منهنجي ڀيڻ سلطانه وقاصي
منهنجي ڀيڻ سلطانه وقاصي
سلطانه وقاصي سان منهنجي پهرين ملاقات 1988ع ۾ اُن وقت ٿي هئي جڏهن منهنجي رهائشگاهه تي آل سنڌ وومن ايسوسيئشن جو پايو وڌو ويو. ڪراچيءَ جي ڇڙوڇڙ ٿيل ڪٽبن کي گڏ ڪري، هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي تنظيم جي ضرورت هئي جيڪا خالص عورتن جي هجي، اُها تنظيم پيڙيل ۽ جبر جي هيٺ آيل عورتن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري اُنهن ۾ سجاڳي پيدا ڪري سگهي. اُن وقت ڪراچيءَ جي حالتن کي ڏسي ڪري اهو ضروري ٿي پيو هو ته عورتن جي هڪ مضبوط تنظيم هجي، جت عورتن کي گڏ ڪجي ۽ اُنهن ۾ شعور پيدا ڪجي. اُنهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي “اسوا” جو بنياد رکيو ويو. حيدرآباد ۾ لساني هنگامن جي دوران ٿيل خون ريزي اڄ به هر سنڌيءَ کي ياد آهي. پنهنجي گهرن مان لوڌيل سنڌين کي حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي پراڻي ڪيمپس ۾ پناهه ڏني ويئي هئي. سخت سردي، بک بيماري اُنهن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو. مٿان ڪرفيو هجڻ ڪري هو يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ محصور ٿي ويا هئا. اهڙين مصيبتن جي گهڙين ۾ اُها سلطانه ئي هئي جيڪا ٻين عورتن سان گڏجي ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويئي هئي ۽ ڪرفيو ۽ گولين جي وچ مان لنگهي راشن، دوائون، گرم ڪپڙا ۽ گرم شالون اُت پهچائي آئي هئي.
سلطانه ۾ مون جيڪا اهم ڳالهه نوٽ ڪئي ته هوءَ باهمت ۽ بي ڊپي هوندي هئي. هر سڏ تي ليبڪ چوڻ واري سلطانه پنهنجي گهريلو ذميدارين ۽ نوڪري هوندي به قومي فرض ۾ حصو وٺڻ کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو. گرمي هجي يا سردي سلطانه هر هنڌ حاضر ٿيندي هئي ۽ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪار اُڪلائڻ ۾ مدد ڪندي هئي. ايسوسيئيشن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ به سلطانه گهڻو تعاون ڪيو. سلطانه صاف دل، سچي ڳالهه منهن تي چوڻ واري ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان ڪانه جهڪي. جڏهن اسوا تنظيم مصلحتن جو شڪار ٿي پوين پساهن کي پهتي وري اسان سڀني عورتن گڏجي مارئي فورم جو بنياد وڌو. سلطانه هن سفر ۾ اسان جو ڏهه سال ڀرپور ساٿ ڏنو. هن پليٽ فارم تان ڪيئي سيمينار، ليڪچر ۽ ٻيا ڪيترا سماجي ڪم اسان ڪرايا جن ۾ سلطانه عادت موجب سڀ کان اڳري ۽ ڪم ڪرڻ واري هوندي هئي.
مون سان سلطانه جو هڪ محبت وارو ساٿ به رهيو آهي. جيون جي اُن ساٿ ۾ اسان هڪ ڀرپور وقت گذاريو آهي. ياد اٿم جڏهن ڪراچيءَ ۾ لساني فساد ٿيا ۽ ڪافي سنڌي ڪٽنبن وڃي منگهو پير ۾ وڃي پناهه ورتي هئي سطانه پنهنجي عادت موجود سڀ کان اڳيرو ٿي اُنهن ڏتڙيل ڪٽنبن وٽ وڃي پهتي، اُن ڏينهن سخت گرميءَ ۾ جوڙيا بازار مان رشيده قريشيءَ سان گڏجي هڪ ڏينهن جي اندر راشن ۽ ضرورت جون ٻيون شيون خريد ڪري اُن ئي ڏينهن پريشان حال ماڻهن ۾ وڃي ورهايون. ٺٽي ۾ باهه لڳي ته سلطانه مدد ڪرڻ لاءِ پهچي ويئي. اهڙا ٻيا ڪيترا مثال آهن جن ۾ سلطانه ڀرپور حصو ورتو.
سلطانه هڪ سٺي اديبه ۽ شاعره به آهي. ادب ۾ اُن جي پنهنجي هڪ حيثيت آهي، پر جهڙي طرح اُن سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو آهي. اُن جو سبب به اهو ٿي سگهي ٿو ته هوءَ حساس دل رکندڙ شاعره ۽ ڪالم نويس به آهي. هوءَ پروگرامن ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض به خوش اسلوبي سان نڀائيندي آهي. مارئي فورم جي پليٽ فارم تان جيڪي به فنڪشن ٿيا هميشه سلطانه انائوسمينٽ جا فرض پاڻ انجام ڏيندي هئي سنڌي گهراڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڏسي سندس چهرو خوشيءَ ۾ پيو مهڪندو هو.
مارئي فورم جي روايت آهي ته ان پاران هر سال نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عورتن توڙي مردن کي سونا تمغا ڏنا ويندا آهن. اُنهن پروگرامن جون تياريون وڏي پيماني تي ڪيون وينديون آهن. سلطانه اُنهن سڀني پروگرامن ۾ ڀرپور حصو وٺندي آهي. فنڪشن واري ڏينهن اسان ٿڪجي چور ٿي اچي اسٽيج تي ويهنداهئاسين ته سلطانه هشاش بشاش تيار ٿي اچي اسٽيج تي انائونسمينٽ ڪندي هئي. اهڙن موقعن تي سندس چهري تي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. سلطانه جي خدمتن جو اعتراف ڪندي 1994ع ۾ مارئي فورم پاران ميڊل ڏيڻ واري ڪاميٽيءَ سلطانه وقاصيءَ جو نالو چونڊيو. اهڙي طرح کيس 1994 ۾ مارئي فورم طرفان گولڊ ميڊل جو ايوارڊ ڏنو ويو.
قومي فرضن سان گڏوگڏ سلطانه پنهنجيون گهرو ذمينداريون به خوش اصلوبيءَ سان انجام ڏنيون آهن. پنهنجن ٻارن کي ڪڏهن به احساس نه ڏياريائين ته ڪو پاڻ ايترو مصروف زندگي گذاري ٿي. ماشالله سندس ٻار اعليٰ تعليم يافته ۽ سٺا شهري آهن. مان خوش قسمت آهيان جو ڪراچي جهڙي شهر ۾ تنظيمن جي ڪمن ۾ مون کي سلطانه جو ساٿ رهيو.
عوامي آواز- 20 مئي 2003ع