ڏکايل ڪردار
سو سائين چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي الله جي من ۾ ٻي، ادي اشرف جي وڏي ڌيءُ اڳتي هلي رنگ روپ ۾ ڪافي سهڻي نڪتي پر خدا جي قدرت جنهن ڌيءَ تي گهڻا جهيڙا هئا، اها گونگي ۽ ٻوڙي نڪري پئي. هاڻ ته ادي اشرف ٻٽن سورن ۾ پئجي ويئي. سندس ماءُ جو رويو ناقابل برداشت ٿي ويو. ان دوران منهنجي امان ڪوششش ڪري هڪ سٺي گهر مان مئٽرڪ پاس ڇوڪري سان ادي اشرف جي ڀاءُ جي شادي ڪرائي ڇڏي. ادي اشرف جو ڀاءُ جيئن ته پوليس ۾ ننڍو صوبيدار هو، ان ڪري پئسو به چڱو هوس ۽ هاڻ جو پڙهيل لکيل شهر جي ڇوڪري ان کي ملي ويئي ته هو هڪ خوشحال زندگي گذارڻ لڳو. امان اسان جي هاڻ ادي اشرف جي ماءُ کي سمجهائيندي هئي ته هاڻ گهپي ڇڏ ته اشرف وڃي پنهنجي ساهرن ۾. هاڻ هو به ڪا بيزار ويٺي هئي. سو ادي اشرف جي وڏي ڌيءَ پاڻ وٽ رهائي باقي ٻين ٻارن سان گڏ ان کي ساهرين ڏياري موڪليائين. ادي اشرف سالن کان پوءِ جڏهن ساهرين گهر پير پاتو ته ساهرن به ڪو ان جو چڱو آڌرڀاءُ نه ڪيو. هاڻ ات به ان جي زندگي زهر هئي. هاڻ ته ان جي زندگيءَ جو رهيو سهيو آسرو ۽ اميد به ختم ٿي ويئي. ان پنهنجي مسئلي جو حل اهو ڳولهيو جو هڪ رات هُن ڳوٺ جي کوهه ۾ ٽپو ڏنو. اهڙي طرح هن ڏکن ڀري زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.....
ادي اشرف جي روئداد مون کي ان ڪري ياد آئي ته اهڙو ساڳيو واقعو وري منهنجي سامهون آيو آهيو. اهڙا واقعا اسان وٽ اتر طرف جام ٿيندا آهن. سو هن ڀيري عيد تي جو حيدرآباد ويس ته امان جن پنهنجي بنگلي جو پٺيون سرونٽ ڪوارٽر هڪ خاندان کي ڏنو آهي. اُهي ات رهندا به آهن ۽ امان جن وٽ گهر جو ڪم به ڪندا آهن، ات ادي اشرف جهڙو ڪردار آهي پر نالو اٿس حنيفان، حنيفان اڃا پندرهن سالن جي مس آهي. کيس هڪ ٻن سالن جي ۽ ٻي ڇهن مهينن جي ڌيءُ آهي. ان کي به سندس ماءُ پيءُ زوريءَ گهر ۾ ٽڪايو ويٺا آهن. هت مسئلو اهو آهي ته حنيفان جي شادي ڀاءُ جي بدي ۾ ٿي آهي، پر سندس ڀاڄائي ۽ ڀاءُ جو پاڻ ۾ ٺاهه نه ٿيو آهي ۽ سندس ڀاڄائي وڃي مائٽن ۾ ويٺي آهي ۽ واپس نه ٿي اچڻ چاهي. ان ڪري حنيفان کي به سندس مائٽ پنهنجي گهر وٺي آيا آهن. هاڻ ڏاڍا جهڳڙا پيا ٿين. حنيفان جي ماءُ چوي ٿي ته جيڪڏهن منهنجي ننهن واپس نه ٿي اچي ته بدي ۾ مون کي حنيفان جون ٻئي ڌيئون ڏنيون وڃن، حنيفان جو مڙس ان ڳالهه تي راضي ڪونهي. هو پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر پنهنجون نياڻيون بدي ۾ نه ٿو ڏيڻ چاهي. هو اڄڪلهه جو پڙهيل نوجوان آهي، وڪالت پيو پڙهي. ان جو چوڻ آهي ته جهڙي پيڙا ۾ اسان ڀوڳيون پيا اها پيڙا اولاد ڇو ڀوڳي. ان حنيفان کي اهو به چيو ته منهنجي ڀيڻ تنهنجي ڀاءُ سان نه ٿي ٺهي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه اسان ته پاڻ ۾ ٺهيل آهيون. مان ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ٿو ڪريان، ات تون منهنجو ساٿ ڏجانءِ. پر حنيفان ۾ ايتري همت نه آهي ته هوءَ ڪورٽ ۾ ماءُ پيءُ جي برخلاف ٿي بيهي........
جنهن ڏينهن مان حيدرآباد ويس ٽاڪ منجهند جو ٻاهر پٺين پاسي حنيفان جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. اسان درين مان ڏٺو ته حنيفان جو ڀاءُ ڏاڍي بي درديءَ سان ان کي ماري رهيو آهي. هوءَ ڀڄڻ جي ڪوشش پئي ڪري ته جيئن اسان جي گهر ۾ اندر گهڙي پاڻ بچائي سگهي. پر سندس بي رحم ڀاءُ کيس چوٽيءَ کان وٺي گهلي گهلي ماري رهيو هو. اهو حال ڏسي اسان ٻاهر وڃي حنيفان کي بچايو ۽ ان کي اندر گهر ۾ وٺي آياسين. اُت حنيفان جي ماءُ کي به گهرايوسين ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي. ماڻس ڏاڍي آڪڙ مان چيو “جيجان ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، ڀاءُ ماريو ته ڇا ٿي پيو ڀائر ته پيا ماريندا آهن”، هاڻ اسان سڀني کي به ڏاڍي ڪاوڙ آئي. منهنجي ماءُ ته ڏاڍي سخت لهجي ۾ حنيفان جي ماءُ کي ڳالهاؤ ڏنا. مون کي به ان جي باري ۾ ٻڌايو ويو مان چيو، ته ڀلا توهان ضد ۾ هن کي رهايو ويٺا آهيو نه ٿي وڻيوَ ته ڇڏيوس ته وڃي پنهنجي مڙس وٽ، جهڙا هت موچڙا اهڙا هُت موچڙا وري به هوندي ته پنهنجي گهر ۾ - ات حنيفان ڏک مان ڪڇي ويٺي، مون کي هاشم ٿوروئي ماريندو آهي. ڏاڍو قرب اٿس مونسان. مان ٿڪجي ڪم ڪري سمهي پوندي آهيان ته پاڻ ٻاهران ايندو آهي ته مون کي ماني ڪارڻ ڪين اٿاريندو آهي. پنهنجي ڀيڻن کي چوندو آهي ته مون کي ماني ڏيو. هن جي ننڊ نه ڦٽايو. ان مون کي اهو به چيو هو ته ڪورٽ ۾ منهنجي ٿي نه ته مان وڃي ٻي شادي ڪندو مانءَ. هاڻ ڇهون مهينو ٿيو آهي ته ان جي ڪا خبر ئي ڪانهي ڏک مان حنيفان روئي ويٺي. وڌيڪ چوڻ لڳي هت ته سڄو ڏينهن مون کي ٿا ڇڙٻين. ڏٺوَ نه ادي ڪيئن نه ڀائر مون کي ماريندا آهن، هاڻ مان هنن وٽ ڪونه رهندس. حنيفان جي ماءُ گهڻا ور وڪڙ ڳالهين ۾ ڏنا، پر جيئن ته حنيفان کي تازو مار ملي هئي ۽ هوءَ جوش ۾ هئي، سو ان هر ڳالهه کي رد پئي ڪيو. اهو به چيائين مون واري ڀاڄائي ته ڪانه موٽندي باقي منهنجي زندگي ڇو زهر ڪئي اٿو. اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي اسان حنيفان جي ماءُ تي زور رکيو ته سدا ملوڪ ڌيءَ اٿئي اڃا ته عمر به ننڍڙي اٿس ڇو ٿي ان جي زندگي برباد ڪرين، ها باقي حنيفان جو مڙس ڌيون نه ٿو ڏي ته پئسا وٺي ڇڏ. حنيفان جي ماءُ جوش مان چيو مون وارو پٽ پنهنجي زال کي طلاق ڪونه ڏيندو. ڀلي پئي سڙي مري ۽ پونس ڪيئان. مان ان کي سمجهايو ته چري اڄ ڪلهه سڀ ڪنهن کي زندگي گذارڻ جي آزادي آهي. تو واري ننهن اگر عدالت ۾ وئي ته ٻه شنواين ۾ پنهنجي جان ڇڏائي ويندي. هاڻ اهي قانون ڪونه رهيا آهن ته عورت سڄي زندگي مرد جا عذاب ڀوڳي. هاڻ ته حنيفان جي ماءُ جون اکيون کلي ويون. چوڻ لڳي سچ ٿي چوين امان عورتون ڪورٽن ۾ وڃي مڙسن کان طلاق وٺي سگهن ٿيون، آئي پوءِ مٺيس منهنجي پٽ جو ڇا ٿيندو. اسان ان کي سمجهايو ته پٽ جي پرواه نه ڪر ڌيءَ جو سوچ جيڪا خوامخواه ظلم ۾ اچي ويئي آهي. ان ويل منهنجي ننڍي ڀيڻ ادي اشرف وارو واقعو ٻڌايس ۽ چيائين ته توهان ماءُ پيءُ اولاد سان قرب ڪونه ٿا ڪيو ضد ٿا پڄايو ڏسجان هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو ادي اشرف وانگر حنيفان به وڃي کوه ۾ ٽپو ڏيندي پوءِ ويٺا روئندؤ پر ورندو ڪجهه به ڪين.
ايترو ڪجهه سمجهائڻ کانپوءِ به مان محسوس ڪيو ته اسان جو ايترو ڳالهائڻ بيڪار آهي ڇو ته ضد ۽ انا جو مسئلو آهي....ڏوڪڙ، بدي جو سڱ ۽ پيٽ لکي وٺڻ اهي اهڙا مسئلا آهن، جن لاءِ اسان جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻو آهي. انهن کي هي ٻڌائڻو آهي ته ڌيءَ هجي يا پٽ ٻئي اولاد خدا جي نعمت آهن. ٻئي انمول آهن. ڀريل ۽ سڪون وارو گهر اهو آهي جنهن ۾ عورت گهر جي مالڪياڻي ۽ مرد زمينداري کڻڻ وارو هجي. جت ڏوڪڙن جو ڪاروبار هوندو، اُت محبت جي ڳنڍ ٻڌجي ڪين سگهجندي.
هلال پاڪستان 17 جولاءِ 1994ع