ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

پنهنجي پاران

ڳالهيون پيٽ ورن ۾ .....

ڏاڍو ڏکيو آهي پاڻ تي ۽ پنهنجين لکڻين تي لکڻ. بحرحال وري به اندر جو احوال اورڻ ضروري ٿي پيو آهي .... هيءَ جيڪا اڪرم سلطانه وقاصي آهي نه، ان جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. جنم کان وٺي شعور واري زندگي ٽنڊوآدم شهر ۾ گذاريائين.....
منهنجو بابا سائين خانصاحب عبد الحق وڪو، جيڪي پاڻ ميهڙ شهر جا هئا، انهن اچي ٽنڊو آدم وسايو. منهنجو خاندان وڏيرڪو نه پر زمينداري خاندان آهي. بابا سائين جن هڪ محنتي ۽ ايماندار زميندار هو. اُنهن کي ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ جو بي حد چاهه هوندو هو. پنهنجي تر ۾ خوشحال ۽ عزت وارو انسان هو. اُنهن ۾ وڏماڻهپي، غرور يا وري ڪنهن کي هيٺاهون سمجهڻ وارو سڀاءُ موجود نه هو. مون کي ڪتاب ۽ اخبار هٿ ۾ ڏيڻ وارو بابا سائين هو......
اسان جي گهر ۾ اسان ڀينرن تي اُهي سڀ پابنديون هونديون هيون، جيڪي هڪ وڏگهراڻي ۾ هونديون آهن. ها، پر اُن سان گڏوگڏ بابا سائين اسان کي ذهني آزادي ڏني ۽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ تعاون ڪيو ۽ همت افزائي ڪئي. بابا سائين جن جو چوڻ هوندو هو ته ڪم ۽ محنت سڀ کان وڏي عبادت آهي. ڪيترا نوڪر چاڪر هوندي به بابا سائين جن پنهنجو ڪم پاڻ ڪندا هئا. اسان ڀينرن مان اگر ڪير ڪنهن ڪم واريءَ کان پاڻي به گهرندي هئي ته هو سخت ناراض ٿيندا هئا. وڌيڪ ڇا لکان، علم دوست، غريب پرور بابا سائين ڪيترن گهرن جي مالي مدد ڪندو هو. اُنهن جي ڏک سک جو ساٿي هوندو هو. خير جا ڪم ائين ڪندو هو جو هڪ هٿ سان ڏئي ته ٻئي هٿ کي خبر ئي نه پوڻ ڏيندو هو.......
منهنجي امان، جيجل حميده بيگم هڪ باهمت، سچي، اندر جي اُجري هوندي هئي. هوءَ ڪا به ڳالهه دل ۾ رکي نه سگهندي هئي. سٺي ڳالهه هجي يا اختلافي مسئلو، هوءَ هر ڳالهه منهن تي چئي ڏيندي هئي. گهر جي چوديواري ۾ رهندڙ منهنجي امان جيجي، پنهنجي وقت جي وڏي عالم ۽ تعليمي ماهر علامه علي خان ابڙي جي وڏي ۽ پياري ڌيءَ هئي. ان سچ کان به ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي ته پئسو ۽ شان شوڪت اسان جي معاشري ۾ وڏي اهميت رکندا آهن. اُن جي باوجود به اها وڏي سچائي آهي ته سڀ ڪجهه هوندي به سنڌي عورت ڌيءَ، ماءُ ۽ زال جي روپ ۾ گهڻو ڪجهه سهي ۽ ڀوڳي ٿي. منهنجي امان جيجي هڪ بربادر ۽ غم کي ٽارڻ واري عورت هئي. خير جي ڪمن ۾ هٿ ڪونه روڪيندي هئي، دل جي ڪُشادي، هر ايندڙ ويندڙ کي مان ۽ عزت ڏيڻ واري هئي...... مان پنهنجي ننڍپڻ ۾ امان کي ريڊيو تي اباڻن جا گيت ٻڌندي روئندي ڏٺو ۽ وڏي ڄمار ۾ چندر ۽ ٻين جا گانا ٻڌندي هنجون هاريندي ڏٺو.....
منهنجو ننڍو ڀاءُ نادر وڪو ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو. هي هڪ وڏو سانحو ۽ ڏک هو اسان جي خاندان لاءِ. نادر سائين پنهنجي طبعيت ۾ مست انسان هو. بي پرواهه ۽ دوستن جو دوست هو. بي حد ذهين ۽ سٻاجهو انسان هو. اُن جي گهرواري عظميٰ بروهي آپا گلجان بروهي جي ڌيءَ هئي. حيدرآباد ۾ رهندڙ صدر جا بروهي هڪ سٺي حيثيت رکن ٿا. منهن جي ڀاءُ جي وفات کانپوءِ منهن جي ڀاڀي عظميٰ کي ڪينسر ٿي پيو ۽ اُها به گذاري ويئي. نادر سائين کي چار ڌيئرون آهن. وڃڻ کان اڳ هڪ ماءُ پنهنجن نياڻين کي ڪي سمجهاڻيون ڏيندي آهي. ڪيترين سمجهاڻين سان گڏ منهنجي ڀاڀي عظميٰ پنهنجي نياڻين کي اها سمجهاڻي به ڏني ته پنهنجي ا مان جيجي (ڏاڏي) جهڙا بهادر ۽ باهمت ٿجو ته پوءِ دنيا ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو. بس اهڙي ئي هئي منهنجي امان جيجي..........
ابي امان وٽ گهر جي ماحول ۾ بابا سائين سان گڏوگڏ منهنجا ڀائر به اسان ڀيڻن جو ساٿ ڏيندا هئا. ادبي دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ پوءِ اڳتي وڌڻ ۾ منهنجا ڀائر گهڻو تعاون ڪندا هئا. منهنجو وڏو ڀاءُ لا لا سڪندر حيات وڪو جنهن کي اسان سڀ لا لا سائين چوندا آهيون، منهنجي زندگي ٺاهڻ ۽ ادبي دنيا ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي.. منهنجو ڀاءُ لا لا سائين پڪوسنڌي ۽ سنڌين سان پيار ڪرڻ وارو آهي. لا لا سائين هر انسان سان پيار ۽ تعاون ڪندو آهي پر سنڌي ماڻهن جي مدد ڪرڻ اُنهن کي اڳتي وڌائڻ ۾ هو ڪا به ڪمي نه ڇڏيندو آهي. منهنجي بابا سائينءَ جو مان شان، لا لا سائين ۽ ٻين ڀائرن جي دوستي ۽ ناماچاري هميشه منهنجو مانُ وڌايو آهي. مان اڪرم سلطانه وقاصي آهيان اهو سبق دل سان ياد اٿم. عورت ۽ ماءُ به آهيان پر مان اهو ڪڏهن به نه وساريو آهي ته مان به ڪنهن جي ڌيءَ ۽ ڀيڻ آهيان..... مون هميشه لکيو آهي ته آزادي ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ وڏو فرق آهي. هڪ نياڻي جنهن کي جيتري به گهر جي ماحول ۾ آزادي ملي ٿي. جڏهن اُها انهن حد بندين ۾ رهي ٿي ته پوءِ آهستي آهستي سڀ رستا ۽ واٽون پاڻ ئي کُلنديون وينديون آهن. پوءِ اهڙو وقت به ايندو آهي جو اُها ٿوري آزادي هڪ وڏي ڪينواس ۽ تبديل ٿي ويندي آهي.....
هاڻ ڏاڏاڻي طرف هڪ وڏو عزت وارو نالو ۽ شخصيت منهنجي پڦيءَ جو پٽ ۽ ڀيڻويو ڊاڪٽر مٺل وقاصي سالن کان وٺي آمريڪا ۾ رهي ٿو پر لڳندو اٿم ته اُن جو روح سنڌ جي گهٽين ۾ گهمندو رهندو آهي. ادا مٺل وقاصي به سنڌ مٿان قربان ٿيڻ وارو انسان آهي. آمريڪا ۾ ويندڙ ڪيترا سنڌي سندس مهمان هوندا آهن. اُنهن اُت امريڪا ۾ هڪ وڏو ادارو سنڌ جي نالي پٺيان کوليو آهي. ادا مٺل وقاصي جڏهن به پاڪستان ايندو آهي ته هت ان جو دعوتون ٿينديون آهن. اُنهن ۾ مون کي به دعوت ملندي آهي.
چڱي طرح ياد اٿم هڪ دفعو حسين شاهه راشديءَ جي گهر دعوت هئي، اُت حسين شاهه راشدي مون کي ڏاڍي پيار سان چوڻ لڳو ته توهان وقاصي منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهيو. هت توهان ويٺا سنڌ سنڌ ڪريو ۽ قلم جي جنگ وڙهيو ۽ هوڏانهن آمريڪا ۾ ڊاڪٽر مٺل وقاصي هڪ نئين سنڌ ٺاهيو ويٺو آهي.
هاڻ مان اچان ٿي پنهنجي زندگيءَ ڏانهن جيڪا گذري ويئي....ڪيئن گذري جيڪڏهن اُن جو ويهي حساب ڪتاب ڪندس ته پوءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو....ها ائين ضرور چوندس ته مون اها ڪوشش ضرور ڪئي آهي ته مان بهتر ۽ سٺي زندگي گذاريان. اُن ڪوشش ۾ مان ڪامياب به ٿي آهيان. ڪيترا سال اڳ مون هڪ فيصلو ڪيو ته سلطانه تو وٽ نه اکيون آهن نه ڪن ۽ نه وري زبان آهي. اهو سڀ ڪجهه سوچي مان پنهنجي زندگيءَ ۾ برداشت جي حد تائين هر ڳالهه صبر سان درگذر ڪئي آهي. ها باقي ڪي اهڙيون ڳالهيون جيڪي برداشت ڪرڻ جهڙيون نه هيون ته اُن لاءِ وڙهي به ضرور هوندس... ها سائين مون کي ٻه ٻار آهن. روماسه ۽ امر. اُنهن کي سٺي تعليم ۽ سٺو ماحول ڏنو اٿم. اُنهن کي سٺو انسان ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪئي اٿم. سرڪاري نوڪري ڪئي اٿم. مون کي پئسي جو قدر آهي ڏهه هزار هجن يا ڏهه رُپيا، بي مقصد خرچ نه ڪندي آهيان. زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ ڪتاب گهڻا پڙهيا اٿم. هاڻ پڙهڻ جو وقت گهٽ ٿو ملي. ها پر جيڪو به سٺو ڪتاب هوندو آهي اُن کي ضرور پڙهندي آهيان. لکڻ سان تعلق اڃان تائين نڀائيندي پئي اچان. گهٽ لکان پئي، لکڻ منهنجي ضرورت آهي نه لکندس ته مري ويندس. ماڻهن جو خيال آهي ته مان گهڻو لکيو آهي. اُن وقت مان سوچيندي آهيان ته اگر منهنجي زندگي ايتري مصروف نه هجي ها مون کي ڪير دال ماني کارائڻ وارو هجي ها ۽ مان ڪمرو بند ڪري سُک سان لکندي پڙهندي هجان ها ته ڪيترو نه گهڻو لکان ها.... اهو سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ خواب آهي سک ۽ سڪون ۾ مان ڪجهه به نه لکي سگهان ها.....حقيقت ته اها آهي ته مان ماڻهن جي هجوم ۾، گوڙ شور ۾ هُل هنگامي ۾ ڏکن سورن ۾ خوشين جي پلن ۾ انسانن جي وچ ۾ ويهي انسانن جي اندر جون ڳالهيون ڪيون اٿم. دنيا جي ڪنڊن ڀري واٽ، نٽهڻ اُس ۾ هلندڙ پنهنجي وجود جي همدرد ۽ دوست به مان پاڻ آهيان.
مان خوش قسمت آهيان ته مون کي سٺا دوست ۽ همدرد مليا آهن. اُنهن ۾ خيرالنساءِ جعفري، تنوير جوڻيجو، فهميده حُسين، انيس رحمان، مهتاب راشدي، نسرين جوڻيجو، قمر شهباز، ادي ارشاد قمر، ڊاڪٽر سليمان شيخ، انيس گهانگهرو، الطاف شيخ، افروز عاربي، سحر امداد، امداد حُسيني، هدايت بلوچ، انور پيرزادو ۽ ستار پيرزادو آهن. انهن کان علاوه ٻيا به لاتعداد نالا آهن جن کي ڏسي اکيون ۽ دل ٺرندي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا منهنجو اُستاد ۽ رهبر رهيو آهي ۽ علي احمد بروهي صاحب مون تي شفيق ۽ مهربان رهيا آهن.
مان مضبوط ارادن ۽ اعصابي قوت جي مالڪ آهيان پر وري به انسان آهيان. منهنجا ٻئي ٻار منهنجي زندگي آهن. اُنهن جي آڱر وٺي مون زندگي گذاري آهي. اڄ به منهنجي ڌيءَ صبح سان مون کي فون ڪندي آهي ۽ رات جو فون ڪري گڏ نائيٽ چوندي آهي. (ننڍپڻ کان عادت اٿس) منهنجو پٽ امر مخدوم مون سان گهر ۾ آهي اُن جو آواز هر وقت پيڇو ڪندو رهندو آهي. منهنجيون اکيون کلنديون ۽ بند ٿينديون آهن انهن جي آوازن ۽ وجود پٺيان. هي پيار جو موهه ڏاڍو ڏکيو آهي پر وري به هن موهه مان پاڻ کي ٿورو هٽائڻو پوندو ڇو ته آئيندهه وقت ڏکيو آهي.....
هيءَ ڪٿا مون لکي آهي. مان ڪجهه به نه لکڻ چاهيو پئي. منهنجي دل جي خواهش هئي ته مان شاهه عبداللطيف جا هي ٻه شعر لکان ها جن ۾ منهنجي جيون جو سڄو پيغام آهي. لڳندو اٿم پر يقين اٿم ته شاهه عبداللطيف هي شعر منهنجي لاءِ ئي لکيا هوندا...
(1) جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام....
(2) هڪ سسئي ٻيار سور، ويا پٽيدا پاڻ ۾

سلطانه وقاصي
مارچ 2015