مهاڳ
شبير سيال جي شاعريءَ جو مسودو کوليو ويٺو آهيان ۽ پهرئين ئي غزل تي، منهنجو ڌيان، سندس غزل جي هن توجهه ڇڪائيندڙ شعر تي،اچي بيهي رهيو آهي.
پيو تصوير تنهنجيءَ کي سجدا ڏيان ٿو
اسان جي عبادت اڃان ساڳي آهي
ڏٺو وڃي ته... اسان جي هيءَ سنڌ... شاعرن سان اپرمپار ڀري پئي آهي. تن ۾ ڪي ته واقعي ڀلا، ڪي وري ڍِلا شاعر. ڪن جا خيال اعليٰ، ته ڪن جا وچٿرا ۽ ڪن وٽ عام رواجي لفظ.. ۽ اڌما... بس بحروزن ئي سندن درست. شبير سيال وٽ، اُٿندي ئي مون ٻه ڳالهيون ته خاص نوٽ ڪيون. درست ۽ چُست بحر وزن ۽ ٻيو ڪِي قدر نوان خيال. ۽ گڏوگڏ ٿورا مڙئي روايتي به. ايئن سندس سموري شاعري تي نئينءَ سان گڏ، قديم فضا پڻ ڇانيل نظر آئي اٿم. مثال طور ’انبار‘ لفظ مون کي نٿو سجهي ته ويجهي ماضيءَ ۾ ڪنهن شاعر وٽ بطور ’قافيه‘ جي استعمال ٿيندي مون پڙهيو يا ٻڌو هوندو. ڏسو شبير اهو لفظ ڪيڏي نه ڪمال ڪاريگريءَ سان واپرايو آهي. ٿورو پڙهي ته ڏسو :
جيئن ٿي جدا ويو آ، دلدار دوستو
تيئن ٿيا غمن جا دل تي ’انبار‘ دوستو
روايتي شاعريءَ ۾ ۽ خاص ڪري مشاعرن ۾ پڙهڻ جي لاءِ، هوشيار شاعر، هميشه ’دلچسپ رديف قافين“ تي ٻڌل غزل جوڙيندا آهن، جيڪي مشاعرن ۾ شاعرن کي، زبردست داد ڏيارڻ ۾، پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. شبير هي جيڪو هيٺيون غزل... ”پوڻ جو فيصلو ٿي ويو. “ رديف قافيه تي مهارت سان جوڙيل آهي. پڪ سان کيس ڪنهن مشاعري ۾ ڏاڍي داد ۽ واهه واهه ڏياري چڪو هوندو.
اسان جو پاڻ ۾ پرچي پوڻ جو فيصلو ٿي ويو
حياتي ڀَر سڄڻ سان گڏ رهڻ جو فيصلو ٿي ويو
اسان جو شبير، جواڻ جماڻ شاعر آهي ۽ دور حاضر جو جديد ۽ سٺو شاعر پڻ، پر هن جو بطور شاعر، پراڻي مطالعي منجهان به پورو پورو لاڀ پرايل ٿو ڏسجي. مثال طور ماضي وارن غزلن جا جيڪي من پسند لفظ هوندا هئا. جيئن گلشن... حاذق... ڪيف قرار، مخمور، فسانو ۽ مئڪش وغيره... اسان جي هن شبير کي به ڪو ڏاڍا وڻن ٿا ۽ نه فقط وڻن ٿا، پر هو انهن کي ڏاڍي دلچسپي ۽ شان سان واپرائي به ٿو. پر ڳالهه حق جي ڪبي، هو گڏوگڏ انهن ۾، نئون ۽ جاڳرتا ڀريو روح به، ڦوڪڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو آهي.
اُٿ مجاهد، انتظارن ۾ ڏسون ٿا انقلاب
هر قدم مظلوم جو مان، باغيانو ٿو ڏسان.
شبير جي غزل ۾، مون کي هن جي هڪڙي ڳالهه خاص طرح سان به وڻي. ڪهڙي؟ اجهو هيءَ:
پاڻ جهڙن ساڻ ئي دل لائجي
ڀُلجي ڏاڍن سان نه اک اٽڪائجي
پر مصيبت هيءَ به... ته هڻي ڌُڻي پاڻ جهڙي ڪنهن سان، دل لائڻ جي ڪوشش به جي ڪبي آهي، ته اهو به نهايت جلد ڏاڍن وانگر ”ڏاڍو“ ئي ٿي، ڏاڍ ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. سو بهرحال، پاڻ جهڙن سان پيار ڪرڻ جي ڪهاڻي به هن شعر تي اچي ختم ٿي وئي.
سونهن وارن هي ڪيو آ فيصلو
هر دفعي ’شبير‘ کي ڪس لائجي
ڀٽائي صاحب، پنهنجي رسالي جي بيت بيت ۾ انسان ذات کي، پاڻ ۾ ايڪي ۽ اتحاد قائم ڪرڻ جو... گهڻي ۾ گهڻو درس پئي ڏنو آهي. ”وڳر ڪيو وتن“ يا ”ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ، وغيره“ اچو پاڻ ۾ هڪ ٿيو، هڪ ٿيو... ۽ اهو، هر قوم جي سرواڻ جو به هوڪو ۽ سدا کان نعرو رهندو اچي، شبير به هي ايئن ئي ته چئي، پنهنجو فرض نڀايو آهي.
دشمنن لئه تيغ ٿيو ۽ تير ٿيو
پر اي يارو، پاڻ ۾ ”کنڊ کير“ ٿيو
ته يارو! ڏٺو اوهان... ايڪي... اتحاد ۽ پاڻ ۾ ٻڌي پيدا ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي، شبير پنهنجي شعر ۾، هي ڪيڏو نه، سهڻو لفظ استعمال ڪري ويو آهي. ”کنڊ ۽ کير“ واهه شبير واهه... پر ساڳي وقت هي شبير عاشق زهر پياڪ به ته لڳو اٿم. جي ها! آر پار عاشق. تڏهن ئي ته هي شعر لکيو اٿس.
پرين زهر ڏيندا خوشيءَ سان پي وڃبو
رقيبن جو شربت به هاري ئي ڇڏيو
پاڻ واري نوري نماڻي ۽ ڪينجهر جي ڪنارن بابت، ڀٽائي صاحب کان وٺي شيخ اياز تائين، ڪهڙا ڪهڙا نه دل ڇهندڙ شعر انهن شاعرن پئي لکيا آهن. اياز صاحب ته انهن ڀيڻين کي ڏسي، دانهن به ڪئي هئي. ”نه تڙ تي تماچي، نه گندري گذارا... اسارا اسارا ڪينجهر جا ڪنارا...“ شبير سيال به، ان ساڳي ئي خيال کي پنهنجي هن شعر ۾، جيئرو ڪري پيش ڪيو آهي.
ڪانه هئي نوري، نه تڙ تي ڄام هئو
”تڙپندي“ ڪينجهر ڏسي، حيرت لڳي
خاص ڪري شبير ”تڙپندي ڪينجهر ڏسي“ جهڙي نئين ترڪيب ٺاهي، ڪينجهر ڍنڍ جي تڙپ، اڪيلائي ۽ بي سڪونيءَ کي اسان جي اکين جي اڳيان آڻي ڏيکاريو آهي. اجهو ان ساڳي ئي غزل جي هِن شعر ۾ به هُن ڪيڏو نه درد، تڙپندي اسان کي ڏيکاريو آهي.
شهر جي هر چؤنڪ تي چاڪنگ هئي
ويو ”ڪُسي ڪونڌر“ ڏسي، حيرت لڳي
خير”تڙپ“ جي ڳالهه تي پڙهو ته، امداد حسينيءَ جو هي هڪڙو شعر به ان ڏس ۾ مون کي، سدائين کان تڙپائيندو رهيو آهي. ڀلا ڪهڙو شعر..؟ اجهو هي:
رات توکان سوا، وري آئي
پاڻ کي هانوَ تي ”ٻري“ آئي
اَلاڙي! اجهو ان لفظ ”ٻري آئي“ تي منهنجي دل کي سدائين کان ڪيڏي نه تڪليف پهچندي رهي آهي. شبير سيال به ان ”ٻري“ لفظ کي، پوري شدت سان واپرايو آهي.
اوهان ٿا گذاريو، پري زندگي
هتي پئي اسان جي، ٻري زندگي
اکيون ڪنول، اکيون ستارا... اکيون ڍنڍ... ۽ نهار تلوار... ٻنگا ٻاڻ... ۽ ٻيا به اکين لاءِ سنڌي شاعرَ ڪهڙا نه ڪهڙا... استعارا ۽ تشبيهون، ٺاهيندا ۽ گهڙيندا رهيا آهن. شبير سيال وري، معشوق جي اکين جي اُڦٽ مار کي، هن ريت اظهاريو آهي.
تنهنجي نيڻن ۾ سمنڊ ماٺيڻو
جيڪو ڏسندو آ، سو ٻُڏي ٿو وڃي
هتي شبير جي نئو ورني جي سهاڳ واري سينڌ لاءِ، هيءَ به ڇا ته خوبصورت تشبيهه.
سينڌ سنڌو ندي ٿي لڳي
اک به ڪينجهر، ڪنڌي ٿي لڳي
ايئن هي سڄو غزل مرصعَ ۽ نج نبار سنڌي زيورن ۽ هار سينگار سان ٽمٽار آهي:
ٻانهن ۾ چوڙيون ٿيون ٺهن
چيلهه تي ڇا سڳي ٿي لڳي
اردو شاعر مير تقي مير... چون ٿا، ڏاڍو نازڪ سڀاءُ ۽ نفيس شاعر هوندو هو. محبوب جي شان ۾ سندس هڪڙو شعر آهي.
نازڪي ان ڪي لب ڪي، ڪيا ڪهيئي
پنکڙي اڪ گلاب ڪي سي هئه
شبير جو هي شعر، مير صاحب جي ان شعر کان... ڀلا ڇا ۾ گهٽ آهي؟
پيار جي پهرئين اظهار ۾
چَپ ها ڦڙڪيا ڪيترا
اسان جو هي شاعر شبير، ٻهراڙيءَ ڄائو شاعر آهي. ان ڪري هن کيتي ٻاڙيءَ، پوکي راهي ۽ ثقافتي اوڇڻن جا، وک وک تي ڏاڍا خوبصورت خوبصورت لفظ ڪتب آندا آهن... مثال طور، ڪڻڪن ۾ لاب... لابارا... گج پڙا... ووئڻاٺيون ڪاٺيون... ماکي مصري... اجرڪ ٽوپي... ۽ اهڙن لفظن کي استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪيڏو نه اشارن ئي اشارن ۾، هڪ شعر اندر، ههڙو سنيهو به پوشيده رکي ويو آهي.
ٽارچ ٻاري، ڪير آن... پُڇين ٿو
پنهنجا پنهنجا، پنهنجا آهيون
ان غزل جي هڪ شعر ۾ هي چتاءُ به-واهه! واهه!
پاڻ ته سادا سادا آهيون
ليڪن وڄ وراڪا آهيون
شبير... قاضي احمد واري خوبصورت ’ناز باغ‘ تي به، ڇا ته خوبصورت ۽ مسلسل غزل لکي ڏيکاريو آهي، جنهن جي اکر اکر مان ڄڻ رنگ رنگ جي خوشبو پئي ڦٽي نڪري.
واس خاطر ڀؤنر اُڏندا ٿا رهن
بلبلن جو آستانو، ناز باغ
ٻاتيون ٻوليون ڪيو گل ٿا ڇنن
ٻارڙن جو آستانو، ناز باغ
مينهن جي موسم، هي ماڻهن کي ئي ڇا، پکين جي روح ۾ به خوشيون ۽ شادمانيون ڀري ڇڏيندي آهي. ڀٽائي صاحب به چون ٿا.. . آسمان تي ميگهه ملهار ۽ ڪڪر ڪارو نڀار ڏسندا هئا ته، بي اختيار چوندا هئا. ”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جاويس ڪيا“. شبير به اُڀ تي جُهڙ جهڙالا ڏسي ٿو ته بي اختيار چئي ٿو ڏئي...
ٿيا اُڀ تي آگم ته تون ياد آئين
جي سارنگ ٿي ڳايم ته تون ياد آئين
يا.... مينهن وسي وڃڻ کان پوءِ، هي پکي به ڪيڏا نه خوش خوش نظر ايندا آهن ۽ ٻئي پاسي ماڻهوءَ جي دل به دور دور تائين پسار ڪرڻ ۽ آسمان جا ڪنارا ڇهڻ لاءِ پئي من کي هرکائيندي آهي... پر هاءِ-هاءِ! هي مينهن سڳورو جي ڪن ساهه وارن لاءِ رحمت آهي ته، اُتي ڪن غريبن لاءِ وري زحمت به بڻجندو آهي. شبير اهڙا ڏک ڏاکڙا به ان ساڳي ئي غزل ۾ سمويا آهن:
وسيو وڏ ڦڙو ۽ ڇپر سڀ وهي پيا
ٿي مَنَهَنَ ۾ ٽم ٽم، ته تون ياد آئين
شبير جي غزل ۾، هونئن ته هر رنگ آهي، جديد به ته قديم به. پر ان ۾ ڪافي رنگ به هن گهڻو ئي رکيو آهي. ان انداز کي سنڌيءَ شاعريءَ ۾، سچل سرڪار گهڻو رائج رکيو هو، خاص ڪري هن ڪافي رنگ غزل ۾...
عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي!
عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ اباسي
شبير وري پنهنجي انداز سان هڪ غزل ۾ هي ٻيو ڪافي رنگ نمونو به رکيو آهي.
تو کي مرڪڻ جي ڪاريگري ٿي اچي
دل ڦرڻ جي به جادوگري ٿي اچي،
ريءَ سينگارجي هوءَ اچي ٿي مگر
جنهن مَهَل ٿي اچي، ڄڻ ٻري ٿي اچي
سنڌي سماج، پوءِ اُهو شهرن ۾ نظر اچي يا ڳوٺن ۾، اڻ پڙهيل حضرات ڳوٺن ۾ واندڪائي جي وندر لاءِ هوٽلن ۾ پهرن جا پهر ويٺل نظر ايندا. ايئن شهرن ۾ وري پڙهيل لکيل حضرات... جيم خانه، ڪلبن، ۽ رنگ رنگ جي نالن وارن فوڊ شاپس ۽ ريسٽارنٽس تي وقت زيان ڪندا آهن. ۽ هاڻي ته حالت اها آهي جو وڏا ۽ بزرگ ته ڇڏيو، بالغ ۽ نابالغ...سڀ چاٽ چٽورا بڻجي پهرن جا پهر شهر جي فوڊ هائوسز جي آڏو يا ته بيٺل يا وري اتي ڪلاڪين مُنهن ويٺل نظر ايندا آهن... ته بس اڄڪلهه واري هن نئين دور جي اهائي... وقت تباهه ڪندڙ تفريح به بنجي چڪي آهي. شبير پنهنجي انداز سان ان تي به طنز ڪئي آهي.
سڄي دنيا ۾ ماڻهو مصروف آهن،
سنڌي ماڻهو هاءِ، اڃان هوٽلن ۾.
شبير وايون پڻ... ذوق شوق سان لکيون آهن. انهيءَگهاڙيٽي ۾ به، سندس ڪي ڪي سٽون.... واقعي به سٺيون سٺيون نظر آيون اٿم. جاندار ۽ زوردار . مثال طور هي ڏسو:
ڪيسين رهندي رات،
نيٺ ته ٿيندو سوجهرو!
.....
من اڱڻ تي ماڪ پئي
آهي رات ٺري
....
تنهنجي چٺيءَ مان
ساري سُڌ پئجي وئي
”ڪافي“ صنف به شبير ڪامياب چئي ڏيکاري آهي. يا چوان ته سٺي لکي آهي. چوندا آهن. ڪافي اهو شاعر لکي سگهندو. جيڪو جهونگاري ڄاڻندو هوندو.... سوچيم، شبير... ڪافي صنف جو لکي ٿو، ته معنيٰ، پڪ سان جهونگاري به سگهندو هوندو. خير هو ڳائي ڄاڻي ٿو يا نه، باقي هي ٻول ٻڌائين پيا، ته اُهي هن پڪ سان ته جهونگاري ئي لکيا آهن.
تنهنجي ڳالهه ڪري ٿڌا ساهه ڀري
سڄو ڏينهن توکي دل ياد ڪري
تنهنجو نانءُ، نٿو ڪو پلُ وسري
تنهنجي سار ۾ دل ٿي قابو وئي.
....
تنهنجي ماڻهن ۾ ٿي مقال هلي
وڻ ٽڻ ۽ پکين ۾ ٿي ڳالهه هلي
هڪ ڏينهن نه، پر پئي سال هلي
سڀ ڳالهيون سڄڻ تنهنجون ڳائن ٿا
شبير.... هونئن ته، نظم به سٺا لکيا آهن ته ٽيڙو به، پر غزل، وائي ۽ ڪافي صنف ۾ سٺڙي سٺڙي شاعريءَ ڪرڻ تي او، اسان جا پيارا.... جان جگر دوست شبير سيال...!! توهان کي لک لک واڌايون ڀاءُ... سٺو سٺو لکندا رهو، جنهن کي پيار پيار سان اسان پڙهندا رهون ۽ پڙهندا ئي رهون...
نصيرمرزا
حيدرآباد 26.04.2016