خوابن جي ساڀيان جهڙي شاعري
شاعري جا هونئن ته ڪيترائي حوالا هجن ٿا، پر اهو طئي آهي ته شاعري اندر جي اُپٽار آهي ۽ شاعر اهو خوشقسمت انسان آهي جيڪو ڪنهن به دل جي ويران رِڻ تي ڪنهن سانوري ۽ بانوري ڪڪر جيان وڏ ڦڙي جيان وسي دل جي ڌرتيءَ کي سرسبز ۽ شاداب ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شاعريءَ کي ڪلاسڪ صنفن ۾ سڀ کان وڌيڪ مانائتو تصور ڪيو ويندو آهي.
ڪيترائي دستاربند اديب، شاعر ۽ نقاد شاعريءَ ۾ درجابندي ڪندي اُن کي موزون ۽ غير موزون قرار ڏيندا رهيا آهن. ساڳيءَ ريت ڏيهي ۽ پرڏيهي صنفن مان اڪثر شاعرن جي اوليتن ۾ ڪجهه به هُجي ته پنهنجون ڪلاسيڪل شاعريءَ جون صنفون ان ڪري به اوليتن ۾ شامل نه آهن جو انهن کي گهڻو تڻو غير موزون شاعري تصور پئي ڪيو ويو آهي، پر حسن، اتفاق چئجي يا ٻيو ڪجهه جو جنهن شاعريءَ ۾ ترنم، رڌم، لئه ۽ سُرتال وڌيڪ آسانيءَ سان موجود آهي، سا اهائي شاعري آهي جنهن کي غير موزون قرار ڏنو ويو آهي.
هڪ پاسي حد بندين جا حامل نقاد آهن ته ٻئي پاسي جُڳن کان جيءَ ۾ جايون والاريندڙ شاعري، ڪافي، وائي، بيت ۽ ٻيون ڪيتريون ئي لوڪ ادب، لوڪ شاعريءَ جون صنفون آهن، جن پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي. ٻئي پاسي سنڌ سميت سموري ڏکڻ ايشيا ۾ شاعريءَ جي حوالي سان قديم ۽ جديد جو سنگم خوشگوار حيرت جو باعث آهي.
اسان جو هي شاعر دوست شبير سيال توڙي جو ڇپيو گهٽ آهي، پر سندس شاعريءَ کي سنڌ جي ڀلوڙ عوامي راڳين، ڦوٽي زرداري، جلال چانڊيو، انور حسين وسطڙو، چاڪر چانڊيو، الهداد زرداري، امام بخش زرداري، فوزيه سومرو، ثمينه ڪنول فقير محمد مستانو، امين زرداري، شهنيلا علي، حميد راڄپر،انور زرداري، بشير جتوئي، محمد يوسف، محمد قاسم اوٺو، ممتاز لاشاري، گلشير تيوڻو، دلشير تيوڻو، لطيف چانڊيو، غلام حسين زرداري، عبدالستار ڪاڪيپوٽو، محمد صديق ڌاريجو، اعجاز خاصخيلي، محمد عرس چانڊيو، صادق فقير ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن جي آوازن ۾ هوائن جي دوش اسان جي سماعتن کي سڀاويڪ پئي لڳيون آهن. سندس شاعريءَ جو عشق مجاز کان سواءِ عرفان ۽ معرفت جي حسين رنگن سان آهي، پر هن جي شاعريءَ ۾ قومي، عوامي ۽ انقلابي اُهاءَ به آهي، جنهن نه رڳو سنڌ پر هند سميت ڏيهه پرڏيهه ۾ رهندڙ اهل دل ماڻهن جا من موهيا آهن. سندس شاعريءَ جو سرسري جائزو وٺبو ته شاعريءَ جي حوالي سان هن وٽ قديم ۽ جديد جو خوبصورت سنگم پڙهڻ، پرجهڻ ۽ ٻُڌ سُڌ لاءِ ملندو.
شبير سيال جي شاعري خيالي توڙي خواب جي ترجمان شاعري هجڻ سان گڏ جماليات جي مظهر پڻي لاءِ هن جي داخليت ۽ خارجيت پڻ بامعنيٰ آهي. سندس شاعريءَ ۾ اشارا ۽ ڪنايا گهٽ پر سڌي راند سونٽي جي نسبتاََ وڌيڪ آهي.
گهڻ پڙهيا دوست سندس ان ادا کان ”خفا، خفا“ رهن ٿا، پر هي وري انهن جي ان ”خفا کي جفا“ سمجهي ٿو.
پنهنجي من پرين پياري شاعر جي گهڻ رخي شخصيت هوندي به هن جو هڪ رنگ نمايان آهي. ويهن، پنجويهه سالن کان شاعراڻي رياضت ۾ هن جي شاعري مٿي بيان ڪيل محور ئي آڌاريل پئي رهي آهي.
جيڪو سمجهي جيئن، تنهن لئه آهيون تيئن،
پر اصل آهيون هيئن، جو هلون پيا هنگلاج ڏي.
جي تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ننڍي کنڊ جي وڏي مدبر ۽ نئين سنڌ جي سرجڻهار محترم سائين جي ايم سيد چيو ته قومي تحريڪ کي رڳو تنظيم جي تناظر ۾ ڏسڻ صحيح نه ٿيندو، ڇو جو قومي تحريڪ گهڻ پاسائين جدوجهد جي حامل هوندي آهي، جنهن جو مثال ڏيندي سيد محترم چيو ته جيئي سنڌ اڄ تنظيم ته سڀاڻي پارٽي ٿيندي، ان ڪري سنڌي ادبي سنگت کي ادبي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن کي قومي تحريڪ جي سماجي خدمتن وارو شعبو تصور ڪريون ٿا.
نه رڳو ايترو پر سيد صاحب سنڌ جي ٻهڳڻي شاعر ابن حيات پنهور کي اها ذميواري سونپي هئي ته هو ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ جديد جي شاعري کي مرحليوار ترتيب ڏئي اشاعت هيٺ آڻي. انهيءَ پسمنظر ۾ ڏسبو ته سيد صاحب جي اها تاريخ ڏانهن ذميواراڻي رويي ۽ قوم جي نئين سر تعمير ۽ تڪميل جي ڪوشش ۽ ڪاوش هئي. هاڻ جڏهن اسين پنهنجي سدا بهار شاعر دوست جي شاعريءَ جي قومي، علمي، ادبي ۽ سماجي وابستگيءَ جو جائزو ٿا وٺون ته هي اسان کي نئين معيار جو ڪافي حد تائين قريب ٿو ڏسجي. اچو ته هن جي شاعريءَ جي روپ- سروپ اندر جي اظهار ۽ ادبي/ نظرياتي بيهڪ، سونهن، ۽ سنڌ بابت جا سون سريکا خيال پڙهون پرجهيون.
شاعري توڙي جو محبت جي اصل اجهل جذبن ۽ امنگن کي اظهار ڏيڻ جو واحد ذريعو نه آهي، پر پوءِ به اها آهي باڪمال، جيئن ڀٽائي چيو ته:
ڪاتب لکيو جيئن، لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
لطيف سائين جي هن شعر جي تشريح توڙي جو ڪيترن ئي جاين تي جيئن جو تيئن ٿيل آهي، پر پوءِ به جڏهن ۽ جتي اڃا به ان بيت جي جزئيات ۽ باريڪين تي سوچبو يا اڃا به ائين چوان ته هن بيت جي روح جي گهراين ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته حسن و جمال جو آئينه دار لڳندو. هي بيت هونئن به مرشد لطيف سميت ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل دور جي شاعريت، بيت، وائي ۽ ڪافي/ شاعري سميت سرزمين سنڌ جي ڪمال فن جو شاهوڪار ورثو ئي نه پر شاهڪار به آهن.
دور حاضر جي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن مٿينءَ تناظر ۾ ڪو تسلسل آهي يا هجي ته ان جي اهميت ۽ افاديت زمانن کان زمانن تائين قائم دائم رهندي.
اسان جي هن مانواري شاعر جي شاعريءَ کي مٿئين معيار تي پرکڻ جي گهڻي نه ٿوري به ڪاوش ڪري ڏسبي ته پڙهندڙ کي هن جي شاعري پنهنجن جمالياتي، قومي ۽ عوامي اُمنگن جي قريب تر نظر ايندي. هونئن به شاعري پڙهندڙ جي لاءِ ڪيتريون ئي آسانيون ميسر ڪندڙ صنف لطيف آهي، جو اها پڙهي پرجهي سگهجي ٿي، جهونگار سان جيءُ جياري سگهي ٿي، راڳ جي صورت ۾ اها داخلي، خارجي طور تي ردوبدل جو باعث بڻجي سگهي ٿي، شبير سيال جو هي سڄي جو سڄو ڪلام ڪافي توڙي جو شهري زندگي کان ڪجهه پاسيرو آهي، پر اسان جي وستي واهڻ جي اهڙي پيار ڪهاڻي آهي، جنهن کان اسان توهان جي اندر جي احساسن جي ترجماني اهڙي ريت ٿئي ٿي جو سمجهبو ته هيءَ پيار ڪهاڻي ڪنهن وارتا جي صورت ۾ خود اسان، توهان جي ڪهاڻي آهي، اچو هي غزل ڪتاب ۾ پڙهي ۽ پوءِ وري سنڌ جي مشهور ۽ معروف عوامي فنڪار جلال چانڊيو ۽ فوزيه سومرو جي پرجوش آواز ۾ ٻڌي ڪا راءِ جوڙي سگهون:
سڄڻ ٻئي گڏ هئاسون هل! اهي ڀي ڏينهن هوندا ها
پري ٿيندا نه هاسون پَل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.
سدا تنهنجي محبت ۾ مٺا مخمور ٿي رهيس
سڏيندو لوڪ هو پاڳل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.
بهاني سير جي جاني مليا جو باغ ۾ هاسون
مٿان پئي برسيا بادل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.
بٽڻ منهنجي گلي جا ها ٽٽي پيا ياد ڀي هوندئي
ڪئي تو مون هئي کيچل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.
صبح ۽ شام جو سائين اچي آغوش ۾ منهنجي
چميا تو ۽ مون تنهنجا ڳل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.
جدا ’شبير‘ اڄ آهيون ڪڏهن پنهنجا پرين پيارا
ٻٽا ڀاڪر هئا پاتل، اهي ڀي ڏينهن هوندا ها.
هي ڪافي نما غزل يا وري غزل نما ڪافي پڙهبي ته نت نوان اصطلاح، نظر ايندا، جيئن:
رات ڏس گذريو وڃي ٿي آ پرين
آس ڀي رهجيو وڃي ٿي آ پرين
حال منهنجي کي ڏسي اڄ هر سکي
مون مٿان مرڪيو وڃي ٿي آ پرين.
تنهنجي آمد جي خوشيءَ ۾ جا ملي
مُرڪ سا موٽيو وڃي ٿي آ پرين.
مند ويئي ساڳ ۽ ڦولار جي
ڪڻڪ ڀي نسريو وڃي ٿي آ پرين.
منهنجي آکاڻي ٻڌي مون کان شبير
هر ڪا اک رويو وڃي ٿي آ پرين.
اوسيئڙي ۾ باک ٿيڻ يا ڦٽڻ ته روايتي انداز آ، پر رات جو رُسي وڃڻ، محبوب جي آمد خوشي جو باعث ته هوندي ئي آهي، پر ”مرڪ جو موٽي وڃڻ“ ساڳ ۽ ڦولار جي مند جو موٽي وڃڻ ۽ ڪڻڪن جي نسري وڃڻ گويا پرينءَ جي آمد جي آخري اميد هجي ٿي. سهڻو اظهار آهي.
شبير پنهنجي هن غزل ۾ همت، جرئت، جهاد ۽ روايتن جي پاسداريءَ ۾ بهترين اظهار ڪيو آهي؛
جذبا نوان ڪي اُڀارجو
مان جي وڃان دل نه هارجو
نت نوان جذبا اُڀارڻ ۽ هانءُ نه هارڻ جو درس، قول قرار جو پڪو هجڻ، زبان کي پاڻي ڏيڻ ۽ پنهنجا ڪيل قول ۽ اقرار پارڻ جو ڏس:
پاڻي ڏجو پنهنجي زبان کي
قول ڪيل پنهنجا پارجو.
اهڙي دل ڌارڻ جنهن ۾ درد هجڻ، درد جو آفاقي هجي ٿو، جنهن جو ڪينواس ڪائنات جي وسيع معنيٰ ۾ چوڏسائن ۾ ڦهليل هجي ٿو ۽ درد دل ئي ته آ جيڪو وحشي جيوت جي نشانن کي انساني عظمتن ڏانهن آڻي ٿو
جنهن ۾ ڏکن جي نه جاءِ هجي
اهڙي ڪڏهن دل نه ڌارجو
ڪنهن جي به مَچ تي هٿ نه سيڪڻ ۽ مڙس ٿي پنهنجي ٻارڻ نج پج ٻهراڙيءَ جي سدا حيات سوچ ۽ روايت آهي، جنهن ۾ ورجاءُ اهميت جو حامل آهي.
هٿ نه ڪنهن جي مچ تي سيڪجو
مڙس ٿجو پنهنجي ٻارجو
سندس شعر کي سنڌ جي قومي، عوامي ۽ انقلابي شاعر ساٿي سائين راشد مورائي جي مشهور گيت:
مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
اُن واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
جي تسلسل ۾ پڙهبو ته شبير سيال جي خيال جي اُڏام کي ڏسي سُرهائي ٿيندي.
شبير سيال سنڌ جي انهن شاعرن ۾ شامل آهي، جنهن جي سڃاڻپ ڪڏهن سندس شاعري ۾ آهي، وري ڪڏهن ڪي لوڪ پسند راڳي جن جو ذڪر اڳ ۾ مٿي ڪري آيو آهيان ۽ ڪڏهن وري هيئن جو خود شبير ڪيترن ئي فنڪارن جي سڃاڻپ جو باعث بڻيو پنهنجي شاعريءَ جي حوالي سان، جيئن گلشير تيوڻي هن شعر جي ڪري مشهوري ماڻي:
صفا مار ڇوڙيائي تيڏي جدائي
۽ حال ۾ دلشير تيوڻو هي ڪلام ڳائي شهرت ماڻي
مان سينڌ سنڌوءَ جي سجائيندس
تنهنجو جيجل کير ملهائيندس
ڀٽائي سائينءَ کي سنڌ جو روحاني رهبر سڏيو ويندو آهي. بيشڪ! هجي نه هجي پر ڀٽائي سرزمين سنڌ جي مٽيءَ جي مهڪار جهڙي شاعريءَ جو خلقڻڪار هجڻ سان گڏ عالم انسانيت جو ڪائناتي شاعر آهي، کيس سمجهڻ سهل آهي پر شيخ اياز جي شاعري جي منظرنامي ۾ جيڪر کيس ڏسجي ته:
سنڌڙي شاهه لطيف جي، لهر نه ڪو لوڏو
اکڙين کان اوڏو، مون کي منهنجو ڀٽ ڌڻي.
جاڳ ڀٽائي گهوٽ، توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري
مرن پيون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
راءِ سهيرس ۽ راءِ سهاسيءَ کان ڄام نظام الدين عرف ”ڄام نندي” تائين ۽ ڄام نندي کان ننڍي کنڊ جي وڏي مدبر نئين سنڌ جي سرجڻهار سائين جي ايم سيد تائين، سنڌ جي زنده ضمير جي سدا حيات اهڃاڻ شاهه لطيف جُهدِ مسلسل جي ناتي توڙي تاريخ سنڌ جي عظيم ڪردارن کي امرتا بخشيندڙ شاعر هجڻ سان گڏ جديد دور جي نظم توڙي نثر جي ليکڪن جي محبت جو محور آهي، تنهن ڪري شاهه لطيف جي هستيءَ کي پنهنجو آڌار بنائي ٻين ڪيترن ئي شاعرن پنهنجو مافي الضمير بنايو آهي، بلڪل تيئن هن پرين پياري شاعر شبير سيال به کيس آڌار بنائي ديس واسين کي جاڳ، سجاڳ جو پيغام ڏنو آهي:
سنڌ سڏي پيئي جاڳ ڀٽائي
مشڪل ۾ آ ماڳ ڀٽائي
درياءَ تي ڀي ڌاڙا لڳن ٿا
ويرين هٿ آ واڳ ڀٽائي
ورهه ويا ٿي ڪونه ورن ٿا
ڀُلجي ويا هن ڀاڳ ڀٽائي
تار تنبوري کان وئي کسجي
روئي ٿو اڄ راڳ ڀٽائي
چارئي پاسا شعلا آهن
آهي فضا ٿي آڳ ڀٽائي
پنهنجن جا ڦٽ تازا تازا
دل تي آهن داڳ ڀٽائي
ڪيئن شبير سيال گذاري
مانجهاندي جو ماڳ ڀٽائي
شبير سيال جاڳ ۽ ڀاڳ سان گڏ ديس جي شاهه درياء جي ڀڙڀانگ ٿي وڃڻ جي دانهن سڏ- پڙاڏو بڻائي ڀٽائي جي معرفت عالمي ضمير تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، نه رڳو ايترو پر درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙن جي دانهن به بطور حجت تاريخ جي باب ۾ رقم ڪري ڇڏي اٿس.
سنڌ ۾ جاگيرداراڻي باقيات، وڏيرا شاهي، ميراڻيون توڙي پيراڻيون گاديون، سنڌ جي ماڻهن کي تقسيم در تقسيم رکڻ لاءِ اعليٰ ۽ ادنيٰ جو منشور جوڙي سياسي اقدار تي قابض ٿي هميشه پنهنجا مقصد ۽ مفاد پي ماڻيا آهن ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن توڙي مدبرن ۽ مفڪرن پاران جاڳرتا جي جوت جلائڻ وارو سلسلو به جاري رکيو آهي. بقول استاد بخاري جي ته:
اي اديبو، شاعرو دانشورو
سنڌ کي ٺاهي وٺو ٺاهي وٺو
جي مثل شبير سيال پڻ تاريخ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اِجهو هيئن چيو آهي:
دشمنن لئه تيغ ٿيو ۽ تير ٿيو
پر اي يارو پاڻ ۾ کنڊ کير ٿيو.
ڇرڪ ڀريو ڇو ٿا ڪنهن جي عڪس کان
خوف ڇڏيو بي ڊپا بي پير ٿيو.
زور تي ميراث سمجهيو ٿا وتن
پر هي جڳ ڪنهن جي نه آ جاگير ٿيو
گلم جا يارو نه بڻجو توبچي
پاڻ پنهنجي محفلن جا مير ٿيو
منزلون منزل ڪرڻ سان ٿيون کٽن
سوچ ٿيو ۽ لوچ ٿيو تدبير ٿيو
ڪين ظالم جي ڪريو بيعت شبير
ظالمن جي لاءِ سڀ شمشير ٿيو.
دشمنن لاءِ تيغ ۽ تلوار پر پاڻ ۾ کنڊ کير ٿيڻ منزلن کي منزل سان توڙ رسائڻ ۽ سوچ کي سوچ تائين محدود رکڻ بجاءِ تقدير کي تدبير ۾ بدلائڻ ۾ پنهنجي ماڳ کي لوچي لهڻ جي ڳالهه بيحد اُتساهيندڙ آهي.
مولا حسين عليه السلام پنهنجي دور جي يزيد کي چيو ته”يزيد ياد رک! قيامت تائين مون جهڙو تو جهڙي جي ڪڏهن به بيعت نه ڪندو.“
۽ اسان جي هن لائق شاعر به ظلم جي آڏو آڻ مڃڻ ۽ ظالم جي بيعت نه ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ شمشير بڻجڻ جي سهڻي صلاح ڏني آهي.
شبير سيال ”ڳالهيون ڪنداسون“ واري رديف سان لکيل غزل (جو پنهنجي مزاج ۾ نظم آهي) ۾ به هڪ بي ڊپي ۽ بهادر شاعر هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، اچو ته سندس هن شعر مان حِظ حاصل ڪريون:
اڄ ڪي من جون ڳالهيون ڪنداسون
دل! دردن جون ڳالهيون ڪنداسون
سنڌي ٽوپي، سنڌ جي اجرڪ
۽ پٽڪن جون ڳالهيون ڪنداسون.
جاري جن جاکوڙ رکي آ
تن جوڌن جون، ڳالهيون ڪنداسون
قيد جتي ڀي هوندا مارو
تن ڪوٽن جون، ڳالهيون ڪنداسون
جيڪي شبير ٿيا لال لهوءَ سان
تن گهوٽن جون، ڳالهيون ڪنداسون.
شبير جو هي غزل/ نظم جيڪو پنهنجي منظر جي پس منظر ۾ سڌو ۽ چٽو آهي، پڌري پٽ حق ۽ سچ جي ڳالهه چوڻ لاءِ ڪنهن گهڻي ڏانءَ جي گهرج به ناهي هوندي.
شبير سيال جي شاعريءَ کي علم عروض، ڇند وديا ۽ علم موسيقيءَ جي ماڻ تي پرکڻ لاءِ ڄاڻايل علمن جا ماهر ضرور پرکيندا.
اسان جي هن محترم شاعر پنهنجي غزل ۾ توڙي جو ڪي نوان تجربا ناهن ڪيا، البته ذهن ۾ خيال جي تيز روانيءَ کي ڪاڳر تي اُتاريندي کانئس شاعريءَ جي ڌار ڌار صنفن جي مزاج ۾ هيٺ، مٿاهين ضرور ٿي آهي، پر پوءِ به سندس خواب، خيال ۽ تعبيرون لک لهن سندس هن غزل ۾ خيال جي رنگين پوپٽن جي بجاءِ خوبصورت ننڍڙي اُڏار پڻ متاثر ڪندڙ آهي.
هن جون اکيون تر ڏسي، حيرت لڳي
اهڙو اڄ منظر ڏسي، حيرت لڳي
ڌاريا ڌرتيءَ تي قبضو ويا ڪري
گهر ڌڻي بي گهر ڏسي، حيرت لڳي
ڪانه هئي نوري نه تڙ، تي ڄام هو
تڙپندي ڪينجهر ڏسي، حيرت لڳي
مان اُڀو دروازي تي ان لئه رهيس
ويو مٽي دلبر ڏسي، حيرت لڳي
شهر جي هر چؤنڪ تي چاڪنگ هئي
ويو ڪُسي ڪونڌر ڏسي، حيرت لڳي
منهنجي اوڻاين کي هن ساراهيو
پڙهندو ويو پيپر، ڏسي حيرت لڳي
مان نياپي تي ويس اُن ڏي شبير
بند هن جو در ڏسي، حيرت لڳي.
هن غزل ۾ روايتي ۽ غير روايتي لفظن ۽ خيالن جو امتزاج شامل آهي، جنهن کي لائق پڙهندڙ بهتر انداز ۾ سمجهي سگهن ٿا.
مشاهدو جي شاعريءَ جو ڪُل نه هجي ته به جُز کان وڌيڪ اهيمت رکندڙ آهي.
شبير سيال جي شاعريءَ ۾ مشاهداتي منظر ۽ انهن ۾ نواڻ جي حوالي سان هن جي غزل جو هي شعر ڏسو:
اوهان ٿا گذاريو پري زندگي
هتي پئي اسان جي ٻري زندگي
انهيءَ ۾ اوهان کي ملي ٿو سڪون
مري ڪو، يا ڪنهن جي کري زندگي
نٿو پيار تنهنجو ڪو سنبران پرين
مگر وڃبي پوري ڪري زندگي
زمانو رئڻ کان نه بلڪل رهي
رئڻ سان جي ڪنهن جي وري زندگي
وڇوڙو ڇڏي ٿو گهٽائي عمر
حياتيءَ کي پيئي چَري زندگي
ڪٿي عيش و عشرت ۾ مشغول آ
ڪٿي پيئي آهون ڀري زندگي
ڪٿي ڪک ڇهڻ سان وهي رت ’شبير‘
ڪٿي پيئي پٿر ڏري زندگي
سندس هن شعر ۾ زندگي معمول آهي، پر وڇوڙو عمر ٿو گهٽائي ۽ حياتيءَ کي معمول جي زندگي ”چري“ ٿي پيئي، سندس هن غزل ۾ اهڙا ۽ ان سان ملندڙ جُلندڙ خيال ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ موجود آهن، گڏوگڏ امير ۽ غريب توڙي ظالم ۽ مظلوم جي زندگيءَ ۾ موجود فرق، تفريق کي به فن جي پيرائي ۾ بهتر انداز سان پيش ڪيو اٿس. جيئن هڪ عربي مقولو آهي ته:
الفراق اشد مِن الموت
بلڪل تيئن جو فراق، وڇوڙو، جدائي سنڌي شاعريءَ ۾ خاص طور تي ڪافيءَ جا لازمي جُز آهن ۽ هاڻ وري اهو مزاج غزل ۾ شامل ٿي ويو آهي. تنهن لاءِ دلچسپ ۽ نون ڪافين جي حوالي سان اچو ته شبير سيال جو هي غزل پڙهون.
جدائي ڇو ڪيئي جانان، اها معنيٰ نٿو سمجهان
مٿان پيو لوڪ ڏئي طعنا، اها معنيٰ نٿو سمجهان
الائي! ڇو سبب ڪهڙي ڪيا تو يار سڀ واپس
مُڪا جيڪي مون نذرانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان
هُتي تِر جيتري پرواهه ڪا دلدار کي ناهي
هِتي حالت پريشانان، اها معنيٰ نٿو سمجهان
مقدر ۾ رڳو ناڪاميون آهن الائي ڇو!
مليا قسمت ۾ ويرانا، اها معنيٰ نٿو سمجهان
هن غزل جو رديف ڪنهن غزل جي سِٽ جهڙو روان دوان رديف آهي جيڪو پڙهندي پڙهندڙ کي پنهنجي روانيءَ ۾ مترنم هجڻ جي ڪري مزيدار ٿو لڳي.
غزل ۾ مزاج ۽ لفظن جي استعمال جي حوالي سان هتي شبير سيال پاران نئون تجربو ٿو لڳي، جو غزل جي روايت، تعارف ۽ تعريف جي برعڪس ابتدا ۾ ٿي.
سينڌ سنڌو ندي ٿي لڳي
اک به ڪينجهر ڪنڌي ٿي لڳي
هن غزل جي ٻين شعرن مان به ڪجهه شعر کڻي انهن جي حوالي سان لکي ٿو سگهجي، پر مٿئين بند پڙهڻ سان ئي شعر جي بيهڪ نهايت ئي سُهڻي ٿي لڳي
هن غزل ۾ شبير پنهنجي ٻي سموري شاعريءَ جيان سادي، صاف ۽ شفاف ٻولي استعمال ڪري ادبي شعور ۽ ادبي ذوق رکندڙ پڙهندڙ ساٿين کي گويا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا آهن.
اسان جو هي شاعر پنهنجي پيش روءَ ”استاد الشعراء“ محمد هاشم ”سائل“ لاکو ۽ همعصر شاعر ”مسڪين“ حاجي خان ملاح جن جو پسنديده شاعر هئڻ سان گڏ کين به گهڻو پسند ڪندو رهيو آهي. انهن سان انهن جي حياتيءَ ۾ سدائين ساٿ نڀائيندو رهيو ۽ ساڳئي وقت هن سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي سگهڙ محمد رمضان عرف ”شيطان“ فقير سان به نينهن جو ناتو جيئن جو تيئن لايو ۽ نڀايو، سنڌ جي نهايت ئي اعليٰ سطح جي شاعر سائين راشد مورائي، پير ضياءالدين ضياء خياوري ۽ نشتر ناٿن شاهيءَ سان به هن جون روح رچنديون هيون، اسان جو هي شاعر دوست ۽ ساٿي پنهنجن پيش روء شاعرن جي شاعريءَ جو معترف پئي رهيو آهي، پنهنجن همعصر شاعرن جي شاعريءَ مان اُتساهه ماڻيندڙ ۽ نئين ٽهي جي شاعرن جي همت افزائي پنهنجو فرض تصور ڪندو آهي. جيڪو سندس شخصيت جو بهترين رخ آهي، جنهن جي ڪري علمي ۽ ادبي حلقن ۾ گهڻي ڀاڱي غير متنازع ۽ نسبتاً مقبول پئي رهيو آهي. اميد آهي ته سندس هي ڪتاب پڙهندڙن ۾ مقبوليت ماڻيندو.
طالب ابن ابو طالب
سڄڻ سنڌي
پڊعيدن، نوشهروفيروز
موبائل نمبر 0306-3435701