دل کي جهٽڪو جڏهن تار آئي.

    بهارن جي روپن ۾ آئي خزان ٿي،
    تڏهن ٿي نٿي ڇو شرمسار آئي.

    جُهڪي هٿ ڏئي ڪو جڏهن هيٺ ويٺو،
    اسان جي ضميرن کي ڄڻ گار آئي.

    وسارڻ جي ڪوشش ڪيم جيئن ”شبير“،
    گهڻي ياد تنهنجي وري يار آئي.


    ايڏي اچڻ ۾ دير ڇا معنيٰ؟

    ايڏي اچڻ ۾ دير ڇا معنيٰ؟
    هو ته ڀلا ٻيو خير ڇا معنيٰ؟

    پيٽ سنڌوءَ جو آهي سُڪل پر،
    بند ڏئي ٿو ڀير ڇا معنيٰ؟

    منهنجو مقصد مون کان پُڇين ٿو،
    ڪاريهر! تي پير ڇا معنيٰ؟

    ڌرتي منهنجي ڌاريو ماڻهو،
    مون کان پُڇي ٿو ڪير ڇا معنيٰ؟

    پنهنجي آپي مان ويو نڪري،
    پاءُ سڏائي سير ڇا معنيٰ؟

    ايڏي ڇو ”شبير“ ڀلا آ،
    ماڻهن ۾ ماٺير ڇا معنيٰ؟


    ڪير آ جو سوجهرو، ڳولي پيو.

    ڪير آ جو سوجهرو، ڳولي پيو.
    پنهنجو گهر ٿي اوپرو، ڳولي پيو.

    بي گنهه جا هوءَ ڌماڪي ۾ ٿي گم،
    اُن امڙ کي ڇوڪرو، ڳولي پيو.

    اُلفتون اڻ لڀ ٿيون آهن هتي،
    اُلفتون ڪو بودلو، ڳولي پيو.

    جو نظر کان ڏور نڪري ويو گهڻو،
    ان کي من ڇو اوڏڙو، ڳولي پيو.

    محبتون مشڪل ملڻ آهن هتي،
    محبتن کي، ڪو، نه، ڪو، ڳولي پيو.

    همّتن سان هر شيءِ ملندي آ ”شبير“
    ڇو نه ملندو جنهن کي، جو، ڳولي پيو.


    وري ڪيئن تو پنهنجو بنائي ڇڏيو آ.

    وري ڪيئن تو پنهنجو بنائي ڇڏيو آ.
    ويل وقت واپس ورائي ڇڏيو آ.

    جو ڪمري مان تنهنجي لٿو منهنجو فوٽو،
    ٻُڌو ٿم تو ٻيهر لڳائي ڇڏيو آ.

    ڏکين پيچرن مان وڃي پار پوندس،
    مون رهبر ڀٽائي بنائي ڇڏيو آ.

    نه مسڪين کي ٿو ملي حق جيئڻ جو،
    سڄو ڏيھه ڏاڍن تپائي ڇڏيو آ.

    ڏسي مچ پرايو وڃي هٿ ڇو سيڪيون،
    اسان مچ پنهنجو مچائي ڇڏيو آ.

    ٻين جي سهاري جيئڻ ڪهڙو ”شبير“،
    اسان سڀ ڪي سِر تي وسائي ڇڏيو آ.


    ايتري بي رخي چڱي ناهي

    ايتري بي رخي چڱي ناهي
    ڪا پوي دل ڏکي چڱي ناهي!

    هوش هليو وڃي خدا وسري،
    ايتري مئه ڪشي چڱي ناهي!

    دم هڻي يار ساڻ ياريءَ جو،
    پو رکڻ دشمني چڱي ناهي!

    جيترو ٿي سگهي کُٽائي ڇڏ،
    ڳالهه اڳتي وڌي چڱي ناهي!

    زندگيءَ کان ڇو ايڏي مايوسي،
    ٿو چوين زندگي چڱي ناهي!

    خط خطن تي اچن ۽ ايندا رهن،
    ڪا چٺي آخري چڱي ناهي!

    ڪو ته مون کي اهو ٻُڌائي ”شبير“،
    جدائي ڪيتري چڱي ناهي!


    ڪانه ماريندي جدائي محبتون ساڳيون هجن.

    ڪانه ماريندي جدائي محبتون ساڳيون هجن.
    پيار ساڳيو ئي هُجي ۽ چاهتون ساڳيون هجن.

    تون زماني ساڻ گڏ مٽجين نه شل ساڳيو هجين،
    آهي ناممڪن اهي ئي ساعتون ساڳيون هجن.

    ٿو وڃين پرديس ليڪن اڳ جيان مون واسطي،
    ويندي ويندي تنهنجون مون لئه پارتون ساڳيون هجن.

    چنڊ تي پهتي آ دنيا ڪيئن مان چاهيندس اهو،
    منهنجي مارن جون اڃا ڀي حالتون ساڳيون هجن.

    شل رهي سنڌو سلامت ۽ سنڌي سُکيا هجن،
    سنڌ جي اوطاقن ۾ يارو ڪچهريون ساڳيون هجن.

    پنهنجي چپڙن سان هميشه مان رهان چمندو ”شبير“،
    تنهنجا ٻئي هٿڙا هُجن منهنجون چميون ساڳيون هجن.


    ڪي، ڪي ماڻهو ته اهڙا مٺا ٿا لڳن.

    ڪي، ڪي ماڻهو ته اهڙا مٺا ٿا لڳن.
    ڄڻ ته مصريءَ جا مٺڙا ڳنڍا ٿا لڳن.

    ڪي ته مغرور اکين منجهان ٿا لڳن،
    ڪي ته اکين منجهان التجا ٿا لڳن.

    لفظ مُرڪي ٿو جيڪي لبن مان ڪڍي،
    سي مٺي کير جا ڄڻ وَٽا ٿا لڳن.

    سونهن جا جيئن ڪرڻا پون ٿا اچي،
    چئجي سجدو ڪجي ديوتا ٿا لڳن.

    دل اُبت ڪنڊڙي جان توسان پاڻهي لڳي،
    نيڻ تنهنجا ٻئي بي خطا ٿا لڳن.

    وقت بدليو ته ماڻهو به مٽجي ويا
    هاءِ پنهنجا به اڄ اوپرا ٿا لڳن.

    هيءَ پنهنجي نظر جو آ ڌوڪو ”شبير“
    ڪي ڀلا ٿا لڳن ڪي بُرا ٿا لڳن.


    مان ته گهڻو پي ويٺو آهيان.

    مان ته گهڻو پي ويٺو آهيان.
    مست صفا ٿي ويٺو آهيان.

    خيال مٽائڻ خاطر پيتم،
    درد ۾ ڀرجي ويٺو آهيان.

    رات سڄيءَ ۾ اک نه لڳي آ،
    جاڳي جاڳي ويٺو آهيان.

    تنهنجي خاطر سرتي سهيو مان،
    گرمي سردي ويٺو آهيان.

    آهيان رُٺل پر، نينهن نشي ۾،
    توسان پرچي ويٺو آهيان.

    توکي مٿي ۾ سور نه پئي شل،
    آڌي مانجهي ويٺو آهيان.

    تنهنجي هڪڙي جلوي خاطر،
    کوليو کڙڪي ويٺو آهيان.

    سچ چوڻ مونکان نه ڇڏيو ٿيو،
    نيٺ جُدا ٿي ويٺو آهيان.

    جيئن سُرور شبير ٿيا تيئن،
    تڙپي تڙپي ويٺو آهيان.


    مان هن کي وڻڻ لئه تيار ٿيو.

    مان هن کي وڻڻ لئه تيار ٿيو.
    ويٺو هان سڄڻ لئه تيار ٿيو.

    هن ڪيڏي وڏي دل آهي رکي،
    سڀ ڪجهه آ ڇڏڻ لئه تيار ٿيو.

    ڪاوڙ مان لکيل سڀ لفظ سندس،
    واپس آ وٺڻ لئه تيار ٿيو.

    محبوب سڪايو خوب مگر،
    هاڻي ته ملڻ لئه تيار ٿيو.

    بزدل جي حياتي ڪهڙي آ،
    مارڻ يا مرڻ لئه تيار ٿيو.

    دشمنن ته ڏسو درياء جي مٿان،
    ڌاڙي آ هڻڻ لئه تيار ٿيو.

    مون آھ ٻڌو ته اچي ٿو ’شبير‘،
    ويٺو هان ملڻ لئه تيار ٿيو.


    شهر تنهنجي ۾ اچي، ڀُلجي ويس.

    شهر تنهنجي ۾ اچي، ڀُلجي ويس.
    ڪيئن الئه تنهنجي گهٽي، ڀُلجي ويس.

    کوڙ ڳالهيون توسان ڪرڻيون هُون مگر،
    تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي، ڀُلجي ويس.

    موڪلائي توکان ويس پو ياد پيو،
    اڄ هٿن تي ڏيڻ مٺي، ڀُلجي ويس.

    تو غزل مونکان ٻُڌڻ جيئن هو گهريو،
    تنهنجي آڏو شاعري، ڀُلجي ويس.

    هڪ دفعو تو پيار مان مونڏي ڏٺو،
    تنهنجي ساري بي رخي، ڀُلجي ويس.

    نانءُ تنهنجو ياد آهي هڪ ’شبير‘،
    دوست ٻي سڀ دوستي، ڀلجي ويس.


    ڪيئن ويران من پنهنجو پِرڀائجي.

    ڪيئن ويران من پنهنجو پِرڀائجي.
    دل چيو ڳائجي، دل چيو ڳائجي.

    اُڀ تي اوٿر ڏسي، اڄ ڪا آلاپ سان،
    جُوءِ جاڳائجي، دل چيو ڳائجي.

    ڇيڙي سارنگ پياسي پنهنجي من مٿان،
    بُوند برسائجي، دل چيو ڳائجي.

    ڪو پٿر دل جي ويتر پٿر ٿي وڃي،
    ڪيئن پگهرائجي ، دل چيو ڳائجي.

    هُو جو ٿوري گهڻي تان رسي ٿو ’شبير‘،
    ان کي سمجهائجي، دل چيو ڳائجي.


    وقت گذريل جو ورجاءُ، ڇو ٿو ڪرين.

    وقت گذريل جو ورجاءُ، ڇو ٿو ڪرين.
    گهاءَ تي تون نئون گهاءُ ڇو ٿو ڪرين.

    تنهنجا سُرٻاٽ ڀي مان ٻڌي ٿو سگهان،
    ايترو پوءِ پڙلاءُ ڇو ٿو ڪرين.

    غير لائي ڳلي ساڻ ڪيڏو ڀلي،
    ڀاءُ ٿيندي نه تون ڀاءُ، ڇو ٿو ڪرين.

    جيڪا تنهنجي ڪنن تي نه پهتي ڪڏهن،
    تنهن خبر جو تون ڦهلاءُ، ڇو ٿو ڪرين.

    توکان منصف نٿو جي ٿئي فيصلو،
    ٻن ڌرين ۾ پوءِ ٽڪراءُ، ڇو ٿو ڪرين.

    جي رسڻ جي اٿئي ڳالهه دل ۾ ’شبير‘،
    ڏينهن ٻن لاءِ پرچاءُ، ڇو ٿو ڪرين.


    روز مون وٽ تنهنجون سارون ٿيون اچن.

    روز مون وٽ تنهنجون سارون ٿيون اچن.
    تنهنجون سارون ٿي قطارون ٿيون اچن.

    روز رستن ۾ اٿم تو لئه نظر،
    تنهنجي در تائين نهارون ٿيون اچن.

    اڳئي گلشن کي لڳي وئي باهه آ،
    هي الئه ڪهڙيون بهارون ٿيون اچن.

    ڪيتري ڪوشش وسارڻ جي ڪجي،
    دل ۾ تنهنجون پر پچارون ٿيون اچن.

    ڪونه هڪڙو سڏ به ٿو ورنائجي،
    ڪئين ڪنن تائين پڪارون ٿيون اچن

    کوڙ منڇر ۾ لڪل ماري ڏٺم،
    پوءِ به آڙين جون اڏارون ٿيون اچن.

    پاڻ پنهنجو تون پلي ويٺين ’شبير‘،
    پوءِ ڏَس ڪنهن تي ميارون ٿيون اچن.


    دل جو درياء چڙهيل چڙهيل ٿو لڳي.

    دل جو درياء چڙهيل چڙهيل ٿو لڳي.
    ڇو ته اڄ هو رُٺل رُٺل ٿو لڳي.

    رقص ٽانڊن مٿان ڪندو ٿو اچي،
    باهه جو ڪو پَڪل پَڪل ٿو لڳي.

    واسجي ويون ڳليون هي خوشبوءَ سان،
    هُو شهر ۾ لٿل لٿل ٿو لڳي.

    ڏينهن مان رات ٿي پئي آهي،
    يار جو منهن ڍڪيل ڍڪيل ٿو لڳي

    ماڪ مان باهه ڪا وسي آهي،
    مونکي گلشن سڙيل سڙيل ٿو لڳي.

    مونکي هُن ساڻ گڏ رقيبَ ڏٺو،
    مونتي ڪيڏو تتل تتل ٿو لڳي.

    غيرَ ۾ هُئي همت ڪٿي اي ’شبير‘،
    پنهنجو ان سان ٻڌل ٻڌل ٿو لڳي.


    بُلند پنهنجو مقام رکجان.

    بُلند پنهنجو مقام رکجان.
    عقاب جهڙي اُڏام، رکجان.

    هوا ۾ اُڏندڙ ڪو کڙکٻيتو،
    سو روشنيءَ جو امام، رکجان.

    متان روايت لَڄائين سنڌ جي،
    جا، سام، آهي، سا، سام، رکجان.

    نه وڪڻي پنهنجو ضمير ڇڏجان،
    قلم نه ڪنهن جو غلام، رکجان.

    ٻچو نه ڪنهن جو سمهي بُکن تي،
    نه اهڙو حاڪم ، نظام، رکجان.

    جڏهن چوئي دل هي التجا ٿئي
    اسان جي نالي، ڪا شام، رکجان

    سُرور گهرجي شبير مونکي،
    اڃان به هڪڙو ڪو جام، رکجان.


    تون ڪنهن ڏور ستاري وانگي.

    تون ڪنهن ڏور ستاري وانگي.
    آنءٌ تڪيان تاساري وانگي.

    منهنجا ڳل پياسا ٿر جان،
    تنهنجون مٺيون وسڪاري وانگي.

    مونکي اهڙو پيار نه گهرجي،
    ڏين جو قرض اُڌاري وانگي.

    تنهنجي دوريءَ منجهه لڳان ٿو،
    سيءَ ۾ ساڙيل پاري وانگي.

    تو بن گيت، غزل، ۽ ڪافيون،
    لکجن پيا ڪيڏاري وانگي.

    روز هِتي مظلوم پيا جهپجن،
    بازن جي لاماري وانگي.

    هڪڙي رات گذاري ڏس ڪا،
    تون ڪنهن پيٽ بُکاري وانگي.

    منهنجو پيار بهارن جهڙو،
    تنهنجو درد اونهاري وانگي.

    دل جي تند وڄي ٿي ’شبير‘،
    روز پئي يڪتاري وانگي.


    هو جڏهن کان رسي، ويو آهي.

    هو جڏهن کان رسي، ويو آهي.
    ڪيترو من اُداس ٿيو آهي.

    دل تي يادن جا قافلا پيا لهن،
    تنهنجو وسري وڃڻ ڏکيو آهي.

    دل ته منهنجي به سنڌ جهڙي،
    جيڪو گذريو آ تنهن لٽيو آهي.

    ايترو فاصلو نه رکبو آ،
    تو گهڻو فاصلو، رکيو آهي.

    پاڻ ۾ رات ڀر پيا جاڳون،
    مان، قلم ۽ ٽيون ڏيئو آهي.

    جسم هن جو ته ڄڻ ڀريل ساغر،
    گفتگو ۾ گهڻو نشو آهي.


    ايترا سينگار اڄ ڇو پيا ٿين؟

    ايترا سينگار اڄ ڇو پيا ٿين؟
    يار ايڏو تيار اڄ ڇو پيا ٿين؟

    مون رکي ڪنهن ساڻ ڪانهي دشمني،
    مون مٿان هي وار اڄ ڇو پيا ٿين؟

    مون حياتي گڏ گذارڻ جو چيو،
    پوءِ ڀلا هو ڌار اڄ ڇو پيا ٿين؟

    دوستيءَ جو دم هڻي دشمن ٿيڻ،
    دوستيءَ ۾ ڏار اڄ ڇو پيا ٿين؟

    ڪالهه جن کي تنهنجي خاطر مون ڇڏيو،
    تن سان تنهنجا پيار اڄ ڇو پيا ٿين؟

    جيءَ ۾ جن کي ڏنم جايون ’شبير‘،
    سي مخالف يار اڄ ڇو پيا ٿين؟


    پيار ڇا هي پيار جي معنيٰ نه پُڇ.

    پيار ڇا هي پيار جي معنيٰ نه پُڇ.
    ڇا ته نيڻن جا ها نيشانا نه پُڇ.

    سُور کان سَنڌ سَنڌ هيو واندو ڪٿي،
    دل تان گذريو ڪيئن غمِ جانا نه پُڇ.

    ڏک ونڊڻ لئه روز ٿا گڏجن هتي،
    تون خوشيءَ خاطر هي مئخانه نه پُڇ.

    عشق جو پاڇو نه پيو ٿئي ان کان اڳ،
    سوال اهڙا تون دليرانا نه پُڇ.

    پيار اونهون سمنڊ آهي اي ’شبير‘،
    پيار جي لئه ڪي به پئمانا نه پُڇ.


    لوڀ لالچ ۾ جيڪو اچي ٿو وڃي.

    لوڀ لالچ ۾ جيڪو اچي ٿو وڃي.
    وقت جي وهڪري ۾ وهي ٿو وڃي.

    ڪو، جي آواز حق جو بلند ٿو ڪري،
    اُن لئه ايڏي سزا جڳ ڏڪي ٿو وڃي.

    جيڪو سچ تي وڃي سر جو سانگو سٽي،
    ڊوڙي ميدان ۾ سو ڪُڏي ٿو وڃي.

    هو ڪري خوب سِسين جا لابارا ٿو،
    سِر ڏيڻ ڪو، نه ڪو، ته به سخي ٿو وڃي.

    هيءُ مئخانو آهي، يا اصلاح گهر،
    جو اچي ٿو نصيحت وٺي ٿو وڃي.

    ناتو مضبوط ’شبير‘ جوڙيو انهيءَ،
    جڳ ۾ جيئري ئي جيڪو مري ٿو وڃي.


    ڪنهن به دل مان هڪ دفعو جي پيار ٿو نڪري وڃي.

    ڪنهن به دل مان هڪ دفعو جي پيار ٿو نڪري وڃي.
    ان هٿان سارو هي ڄڻ سنسار ٿو نڪري وڃي.

    ڌاريو هڪ مان هئس ٻيا پنهنجا آهيون پاڻ ۾،
    گُل اوهان ميڙي رکو هي خار ٿو نڪري وڃي.

    ڪاهي آيو اوچتو آ بزم ۾ قبضا گروپ،
    قبضي خورن سان رهي ڪردار ٿو نڪري وڃي.

    ساقي خاني ۾ اوهان جي رند ايندا کوڙ ٻيا،
    ڪهڙو پوندو فرق هي مئخار ٿو نڪري وڃي.

    سونهن جي سرڪار آڏو عاجزي ۽ ادب سان،
    پيار لئه هڻندو صدا پينار ٿو نڪري وڃي.

    تنهنجي محفل ۾ ٿيون مُرڪون خوب ڏسجن روز روز،
    رئندو اڄ شبير زارو زار ٿو نڪري وڃي.


    مونکي توسان نڀائڻو پوندو.

    مونکي توسان نڀائڻو پوندو.
    توکي مونسان نڀائڻو پوندو.

    رنجشون سڀ ختم ڪري ڇڏبيون،
    پيار جو هٿ وڌائڻو پوندو.

    ڇا حياتي الائي باقي آ،
    هاڻي ضد کي هٽائڻُو پوندو.

    ڪجهه نه دل ۾ لڪائي رکڻو آ،
    صاف سچ سچ ٻڌائڻو پوندو.

    هُن کي عرصو رُٺي ٿيو آهي،
    هاڻي اُن کي مڃائڻو پوندو.

    ڌار رهندي ڪي سال گذري ويا،
    سال نئون گڏ ملهائڻو پوندو.

    فاصلو آ صرف انا جو ’شبير‘،
    هاڻ انکي کٽائڻو پوندو.


    اعتمادن کي چوٽون رسايُون ته نه.

    اعتمادن کي چوٽون رسايُون ته نه.
    راز پنهنجا ٻين کي ٻڌايون ته نه.

    ڇا نه پنهنجي مٿان گذريو اي پرين،
    خبرون ٻڌندو رهئين پر تون آيون ته نه.

    پاڻ ۾ نيٺ پرتاسون پاڻهي ٻئي،
    پنهنجو پيرن پيارا پڄايون ته نه.

    تنهنجي لفظن ۾ ميٺاج اهڙو ته آ،
    جڳ ۾ اهڙيون مٺيون ڪي مٺايون ته نه.

    آ ته اونداهه ۾ سوجهرا ڳولهيون،
    چنڊ پويون ٿيون روشنايون ته نه.

    سمنڊ قاتل سڃاڻي ڪيو شور آ،
    پاڻ ويرن کان ان کي بچايون ته نه.

    جي حياتي رهي ميلا ٿيندا ’شبير‘،
    چند ڏينهن جي لئه موڪلايون ته نه.


    آس دل ۾ اها نه رکجان تون.

    آس دل ۾ اها نه رکجان تون.
    بيوفا ۾ وفا نه رکجان تون،

    جنهن سان ٿئي منهنجي دل کي خوشفهمي،
    اهڙي مون ساڻ ها نه رکجان تون.

    هڪ خدا جي فقط خدائي آ،
    ڪنهن به ٻئي کي خدا نه رکجان تون.

    پاڻي ڦيري ڪنهن جي اميدن تي،
    پاڻ ڀي آسرا نه رکجان تون.

    جي نه ويجهو گهڻو اچڻ چاهين،
    پر گهڻا فاصلا نه رکجان تون.

    دوست هڪڙو سچو ئي رکجان ’شبير‘،
    پر گهڻا بيوفا نه رکجان تون.


    چاهتن جو آستانو ناز باغ.

    چاهتن جو آستانو ناز باغ.
    عاشقن جو آستانو ناز باغ.

    صبح سانجهي سونهن جون ڇوليون هتي،
    مُحبتن جو آستانو ناز باغ.

    واس خاطر ڀونئر گلڙن تي ڦِرن،
    گلبدن جو آستانو ناز باغ.

    قلمبند ڪن فطرتي ٿا حسن کي،
    شاعرن جو آستانو ناز باغ.

    ڪنهن نه ڪنهن پارڪ ۾ ڪنهن جو انتظار،
    آسرن جو آستانو ناز باغ.

    ٿا گلن مان روز نئين خوشبوءِ وٺن،
    ٻارڙن جو آستانو ناز باغ.

    پاڻ ٻئي ”شبير“ ملندا آهيون،
    بس گهمڻ جو آ بهانو ناز باغ.


    زندگي ٿي وئي آ گذر ڪيتري.

    زندگي ٿي وئي آ گذر ڪيتري.
    پو به دل ٿي لڳي ڄڻ اَلهڙ ڇوڪري.

    نيٺ ڪڻڪن ۾ ڀي لاب پئجي ويا،
    تون نه موٽئين مگر مند موٽي وري.

    ڪيئن وڃائي ڇڏيسون ننڊن ۾ عمر،
    وقت سان ڪيتري ٿي وئي مسخري.

    دل جو درياءَ اُڀامي پيو نيٺ آ،
    مند آئي نظر سا به هئي اوپري.

    ڇڏ ٻيا ويس پائڻ چري ڇوڪري،
    خوبصورت لڳي توکي ٿي گهاگهري.

    ويهه ”شبير“ توکي ڏسي ڍءُ ڪري،
    هي ملاقات شايد هجي آخري!


    ڪافي

    سار لهي وڃ يار

    سار لهي وڃ يار
    سُهڻل سائين ساڳئي نموني.
    لوڪ سموري کان تون لڪي آ
    پاڻ ۾ ڪريون پيار
    سُهڻل سائين ساڳئي نموني.
    آ ته اکين ۾ يار وهاريئين
    دير نه ڪر دلدار
    سُهڻل سائين ساڳئي نموني.
    جن سان موهيئي سي ئي ڪري آ
    ساڳيا هار سينگار
    سُهڻل سائين ساڳئي نموني.
    قول اسان سان جيئن ڪري وئين
    تيئن پرين سي پار
    سُهڻل سائين ساڳئي نموني.
    پنهنجي ”شبير“ ڏي شوق منجهان اچ
    مل اچي منٺار
    سهڻل سائين ساڳئي نموني.


    اکيون اٽڪي پيون آزار ٿيو

    اکيون اٽڪي پيون آزار ٿيو
    نئون دل جي مٿان وري وار ٿيو.

    اڃان درد اڳيان موجود اٿم
    وڄي سورن جا ويا سُرود اٿم
    ٻيو نينهن ڪيو نابود اٿم
    ٽيون دل تي برهه جو بار ٿيو.

    بي قياسن جي هن بستيءَ ۾
    جيئن ناکي بنا ڪنهن ڪشتيءَ ۾
    مهراڻ هُجي جيئن مستيءَ ۾
    ڪيڏو نه پري پو پار ٿيو.

    جنهن جاءِ سُکيو نٿو ساھ رهي
    تنهن شهر سان ڪهڙو چاهه رهي
    جت روز لبن تي آهه رهي
    پو گل به اُتي ڄڻ خار ٿيو.

    اڳ دردن جا ڪئين ڪوٽ اٿم
    بي درد ڏني ٻي چوٽ اٿم
    ڪئي ڪانه سُکن ڪا موٽ اٿم
    ”شبير“ جيئڻ بيڪار ٿيو.


    هي ٿڌڙيون هوائون هلي جيئن هندورو

    هي ٿڌڙيون هوائون هلي جيئن هندورو
    اسان کان نه وسريو اڃان ڄامشورو.

    ڪيو وعدو ڪنهن هو هٿن ۾ ڏئي هٿ
    ’مڌر ايلسا‘ جي قبر تي رکي هٿ
    هي ٻي ڳالهه آ جو جُڙيو ڪين جوڙو.

    ڪنين راتيون جاڳي ڪٽيون هاسٽل ۾
    ڪي ارمان اڌورا کڻي نڪتا دل ۾
    ڪو ڪنهن جو هو گهورو ته ڪو ڪنهنجو گهورو.

    اچن يادگيرون ڏسي سنڌيالاجي
    نه وسرڻ جي آهي صبح توڙي سانجهي
    جواني وئي پر نه ٿيو پيار پوڙهو.

    اسان وقت گڏجي سڄڻ جو گذاريو
    رکيو ياد ’شبير‘ ناهي وساريو
    ڪٿان کان الائي وريو هي وڇوڙو.


    مٺا موٽ جدائي ماري ٿي

    مٺا موٽ جدائي ماري ٿي
    توکي يار گهڻو دل ساري ٿي.

    جنهن ڏينهن کان توسان دل آ لڳي
    ننڊ نيڻن آهي ڪانه ڏٺي
    تنهنجي پيار پرين جا آهي ڪُٺي
    سا تنهنجي واٽ نهاري ٿي.

    ڪهڙو حال ڏسيان سڀ حال ويا
    اکئين سرمون نه آ چَڳين چيڙهه پيا
    ٿئي جنهن کان جاني يار جدا
    الئه ڪيئن سا پاڻ سينگاري ٿي.

    جا تنهنجي محبت يار مڃي
    اُن کان ته اصل گهر ور ٿو وڃي
    لڪي ڪانه ٿي سڀ ڪنهن سامهون سڃي
    اُها ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري ٿي.

    جو ڪجهه ٿي مٺا تقدير ڪري
    هر حال ۾ سو ٿو سامهون اچي
    تون ڪاٿي رهئين ۽ ’شبير‘ ڪٿي
    اها ڳڻتي دل کي ڳاري ٿي.
    (فنڪار غلام حسين زرداري، ريڊيو خيرپور)


    گُل تنهنجي اڳيان شرمائن ٿا

    گُل تنهنجي اڳيان شرمائن ٿا
    تنهنجي سونهن کان ڪنڌ جهڪائن ٿا.

    تنهنجي گلشن ۾ ٿي ڳالهه هلي
    ٿي گلڙن ۾ ڦڙڦوٽ پوي
    هر گل ٿو پنن ۾ پاڻ ڍڪي
    ٽارين مان لڪي ليئا پائن ٿا.

    تنهنجي ماڻهن ۾ ٿي مقال هلي
    وڻ، ٽڻ ۽ پکين ۾ ٿي ڳالهه هلي
    هڪ ڏينهن نه پر پئي سال هلي
    سڀ ڳالهيون سڄڻ تنهنجون ڳائن ٿا.

    جڳ سارو ٿو ساراهه ڪري
    جيڪو ٿو ڏسي وه واه ڪري
    ڇڏيو چريو ”شبير“ کي چاهه ڪري
    توساڻ لکين لنئون لائن ٿا.


    توکي هاڻ وسارڻ مشڪل آ

    توکي هاڻ وسارڻ مشڪل آ
    ٻي واٽ نهارڻ مشڪل آ.

    تنهنجي اکين جا انداز وڻن
    تنهنجا راز وڻن تنهنجا ناز وڻن
    تنهنجا مٺڙا ٿا آواز وڻن
    توکي دل تان اُتارڻ مشڪل آ.

    تنهنجو پيار سچو تنهنجا قول سچا
    تنهنجا وعدا ڪوڙا ڪونه ٿيا
    توسان پنهنجا وچن سڀ پورا ڪبا
    ڪيئن چئجي پارڻ مشڪل آ.

    منهنجو اوسيئڙو سڄو سال ڪري
    ڇڏيو پنهنجو ”شبير“ تو ’سيال‘ ڪري
    تڏهن توسان ٿو سچي ڳالهه ڪري
    توکان ڌار گذارڻ مشڪل آ.


    تنهنجي پيار ۾ دل ٿي قابو وئي

    تنهنجي پيار ۾ دل ٿي قابو وئي
    اقرار ۾ دل ٿي قابو وئي.

    تنهنجي ڳالهه ڪري ٿڌا ساهه ڀري
    سڄو ڏينهن توکي ٿي ياد ڪري
    تنهنجو نانءُ نٿو ڪنهن پل وسري
    تنهنجي سار ۾ دل ٿي قابو وئي.

    تنهنجا دل کي اهي انداز وڻن
    جهٽ پردو کڻڻ جهٽ منهن کي ڍڪڻ
    خدا حافظ چئي هٿ لوڏي وڃڻ
    ماٺار ۾ دل ٿي قابو وئي.

    رب توکي حسن ۾ ڇڏيو ڀري
    تنهنجي انگ انگ ۾ پئي سونهن بَکي
    ڪهڙي، ڪهڙي ثنا ”شبير“ ڪري
    رخسار ۾ دل ٿي قابو وئي.


    هي حسن جوڀن جواني يار، هوندئي چار ڏينهن

    هي حسن جوڀن جواني يار، هوندئي چار ڏينهن
    سينڌ سُرما اي سڄڻ سينگار، هوندئي چار ڏينهن.

    ناز ۽ انداز ڪر ڀل شور شوخي ڇڏ کڻي
    هي انگل تنهنجا پرين بس آر، هوندئي چار ڏينهن.

    دل نه تڙپاءِ ايتري تون اي مٺا مجبور جي
    ڄڻ ته ڪاريهر ڪُلهن تي وار، هوندئي چار ڏينهن.

    ڇو ڀلا ايڏو ستم ۽ پاپ پيو ڇا لئه ڪرين
    زهر آلوده اکين جي ڍار، هوندئي چار ڏينهن.

    اي ستمگر تو سدائين هي ”شبير“ آهي ڪٺو
    تيز هي ابرن سندي تلوار، هوندئي چار ڏينهن.


    خط لکيم پر يار تائين ڪيئن پُڄي

    خط لکيم پر يار تائين ڪيئن پُڄي
    يار جي درٻار تائين ڪيئن پُڄي

    جو سِڪي ديدار لئه ٿو بدنصيب
    سو ڀلا رخسار تائين ڪيئن پُڄي

    حالِ دل تحرير جو مون آ ڪيو
    سونهن جي سرڪار تائين ڪيئن پُڄي

    جنهن جي درشن سان ٿئي منهنجي شفا
    سو اچي بيمار تائين ڪيئن پُڄي

    جو لفافي جي نٿو طاقت رکي
    سو وڃي پو تار تائين ڪيئن پُڄي

    روز ويٺو ڳالهه هي سوچي ”شبير“
    پنهنجي اکڙين ٺار تائين ڪيئن پُڄي.
    (فنڪار الهداد زرداريءَ جو ڳايل)


    تو لکي جيڪا چٺي لک ٿي لهي

    تو لکي جيڪا چٺي لک ٿي لهي
    مون اکين تي سا رکي لک ٿي لهي.

    تنهنجي الفت جو ڪيان ڪهڙو بيان
    تنهنجي هڪ هڪ بي رخي لک ٿي لهي.

    پيار جي اقرار جي مون ڏي منڊي
    تو مُڪي جا سوکڙي لک ٿي لهي.

    پاڻ ۾ کيچل ڪندي جا اي پرين
    تنهنجي پئي چوڙي ٽٽي لک ٿي لهي.

    ان جي قيمت ڪين ٿي سگهجي ڪٿي
    تنهنجي هڪڙي ئي مِٺي لک ٿي لهي.

    بار سِر تي اڻ ميا مون لئه سهي
    جا ڏنئي مون کي خوشي لک ٿي لهي.

    تو مڃيو آ يار منهنجو آ ”شبير“
    ڳالهه جي آهي سچي لک ٿي لهي.


    عيد اڄ مون ڪانه ڪئي، پر دنيا وارن عيد ڪئي

    عيد اڄ مون ڪانه ڪئي، پر دنيا وارن عيد ڪئي
    مان ويس هڪڙو ئي رهجي ٻين هزارن عيد ڪئي.

    سال ساري جا رٺل پرچي پيا اڄ مون ڏٺا
    پاڻ ۾ اڄ پائي ڀاڪر آهي يارن عيد ڪئي.

    لوڪ ساري ۾ خوشي آ مان پيو رئندو وتان
    ڏک اٿم غيرن سان گڏجي منهنجي پيارن عيد ڪئي.

    بيوفا اڄ ٿا وڻن تون باوفا آهين ”شبير“
    بيوفا کي ڇا خبر ڪيئن بيقرارن عيد ڪئي.
    (استاد محمد يوسف جي ڳايل)


    وري آيو سانوڻ اڃا تون نه آئين

    وري آيو سانوڻ اڃا تون نه آئين
    پرين مون سان پرچڻ اڃا تون نه آئين.

    سڄي رات ويهي اُڀاريو مون سج آ
    ڌنارن ڪڍيا ڌڻ اڃا تون نه آئين.

    سَلا جيڪي سورن جا سيني ۾ سنجريا
    وڌي سي ٿيا وڻ اڃا تون نه آئين.

    پُڇڻ حال مون کان ٻيا کوڙ آيا
    هئي تنهنجي اُڻ تڻ اڃا تون نه آئين.

    جي ”شبير“ سان تو ڪيا قول پهرين
    اهي قول پارڻ اڃا تون نه آئين.


    جي ترسي پئون ٿا محبت نٿا ڏيو

    جي ترسي پئون ٿا محبت نٿا ڏيو
    وڃڻ جي ڪيون ٿا اجازت نٿا ڏيو.

    اسان لئه ستم ۽ اوهان لئه مزو آ
    غضب آهي دلبر ڪا آٿت نٿا ڏيو.

    اڪيلو بنائي اسان کي وڃو ٿا
    اسان جي ته ڪنهن کي به پارت به نٿا ڏيو.

    ڀلي پنهنجي مرضيءَ جي محفل رچايو
    مڙئي خير آهي جي دعوت نٿا ڏيو.

    ڏکن ۾ ٻُڌو ٿا ته ”شبير“ آهي
    اچي بيوسي ۾ ڪا راحت نٿا ڏيو.


    توکان دل پيارا پلي آ نه پلبي

    توکان دل پيارا پلي آ نه پلبي
    دنيا زور لاتا جهلي آ نه جهلبي.

    هزارن جي وچ ۾ ڪيئي ڳالهه ڪَن ۾
    اها ڳالهه ڪنهن سان سَلي آ نه سلبي

    ازل کان اوهان جي ٿي ٻانهي رهي آ
    ڪڏهن ڪنهن ٻئي سان رلي آ نه رلبي.

    سچي ڳالهه سائين اوهان سان ئي آهي
    اوهان ساڻ ڪڏهين الي آ نه البي

    هي ”شبير“ رستا اوهان جا ڏسي ٿي
    ڪڏهن واٽ تنهنجي ڀلي آ نه ڀلبي


    ٿيا اُڀ تي آگم ته تون ياد آئين

    ٿيا اُڀ تي آگم ته تون ياد آئين
    جي سارنگ ٿي ڳايم ته تون ياد آئين.

    وسيو وڏ ڦڙو ۽ ڇَپر سڀ وهي پيا
    ٿي مَنهنَ ۾ ٽِم ٽِم ته تون ياد آئين.

    اُهي هنڌ ساڳيا اهي ماڻهو ساڳيا
    ملڻ ٿيو به جنهن دم ته تون ياد آئين.

    مخالف جي محفل کان واپس وري پيس
    قدم جي هٽايم ته تون ياد آئين.

    فريبي زماني کان ”شبير“ آخر
    جڏهن ڌوڪو کاڌم ته تون ياد آئين.


    ڪيڏو ٿو ڪيان هن سان مان پيار مڃي نه مڃي

    ڪيڏو ٿو ڪيان هن سان مان پيار مڃي نه مڃي
    مختيار آ مرضيءَ جو هو يار مڃي نه مڃي.

    جيڪي مون ڪيا واعدا هُن ساڻ ڪندس پورا
    هو پنهنجو ڪيل مون سان اقرار مڃي نه مڃي.

    ها، راند ڪري هن سان مون سوچيو کٽڻ جو نه آ
    مون هاريو ڄڻ کٽيم، هو هار مڃي نه مڃي.

    وِڦلڻ به لڳو آهي پي شايد ويو آ گهڻو
    هاڻي نه پيئي ته چڱو مئخار، مڃي نه مڃي.

    ديدار ڪرڻ خاطر مان در تي وڃي پهتس
    دربان چيو پيو ڪري سينگار مڃي نه مڃي.

    هٿ هن کي ٻڌي هيڪر هي عرض ڪندس مان ”شبير“
    نه پاڻ کان مون کي ڪري هو ڌار مڃي نه مڃي.


    منهن مَٽيو يارن صفا، پر مون نه يارن کي ڇڏيو

    منهن مَٽيو يارن صفا، پر مون نه يارن کي ڇڏيو
    کوڙ ڀيرا ٿيا خفا، پر مون نه يارن کي ڇڏيو.

    اڄ ٻُڌي منهنجو ڏکن ۾ ڪونه آيو ڪو لڙي
    سُک ۾ هوندا ها ڪَٺا، پر مون نه يارن کي ڇڏيو.

    مون سان گڏ جيڪي سفر ۾ ها بهانا تن ڪيا
    سمجهي ويس آهن ٿڪا، پر مون نه يارن کي ڇڏيو.

    مون ڪئي هر حال ۾ ڪوشش نڀائڻ جي ”شبير“
    هو ويا ٿيندا جدا، پر مون نه يارن کي ڇڏيو.


    ائين مون نه ڄاتو اوهان دل پليندؤ

    ائين مون نه ڄاتو اوهان دل پليندؤ
    ڏکن لاءِ مون کي اڪيلو ڇڏيندؤ.

    ٺلها دل کي ڏيندو دلاسا رهيس مان
    اها پڪ هئي مون کي اوهان ڪونه ايندؤ.

    ڏئي پيار سُک جا ڏهاڙا ڏسي ۽
    وري ڏينهن مون کي ڏکن جا ڏسيندؤ.

    مان ميڙن تي ميڙون پيو موڪليندس
    اميد آهي هڪ ڏينهن آخر مڃيندؤ.

    ملي ويندي ”شبير“ کي نئين جواني
    اوهان پيار بدلي اگر پيار ڏيندؤ.


    وائي

    تنهنجي چٺيءَ مان

    تنهنجي چٺيءَ مان
    ساري سُڌ پئجي وئي.
    تاڪ ورايا تو ڏسي
    گذريس گهٽيءَ مان
    ساري سُڌ پئجي وئي.
    هي بٺي نڪتي ڪچي
    هڪ ئي سُرڪي مان
    ساري سڌ پئجي وئي.
    تنهنجي مٽجڻ جي مون کي
    تنهنجي سرتيءَ مان
    ساري سڌ پئجي وئي.
    پاند نه ميرو مون ٻڌو
    تنهنجي پوتيءَ مان
    ساري سڌ پئجي وئي.
    ڄڻ ٿي خزان مون کي لڳي
    رُت بسنتيءَ سان
    ساري سڌ پئجي وئي.


    ساجن موٽ وري

    ساجن موٽ وري
    توکي ٿو هٿ جوڙيان.
    آهي دل تو واسطي
    جهڙي يار چري
    توکي ٿو هٿ جوڙيان.
    ڪهڙي آهين ويو ڪري
    مون تي جادوگري
    توکي ٿو هٿ جوڙيان.
    من اڱڻ تي ماڪ پئي
    آهي رات ٺري
    توکي ٿو هٿ جوڙيان.
    جيئن ”شبير“ ٿو ياد پئين
    لڙڪ اچن ٿا تري
    توکي ٿو هٿ جوڙيان.


    ساٿي اوري آءُ

    ساٿي اوري آءُ
    سنڌ جا ويهي سور سڻايئين.
    ناحق بند ۾ آهي پيئي
    مٺڙي مارل ماءُ، اوري آءُ
    سنڌ جا ويهي سور سڻايئين.
    ڪونه لٿو آ ماروئڙن تان
    ڏاڍن جو ڏهڪاءٌ، اوري آءُ
    سنڌ جا ويهي سور سڻايئين.
    سنڌ ۽ سنڌين تي ورندو ڪڏهين
    يار وصل جو واءُ، اوري آءُ
    سنڌ جا ويهي سور سڻايئين.
    تنهنجو منهنجو چريا ٿيندو
    ڪيئن وڏيرو ڀاءُ، اوري آءُ
    سنڌ جا ويهي سور سڻايئين.
    غير کي ڇڏڻو ناهي ”شبير“
    پنهنجو پاڻيءَ پاءُ، اوري آءُ
    سنڌ جا ويهي سور سڻايئين.
    (شهيد فنڪار گلشير تيوڻو جو ڳايل)


    مون کان پُڇين ڇا ٿو

    مون کان پُڇين ڇا ٿو
    ڪاٿو ناهي درد جو.
    جبل جيڏا ڏک ڏسي
    هانءُ نه مون لاٿو
    ڪاٿو ناهي درد جو.
    مون تان پنهنجي پيار جو
    جيئن تو هٿ لاٿو
    ڪاٿو ناهي درد جو.
    ڄڻ ته اچانڪ ڄار ۾
    آهي پکي ڦاٿو
    ڪاٿو ناهي درد جو.
    دل تان نانءُ ”شبير“ جو
    جيئن تو سڄڻ ڊاٿو
    ڪاٿو ناهي درد جو.


    ماڻهن پيارن جي

    ماڻهن پيارن جي
    اکڙين سان ڪبي آجيان.
    ايندا جيئن اوطاق تي
    الفت وارن جي
    اکڙين سان ڪبي آجيان.
    سُک جو سڀ ڪو آهه پر
    يار! ڏکارن جي
    اکڙين سان ڪبي آجيان.
    ڪوڙ کي ڪوڙ ئي ڪوٺبو
    سچ جي نعرن جي
    اکڙين سان ڪبي آجيان.
    آيا جڏهن ”شبير“ وٽ
    وڇڙيل يارن جي
    اکڙين سان ڪبي آجيان.


    ساجن لهه تون سار

    ساجن لهه تون سار
    سانوڻ موٽي آئيو.
    وسڪارن ۾ ورڻ جو چئي وئين
    پاڙج سي اقرار
    سانوڻ موٽي آئيو.
    آءُ ته گڏجي کنڀيون کائون
    دل ٿي چئي دلدار
    سانوڻ موٽي آئيو.
    ڌرتيءَ ساوا گاهه اُپايا
    هر هنڌ ٿي هُٻڪار
    سانوڻ موٽي آئيو.
    تو بن منهنجي نيڻن ۾ ٿي
    جهڙي ميگهه ملهار
    سانوڻ موٽي آئيو.
    پنهنجي ”شبير“ سان ملندين جنهن دم
    ٿيندو باغ بهار
    سانوڻ موٽي آئيو.

    (صادق فقير جو ڳايل)


    هر هنڌ آ چرچو

    هر هنڌ آ چرچو
    تنهنجي منهنجي پيار جو.
    راز کي رکجان راز ۾
    ويري آ هر ڪو
    تنهنجي منهنجي پيار جو.
    جت نفرت ٿي ڌار ٿئي
    نڪري اُتان رستو
    تنهنجي منهنجي پيار جو.
    شال نه ڪنهن جي هٿ لڳي
    يار لکيل خط ڪو
    تنهنجي منهنجي پيار جو.
    ”شبّيرَ“ سدا کليل رهي
    بند نه ٿئي در ڪو
    تنهنجي منهنجي پيار جو.


    ساٿي جاڳ سوير

    ساٿي جاڳ سوير
    ڪاني تي سج آيو چڙهي آ.
    چادر اوڍيو پيو تون آهين
    ايڏا ڪر نه انڌير
    ڪاني تي سج آيو چڙهي آ.
    سيءَ ۾ منهنجي سانگيئڙن جا
    ڦاٽي پيئڙا پير
    ڪاني تي سج آيو چڙهي آ.
    تون نه اُٿئين پو سَٽجي ويندا
    ڪچڙا ڪڪوريل ٻير
    ڪاني تي سج آيو چڙهي آ.
    ساٿي سنبري ڄاڻ ته آيا
    پرکج پٽڪن ڀير
    ڪاني تي سج آيو چڙهي آ.
    آهي اڃان ”شبير“ ڀلا ڇو
    ماڻهن ۾ ماٺير
    ڪاني تي سج آيو چڙهي آ.


    چوسٽا

    ڀل ته باغي ٿي وڃڻ جون تهمتون لڳنديون رهن

    ڀل ته باغي ٿي وڃڻ جون تهمتون لڳنديون رهن
    شل نه هيئن تاريخ ۾ لکجي ته ڪو غدار هو
    موت کان پو ڀي هي ڳالهيون هر زبان تي رقص ڪن
    ديس خاطر سِر ڏنئين ڌرتيءَ سان وفادار هو.


    انڌيرن ۾ هٿ سان اسان کي ڌڪو ڏئي

    انڌيرن ۾ هٿ سان اسان کي ڌڪو ڏئي
    الئه ڪير آيا اُجالا کسي ويا
    اي ”شبير“ ماتم لئه مجبور ٿياسيون
    اسان کان اسان جا جمالا کسي ويا.

    ڀل ته باغي ٿي وڃڻ جون تهمتون لڳنديون رهن
    شل نه هيئن تاريخ ۾ لکجي ته ڪو غدار هو
    موت کان پو ڀي هي ڳالهيون هر زبان تي رقص ڪن
    ديس خاطر سِر ڏنئين ڌرتيءَ سان وفادار هو.

    اڇو رنگ ڪڏهين ڦٽڻ وارو ناهي
    محبت جو رشتو ٽٽڻ وارو ناهي
    ڇُٽي گهاوَ زخمن جا ويندي ڏٺاسون
    مگر زخمِ غيرت ڇٽڻ وارو ناهي.

    جي نظرن سان نظرون ملي وينديون آهن
    ته پوءِ رازداريون کُلي وينديون آهن
    ڪي مقصد کي ”شبير“ پهچي وڃن ٿيون
    ڪي راهن ۾ رلندي رلي وينديون آهن.






    توکان ڌار گذارڻ ڪهڙو
    تو بن جيون گهارڻ ڪهڙو
    توسان اهڙي اک لڳي جو
    ٻئي ڏي هاڻ نهارڻ ڪهڙو.

    گهاوَ گولي ۽ ڪهاڙيءَ جا به ويندا هن ڇٽي
    سي ڇٽڻ جا ڪونه آهن گهاوَ جي لفظن ڪيا
    غير آخر غير آهن تن جو ناهي ڏک ”شبير“
    سي ستم وسرن نٿا جيڪي مٿان پنهنجن ڪيا.


    بي خوف رقيبن سان لڙڻ وارا اسان هُون

    بي خوف رقيبن سان لڙڻ وارا اسان هُون
    حق پنهنجو ڇني پورو وٺڻ وارا اسان هون
    الفت ۾ سچائي ۾ صفائي ۾ اي ”شبير“
    هر سور ستم سوز سهڻ وارا اسان هون.

    رڪاوٽ لئه اغيار ايندا رهن ٿا
    بلند پو به معيار منهنجا رهن ٿا
    مخالف نوان راهه منهنجي ۾ اڪثر
    ڪي ”شبير“ ايندا ڪي ويندا رهن ٿا.


    ڪري ڳالهه اُن تان ڦرڻ وارا ناهيون

    ڪري ڳالهه اُن تان ڦرڻ وارا ناهيون
    وڏي هستي کان ڀي ڊڄڻ وارا ناهيون
    اچي ڪنهن به لالچ ۾ ”شبير“ ڪنهن جي
    گلا يا ثنا خود ڪرڻ وارا ناهيون.

    ويس پائي مؤمناڻو ٿا وڙهن
    تن غدارن رهزنن سان ڪيئن ٺهان
    هيئن نٿو ضمير چئي منهنجو ”شبير“
    سنڌڙيءَ جي دشمنن سان ڪيئن ٺهان.

    دل تريءَ تي مون رکي توکي ڏيڻ جي واسطي
    اِن کان وڌ نذرانو الفت ۾ ڀلا ٻيو ڇا ڏيان
    يار جي راضي ٿئي سِر ڀي ڪٽي ”شبير“ ڏيان
    سؤ حياتيون جي ملن ته به مان فدا ٿيندو رهان.

    شهر تنهنجو بيوسيءَ کان دلربا ڇڏڻو پيو
    درد ۾ تنهنجي سدائين بارها رهڻو پيو
    هاڻي سپنن ۾ سُتي توکي پيو ڏسندو ”شبير“
    تو بنان هڪڙي گهڙي ڄڻ سال آ ڪٽڻو پيو.


    هت زبان تي آهي بندش هت عدالت ڪانه آ

    هت زبان تي آهي بندش هت عدالت ڪانه آ
    ڪيئن ملي انصاف هت انصاف سستو ڪونه آ
    يا سزا بي ڏوهه ڀوڳيو يا ته باغي ٿي پئو
    هت بغاوت کان سوا ٻيو ڪوبه رستو ڪونه آ.

    اگر ساٿ حق جو نٿا ڏيو نه ئي ڏيو
    مگر راهه حق ۾ رڪاوٽ نه ڪريو
    اسان پنهنجي منزل کي رَسنداسون پاڻهي
    اوهان واٽ ويندي عداوت نه ڪريو.

    ڏئي منهن تي پردو نه سچ کي لڪايو
    جو سچ آهي ماڻهن کي کولي ٻڌايو
    غدارن کي تاريخ معافي نه ڏيندي
    انهي لسٽ ۾ ڪين نالو لکايو.

    واٽ خطري واري آ سوچي هلو
    رات ڀي ٿي ڪاري آ سوچي هلو
    راهه جي ڪا روشني بڻجي پئو
    هرڪو بڻيو ماري آ سوچي هلو.


    اسان ڏات قومي امانت ٿا سمجهون

    اسان ڏات قومي امانت ٿا سمجهون
    انهيءَ کي لڪائڻ خيانت ٿا سمجهون
    جهُڪي جي لکن ٿا ثنا ظالمن جي
    اسان ڏات اهڙيءَ کي لعنت ٿا سمجهون.

    شاهه عنايت ۽ بلاول جو قسم
    سنڌ جي غدار تي لعنت ڪبي
    پنهنجو ٿي جو غير سان ٿئي سازباز
    تنهن گندي ڪردار تي لعنت ڪبي.

    مٿان سج ساڙي تتل هيٺ ڌرتي
    چهاڙون ٿيل پوتي پاتل پراڻي
    منجهند ٽاڪ جو هيءَ جا ڇيڻا پئي ميڙي
    سا مظلوم نينگر آ سنڌي نياڻي.

    جدا جي ٿيا ها تري لڙڪ آيا
    مليا ته به خوشيءَ مان وري لڙڪ آيا
    اڃا مهل هئي ۽ اڃان آسرو هو
    جڏهن ويل ويئي ٽري لڙڪ آيا.


    هِتان هُو جي هڪڙو پهر ٿي وڃي

    هِتان هُو جي هڪڙو پهر ٿي وڃي
    هي حيران سارو شهر ٿي وڃي
    ٿو پردي سان گذري ته موهي ”شبير“
    جي پردو هٽائي قهر ٿي وڃي.

    خاموشي کان ڀي هان واقف
    ليڪن واڪا ڄاڻان ٿو مان
    ڪهڙو ويٺو باجو وڄائين
    سا، ري، گا، ما ڄاڻان ٿو مان.

    غم جي اوڙاهه ۾ ڀي پاڻ کلڻ ڄاڻون ٿا
    ٽانڊن جي مٿان ڀي ته هلڻ ڄاڻون ٿا
    طوفان جي ٻيڙيءَ کي کڻي ٻوڙي ڀي ”شبير“
    بازُن جي سهاري تي ترڻ ڄاڻون ٿا.

    سچ چئي سوريءَ چڙهڻ آهي ثواب
    سچ کي يارو لڪائڻ ڏوهه آ
    ديس خاطر ڪنڌ ڪٽجي آ ثواب
    ديس ۾ ڌاريا گهرائڻ ڏوهه آ.


    سُک سج جو اُڀاريو ٿئي رات ختم ڀل

    سُک سج جو اُڀاريو ٿئي رات ختم ڀل
    روشن ٿئي زمانو ۽ ٿين فرض ادا ڀل
    هر شهر کي ”شبيّر“ ڏيو آڻي اوهان شعور
    انسان جي رڳ رڳ ۾ اچي خوب وفا ڀل.



    نه ضمير پنهنجي کي ڪو داغ ڪريو
    وڏيري جي در تي سلامي نه ڪريو
    پکين جيئن آزاد اُڏرو فضا ۾
    ڪا شبير ڪنهن جي غلامي نه ڪريو.



    اسان عِلم کي ئي پرائڻ ٿا چاهيون
    جهالت منجهان جند ڇڏائڻ ٿا چاهيون
    ڇڏي گهگهه اوندهه، وڌي روشنيءَ ڏي
    نئين لاٽ يارو جلائڻ ٿا چاهيون.


    هر قدم تي پرين بي رخي تو رکي

    هر قدم تي پرين بي رخي تو رکي
    پو به ٽوڙيو نه مون دوستيءَ جو ڀرم
    ساهه جيسين جسم منجهه هوندو ”شبير“
    منهن مٽيندس نه مان هن مٽيءَ جو قسم.



    ارادن جي حقيقت ۾ اسان وٽ پختگي آهي
    يقين جي روپ ۾ منهنجي سدائين زندگي آهي
    رهي انسان سان منهنجي هميشه دل لڳي آهي
    اهائي آ عبادت ۽ اهائي بندگي آهي.



    هن جي سر ۾ مٽي آهي
    تو ڇو سينڌ سنواري آهي
    ڏکياري کان حال پُڇي ڪو
    ڪوٽن ۾ جا ڪنواري آهي.


    نظم

    ڪندو ديس سان جيڪو غداري

    ڪندو ديس سان جيڪو غداري
    مٿان تنهن جي وهندي آري
    تاريخ ۾ لکبو مياري
    ٿيندو ڌرتيءَ جو ڏوهاري
    ڪندو هر ڪو ان کان بيزاري
    مون ديس تان جند آ واري
    اسان پورهيت ۽ سڀ هاري
    ٿا آڻڻ چاهيون بهاري
    تنهنجا بَر ڀي باغ بنائيندس
    تنهنجو جيجل کير ملهائيندس.


    سنڌڙيءَ جي ثقافت جي جڏهن ڳالهه هُلي پئي

    سنڌڙيءَ جي ثقافت جي جڏهن ڳالهه هُلي پئي
    آ سنڌ اُٿي پئي، آ سڄي سنڌ اُٿي پئي

    هر ٻار ٻڍو جهومي پيو ڳائي جمالو
    سنڌڙيءَ جي ثقافت جو آ هر لب تي حوالو
    رونق آهي رستن تي ۽ کيتن ۾ کُلي پئي
    آ سنڌ اٿي پئي، آ سڄي سنڌ اٿي پئي.
    ڌاريو نه هڻي سگهندو، ڪڏهن ديس تي ڌاڙو
    اَڄ گڏ جي ملهايون پيا، ٻڌيءَ جو هي ڏهاڙو
    مچ وِچَ تي ٻريو مَچَ تي محفل آ مَتي پئي
    آ سنڌ اٿي پئي، آ سڄي سنڌ اٿي پئي.
    هِي سنڌي سنڌيءَ ساڻ ٿو زنجير بنائي
    نئون عهد ڪري جيجل جي ٿڃ ٿو ملهائي
    هٿ آهي هٿن ۾ ۽ آهي ٻانهن ٻکي پئي
    آ سنڌ اٿي پئي، آ سڄي سنڌ اٿي پئي.
    ڪِٿ وائي ڀٽائي جي ۽ نڙ بيت ڳجهارت
    ڪِٿ صوفي اٿيا ساري سچل واري صداقت
    ڪٿ آهي بخاريءَ جي قومي نظم ڇڙي پئي
    آ سنڌ اٿي پئي، آ سڄي سنڌ اٿي پئي.

    هي اجرڪ سان ٽوپي سان آيو آهي هُو
    محسوس ٿئي سڀني مان ٿي سنڌ جي خوشبُو
    هي خوشبو، هُو خوشبو، خوشبو آ کلي پئي
    آ سنڌ اٿي پئي، آ سڄي سنڌ اٿي پئي.
    جي تنهنجو منهنجو رهندو اهو ساٿ سگهارو
    بس اُڀ مان اميدن جو اجهو اڀريو ستارو
    اوندهه ٿي ختم ڄاڻ اجهو باک ڦٽي پئي
    آ سنڌ اٿي پئي، آ سڄي سنڌ اٿي پئي.
    سڏ ساڻ ڏئي سڏ سڀن پاڻ ملهايو
    سنڌ وارا اٿيا سنڌ جو ٿن سڏ ورايو
    ڌرتي سان پنهنجي عشق جي ٿي ڳالهه اڇي پئي
    آ سنڌ اٿي پئي، آ سڄي سنڌ اٿي پئي.
    گَج پائي ڍڪي اجرڪ، ۽ ڳيچ ٿي ڳائي
    آلاپ ڪري جوش مان جوڌن کي جاڳائي
    هالن جي هندوري ۾، جڏهن حور لڏي پئي
    آ سنڌ اٿي پئي، آ سڄي سنڌ اٿي پئي
    مارن کي ۽ مانجهين کي سَگهي ڪير ٿو روڪي
    مهراڻ جي موجن کي سَگهي ڪير ٿو روڪي
    ڇاتيءَ سان هنيو ڇوليون، هلي سنڌو ندي پئي
    آ سنڌ اٿي پئي، آ سڄي سنڌ اٿي پئي.
    ’شبير‘ سندم نينهن ڏسون ڪير ٿو روڪي
    ۽ رات کان پوءِ ڏينهن ڏسون ڪير ٿو روڪي
    رُڪجڻ جي ڪٿي آهي جي هي قوم اٿي پئي
    آ سنڌ اٿي پئي، آ سڄي سنڌ اٿي پئي.


    ظلم ستم سئو ڀيرا هوندا

    ظلم ستم سئو ڀيرا هوندا
    جيسيتائين وڏيرا هوندا

    ايسيتائين ماروئڙن تي
    روز پوليس جا گهيرا هوندا
    جيسيتائين وڏيرا هوندا.

    بنگلن منجهه پيون ٻرنديون بجليون
    جهوپن منجهه انڌيرا هوندا
    جيسيتائين وڏيرا هوندا.

    چوريون ڌاڙا ختم نه ٿيندا
    گهر گهر باهه جا ڄيرا هوندا
    جيسيتائين وڏيرا هوندا.

    اَن جو داڻو مور نه بچندو
    چاهي بلاڪ ۾ ديرا هوندا
    جيسيتائين وڏيرا هوندا.

    مڊل، مئٽرڪ، انٽر ڇا هي
    بي اي پاس به بيرا هوندا
    جيسيتائين وڏيرا هوندا.


    ڪهڙو وري پيو واءُ اَلا، هي ڪهڙو وري پيو واء.ُ

    ڪهڙو وري پيو واءُ اَلا، هي ڪهڙو وري پيو واء.ُ
    ڀاءُ جو دشمن ڀاءُ الا، هي ڪهڙو وري پيو واء.ُ

    يارن ۾ ناهي ياري ساڳي
    پنهنجن مان ويو ساءُ اَلا، هي ڪهڙو وري پيو واءُ.

    پل ۾ رت جي هولي کيڏڻ
    پوءِ عمر پڇتاءُ اَلا، هي ڪهڙو وري پيو واء.ُ

    پيٽ بُکيو پاڙي ۾ انهيءَ لئه
    ناهي اٽي جو پاءُ اَلا، هي ڪهڙو وري پيو واء.ُ

    حال ڏسي ٿي ڳوڙها ڳاڙي
    مٺڙي مارل ماءُ اَلا، هي ڪهڙو وري پيو واء.ُ

    سيال ”شبير“ تون سوچ نه ايڏو
    ٿي نه پوئي سوداءُ اَلا، هي ڪهڙو وري پيو واءُ.


    اهو ئي ساڳيو اکين ۾ پاڻي

    اهو ئي ساڳيو اکين ۾ پاڻي
    خوشي اچڻ جي اسان نه ماڻي
    او سنڌ راڻي، او سنڌ راڻي.
    هو ڏيهي ڏُوران پُڇيو رئن ٿا
    ۽ ديس وارن جا هانءُ ڇڄن ٿا
    وڏن کي رئندو ننڍا ڏسن ٿا
    ته ڇا ٿيو آ سوال ڪن ٿا
    ۽ هر ڪا ناري وتي ويڳاڻي
    او سنڌ راڻي، او سنڌ راڻي.
    وطن سڄي کي هُيون هي آسون
    اسان ٿي آجا اِجهو وياسون
    وطن مان غاصب غدار ويندا
    سُڪار ايندا ڏڪار ويندا
    مگر اها اُڃ نه اُڃ اُجهاڻي
    او سنڌ راڻي، او سنڌ راڻي.
    الائي ڪهڙي هي شام آئي
    هي شام بڻجي قيام آئي
    کلڻ ويو وسري رنو ٿي هرڪو
    هو گهر گهر ۾ ماتم لڇيو ٿي هرڪو
    پتو نه ٿي پيو ڪجي ڇا هاڻي
    او سنڌ راڻي، او سنڌ راڻي.

    سُڪو آ پاڻي سنڌونديءَ جو
    وڏو آ واقعو هي هن صديءَ جو
    پکين وڻن ٿا اُڏار ڪئي آ
    هي گولي ڪهڙي غدار جي آ
    شهيد ٿي وئي وطن جي نياڻي
    او سنڌ راڻي، او سنڌ راڻي.
    سڄي ڪارونجهر ۾ ٿرٿلو هو
    موهن دڙي ۾ ته زلزلو هو
    ڏسي پريشان سڄي خدائي
    لڇي ٿي سنڌ ۽ لُڇيو ڀٽائي
    رُني ٿي مڪلي رني ٿي مياڻي
    او سنڌ راڻي، او سنڌ راڻي.
    جهلڪ لئه جنهن جي ڪروڙين آتا
    پنجاب مان سي اچن ٿا لاشا
    اچن ٿا لاشا اسان لئه تحفا
    ڀلا هي ڪونڌر اڃان به ڪسبا
    هي پاپ ڪڏهين ڪندو پُڄاڻي
    او سنڌ راڻي، او سنڌ راڻي.
    ]شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا[


    هن پاپ ننگر ۾ گهڻو انڌير ڏسان ٿو

    هن پاپ ننگر ۾ گهڻو انڌير ڏسان ٿو
    هي قوم سُتي پئي آ، اڃا دير ڏسان ٿو.

    دولت جي ڪري ظلم ڪيڏا برپا ٿين ٿا
    معصوم ٻچا گود منجهان اغوا ٿين ٿا
    ساٿي نه سڄڻ ڪنهن جو هٿي ڪير ڏسان ٿو
    هي قوم سُتي پئي آ، اڃا دير ڏسان ٿو.

    هت ظلم ستم روز گهڻو زور رهي ٿو
    اشراف ڪميڻي کان ڀي ڪمزور رهي ٿو
    گدڙن کان جڏو هاءِ هتي شير ڏسان ٿو
    هي قوم سُتي پئي آ، اڃا دير ڏسان ٿو.


    داڻي لاءِ سِڪي سو ٿو جيڪو اَنُ ٿو اُپائي
    محنت کان سوا پيٽ وڏو کائي کپائي
    دولت به اڳيان ان جي ٿيل ڍير ڏسان ٿو
    هي قوم سُتي پئي آ، اڃا دير ڏسان ٿو.

    ڪرتوت ڪُڌن کان به نٿو پاڻ بچائي
    بنگلي تي گُهرائي ۽ طوائف ٿو نچائي
    ڪنهن اڌ اگهاڙيءَ کي ٻڌل ڇير ڏسان ٿو
    هي قوم سُتي پئي آ، اڃا دير ڏسان ٿو.

    ڌارين کي ڏيو هٿ هٿن منجهه هلن ٿا
    پنهنجن کان ڪري پاسو ڀڄي وئون ٿي وڃن ٿا
    پنهنجن سان رکيو پنهنجا وتن وير ڏسان ٿو
    هي قوم سُتي پئي آ، اڃا دير ڏسان ٿو.

    ”شبير“ سڄي ملڪ ۾ ماتام متل آ
    جج قاضي مُلان سچ چوي سو به کتل آ
    مان ڪيئن چوان پوءِ هتي خير ڏسان ٿو
    هي قوم سُتي پئي آ، اڃا دير ڏسان ٿو.


    نيڻ کلي جي کڻندو آهين

    نيڻ کلي جي کڻندو آهين
    ڏاڍو پيارو لڳندو آهين

    سينڌ ڪڍي ۽ سرمون پائي
    لوڏي ٻانهن جي هلندو آهين
    ڏاڍو پيارو لڳندو آهين

    ڪنهن ڀي خوف بغير جڏهن تون
    ظالم کي سچ چوندو آهين
    ڏاڍو پيارو لڳندو آهين


    ويل اسُر جو جوڙا جوٽي
    بسم الله جي پڙهندو آهين
    ڏاڍو پيارو لڳندو آهين

    ڏات ڌڻي تون قلم کڻي جي
    سچ سمورو لکندو آهين
    ڏاڍو پيارو لڳندو آهين

    ڦرهي کڻي اسڪول ۾ ويهي
    سنڌي الف بي پڙهندو آهين
    ڏاڍو پيارو لڳندو آهين

    محفل جي شروعات ۾ راڳي
    شعر لطيف جو چوندو آهين
    ڏاڍو پيارو لڳندو آهين

    پنهنجي نالي جي پويان تون
    نانءُ ”شبير“ جو لکندو آهين.
    ڏاڍو پيارو لڳندو آهين


    توتان گهور وڃان، منهنجي سنڌ امان

    توتان گهور وڃان، منهنجي سنڌ امان
    منهنجي سنڌ امان، تنهنجي ڀونءِ چمان.

    تو ۾ ئي سدا سرهاڻ ڏسان مان
    موجن ۾ مهراڻ ڏسان مان
    پوکون جام پَسان توکي سائو ڏسان.

    تنهنجا ڀونگا بنگلن کان بهتر
    تنهنجا لوڙها ڪوٽن کان بهتر
    سهڻا مَنَهه ڇَنا، ڪريان تن جي ثنا.

    تنهنجي مُحبت منهنجي عبادت
    منهنجي عزت تنهنجي حفاظت
    سر تي سور سهان توتي ڪک نه سهان.

    جيڪا ڏسي ويو شاهه ڀٽائي
    ورتي اسان آ واٽ اُهائي
    ٻي ڇو واٽ وٺان، سائي واٽ هلان.

    تو ۾ ھجي ”شبير“ بَهاري
    تنهنجا ڏسان خوش هاري ناري
    تنهنجا ٻهڪن ٻَنا کڙندي کيت پسان.


    مان سينڌ سنڌوءَ جي سجائيندس

    مان سينڌ سنڌوءَ جي سجائيندس
    تنهنجو جيجلَ کير ملهائيندس.

    تنهنجي لوئيءَ جي لَڄَ رکبي، ڪا ميرَ نه ان تي سَهبي
    ڪنهن ميري کنئين جي اک ڀي، سا اک انهيءَ دم ڪڍبي
    ’جيئي سنڌ‘ جي پڙهبي تسبي، توسان محبت ڪڏهن نه گهٽبي
    دم ڏينداسون پر ٻکجي، ڀل سر به وڃي هي ڪٽجي
    سر مان به گهڻن جا اُڏائيندس، تنهنجو جيجل کير ملهائيندس.

    ڪندو ديس سان جيڪو غداري، مٿان تنهنجي وهندي آري
    تاريخ ۾ لکبو مياري، ٿيندو ڌرتيءَ جو ڏوهاري
    ڪندو هر ڪو ان کان بيزاري، اسان ديس تان جند آ واري
    اسان پورهيت ۽ سڀ هاري، ٿا آڻڻ چاهيون بَهاري
    تنهنجا بر ڀي باغ بنائيندس، تنهنجو جيجل کير ملهائيندس.

    سنڌ ساڻ سِرن جا سودا، اسان هيمون هوشو دودا
    جي آيا رستا اوکا، شبيرَ نه هٽندا جوڌا
    سِر ڪونه مٺو ڪندا سوڍا، هي داداگيريون دوکا
    هي ڏاڍ ڏمر جا ڏهڪا، سڀ ختم ٿي ويندا هميشه
    ڪنهن جي آڏو سر نه جهڪائيندس، تنهنجو جيجل کير ملهائيندس.
    (فنڪار دلشير تيوڻو ۽ شهنيلا علي سميت ڪيترن ئي فنڪارن جو ڳايل)


    ٽيڙو

    ڪهڙو هي سماج

    ڪهڙو هي سماج
    رئيس ٺهيل پاڻ
    لٺيون جهلي راڄ.


    ڪهڙو هي ٿيو ڪاڄ
    وينگس جوءِ گهر اندر
    ان تي پيئي پهاڄ.


    ڪهڙو ٿيو هي گهر
    سورهن ساله ڇوڪري
    ستر ساله وَر.


    ڏيئي پوڙهو گهوٽ
    چيئون شڪر ڪر ادي
    سڳو اٿئي سؤٽ.







    ويٺي جهلي ويڻ
    پاڻ پرڻئين نئين ننڍي
    پوڙهي کي ڏئي ڀيڻ.


    تون ٿين محفل مير
    اسان ويهون گلم تي
    ڏيندو گار ضمير.


    ووٽ اچي ويا يار
    ڪاهي پئي ڌوڙ ۾
    وڏيري جي ڪار.


    ٿيندا پوءِ قرار
    علم سان جي واسبا
    غريباڻا ٻار.


    لٿا لابارا

    لٿا لابارا
    اِجهو ان اَڇو ٿيو
    لهندا ڏک سارا.


    وهندي ٿريشر
    هاري خوش ٿيو هو مگر
    نه داڻو پهتس گهر.


    اُڃيو بُکيو ٻار
    آيو جيئن اسڪول ۾
    تيئن کاڌئين مار.


    ڇڏي پڙهائي
    بس ۾ ننڍڙو ٻار ٿو
    کپائي لائي.


    روزيءَ جي ڳولا

    روزيءَ جي ڳولا
    ٿالهه هٿن ۾ ٻار کي
    کپائي ڇولا.


    ڪانه هئي ڪاري
    دولت جي ئي آڙ ۾
    وئي ماري ويچاري.


    هو ڏس هارياڻي
    کنيو وڃي ور لئه
    لوٽي ۾ پاڻي.


    سُڪو سنڌوءَ پيٽ
    هيل به ٿيندو ڪينڪي
    ڪَتي نه ڪو چيٽ.



    هي به ويو گذري سال
    اُڀريو نئين سج سان
    نئون ڪو ڀؤنچال.


    مون کي مٺي نور
    اهو آهي آسرو
    ايندين پڪ ضرور.


    عجب آ تقدير
    لٺيون جهلي ڀولڙو
    کٽيو کائي فقير.


    ٻهه ٻهه پرين ٿي
    ويهي وڃڻي اوٽ مان
    مون ڏي ڏسين ٿي.


    تاجل تنهنجا پيار
    وسري سگهندا ڪينڪي
    مون کان سڀ ڄمار.


    دل تان ڪين لٿام

    دل تان ڪين لٿام
    گڏ، جا گذري صادق سان
    گڍي ڀٽ تي شام
    .

    مور ٽهوڪا ڪن
    ڪارونجهر جي چوٽ کي
    ويڙهي ڇڏيو ڪڪرن.


    توکان منهنجو نانءُ
    ائين دل تان ويو لهي
    جيئن ڪا جهُڙ جي ڇانءٌ.


    فيض1 جي ورسي
    تاجل2، يوسف3 آئيا
    رنگ ويا ڀرجي.


    سچائي اشاعت گهر جا موجوده ڪتاب

    سچائي اشاعت گهر جا موجوده ڪتاب

    1. ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون) سوڀو گيانچنداڻي 200
    2. اونداهيءَ ۾ سوجهرو (خاڪا) يوسف سنڌي 100
    3. نجم عباسي فن ۽ شخصيت يوسف سنڌي 100
    4. پسي تنهنجي تجلي (تذڪرو) يوسف سنڌي 200
    5. لفظ ڳالهائين ٿا (خاڪا) سيد اڪبر 100
    6. حياتي جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون (پنج ڪهاڻيڪار) 100
    7. زندگي هڪ وار وري شروع ڪرڻي پوندي (شاعري) شريڪانت صدف 150
    8. وڃايل مُرڪ (ڪهاڻيون) پرويز 130
    9. دل ڪليسا جي اڪيلي ڪنڊآهي (ڪهاڻيون)مراد قريشي 130
    10. ماڃر جي حور (ڪهاڻيون) پرويز 100
    11. دوزخ مان دري (ناول) محمد انور بلوچ 100
    12. سنڌ جو چنڊ (شاعري) اياز امر شيخ 180
    13. بارش کانپوءِ (شاعري) ذوالفقار سيال 150
    14. ايئن ئي جيئندا رهون (نثري نظم) مشتاق ڀرڳڙي 100
    15. آرس جو ڀڳو هوندءِ (شاعري) سڪندر مگسي 100
    16. چاهتن جي موٽ (شاعري) علي محمد سولنگي 120
    17. ٽڪرا ٽٽل وجود جا (نثر ٽڪرا) اياز امر شيخ 120
    18. سنڌ سوچون ۽ سوال نصير ميمڻ 180
    19. بدلجندڙ دؤر ۽ سنڌ نصير ميمڻ 190
    20. چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي يوسف سنڌي 190
    21. نيرانا ئي نيڻ (شاعري) مريم مجيدي 390
    22. هڪ سنڌ ٻه نظام (ڪرنالاجي) يوسف سنڌي 400
    23. نيرا خواب (شاعري) مير حاجن مير 150
    24. خوشحال سنڌ، بدحال ماڻهو صبيح الدين غوثي/همسفر گاڏهي 400
    25. دوست وراڪو دل سين(خط) سارنگ سهتو 200
    26. اڌ مهينو ايران ۾(سفر نامو) يوسف سنڌي 500
    27. ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون محمد انور بلوچ 300
    28. عڪس، شخص ۽ نقش (خاڪا) يوسف سنڌي 350
    29. سنڌ آئيندي جو اتساھ نصير ميمڻ 200
    30. اکين ۾ رهجي ويل عڪس (ڪهاڻيون) پرويز 130
    31. سونهن سهائي سوچ غلام حسين رنگريز 230
    32. سيوهڻ جون ادبي شخصيتون مير حاجن مير 400
    33. فاطمه فاطمه آهي علي شريعتي/ منور ٻٽ 260
    34. انقلابي جو موت(ناول) انل بروي/ يوسف سنڌي 100
    35. ڏيئو ۽ درياءُ افضل رنڌاوا/ يوسف سنڌي 100
    36. بدلجندڙ دنيا ۽ سنڌ نصير ميمڻ 250
    37. چوٿون چڪر آمريڪا جو آغا ثناء الله خان 350
    38. برف ۾ سڙندڙ ماڻهو (ڪهاڻيون)حڪيم عبدالرؤف/يوسف سنڌي 200
    39. بيجنگ کان بينڪاڪ جي بازارنتائين آفتاب سومرو 350
    40. اقرار به انڪار به(يادگيريون) يوسف سنڌي 460
    41. تون سمجهي ڪونه سگهندين (ڪهاڻيون) جندر/اصغرگگو 130
    42. سڄڻن ياد ڪيوم (خط) مير حاجن مير 200
    43. گولڊ فنگر (ناول) آئين فليمنگ/يوسف سنڌي 300
    44. غلطي (ڪهاڻيون) آغا ثناء الله خان 200
    45. اوٻارا عبير جا(يادگيريون/خاڪا) يوسف سنڌي 490
    46. تاريخ جا ستارا (خاڪا) همسفرگاڏهي 200
    47. پوئين پھر جي چانڊوڪيءَ ۾ (شاعري) اصغر جتوئي 200
    48. سنڌي سماج نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾، ڊاڪٽر غفور ميمڻ 300
    49. الستي مَن مستي (سوانح) يوسف سنڌي 300
    50. حافظ شيرازي(سئو چونڊ غزل) يوسف سنڌي 450
    51. لڄارو عشق (ڪهاڻيون) ملڪ آگاڻي 280
    52. مور ان ملائيشيا (سفرنامو) مورساگر 300
    53. پهريون قدم (ادبي معلومات) ڊاڪٽر منظورويسريو 300
    54. سامرين جي شهر ۾ (شاعري) آثم ناٿن شاهي 300
    55. نه اڀريو چنڊ دل تي (شاعري) فياض چنڊ ڪليري 300
    56. قرآن جو مطالعو مولانا وحيدالدين 250
    57. اسان اڏ جاڻان (ڪهاڻيون) پرويز 200
    58. هل اهي ڀي ڏينهن ها (شاعري) شبير سيال 300
    59. تذڪير القرآن مولانا وحيد الدين 200
    60. اي در جنين ديکيو (سفرنامو) يوسف سنڌي 450

    رابطي لاءِ فون نمبر: 03013640468


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 829
    ڪتابن جو مشاهدو: 1997211
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 528019
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ