سانورين سوچن وارو سانورو شاعر
ٻهراڙيءَ جي سڀاءُ واري سوادي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ پنهنجي پيار، عشق ۽ اُڪير وارا ٻول ٻولڻ وارو اسان جو پيارو ڀاءُ ۽ دوست شبير سيال جنهن سان سالن جي سُڃاڻپ ۽ پنهنجائپ جا پيچ پيل آهن، ان سان لڳ ڀڳ اٺٽيهه سال اڳ پورهيت شاعر ”مسڪين ملاح“ جي مئخاني (درزڪي دڪان) تي ٿيل پهرين ملاقات کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين ٻئي ڄڻا شاعري جي مَڌ جا متوالا بنجي پاڻ ۾ ملندا به آهيون ته شاعري جي سرڪين جو ساءُ سواد به پيا وٺندا آهيون. شبير سيال شاعري جي مٽن مان مون ڪجهه سال اڳ شاعري جو چُڪو پيتو آهي، اسين ٻئي مسڪين ملاح ۽ عاجز ٻگهئي جا همعصر شاعر آهيون، علمي ادبي سرگرمين ۽ محفلن ۾ گڏجي اسٽيجن تي اچڻ وڃڻ به ٿيندو آهي. آئون ٻاهرين پروگرامن ۾ تمام گهٽ شريڪ ٿيندو آهيان، ان ڪري مونکي ادبي لڏي ۾ گهٽ سڃاتو وڃي ٿو. ليڪن اسان جو هي دوست سڏ ٿيڻ سان ڪٿي به وڃي پهچندو آهي ۽ اسٽيجن تي ارڏائي سان وڃي بيهندو آهي. جنهنڪري ادبي ميدان ۾ سندس ڄاڻ سڃاڻ چڱي موچاري آهي. سندس شاعري ۾ سنڌ جي مٽي جي مهڪ ۽ ثقافتي رنگ روپ موجود آهن، سندس شاعراڻي سوچن ۾ سندس جهڙي ئي سانوري رنگت واري چقمقي ڇڪ جيڪا پاڻ ڏي ڇڪي وٺڻ جي سگهه رکي ٿي.
استاد بخاري، احمدخان مدهوش، مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي ۽ مير عبدالرسول مير ان وقت جي ٻين کوڙسارن عوامي لهجي وارن شاعرن ۾ شبير سيال به شامل آهي جن کي سنڌ جي راڳداري وارن امر آوازن دل کولي ڳايو، شبير سيال جي ٻولن کي عام ماڻهوءَ پنهنجي اڌمن ۽ ارمانن جو آواز سمجهي پنهنجو به ڪيو ته پنهنجي يادن جي صندوقن ۾ سانڍي به رکيو. مرحوم چاڪر چانڊئي ” آهيان پيار تنهنجي جو مان پياسڙِي“ ۽ مرحوم جلال چانڊئي ”سڄڻ ٻئي گڏ هئاسين، هل اهي ڀي ڏينهن هوندا ها“ جهڙا سدا بهار ڪلام ڳائي سموري سنڌ ۾ شبير سيال جي ڄاڻ سڃاڻ جا چنگ چوريا. ان کانسواءِ مرحوم ڦوٽي خان زرداري ۽ ٻين ڪيترن ئي لوڪ فنڪارن به سندس اڌمن کي آلاپيو ۽ جذبن کي جيءُ ڀري جهونگاريو آهي.
شبير سيال جي شاعري پتنگن جي جسم ۽ جستجو جهڙي محسوس ٿيندي آهي، جيئن پتنگ مچ تي اچي مِڙندا آهن ۽ اوچائي سان سر سهائڻ ۾ پنهنجي ڪاميابي پائيندا آهن، تيئن شبير جا شاعراڻا خيال به پتنگن جي پهه جهڙا آهن، جن ۾ پوئتي هٽڻ جي ڪابه پرواهه ڪانهي. سندس شاعراڻي مزاحمت مياڻي جي ميدان ۾ هوشوءَ جي ڪيل بغاوت بي معنيٰ زندگي کي معنيٰ خيز بنائڻ لاءِ ئي هوندي آهي، سندس شاعراڻن خيالن ۾ انقلابن جا اوهيرا به آهن ته تيز کان تيز طوفان به آهن.
شبير سيال جي شاعري ۾ حُر تحريڪ جي گوريلن جو غوغاءَ ۽ انهن جي لال لهو جي لالاڻ به ليئا پائيندي نظر ايندي آهي، شبير سيال هڪ پڪو پختو، سهڻو ۽ سيبتو شاعر آهي جنهن وٽ شاعري جي مختلف صنفن جا گلدان سجايل ۽ سينگاريل آهن، جن جو هُڳاءَ به پنهنجو پنهنجو آهي، سانوري رنگت واري سُريلي شاعر شبير سيال وٽ سريليون سوچون آهن جن ذريعي محبت جا ملڪ روز ٺاهي پيار ي ٿو، سندس شاعراڻي سوچ ۾ آبشارن جهڙي اُٿل پٿل ۽ نئين گاج جهڙي تک تيزي ۽ رواني به آهي.
شبير پنهنجي شاعري ۾ سڪ اڪير کي ائين آلاپيو ۽ ساريو آهي جيئن مور پنهنجي ٽهوڪن ۾ سانوڻ کي ساريندو آهي. سندس شاعري وسڪاري لاءِ واجهائيندڙ سمونڊ جي سپن جهڙي اداس ادائن واري به آهي، جيڪا اداس دلين ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪري وجهي ٿي، شبير جي شاعراڻي ٻولي جو مزاج مکڻ جهڙو نرم ۽ ماکي جهڙو مٺاس رکندڙ آهي، جيڪو هر ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ کي پنهنجو ذائقو ضرور چکائي ٿو، سندس خيالن ۾ سادگي جي سونهن آهي جيڪا ساهن کي سڪون آڇي ٿي ، ۽ ڪٿي ته وري تڙپندڙ دلين جون تندون به تڙپائي ٿي، سندس سوچن جي آوت ائين لڳندي آهي، ڄڻ ڪونجون ڪر کنيون قطارون ڪيو پيون اچن، سندس شاعريءَ کي ٻهراڙي جي ٻولن جو پهراڻ پاتل آهي، جنهن تي محاورن، ترڪيبن ۽ استعارن جا گل به ڀريل آهن ته اصطلاحن ۽ تشبيهن جون ٽڪون به ٽاڪيل آهن، ٻولي جي اهڙي سهڻائپ ۾ مصنوعي ميڪ اپ جو ڪو نالو نشان به نٿو ملي، سندس غزلن کي پڙهندي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سندس خيال ڪڪرن جيان ڪاهون ڪندا بنجر دلين جي بنجر زمينن تي برسڻ وارا آهن، مونکي پڪ آهي ته هن ڪتاب ۾ موجود سندس شاعري ٻيهر سُر سنگيت جي ساٿياڻي بڻبي.
پروانو سومرو
قاضي احمد
03073119689