هر انسان هڪ ڪهاڻي آ
تازي ڳالهه آهي منهنجي ڀائيٽي ساد جي اسڪول جي ٽيچر جيڪا صرف ٽيهن سالن جي آهي اها ڪينسر جهڙي موذي مرض جي ڪري اسپتال ۾ داخل آهي. اٿس به پيٽ جو ڪينسر، آهي به آخري اسٽيج ۾ هوءَ اسڪول جي ٻارن جي پسنديده ٽيچر هئي. سڀ ٻار ڏکارا ٿي پيا آهن. ٻارن جي ڪومل دل ۾ ان ٽيچر لاءِ محبت ۽ همدردي اڃا به وڌي وئي آهي. اسڪول وارن ٿوري ڪوشش ڪئي ته اسڪول مان ئي ٻه لک رپيا جمع ٿي ويا. ان ويچاري منهنجي ڀاڀيءَ جو هٿ پڪڙي ڏاڍي ڏک مان چيو ته توهان به منهنجي لاءِ ڪجهه ڪريو، مان مرڻ نٿي چاهيان.
ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ خبر پئي ته هوءَ مري وئي. هوءَ ٽيهن سالن جي خوبصورت ڇوڪري هئي. وڏا ڊگها وار رنگ روپ جي به سهڻي، هاڻ هوءَ مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي وئي آهي. ان جي وفات ڪرڻ کانپوءِ جن ڳالهين جي خبر پئي آهي ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهن، خبر پئي آهي ته هوءِ پنهنجي گهر کي سنڀاليندي هئي. گهر ۾ پوڙها ماءُ پيءُ ۽ هڪ اپاهج ڀيڻ هئي جيڪا هڪ حادثي ۾ اپاهج ٿي وئي. ٻه ڀائر به هئس جن کي ننڍي پيماني تي ڪاروبار کولي ڏنو هئائين.
ٻڌو اٿم ته هوءَ صبح جو سوير گهر مان نڪرندي هئي ۽ رات جو ڏهين وڳي گهر پهچندي هئي. اسڪول بند ٿيڻ کانپوءِ هوءَ ٻارن جي گهرن ۾ وڃي ٽيوشن ڏيندي هئي. رات جو جڏهن گهر پهچندي هئي ته پوءِ ان ويل هوءَ پوڙهي ماءُ پيءُ ۽ اپاهج ڀيڻ لاءِ ماني پچائيندي هئي. انهن کي ماني کارائي انهن جي ٽهل ٽڪور ڪري صاف سٿرو ڪري انهن کي سمهاريندي هئي. اتان واندي ٿي هوءَ گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي ٻئي ڏينهن لاءِ ناشتي جو انتظام ۽ منجهند جي ماني پچائي رکندي هئي. هڪ ڀاءُ جي شادي ٿيل هئي پر اها ڀاڄائي گهر ڀاتين ۾ ڪا به دلچسپي ڪانه رکندي هئي. ڀائرن کي صرف پئسن جي گهرج هوندي هئي. مختلف بهانا ڪري مجبوريون ٻڌائي ڀيڻ کان پئسا وٺندا رهندا هئا.
ائين ئي هوءَ ويچاري زندگيءَ جو گاڏو گهليندي رهي. رات جي پچايل ماني ٻئي ڏينهن هوءَ منجهند جو کائيندي هئي. سڪل ٺوٺ پاروٿي ماني جنهن کي کائڻ به هڪ مسئلو هوندو هو. هوءَ مڙيئي پيٽ ڀرڻ لاءِ کائيندي هئي. سندس ساٿي ٽيچر ٻڌائين پيون ته اسان ان کي سمجهائيندا هئاسين ته ڪجهه ته پنهنجي صحت جو خيال رک. جيءُ آهي ته جهان آهي. پر هوءَ ويچاري ڇا ڪري. سندس زندگي ئي اهڙي هئي. ڪجه عرصي کان هوءَ پيٽ جي سور جي شڪايت ڪندي هئي ڪا نه ڪا پيٽ جي سور جي گوري کائي سور کي پئي گهٽائيندي هئي. ان ويچاريءَ کي ته خبر ئي ڪانه هئي ته ان جي پيٽ ۾ ڪهڙي بيماري پئي سرجي.
جڏهن تڪليف گهڻي وڌي ويس ۽ ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرايائين ته خبر پيس ته هوءَ ڪينسر جي مرض ۾ وٺجي چڪي آهي. هاڻ بيماري ان اسٽيج تي آهي جو دوا ۽ دعا ٻئي بيڪار آهن. هاڻ هوءَ مري چڪي آهي. هن دنيا جي انهن وجودن مان اها هڪ اهڙو وجود هئي. جنهن کي اها به خبر نه هئي ته خوشي ۽ سڪون ڇا هوندو آهي. پيار محبت ڪهڙي شئي آهي. غربت ۾ هوءَ ذميندارين جا بوجهه کڻندي رهي. هوءَ ڊفينس جهڙي علائقي جي هڪ مشهور اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي ۽ ان ئي علائقي جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائيندي هئي. جن گهرن ۾ پڙهائڻ ويندي هئي اهي ڪڏهن به ان کان چانهه پاڻيءَ جو ڪونه پڇندا هئا. سڄي ڏينهن جي دماغي ۽ جسماني ٿڪاوٽ کانپوءِ وري گهر جو ڪم ۽ بي سڪوني، مان سوچيندي آهيان، زندگيءَ جا مختصر ٽيهه سال به ان ڪيڏا نه ڏکيا گذاريا هوندا. ان جو ته هڪ پل به سال برابر هوندو.
هوءَ ويچاري اسان جي هن بي حس معاشري جو ڪو اڪيلو ڪردار نه آهي. اهڙا ڪيترا ڪردار اسان جي آس پاس ڀريا پيا آهن. صرف ويجهو وڃي ڏسبو ته ڏکن جا دفتر کليل ملن ٿا. اهڙا ڪيترائي وجود آهن. جيڪي هن دنيا ۾ بس ايندا آهن ۽ ويندا آهن. انهن وٽ پنهنجي لاءِ وقت ڪونه هوندو آهي. پنهنجي وجود جي يادگيري ڪونه هوندي آهي.
مان سوچيندي آهيان ته انهن ته ڪي گناهه به ڪونه ڪيا هوندا. آخر الله به اهڙن بندن کان ڪهڙا حساب گهرندو ڪي درد دلين ۾ گهر ڪري وٺندا آهن. اسان جي هن دنيا ۾ انسان ويچارو ڪيترو ڀوڳي پيو. ان لاءِ ڪنهن جي دل کي کولي ڏسو ڪنهن جي ويجهو ته وڃي ڏسو ته خبر پوندي ته هر انسان هڪ ڪهاڻي آهي.
جمعو 3 جون 2005ع