آپا شمس عباسي: هڪ مثالي ڪردار
امان بابا وارا ته مون کي ڇڏي ويا پر مون جهڙي ڇوڪري، جيڪا گهر کان ٻاهر مائٽن کان سواءِ ڪانه رهي هئي. ان کي اها پهرين رات هاسٽل ۾ گذارڻ ڏکي ٿي پئي، روئڻ جو شروع ڪيم ته بس ئي نه پئي ڪريان. منهنجي ڪمري ۾ ٽي ڇوڪريون پهرين کان موجود هيون. انهن مون کي ڏاڍو پرچايو پر مان ماٺ ئي نه ڪريان، آپا شمس عباسيءَ مون کي ٻانهن کان ورتو ۽ وٺي آئي پنهنجي بنگلي تي. پنهنجي بيڊروم ۾ اچي مون کي چيائين هاڻ هت سمهي پوءِ سمجهه ته مان تنهنجي ماءُ آهيان. هوءَ مون کي مختلف واقعا ٻڌائيندي رهي. سمجهاڻي ڏيندي رهي . هاڻ مان روئڻ بند ڪيو ۽ شرمنده به ٿيس. ڇو ته اڌ رات گذري چڪي هئي ۽ منهنجي ڪري هيترا سارا ماڻهو پريشان هئا. مان آپا شمس عباسيءَ کان اجازت گهري ته مان ڪمري ۾ وڃڻ چاهيان ٿي. ان مون کان واعدو ورتو ته مان روئندس ڪانه ۽ جنهن مقصد لاءِ علم حاصل ڪرڻ آئي آهيان اوڏانهن توجهه ڏيندس. هوءَ پاڻ مون کي ڪمري تائين ڇڏڻ آئي.. مان اڄ ان آپا شمس عباسيءَ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿي جنهن جون شاگردياڻيون سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن ۽ وڏن عهدن تي ويٺل آهن. آپا شمس عباسي مشهور ادبي ۽ سياسي گهراڻي مان هئي. اڪبر قاضي صاحب سندن ڀاءُ هو، سندس گهرواري جو نالو محسن عباسي هو، آپا شمس عباسيءَ کي ٻه ڌيون ۽ هڪ پٽ هو. مان جڏهن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ان وقت سندن ٻئي ڌيون ميڊيڪل اسٽوڊنٽ هيون ۽ سندس پٽ عقيل ڏهن ٻارهن سالن جو هو جيڪو اسڪول مان موٽي ڪاليج جي گرائونڊ ۾ سائيڪل پيو هلائيندو هو.
زبيده ڪاليج هڪ وڏو ڪاليج هو، ان ۾ سائنس آرٽس ۽ هوم اڪانامڪس جا شعبا هئا. بي اي ۽ بي ايس سي تائين نياڻين جي مڪمل پڙهائي هوندي هئي. هاسٽل جي سهولت جي ڪري پري پري جون ڇوڪريون هت پڙهنديون هيون. پنجاب ۽ بلوچستان جون به کوڙ ساريون ڇوڪريون هاسٽل ۾ رهنديون هيون. هيڏو وڏو ڪاليج، هزارين شاگردياڻيون ٻه سئو کن استاد انهن کي سنڀالڻ، انهن جي مزاج مطابق هلڻ ڪو سولو ڪم نه هوندو، پر آپا شمس عباسي جي ڏاهپ، سمجهداري ۽ دورانديشي سڀني کي خوش ڪري ويٺي هئي.
حيدرآباد هڪ اهڙو شهر آهي جنهن ۾ هر خاندان هڪ ٻئي کي سڃاڻي ٿو، آپا شمس عباسي پاڻ ته هڪ خوشحال ۽ پڙهيل لکيل خاندان سان تعلق رکندي هئي پر ات ٻيون پڙهائيندڙ استادياڻيون به گهڻو ڪري حيدرآباد جي نامي گرامي گهرن سان تعلق رکنديون هيون. پاڻ ۾ پنهنجائپ هين. ويجهڙايون هين پر ڪاليج ۾ آپا شمس عباسي انهن لاءِ هڪ سخت ڊسپلين تي هلڻ واري پرنسپال هئي. آپا شمس عباسيءَ جون ڪيتريون خوبيون بيان ڪري ڪيتريون ڪجن اهو ممڪن نه آهي. هڪ شاگرد جي حيثيت سان منهنجو واسطو آپا شمس عباسيءَ سان هڪ سال به نه رهيو، منهنجي وڏي ڀيڻ منور سلطانه ٻن سالن کان وٺي هاسٽل ۾ رهندي هئي. ان ڪري پهرين کان ئي هاسٽل ۾ منهنجو اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. جڏهن مان هاسٽل ۾ رهڻ لڳس ته مان نوٽ ڪيو ته ڪيتريون اهڙيون شاگردياڻيون آهن جن کان ڪاليج جي فيس نه ورتي ويندي هئي. ڪجهه شاگردياڻيون هاسٽل ۾ اهڙيون به هيون جن جي في، رهائش کاڌو پيتو سڀ فري هو. بس آپا شمس عباسي اهو چوندي هئي ڇوڪريون پڙهو، علم حاصل ڪريو، علم بنا زندگي ڪجهه به نه آهي.
بس پوءِ جلدي الائجي ڪهڙو وايول منڊل ڦريو جو هڪ ڪوڙي واقعي کي سياسي رنگ ڏيئي لساني بنيادن تي آپا شمس کي ڪاليج جي پرنسپل شپ تان هٽايو ويو، ان کان پوءِ هوءَ ڊائريڪٽر آف ڪاليجز ۽ ٻين مختلف عهدن تي رهي ۽ رٽائرڊ ٿي.
آپا شمس عباسيءَ سان اسان جا گهر وارا واسطا به هئا. ان جو بنگلو اسان جي ڇهين نمبر لطيف آباد جي ڀرسان هوندو هو. آپا شمس عباسي هڪ ماهر تعليمدان ۽ هڪ سٺي ماءُ به هئي. توهان کي شايد يقين نه اچي ته هوءَ هزارين ڇوڪرين کي نالو وٺي سڏ ڪندي هئي ۽ انهن جي گهرن ۽ خاندان جي به ڄاڻ رکندي هئي. آپا شمس عباسي هڪ باهمت عورت هئي. جڏهن سندس گهر وارو محسن عباسي گذاري ويو تڏهن کان چپ ٿي ويئي ۽ آلين اکين سان سڀني جي تعزيت پئي ورتائين. ها مان ڳوڙها وهندي ڏٺا، زارو قطار روئندي ڏٺو، آپا شمس عباسي کي جڏهن سندس جوان پٽ، عقيل عباسي گذاري ويو، اڄ به آپا شمس جا اکر منهنجي ڪنن ۾ پڙاڏو ٿي گونجندا آهن. ان ويل مان پنهنجي والده سان گڏ سندن بنگلي تي ويٺي هئس. “بس آپا شمس عباسي اهو پئي چيو ته جڏهن محسن عباسي گذاري ويو تڏهن منهنجون ڌيون يتيم ڪونه ٿيون، اڄ عقيل جي وڃڻ کانپوءِ سچ پچ منهنجون ڌيون يتيم ٿي ويون آهن.”
وڏو ڏک، وڏو سانحو هو آپا شمس عباسيءَ جي پٽ عقيل عباسيءَ جو جوانيءَ ۾ موت، پر وقت پوڻ سان هيءَ باهمت عورت ان ڏک مان به پاڻ کي ڪڍي ويئي. پنهنجي زندگي وري علم جي جوت جلائڻ ۾ مصروف ڪري ڇڏيائين. آپا شمس عباسي پنهنجي پٽ جي نالي سان قاسم آباد ۾ اسڪول کوليو. ان کان علاوه ٻيا اسڪول ۽ سماجي ادارا کوليائين. زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين جڏهن ته هوءَ ڪيترائي سال ويل چيئر تي هوندي هئي ته به پنهنجي اسڪول ۽ ٻين ادارن کي پنهنجي نظر داريءَ ۾ هلائيندي هئي.
مان جڏهن به حيدرآباد واري گهر ويندي هئس ته مان ۽ امان گڏجي آپا شمس عباسيءَ سان ملڻ ويندا هئاسين. پاڻ ڏاڍو خوش ٿيندي هئي ۽ پنهنجي زندگيءَ جو ڏک سک پئي سليندي هئي.
آپا شمس عباسيءَ کي گذاري به ٽي سال ٿي ويا آهن. اڄ مان پنهنجي استاد، رهبر، هڪ بهترين عورت ۽ هڪ بهترين تعليمي ماهر کي ياد ڪري کيس سلام پيش ڪريان ٿي.
اڄ مان سنڌين کي آپا شمس وارو پيغام ۽ سوچ ٻڌائڻ چاهيان ٿي “علم حاصل ڪريو، پنهنجا تعليمي ادارا بچايو، سٺا استاد پيدا ڪريو، بهترين ۽ قابل شاگرد پيدا ڪريو”. اسان کي هڪ شمس عباسي نه پر ڪيتريون ٻيون قابل استاد کپن. اسان جي سنڌ جو تعليمي نظام تباهه ٿي چڪو آهي. عملي قدم ڪوبه ڪونهي رڳو آهن لفظي ڳالهيون ڪرپٽ، سياستدان، ڪرپٽ بيورو ڪريٽ ۽ فيس بوڪ جهڙن عالمن ۽ دانشورن اسان جي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي تي گند ڦٽي ڪرڻ کان بهتر آهي ته اچو ته اسان پاڻ پنهنجا عيب گناهه معاف ڪريون ۽ پنهنجا گندا لٽا ڌوئي صاف ڪريون.
اربع 5 سيپٽمبر 2012ع