ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

نه چوڻ جهڙيون ڳالهيون، نه سلڻ جهڙا ڏک

خير النساءِ جعفري مستقبل بيمار رهي ٿي. دل جي تڪليف ۽ شگر جي بيماري ته سالن کان اٿس، پر تازو هوءَ گهڻو بيمار ٿي پئي. ٻڌو هوم ته دماغ تي اثر ٿي پيو اٿس. مٿان وري سندس والد انتقال ڪري ويو سو، مان کيس فون ڪيو. انهن ڏينهن ۾ مان ڪنهن ڪم سانگي هڪ ٻن ڏينهن لاءِ حيدرآباد ويل هئس. تنوير جوڻيجو مون کي خير النساءِ جي حالت تفصيل سان ٻڌائي اڃا وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو. مان خير النساءِ کي فون ڪيو ۽ کيس چيم ته مان هن وقت توهان وٽ اچان پئي. يڪدم سوال ڪيائين ڇو ٿي اچين . . . . .؟ مان جواب ۾ چيو توهان جو والد گذاري ويو آهي، سو ان ڪري توهان وٽ اچڻ چاهيان ٿي. يڪدم سوال ڪيائين تو کي ڪنهن ٻڌايو . . . چيم شايد ڪنهن اخبار ۾ پڙهيم، ادبي سنگت طرفان تعزيتي بيان ڇپيل هو . . . يڪدم سخت لهجي ۾ چيائين اخبارن جو نالو منهنجي اڳيان نه وٺ، ٿورو گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيائين اخبارن منهنجي بابا جي خبر ڪو نه ڇاپي . . . . الائجي ڇا ڇا هو چوندي رهي. مان کيس وري چيو ته مان اوهان جي گهر اچان پئي پوءِ ويهي ٿا ڳالهيون ڪيون. تمام رکي نموني ۾ چيائين ته تنهنجي اچڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. بابو مري ويو ڳالهه ختم ٿي ويئي. مون کي ڪنهن جي به همدرديءَ جي ضرورت نه آهي. ائين چئي فون بند ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ مون همت ڪو نه ساري ته سندس گهر وڃان.
ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي خير النساءِ سان ملاقات ٿي. اسلام آباد ۾ اديبن جي ڪانفرنس ۾ اسان سان گڏ هلي پئي. حيدرآباد جون ڪافي اديبائون هيون، انهن ۾ مهتاب محبوب، سحر امداد، تنوير جوڻيجو ۽ ٻيون هيون. مان فهميده کي خير النساءِ جي باري ۾ ٻڌائي چڪي هيس. اسان ٻئي ڄڻيون گڏ بيٺيون هيوسين ته خيرو امالڪ اڳتي وڌي اسان وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي. توهان ٻنهين کي ڇا ٿيو آهي. منهنجو بابو مري ويو مان چري ٿي پيس ته به وهان منهنجي سار ئي نه لڌي. مان ڏاڍي محبت مان ڀاڪر پائي چيومانس، ادي خيرو مان ته اوهان وٽ آيس پئي پر اوهان ئي منع ڪري ڇڏيو.
مان کيس تفصيل سان ٻڌايو هوءَ اصل نه مڃي چوي ته ائين وري ڪيئن هوندو. وري پاڻ ئي چوي ته دماغ تي اثر ٿي پيو هوم ان ڪري شايد ياد نه ٿو اچيم. مان ته ڏاڍو محتاط لفظن ۾ ڪن سان خيرو جي طبيعت جي ڳالهه ڪئي هوندم، پر مون کي اسلام آباد ۾ اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ته ادي خيرو پاڻ ئي سڀني کي ٻڌايو پئي ته مان چري ٿي پئي هيس هاڻ مڙيئي ڪجهه بهتر آهيان.
اها ئي خير النساءِ جعفري جيون جي ويڙهاند ۾ ڪڏهن هارائي ٿي ڪڏهن کٽي ٿي. مان هميشه اهو چوندي آهيان ته سنڌي اديبائن ۾ خيرالنساءِ جعفريءَ جو پهريون نمبر آهي. طرز تحرير، موضوع، سوچ، ٻوليءَ سڀني ۾ هوءَ پهريون نمبر آهي. سندس مجموعو “تخليق جو موت” هڪ شاهڪار افسانن جو مجموعو آهي. ان کان علاوه سندس لکيل مضمون ۽ تقريرون به وسارڻ جهڙيون نه آهن. سچ پچ بغير ڪنهن اختلاف جي هوءَ سنڌي ادب جي “ليڊنگ وومين” آهي.
ها سائين اها ئي اسان جي ادي خيرو وقت ۽ حالتن سان جهيڙيندي پيئي اچي. جبلن جيڏين تڪليفن اڳيان ڪڏهن هٿيار ٿي ڦٽا ڪري ته ڪڏهن وري پار اڪري ٿي وڃي. منهنجي ادي خيروءَ سان محبت سالن کان وٺي آهي. موڪلن ۾ جڏهن به حيدرآباد ويندي آهيان ته هڪ سڄو ڏينهن ادي خيرو وٽ وڃي ٽڪندي آهيان. مان ادي خيرو جي طبيعت جي ڪيترن رنگن روپن کان واقف آهيان منهنجي هميشه اها خواهش رهي آهي ته مان ان تي هڪ ڀرپور دلي جذبات سان ڀريل ڪالم لکان، ان ڪالم ۾ اهو سڄو سچ لکي وڃان جيڪو مون خيرالنساءِ جعفري ۾ ڏٺو آهي. پر چاهيندي به مان نه لکي سگهي آهيان. هڪ دفعو ته کائنس اجازت به گهريم چيومانس ادي خيرو مون کي اجازت ڏي ته مان تنهنجي شخصيت تي ڪجهه لکان، هڪدم پڇيائين ته ڇا لکنديئن . . . ؟ چيومانس اهو ڪجهه جيڪو مون اوهان ۾ ڏٺو آهي، جواب ۾ چيائين ڪنهن جهليو اٿئي ڀلي لک. چيومانس اگر سچو پچو سچ لکيم ته اوهان به ناراض ٿي ويندو. ڇو ته ڪي ڳالهيون نه لکڻ جهڙيون هونديون آهن نه ٻڌائڻ جهڙيون. پر منهنجي دل چاهي ٿي ته مان جڳ کي ٻڌايان ته ادي خيرو ڇا آهي. ڇا پئي ڀوڳي، ان ڪري اوهان جي اجازت جي ضرورت اٿم. چيائين جيڪو کپئي سو وڃي لک اها تو واري عوامي آواز اخبار مان پڙهندي به ڪو نه آهيان.
ادي خيرو جي اجازت ملڻ کان پوءِ به مان اديءَ خيرو تي ڪجهه به نه لکي سگهي آهيان. مان انهن پيڙائن، ڏنڀن، ڏکن ۽ وارتائن جي عيني شاهد آهيان جيڪو اديءَ خيرو مٿان گذري چڪا آهن. سندس چيل ڳالهين کي لکڻ جي به مون ۾ همت نه آهي. اهو وقت به ياد اٿم جڏهن سندس ڌيءَ صائمه ننڍڙي هئي ۽ پاڻ ان ويل پلصراط اُڪري پار ٿي هئي. اسان ٻئي سڄو ڏينهن گڏ هئاسين. ادي خيروءَ ڏک مان هر ڳالهه مون کي ٻڌائي. سندس ٻڌايل ان سچ ۾ ڪيتريون نه پيڙائون هيون. هوءَ ڳالهائيندي رهي مستقل ڳالهائيندي رهي. پنهنجي وجود جو زهر منهنجي وجود ۾ اوتيندي رهي. ان ڏينهن منهنجي لاءِ سندس ماءُ پلو پچايو هو. اسان گڏجي اهو پلو کاڌو هو. ٻئي سال جڏهن حيدرآباد ويس ته سندس ماءُ گذاري چڪي هئي. مان وري وٽس سڄو ڏينهن ٽڪڻ ويس. اهي ئي ماءُ جون ڳالهيون. بار بار مون کي ياد ڏياريندي رهي ته امان پلو ڪهڙو نه سٺو پچايو هو. (اڄ تائين به ان پلي جو ذڪر ضرور ڪندي آهي) ماءُ جي ڪمي سندس وجود ۾ اڪيلائپ پيدا ڪري ڇڏي. الاهي ڳالهيون نه لکڻ جهڙيون ڪندي رهي. هڪ ڳالهه جيڪا مان لکي سگهان ٿي. مون کي چيائين امان جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي ڳالهه ٻڌڻ وارو گهر ۾ ڪو به ڪونهي. سڄو ڏينهن امان سان يونيورسٽيءَ جون ڳالهيون ڪندي هيس هاڻ ڪنهن سان ڪيان . . . ؟ ان وقت حيدرآباد ۾ تاج بلوچ جي ڪتاب جي مهورت هئي. ادي خيرو تي تازو دل جو دورو به پئجي چڪو هو ۽ شگر به هاءِ ليول جي هيس ۽ پاڻ ات جيڪو ڪجهه پڙهيائين اصل ٻڌندڙ کلي کلي کيرا ٿي پيا. عجيب انداز آهي سندس لکڻين جو، وڏا وڏا طنز وڏيون وڏيون ڳالهيون هوءَ کل ڀوڳ ۾ ڪري ويندي آهي. ان وقت جڏهن مون اهو ڏٺو ته بيمار لاغر ادي خيرو سڀني کي کلائي پئي ته مان چيومانس ته ادي قلم اسان وٽ سڀ کان وڏي طاقت آهي. اسان قلم جي ذريعي پنهنجي اندر جا اڌما ۽ تلخيون ٻاهر ڪڍندا آهيون توهان اهو ڇو ٿا ڪيو. پنهنجي وجود ۾ تلخيون لڪائي ٻين کي پيا کلايو. مهرباني ڪري پنهنجي وجود سان همدردي ڪيو. ان پروگرام جي ٻئي ڏينهن تنوير جوڻيجي منهنجي دعوت ڪئي ان ۾ ڪافي سنگتياڻيون سڏايائين. ات ادي خيرو منهنجي هنج ۾ ڪنڌ رکي سڏڪي پئي، چيائين امڙ کي مرڻو هو ته مون کي به وٺيو وڃي ها مان پاڻ کي ڏاڍو هيڪلو پئي محسوس ڪيان. ان ويل مون کي امر جليل جا لکيل ماءُ ڏي خط ياد اچي ويا. سوچيم ارڏن، وکريل وجودن جي ڪمزوري ماءَ ئي هوندي آهي.
ها سائين ادي خير کي مون اُن ويل به ٽٽندي ڏٺو جڏهن خواه مخواه سندس پروموشن روڪيو ويو هو. هر مسئلي کي هوءَ ڏاڍي جذبات سان پنهنجي دل تي رکندي آهي. اهڙي طرح سان پاڻ کي جهوريندي به رهندي آهي. هن قلم ۽ ڏات جي راڻيءَ کي مون ان ويل به ڏٺو جڏهن مهتاب محبوب جي ڪتاب جي مهورت تي هڪ سخت تقرير ڪرڻ کان پوءِ ات ويهي ڪين سگهي ۽ هلي ويئي. ٻئي ڏينهن کلندي ٻڌايائين ته، ڏاڍي وٺ ڪريم ها مهتاب محبوب ان ڪري هلي آيس.
اهي ڪيترائي انيڪ روپ آهن اديءَ خيرو جا. ڪي ڳالهيون نه لکڻ جون نه ٻڌائڻ جون دلين جا دفتر بند ڪرڻا پوندا آهن. اهو ڪجهه ته مان لکي ئي نه ٿي سگهان جيڪو مان لکڻ چاهيان ٿي. ادي خيرو ڪجهه سالن کان ڏاڍين ذميندارين هيٺ هئي. سندس والد ٺيڪ نه رهندو هو. عمر وڏي ۽ بيمار به هو سڄي پڄي رات ڪو نه سمهندو هو. ڏاڍي خدمت ڪئي ان پنهنجي پيءُ جي. ڪجهه مهينا اڳ مون سندس طبيعت ۽ ڳالهيون ٿوريون مٽيل ۽ منجهيل ڏٺيون. تنوير کي چيم ته ادي خيروءَ کي سمجھايو متان پاڻ نه بيمار ٿي پوي. ٿيو به ائين، آهستي آهستي بي آرامي ۽ ذميوارين جي ڪري ادي خيرو جهرندي رهي. آخر والد جي مرڻ کان پوءِ اها خبر وڏي خبر هئي جيڪا نه ته ڪنهن اخبار ۾ ڇپي نه وري ڪنهن ان کي اهميت ڏني. اها خبر ادي خيرو پاڻ سڀني کي ٻڌائيندي آهي ته سندس دماغ تي اثر ٿي پيو آهي.
ادي خيروءَ جي جهيڙيندڙ ارڏي طبيعت وري کيس اُڪاري پار ڪيو آهي. هاڻ هوءَ ڪافي بهتر آهي. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته آرام ڪرڻ سان ۽ ماحول بدلجڻ سان ادي خيرو بلڪل ٺيڪ ٿي ويندي.
ادي خيرو پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال پنهنجي والدين جي خدمت ۾ گذاري ڇڏيا. هوءَ ان گهر جي حصار مان نڪري ئي ڪا نه سگهي آهي سڀ ڪو چوندو آهي ته ادي خيرو والدين جي خدمت ڪري جيئري جنت ڪمائي آهي. پر ڪير ٿو ڄاڻي ته ان جنت جي عيوض ان پنهنجي زندگيءَ جو ڪيترو ٻليدان ڏنو آهي؟ مرڻ کان پوءِ ڀل ادي خيروءَ کي جنت ملي ويندي، پر هن پنهنجي زندگيءَ جا خوبصورت سال ذميندارين جي بوجهه هيٺ گذاريا آهن اُهي ڪير کيس موٽائي ڏيندو . . . ؟
هاڻ وري ادي خيرو اڪيلي آهي. ڪير به هن جون ڳالهيون ٻڌڻ وارو ڪونهي. اها تنهائي کيس ماءُ جي هنج ۾ لولين ۾ ملي آهي. ادي خيرو ته هڪ وڏو مثال آهي. پر جيڪڏهن اسان اها ڏسنداسين ته ان دور جون جيڪي به ليکڪائون آهن اهي سڀ پنهنجي ليکي هڪ ڪهاڻي آهن. زندگيءَ سان جهيڙيندڙ هڪ وڏي ڪهاڻي – قلم جي مهانتا جيترو انهن کي مان ڏنو آهي اوترو ئي معاشري انهن کي ڏکويو آهي مرڻ کان پوءِ اخبارن ۾ ڇپيل تعزيتي بيان، ٽيجهي، چاليهي ۽ ٻارهي تي ٿيندڙ ادبي محفلون بي معنيٰ آهن جڏهن ته اهو فرد ان ئي معاشري ۾ ڏکي زندگي گذاري ٿو. مان چاهيندي به اهو ڪجهه نه لکي سگهي آهيان جيڪو مان لکڻ چاهيان پئي حقيقت ۾ اسان جي ليکڪن ۽ ليکڪائن کي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ گهرجي. ان مان اهو فائدو ٿيندو ته پڙهندڙن کي اها خبر پوندي ته انهن جي سامهون کلندڙ ڳالهائيندڙ وجود جي اصل زندگي ڇا آهي . . . ؟ انهن پنهنجي زندگي ڪهڙي نموني سان تڪليون سهي ٺاهي آهي. جبلن جيڏين، تڪليفن کي ڌڪي پوئتي ڪرڻ ۽ پوءِ زندگي گذارڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. ادي خيرو جهڙا وجود ڀريا پيا آهن هوءَ اڪيلي نه آهي. ڪاش هوءَ پنهنجي وجود جي اڪيلائپ کي ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪري. پاڻ سان وڙهڻ، جهيڙڻ ڇڏي ڏي. پاڻ کي ان حصار مان ٻاهر ڪڍي اچي، جنهن ڪري ان کي تڪليفون ڏسڻيون پيون آهن.
آچر 15 جنوري 1995ع