ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

ناول زينت - ٽي وي ۽ اسان

منهنجو ڪنڌ شرم کان جهڪيل آهي. مان هڪ پوئتي پيل قوم جي فرد آهيان، جنهن جو نه ماضي هو نه حال آهي ۽ نه وري مستقبل. هيءُ ڪنڌ اُن وقت جهڪندو آهي جڏهن ماڻهو مون کان مختلف سوال ڪندا آهن ۽ مان انهن کي ڪجهه به جواب ڏيئي نه سگهندي آهيان. اگر جواب ڏيندي آهيان يا وضاحتون ڪندي آهيان ته اهي جواب ۽ وضاحتون خالي دٻي وانگر کڙڪنديون رهنديون آهن. اڄ ڪلهه مان هر هفتي هڪ عذاب ۽ پيڙا مان گذران پيئي. مان استاد آهيان ڪاليج جي ڇوڪرين کي پڙهائيندي آهيان. انٽر ۽ بي اي جي پهرين سال کي زينت ناول ڪيترن سالن کان پڙهائيندي پيئي اچان. مرزا قليچ بيگ جي ان ناول جو هر ڪردار، هر سٽ منهنجي ذهن ۾ ڄڻ ته ڇپيل ۽ ڪهاڻي برزبان ياد آهي.
ها پرهيءَ ڪهڙي زينت آهي؟ ڪهڙا ڪردار آهن؟ انهن کي مرزا صاحب تخليق نه ڪيو آهي. ناول جي پهرين قسط ڏٺم حيران ٿي ويس. رمضان وڪيل جنهن جو ناول ۾ صرف ايترو ذڪر آ ته ان جو زينت جو سڱ گهريو هو. پر هو شادي شده هو ۽ گڏوگڏ گهٽ ذات جو به هو ۽ هاڻ پڙهي لکي وڪيل ٿيو هو ۽ ان چاهيو پئي ته ڪنهن وڏ گهراڻي مان شادي ڪري هو به عزت وارو لکيجي. پر هي ڇا؟ ٽي وي جي ڊرامي ۾ ته هو فلمي ولين لڳو ويٺو آهي. ان ڪردار کي ظالم مڙس قاتل ۽ مغرور مجرم ڏيکاريو ويو آهي ۽ چوٿين قسط ۾ به عام رواجي ٿرڊ ڪلاس فلمن جي ولين وانگر اوچتو وري ظاهر ٿي پيو آهي. مان ڪراچي ٽي وي وارن کان پڇان ٿي ته اوهان کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته توهان مرزا قليچ بيگ جي هڪ خاموش ڪردار کي ائين خراب ڪري پيش ڪريو.
هاڻ ڏسو وري زينت جي ماءُ مائي شهربانو کي، ناول ۾ هوءَ هڪ باهمت عورت آهي، جنهن پنهنجي عقلمند مڙس جون روايتون قائم رکيون آهن. پنهنجيون ضرورتون محدود ڪري پاڻ کي قرض کان آجو رکيو آهي. ناول ۾ زينت جو گهر ايئن آهي ڄڻ جنت. جتي غربت هوندي به اندر جو اندر سلائي ٽوپو ڪري ائين گذران ڪنديون هيون جو ٻاهر جي ماڻهن کي خبر ئي نه پوندي هئي ته سرائي فتح خان جي مرڻ کانپوءِ اهي عورتون گهر جو ڪارخانو ڪيئن پيون هلائين.
پر هت ٽي وي تي زينت ڄڻ ته ڏکن ۾ ڀري پيئي آهي ۽ مائي شهربانو کي پريشان حال گهڻ ڳالهائي ماءُ ڏيکاريو ويو آهي جيڪا سڄو ڏينهن پئي رڙيون ڪري ۽ مٿو ٻڌي پيئي روئي. پنهنجي مرحيات مڙس کي پيئي گهٽ وڌ ڳالهائي ته ڇو سرائيءَ پنهنجي ڌيءُ کي تعليم ڏني. مان ٽي وي وارن کان پڇان ٿي ته اوهان کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته اوهان مائي شهربانو جي ڪردار سان اهڙو ظلم ڪريو. هاڻ اچو علي رضا جي ڪردار تي. ناول ۾ هڪ نوجوان ڇوڪرو آهي، حامد علي کان ٻه ٽي سال وڏو ڇو ته هڪ ئي اسڪول ۾ هيٺ مٿي ڪلاسن ۾ پڙهيا آهن، ٽي وي ۾ علي رضا اٺٽيهن سالن جو ڏيکاريو ويو آهي جنهن کي هر وقت اهو احساس آهي ته مان عمر جو وڏو آهيان ۽ زينت مون کان ننڍي آهي. زينت ان کي آٿت ڏيندي رهندي آهي ته ان فرق جي وٽس ڪا اهميت نه آهي. هاڻ مان وري ٽي وي وران کان اهو پڇان ٿي ته اوهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو ته توهان علي رضا جي عمر ايڏي وڏي ڪري ڇڏيو؟
هاڻي اچو مامي الهداد جي ڪردار تي. ناول ۾ صرف ائين لکيل آهي ته زينت جو هڪ مامو آهي، ان کي هڪ نوجوان پٽ آهي جيڪو گونگو آهي ۽ اُن کي هڪ چئن سالن جي ڌيءَ آهي. مائي شهربانو جي خواهش هئي ته زينت جي شادي مامي الهداد جي پٽ سان ٿئي ۽ مامي الهداد جي ڌيءَ جڏهن وڏي ٿيندي ته اها حامد عليءَ جي ڪنوار ٿيندي. مان حيران ٿي ويئي آهيان ٽي وي وارن جي جادوگريءَ تي، ڇو ته انهن مامي الهداد جي جوان پٽ کي چئن سالن جو ۽ چئن سالن جي ڌيءَ کي جوان ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ مان ٽي وي وارن کان اهو پڇان ٿي ته توهان کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته توهان اها جادوگري ڪندا رهو؟
هاڻ ٿا اچون مائي جان بيبيءَ جي ڪردار تي، هوءَ هڪ سمجهدار ۽ سلجهيل عورت آهي. هن ناول جي ڪنهن به صفحي تي، ڪنهن به اکر ۾ پنهنجيون اکيون ڪونه وڃايون آهن هوءَ مرڻ گهڙيءَ تائين دنيا ڏسندي رهي. هاڻ مان ٽي وي وارن کان اهو ٿي پڇان ته اوهان کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته توهان هڪ سنئين سيبتي ڪردار کي انڌو ڪري ڇڏيو؟
ناول ۾ هيبت خان کي زينت حصي ۾ ملندي آهي ۽ هو ان کي پنهنجي گهر ۾ آڻي ٿو جتي هن جي زال ۽ ماءُ اڳ ۾ ئي موجود آهن. اهي عورتون زينت جي مدد ڪن ٿيون ۽ انهي ڏينهن زينت کي گهر مان ڀڄي وڃڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. ناول ۾ زينت هڪ رات به هبيت خان جي گهر نه ٿي رهي (ڇو ته هيبت خان کيس اسر ويل گهر ۾ آندو هو) ٽي وي ڊرامي ۾ هيبت خان جي گهر ۾ هڪ ڇمڪ ڇلو اڳ ۾ ئي موجود آهي ۽ زينت هيبت خان کي ٿرڊ ڪلاس ڊائلاگن جي ڄار ۾ ڦاسائي ٿي ۽ ان کي احساس ڏياري ٿي ته تون منهنجو ڀاءُ آهين ۽ فلمي ڪهاڻين وانگر هيبت خان پنهنجي جان زينت جي مٿان قربان ڪري ٿو. هاڻ مان ٽي وي وارن کان اهو پڇان ٿي ته اوهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو ته توهان ايتريون گهڻيون راتيون ۽ ڏينهن زينت کي هيبت خان جي قبضي ۾ رکو ۽ هڪ زندهه ڪردار کي گولين وسيلي مارائي ڇڏيو؟
هاڻ اچو زينت جي ڪردار تي ٽي وي جي ڊرامي ۾ لڳي ٿو ته زينت ڄاپندي ئي سورن ۾ هئي، گهر ۾ رينگٽ، علم کي مصيبت سمجهڻ، پنهنجي ماءُ جون نادانيون برداشت ڪرڻ، علي رضا وٽ عمر جو تفاوت، ناول ۾ ته زينت کي پٽ، ڀڄ شهر ۾ ڄمندو آهي. صفوران ۽ فضل محمد لاڙڪ جي گهر ۾ ۽ آخر تائين اهو پٽ زينت سان هوندو آهي. هت ٽي وي ۾ مهاڻن جي گهر ۾ ئي هن کي پٽ ڄمندو آهي ۽ اهو اتي ڇڏي پوءِ هيبت خان جي قبضي ۾ ويندي آهي ۽ اهو پٽ وري علي رضا وٽ پهچي ويندو آهي. مان ٽي وارن کان اهو پڇان ٿي ته اوهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو جو توهان زينت کي ايترو جلد ماءُ بڻائي ڇڏيو ۽ کانئس سندس پٽ به جدا ڪري ڇڏيو؟
علي رضا جي ٻي زال بمبئي جي هئي ۽ اها باتميز ۽ اخلاق واري هئي جنهن علي رضا کي هڪ ڌيءَ به ڄڻي ڏني هئي ۽ ٻئي ٻار جي ڄمڻ سان پاڻ به مري ويئي ته ٻيو ٻار به مري ويو. ٽي وي جي ڊرامي ۾ علي رضا جي ٻي زال هڪ بداخلاق ۽ بدتميز عورت ڏيکاري ويئي آهي. هوءَ گهر ۾ جهنم ٻاريو ويٺي آهي. اولاد به ڪونه اٿس ۽ اولاد لاءِ دوائون پيئي ڪري. جادو ٽوڻا ٿي ڪري ته جيئن هن جي سسُ مري وڃي. مان ٽي وي وارن کان ڇا پڇي ڇا پڇان؟ هاڻ انيڪ سوال آهن سڀني سجاڳ سمجهدار ماڻهن کان. خبر اٿم ته اسان عظيم تهذيب جا باني آهيون. غيور، غيرت ۽ شان وارا آهيون. اسان جي هڪ تاريخ آهي جيڪا موهن جي دڙي تائين وڃي ٿي پهچي. سنڌ جون تاريخون پڙهندي آهيان ته فخر سان ڳاٽ اوچو ٿي ويندو اٿم. سوچيندي آهيان. “اول به سنڌ هئي آخر به سنڌ رهندي.” منهنجو ننڍپڻ ننڍن شهرن ۾ گذريو آهي ٻنيءَ تي ويندي هئس ته هارين ۽ هارياڻين جي وات مان عجيب گفتا ٻڌندي هئس. ڳالهه ڳالهه ۾ اصطلاح ۽ محاورا استعمال ڪرڻ، شاهه جي شاعري جيڪا انهن پڙهي نه هئي ته به انهن جي دلين تي اڪريل هئي. شاهه جا شعر ائين ڳالهه ڳالهه ڪندي استعمال ڪندا هئا ڄڻ ته شاهه انهن جي ڏکن سکن ۾ انهن سان گڏ هو. ڦٽيون چونڊڻ واريون عورتون، گهر ۾ ٿانو ٻهارو ڪندڙ عورتون، اوڙي پاڙي جون وچولي طبقي واريون عورتون ۽ مرد، نماز روزي جون پابند عورتون خاندان جون وڏيون عقل واريون عورتون ۽ مائي حبل ۽ جمل جيڪي ٻئي ڪراڙيون لاڙڪاڻي مان اسان وٽ اينديون هيون. انهن جي ڪا به ڪهاڻي ختم نه ٿيندي هئي. رات جو ڇت تي اونداهيءَ ۾ جڏهن هو ڪهاڻيون ٻڌائينديون هيون ته اسان جي اڳيان فلم پيئي هلندي هئي.
ڪيڏا نه سچا ڪردار اسان جي اڳيان آيا ۽ ختم ٿي ويا. ڪي اوڻايون، ڪي برايون، ڪي ظلم، ڪي زياتيون اُهي به ٿيندي ڏٺيوسين ڪي وڏن کان ٻڌيوسين ته سنڌ ۾ هيئن به ٿيندو هو.
منهنجو ذهن هميشه انهن اوڻاين ۽ چڱاين جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندو هو. انهيءَ ڀيٽ ۾ هميشه چڱايون گهڻيون ٿي وينديون هيون ۽ مان انهن اوڻاين کي پاسيرو رکي انهن چڱاين جي واٽ تي هلندي هئس. ان وقت سوچيندي هئس ته مان ڪيڏي نه خوش قسمت آهيان جو مون هن ڌرتيءَ تي جنم ورتو آهي. نشاندهي ڪئي هوندم انهن براين کي، ننديو هوندو انهن ڳالهين کي، جيڪي اسان ۾ نه هئڻ کپن.
پر هي ڇا؟ اسان هن ويهن صديءَ جي آخر ۾ هن ائٽمي دور ۾ جت جيئڻ به جنجال آهي. هت پيٽ قوت لاءِ هرڪو پيو پاڻ پتوڙي، جت اڄ هڪ زال پالڻ به مسئلو آهي، جي اڄ ٻچن کي سٺي تعليم ڏيارڻ مسئلو آ، اڄ اسان وٽ غريب ايترو غريب آ جو کائڻ لاءِ رکو اٽو ڪو نه اٿس، وچولو طبقو معاشري جي نفسا نفسي ۾ زالين مڙسين ڪم ۾ رڌل آ ته به پورت نه آهي. هتان جو خوش حال طبقو به بينڪن جي قرضن ۾ ڪارو لڳو پيو آ، ڇو ته پاڻي ڪونهي آبادي گهٽ ٿي ٿئي. مطلب ته سنڌ جو هر طبقو سواءِ سياستدانن جي جن پنهنجو ضمير به وڪڻي ڇڏيو آ، باقي ٻيا سڀ جيون جي ڊوڙ ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻن انهيءَ سڄي اونداهيءَ واري ماحول ۾ جڏهن اسان جي بقا به خطري ۾ آهي ته اسان ڇا پيا ڪيون؟
ٽي وي هڪ ميڊيا آهي ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي ته ات اسان اهڙي قسم جا ڊراما ڏيندا آهيون جن سان صرف ٽن ڳالهين جو پرچار ٿيندو آهي، سنڌي ظالم آهن، سنڌي ڌاڙيل آهن ۽ سنڌي ڀوڪ آهن.
مڃون ٿا ته هر قوم ۾ اوڻايون هونديون آهن پر جهڙي طرح اسان ٽي وي جي ذريعي ڊراما پيش ڪري اهي اوڻايون ڏيکاريندا آهيون جيڪي ڪي صديون ڪي ورهيه اڳ اسان ۾ موجود هيون. هاڻ اهي اسان ۾ موجود ناهن. اسان جو ڊرامو شروع ٿيندو ته محسوس ٿيندو ته اسان بڇڙا آهيون، بڇڙا هئاسين ۽ بڇڙا رهنداسين.
مان اوهان سڀني پڙهندڙن کان اهو پڇڻ چاهيان ٿي ته ڇاهيءَ عزت ۽ مان واري ڌرتي ۽ ان ڌرتي جا پيارا ايترا خراب هئا ۽ آهن جيئن انهن کي پيش ڪيو وڃي ٿو؟
اهي قومون جن جي ڪا تاريخ نه آهي، اهي مهذب قومون ناهن. انهن جا ڪي اخلاقي قدر به نه رهيا آهن.ان جي باوجود به هو پاڻ کي اهڙو ته ڪري پيش ڪن ٿا ڄڻ ته انهن جهڙو هن ڪائنات ۾ ڪو آهي ئي ڪونه. انهن جي تاريخ بدمعاشين ۽ سفاڪين سان ڀريل آهي ته به هو پاڻ کي مسڪين ۽ با اخلاق ڪري پيش ڪن ٿا ۽ اسان جا لکندڙ اهي اوڻايون جيڪي اڄ اسان وٽ موجود نه آهن، انهن کي اهڙي طرح پيش ڪندا آهن جو هرڪو اهو سوال ڪندو آهي ته توهان اهڙا آهيو ڇا؟ توهان وٽ ائين ٿيندو آهي ڇا؟
اهڙا هاڃا هن ڀنڀور ۾ هاڻي نه ٿيڻ کپن، سوچڻ سمجهڻ گهرجي. هٿ سان پاڻ لاءِ جهنم نه ٻارجي.
هاڻ مان وري ٿي ذڪر ڪيان زينت ناول جو. هي ظلم زينت ناول تي ٿيو آهي. سو برداشت کان ٻاهر آهي. ڪهاڻي کي بدلائي ان ۾ ڪمتر ۽ ذليل ڊائلاگ وجهي اسان جي دلين کي ڏکويو ويو آهي. مان هن ليکڪ جي حوالي سان احتجاج ٿي ڪيان ته هن ڊرامي جي آخري قسط بلڪل پيش نه ڪئي وڃي ۽ ٻيهر صحيح طريقي سان هن ناول جي ڊرامائي تشڪيل ڏيئي پيش ڪيو وڃي. ناول کي ڊرامائي تشڪيل ڏيڻ لاءِ ڪجهه تبديليون ڪبيون آهن ۽ اهي ضروري به هونديون آهن پر اهڙي طرح ناول جو ٻيڙو غرق نه ڪبو آهي.
مان مرزا صاحب جي وارثن کان پڇان ٿي ته ڇا توهان جو اهو فرض نه هو ته توهان ناول جي ڪيل ڊرامائي تشڪيل کي پڙهو ها ۽ ضرور احتجاج ڪيو ها؟
جهريل جيءَ کي اها به خبر اٿم ته ڪجهه نه ورندو. آخري قسط به ٿي ويندي. منهنجو ڪنڌ جهڪيل رهندو. سوالن جا پڙاڏا گونجندا رهندا. توهان اهڙا آهيو ڇا؟ توهان وٽ ائين ٿيندو آ ڇا؟

هلال پاڪستان آچر 14 آڪٽوبر 1998ع