قصو شاهن ۽ ڪرسين جو
ها پر هڪ ڳالهه ته شمشير الحيدري جي ڪورٽ ۾ وڃڻ سان ڪجهه فائدو ضرور ٿيندو، اهو فائدو اهو هوندو ته هاڻ کلي طرح اهي سڀ جوابدار سامهون ايندا جيڪي اسان جي هنن ادارن جي تباهي جو بنياد بڻيا آهن. ان پڇيو اهو ور ڪيئن؟ جواب ۾ چيو ڪورٽ سڳوري ۾ ادبي بورڊ جي سڄي تاريخ دهرائي ويندي. هڪ هڪ ڳالهه واضح ٿيندي. شمشيرالحيدري اسٽي آرڊر ان ڪري ورتو آهي ته ان ميٽنگ ۾ ان کي ڪڍي ٻاهر ڪن ها، اها ته پاڻ چڱي ڳالهه آهي جو ٽيبل جي چوگرد ويهي هڪ ٻئي کي الزام ڏجن ان کان بهتر آهي ته ڪورٽ جي وسيلي هنن ادارن جي سربراهن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪجن ڪنهن ڪيترا ڦاڙها ماريا آهن ڪنهن ڪيترا اجايا ۽ سجايا ڪم ڪيا آهن. سڀ ڪجهه کلي سامهون ايندو، مان سمجهان ٿي ته چيئرمين ادبي بورڊ ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن لاءِ ته هي بهترين موقعو آهي. اهڙو موقعو وري انهن کي ڪين ملندو.......مون کي ان اڃا به وڌيڪ جذبات ۾ آندو چيائين ڀلا هڪ ٻي ڳالهه ته ٻڌاءِ ته غالب ۽ اقبال اڪيڊمي يا اردو بورڊ ۾ ڪو سنڌي اديب کنيو ويو آهي؟ حالانڪ سنڌي اديب، اردو زبان ۽ ادب کان چڱي طرح واقف آهن. ان منهنجي ڳالهه جي جواب ۾ چيو ته هاڻ رڙيون ڪرڻ مان ڇا حاصل، هن ماڻهن کان ڪم وٺو انهن تي ڪرڙي نظر رکو، حيرت مان چيو مانس ته چري ته ڪانه ٿي آهين ڀلا ٽوه پوکي انبن جي خواهش ڪرڻ سان انب ملي پوندا ڇا؟ هي ادارا جادوءَ جو گهر ته ناهن جت جادو جي ڇڙي تي ڪم ٿيندا. هي ماڻهو ڪيئن برداشت ڪيون جڏهن ته ويچاري نواز علي شوق کي به برداشت نه پيو ڪيو وڃي، ان جي به ڪيتري نه مخالفت ٿي آهي. نواز علي شوق وري به اديب ۽ ڪتابن جو خالق آهي ان جي به مخالفت ٿئي پئي. ها باقي هي وچ ۾ الله بخش شاهه بخاري الائجي ڪٿان اچي ويو؟ ان جي ادب سان ڪهڙي واسطيداري؟ جواب ۾ ان چيو ته تون پاڻ ئي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته سنڌ ۾ ڪرسي سيدن جي جاگير آهي. وزير اعليٰ جي ڪرسي هجي يا وري ادارن جي ملندي وري به سيدن کي. تو کي شايد خبر نه آهي ته اسان جو وزير اعليٰ گهرو دوست آهي، الله بخش شاهه بخاري جو. حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن تي انهن جون جام ڪچهريون ٿينديون هيو، آخر دوستي به ته نڀائڻ لاءِ هوندي آهي. مون کي ياد آيو ته جڏهن ڊاڪٽر اياز قادري کي وقت کان اڳ ۾ هٽايو ويو هو تڏهن ڇا ٿيو هو؟
وائيس چانسلر کان وٺي سينڊيڪٽ جي ميمبرن به ته ان عمل جي مخالفت ڪئي پر ڇا ٿيو، گورنر صاحب ڊائريڪٽ نوٽيفڪيشن ڪڍيو. ائين ڪرڻ سان گورنرصاحب پنهنجي چاليهه سان پراڻي دوستي نڀائي هئي. مان ٿورو ڏک مان چيو. گهڙي کانپوءِ هن ٿورو ڪاوڙ ۽ رکي نموني ۾ چيو، “تون ته صفا چري آهين. هروڀرو ٿي پنهنجو دماغ کپائين ۽ سڙين پڄرين، ڀلا تو کي ڪير ٿو چوي ته اهي خبرون رک. صبح سان اخبارون به نه پڙهندي ڪر ماڳهين وٺندي ئي نه ڪر. اخبارون هڪ ته هروڀرو جو خرچ مٿان وري ڊپريشن به ٿئي ٿو. اخبارن جو ذڪر نڪرندي مان چيو ته اخبارن ۾ ته خبرن سان گڏ تبصرا، مضمون ۽ ڪالم به پيا ڇپجن انهن ۾ صرف هڪ ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته هر اداري ۾ اهڙا ماڻهو آهن پر اهي پنهنجي ٺيڪ جاءِ تي نه آهن آخر اسان وٽ صحيح جاءِ تي صحيح ماڻهو ڇو نه ٿا رکيا وڃن. صرف ذاتي دوستيون نڀائڻ ۽ سيدن کي ورسائڻ سان هي ادارا تباهه نه ٿيندا ته باقي ڇا ٿيندو؟ هاڻ مان ٿورو گنڀيرو ٿي ويس ۽ چيو مانس ته هاڻ هڪ فيصلو مان به ٿي ڪريان. هاڻ مون کي پاڻ مٽائڻو پوندو ان لاءِ مون وٽ جائز دليل به آهن جيئن ته مان سلطانه وقاصي آهيان، ٻڌو اٿم ته اسان حضرت زيد بن وقاص جي اولاد مان آهيون مٿان وري اهم ڳالهه ته ٻن مخدوم ٻارن جي مان ماءُ به آهيان سو هاڻ ڇو نه مان پاڻ کي “سيد” چوائڻ شروع ڪيان. ڏس نه منهنجي نالي پٺيان “سيد” لفظ ڪيترو نه ٺهي ٿو “سيد سلطانه وقاصي” مون کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو ۽ هوءَ به کلي ويٺي. گهٽ ۾ گهٽ سيد ٿيڻ سان منهنجون لڪل صلاحيتون ظاهر ٿي پونديون. سچ ته اهو آته ماستري ۾ رکيو ڇا آهي؟ نه آهي ڪا بجيٽ نه سٺي پگهار نه وري پجيرو گاڏي. ٿي سگهي ٿو ائين ڪرڻ سان مون کي به ڪا لاٽ صاحبي ملي وڃي ۽ مان به هڪ جمپ سان ڪنهن اداري جي سربراهه ٿي وڃان......منهنجي ڳالهه ٻڌي هوءِ کلندي رهي پوءِ چوڻ لڳي متان ائين ڪيو اٿئي! جهان وارا پٿر هڻندئي ۽ جيئڻ ڪونه ڏيندئي. چيم ڇو پٿر هڻندا ڇو جيئڻ ڪونه ڏيندا. مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ ان چيو صرف ڏوهه جي ڳالهه ٿي ڪرين مان ته سمجهان ٿي ته ائين ڪرڻ سان تون سنگسار نه ٿي وڃي. هاڻ مان ٿورو ماٺ ٿي ويس، کيس ڪو جواب نه ڏنم منهنجي خاموشي تي هوءَ چوڻ لڳي، “تڏهن ته چوان ٿي ته دماغ نه کپاءِ! چپ ڪري ويهه جيڪو ڪجهه به ٿئي پيو، ٿيڻ ڏي اکيون کڻي بند ڪري ڇڏي”.
هي ڳالهه ڪندي مان کيس هڪ واقعو ٻڌايو ۽ چيومانس ته اهو واقعو منهنجي ذهن جي پولارن مان ڪڏهن به ڪين نڪرندو. هي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن مان حيدرآباد جي زبيده ڪاليج فسٽ ايئر پڙهندي هيس ۽ هاسٽل ۾ رهندي هيس. ان وقت مان ڏاڍي اٻوجهه ۽ گگدام هوندي هئس. ڪتابن سان ته عشق هوندو هو پر ٻاهر جي دنيا جي خبر گهٽ هوندي هيم. اردو به منهنجي بس ڪم ٽپائڻ واري هوندي هئي. هاسٽل جي ڇوڪرين کي مهيني پندرهين ڏينهن آپا شمع عباسي ٽيچر ساڻ ڏيئي ريشم گلي ۾ شاپنگ لاءِ موڪليندي هئي. هڪ دفعو ڇا ٿيو جو مونسان گڏ ڇوڪرين وٺي زور سان رڙيون ڪيون “ار ڀٽا! وه يکو ڀٽا ان زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي. مان حيراني وچان چوطرف پئي ڏسان ته ڀٽو صاحب هتي ريشم گلي ۾ ڇا پيو ڪري ۽ منهنجيون اکيون پيون ڀٽي صاحب کي ڳولهين وري جو ڏسان ته هو سڀ سنگن کي ڀٽا پيون چون. ات مون کي خبر پئي ته اردو ۾ سنگن کي ڀٽا چئبو آهي هاڻ هن واقعي جو تسلسل ڪجهه عرصو اڳ واري واقعي سان جوڙيان ٿي حالانڪ هاڻ مان اوهڙي گگدام ڪين رهي آهيان ته به ان واقعي مون کي پريشان ڪري ڇڏيو ته هت ڪراچي ۾ پروگرام ۾ ويس، ات ڳالهين ڪندي سڀني جي وات ۾ بيبي صاحبه جو ذڪر هجي، نالي وٺڻ بجاءِ اهي سڀ بيبي صاحبه پيا چون، مان وري عقل جي گهٽ سوچڻ لڳس شايد بيبي صاحبه (بينظير ڀٽو) هن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ پيئي اچي، ڏاڍي خوشي مان پڇيم ڪڏهن ٿي اچي بينظير؟ جنهن کان پڇيم، تنهن حيرت مان منهنجو منهن تڪيندي چيو بينظير صاحبه ته ڪونه ٿي اچي. مان چيو توهان جو هن مهل چئو پيا ته بيبي صاحبه اچڻ واري آهي. هاڻ انهن مون کي وضاحت سان ٻڌايو ته اسان بيبي صاحبه بينظير نه پر بيبي صاحبه (.............) جو ذڪر پيا ڪريون مان ڪم عقل جڏي ڪندُ ذهن، مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهيس ۽ سوچيندي رهيس. اسان ڪيترا به ترقي پسند ڇو نه ٿي وڃون معاشري جي هر زيادتي تي لکي عام ڪهاڻيون ۽ ڊراما ڇو نه لکون، مذمت ڪيون، اسان جي معاشري جي ننڍ وڏاين ۽ وڇوٽين جي ۽ هر انسان کي برابري جو درجو ٿا ڏيون پر اسان پنهنجي ذات جي حوالي سان ان حصار مان پاڻ کي ڪڍي نه ٿا سگهون، جن عملن کي رد ڪرڻ لاءِ ٻين کي تاڪيد ڪيون ٿا اهي عمل ئي اسان جي سڃاڻپ هوندا آهن.
هن جو منهنجي اها ڳالهه ٻڌي ته جوش ۾ ڀرسان رکيل ٽيبل ڪلاڪ کڻي مون مٿان حملا آور ٿي. مان پاڻ کي بچائيندي چيو هي ڇا پئي ڪرين، ڇو ٿي مون کي مارين؟ چيائين ائين لکڻ ۽ ڳالهائڻ سان بجاءِ تون جو ٻين هٿان مرين مان ڇو نه تو کي ماريان...........؟ هوءِ جوش ۾ اڳتي وڌي ته مان ان جي هٿن مان وال ڪلاڪ کسي پيار مان روڪيندي چيو مون کي مارڻ مان ڇا ملندو ۽ هروڀرو وڃي جيل ۾ پوندينءَ حالتون اهڙيون آهن جو ڪجهه عرصي کانپوءِ نه صرف مان پر مون جهڙا الائجي ڪيترا ٻيا واڦي واڦي چريا ٿيندا يا مرندا. ڇو ته هت رستن تي ايڏا ته انڌير آهن ايترا ته ڪنڊا وڇايل آهن جو اسان جون اکيون ڪجهه به ڪين ٿيون ڏسن ۽ جسم زخمن سان چور آهي، هاڻ ٻڌاءِ اسان مريلن کي ماري تون پاڻ کي گنگهار ڇو ٿي ڪرين؟ ان ويل اسان ٻنهي جا هٿ هٿن ۾ هئا، پر ان جي باوجود به اسان اڪيلا تنها هئاسين. اکين ۾ اسان جي هڪ سوال هو. الائجي ڪڏهن اسان جي وجود جي تنهائي ختم ٿيندي. الائجي ڪڏهن اسان هنن انڌيرن مان ٻاهر نڪرنداسين. الائجي ڪڏهن ايندو اهو روشن ڏينهن...الائجي ايندو به الائجي نه......؟
آچر 24 اپريل 1994ع