موت اگر قسمت آهي ته وڙهي مرجي
هو ڪانئر هو، هو گيدي هو، هو وڪاميل هو. هو غدار هو، ان وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪونه هو. ماحول به ته عجيب هو، چئني طرف پکڙيل خاموشي، تتل اس، راهه ۾ وڇايل ڪنڊا، خبر نه آهي ڇا ڇا هو، جن مٿان مان هلي ڪري هن تائين پهتي هئس. هو پنهنجو هٿ ڇڏائي نه پئي سگهيو. ان ڪري ماٺ ڪري هڪ هنڌ بيهي رهيو. مان پنهنجو ٻيو هٿ ان جي ڪلهي تي رکيو، ان پنهنجون اکيون جهڪائي هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن ڪري ڇڏيون. اُن وقت مان پهريون دفعو ان کي مخاطب ٿي چيو، تون هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن نه ڏس ڇو ته هن ڌرتيءَ جو گنهگار آهين. اُن هڪدم اکيون مٿي کنيون، مون ڏانهن نهارڻ بجاءِ ٻئي پاسي ڏسڻ لڳو. ان ٻئي پاسي گوڙ گهمسان لڳو پيو هو. ڌرتي واسي پريشان حال، مٿي ۽ پيرن اگهاڙا، ٻارن ٻچن، نياڻين سياڻين سان گڏ تتل اس ۾ بکيا اڃيا بيٺا هئا. هو شخص اهڙو هيبت ناڪ منظر ڏسي نه سگهيو، هڪدم اکيون ڦيرائي ٻئي طرف ڏسڻ لڳو، اهو طرف هو جت ڪڪر ڪارونڀار هئا، وسڪارو ۽ وڄ هئي. جت انن جا انبار هئا.ا ت پيٽ ڀريل محلن جا رهواسي هئا هي اهو ئي طرف هو جتان هو ان مهل ڀڄي نڪتو هو، انهن هن کي ڊوڙائي ڪڍيو هو يا وري جان بچائي ڀڳو هو ان جي خبر مون کي ڪانه هئي. هي انهن وٽان ڀڄي نڪتو هو. جن وٽ ان وطن وڪيو هو، انهن سان وفاداريءَ جا وچن ڪري انهن جي خالي جهول ۾ سڀ ڪجهه وجهي ڇڏيو هئائين. پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جو لٽو لاهي پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جي رهواسين کي بي سهارو ڪري انهن جي اڳيان گوڏا ٽيڪيا هئائين. جيڪي هن ڌرتيءَ جا ويري، کاٽ هڻندڙ، رت پيئندڙ ڄورون هئا. پاڻ کي سرخرو ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ، ڪاغذن مٿان ليڪا پائي، سڀ ڪجهه ويرين وٽ وڃائي اڄ هو اتان پنهنجي جان بچائي ڀڳو آهي. مان ڪافي وقت کان ان جي انتظار ۾ بيٺي هئيس. مون کي اهو يقين هو ته هو ضرور منهن ۾ موچڙو کائي واپس ورندو. مون کي ان جي واپس ورڻ جو يقين ان ڪري به هو ته جيڪي ڌرتيءَ جا غدار هوندا آهن تاريخ شاهد آهي ته انهن ڪڏهن به عزت جي زندگي ڪونه ماڻي آهي. ڪيترائي اهڙا تاريخي واقعا ٿي گذريا آهن. هڪ اهڙو ئي واقعو ياد ٿو اچيم ته هڪ وطن جي غدار دشمنن سان ملي ڪري قلعي جا دروازا کولي ڇڏيا هئا. اهو قلعو ۽ ان جا دروازا ايترا ته مضبوط هئا جو دشمن سالن تائين ان کي فتح نه ڪري سگهيو هو. صرف هڪ شخص جي غداريءَ جي ڪري ان قلعي جا دروازا کلي ويا ۽ دشمن فتحياب ٿيو. فتح جي جشن کانپوءِ جڏهن فاتح قوم درٻار ۾ ويهي مفتوح قوم لاءِ سزائون تجويز ڪري رهي هئي ته ان فاتح قوم ٻين سڀني کي ته جيل ۾ اندر وڌو پر ان غدار کي موت جي سزا ڏني. هو غدار ته پريشان ٿي ويو، پنهنجي وفاداري جو احساس ڏياري انهن ڪيل واعدا ياد ڏياريائين. ان فاتح قوم جي سربراهه جواب ڏنو ته هي جيڪي پنهنجي قوم جا سرفروش ۽ جان نثار آهن مون کي انهن مان ايترو خطرو نه آهي جيترو تو مان آهي ڇو ته جڏهن تون پنهنجن سان غداري ڪري سگهين ٿو ته اسان سان وفادار ڪيئن رهندين. تو ن ته ٽڪن تي وڪاميل بي ضمير آهين ان ڪري تنهنجي سزا موت آهي.
سو اهو واقعو ۽ ٻيا ڪيترائي واقعا منهنجي ذهن ۾ هئا. ان ڪري مان ان واٽ تي بيهي ان جو انتظار ڪري رهي هئس جتان هو ويو هو. اڄ هو اتان موت کائي جان بچائي ڀڳو هو ۽ مان ان جو هٿ پڪڙي ان جي راهه روڪي بيٺي هئيس.
مون وٽ به ته ڪجهه ڪونه هو، مان مٿي اگهاڙي، پيرين اگهاڙي زخمي رتورت ٿيل آهيان بکايل ۽ اڃايل آهيان. هو ۽ مان اڄ هڪ ٻئي جي سامهون بيٺا آهيون. هن وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي ۽ مون وٽ بيشمار سوال آهن. جن جو جواب مان ان کان ٻڌڻ پئي چاهيو.
مان سڪل نڙيءَ کي ڳيت ڏيئي آلو ڪري هن کان پهريون سوال ڪيو. توهان ائين ڇو ڪيو؟ هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
مون ٻيو سوال ڪيو توهان کي ائين ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو؟ هن جواب ڪونه ڏنو.
مان وري پڇيو، پنهنجي ڌرتيءَ پنهنجن ماڻهن مٿان قانون قائدن جا ڪوڙا پنجوڙ ٺاهي انهن کي برباد ڪرڻ جو حق توهان کي ڪنهن ڏنو؟ جواب ڪونه مليو.
هاڻ هو پنهنجي بچاءُ لاءِ ان طرف ڏسڻ لڳو جنهن ڪنڊ ۾ ڪي اهڙا وجود بيٺا هئا. جيڪي جن کي صرف اهو ڏک هو ته اسان به ته هن ڊوڙ ۾ شريڪ هئاسين. آخر هن شخص ۾ اهڙي ڪهڙي خوبي هئي جو اسان کان اڳ نڪري ويو. هي شخص به انهن گنهگارن جي ٽولي مان هو جيڪو وقت جي ڊوڙ ۾ کٽي ويو هو، هو سڀ گنهگار اڄ پاڻ کي سپوت چورائي ان شخص ڏي اڱر کڻي رهيا هئا. گنهگارن جو به ته ٽولو هوندو آهي. بس انهن مان ڪو هڪ اڳ ڪڍي ويندو آهي ۽ مان ان اڳ ڪڍي ويندڙ شخص جو هٿ پڪڙي بيٺي هئس مان نرڙ تي گهنڊ وجهي تيز نظرن سان ان ٽولي ڏانهن نهارڻ لڳيس. هو منهن پڪو ڪري ڪنڌ مٿي کڻي مون کي چوڻ لڳا اسان ته ڌرتيءَ جا وفادار ۽ قومپرست آهيون. اسان جي جدوجهد جي ته هڪ تاريخ آهي اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي اڃا وڌيڪ اچرج آيو. پر انهن جي اکين ۾ ڪوبه شرم ڪونه هو. هو ته هن موقعي مان به فائدو وٺڻ جي چڪرن ۾ هئا.
هن تتل زمين تي عجب ماحول هو، هاڻ مون ان شخص جو هٿ ڇڏي ڏنو ڇو ته مون محسوس ڪيو ته ان کي پڪڙڻ مان ڪو به فائدو ناهي. هي شخص جاڏي به ويندو پنهنجي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳيندو.
هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟مون کي ان ڳالهه تي سوچڻو هو. مان ڊوڙندي انهن اڌ اگهاڙن، بيٽ بکين، ڌرتيءَ جي وارثن ڏي ويس. انهن جي اکين منهنجي اکين کي سڃاتو، اسان جي اکين ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيغام هو.
ٻڌو ٻڌو ڪن کولي ٻڌو، اڃا به وقت ناهي ويو، همت ڌاريو، چئني طرف يلغار ڪريو، چيڀاٽي ڇڏيو. انهن کي جيڪي اوهان جي واٽ ۾ اچن، جيڪڏهن قسمت ۾ موت لکيل آهي ته پوءِ ائين بي همت ٿي مرڻ کان بهتر آهي ته وڙهي مرجي ڪنهن هڪ غدار جي ڪيل فيصلن جو سڄي قوم ڇو لوڙي؟ اچو نڪرو، واٽن تي پکڙي وڃو. ڌرتيءَ تي “حق وارثي” جو نعرو لڳائي رستا روڪ ڪيو. پليون بند ڪريو. ريلون بيهاري ڇڏيو. شهرن ڳوٺن واهڻن ۾ پکڙي وڃو. هڪ مان هزار، لک ڪروڙ ٿي وڃو. دشمن جي ڳچيءَ ۾ وڃي هٿ وجهو ان کي اهو ٻڌايو ته اسان ئي هن ڌرتي جا اصل وارث آهيون، توهان جي قلمن سان لکيل قانون ۽ توهان جي ڏنل ظلمن ۽ قهرن سان حقيقت مٽجي نه سگهندي. پر منهنجا سائين جڏهن ڪو اهڙو وقت اچي (لڳي ٿو ته اهڙو وقت پري ڪونهي) اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکارجو، تاريخ ۾ امر ٿي وڃجو.
ڇنڇر28 مئي 2005ع