حق بخشرائڻ ۽ ڪارو ڪاري ڪري مارڻ وارا مسئلا
سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪن واقعن جو دنيا ۾ ذڪر ٿئي پيو. انسان جي عالمي حقن جون تنظيمون کوجنا ڪن پيون. ايترو گهڻو ذڪر ٿيو آهي ۽ اسان جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي. اسان جيڪي سنڌ واسي آهيون پنهنجي ماضي جو ذڪر وڏي فخر سان ڪندا آهيون، مستقبل جا منصوبا ٺاهيندا آهيون مگر حال ۾ جيڪو اسان جو عمل هوندو آهي اهو اسان کي ماضي ۽ مستقبل کان پري ڪيو بيٺو آهي. تازو هڪ مضمون پڙهيو هوم جنهن ۾ لکندڙ اهو لکيو آهي ته “مان موهن جي دڙي جي رهواسين کي سنڌي ڪو نه ٿو سمجهان. سبب صرف اهو آهي ته اگر اهي سنڌي هئا ۽ موهن جو دڙو به سنڌ ۾ آهي ته پوءِ آخر اهي ڪهڙيون حالتون هيون جن جي ڪري اسان جي موجوده حالت ان موهن جي دڙي جي ماحول کان ابتڙ آهي. مان ان مضمون نگار جي ڳالهه تي متفق آهيان. يقينن اهو عبرت ۽ عجب جو مقام آهي جو نه صرف موهن جو دڙو ۽ ٺٽو پر ٻيا اسان جا پراڻا شهر ۽ کنڊر، اسان جو ادب ۽ تاريخ جن جي عظمت تي اسان کي ناز آهي. اهي عظمتون اهي حالتون ڪاڏي گم ٿي ويون؟
حافظ ارشد انڍڙ هڪ هنڌ هيءَ روايت ٻڌائي هئي ته حضور صلعم جي درٻار ۾ ڪي ماڻهو پنهنجي لباس ۽ هلت چلت ۾ مختلف نظر آيا ته ات ويٺل ماڻهن حضور صلعم کان پڇيو ته هي ڪير آهن؟ جواب ۾ حضور صلعم چيو ته هي“سنڌ ملڪ جا سنڌي آهن ۽ علم هنر وارا آهن.”
اهو علم هنر آخر ڪاڏي گم ٿي ويو؟ اسان پنهنجي آس پاس نظر ڦيرايون ته اڃان به اسان وٽ هن ترقي يافته ايٽمي ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ دور ۾ تعليم جو ريشو تمام گهٽ آهي. هڪ صدي کن اڳ ته حالتون اڃا به وڌيڪ خراب هيون. رڳو پنجاهه سال اڳ پاڪستان ٺهڻ مهل جيڪي هتان جون حالتون هيون، تڏهن ته ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙ اڃا تائين اسان کي اهو طعنو ڏيندا آهن ته هو سڀ پڙهيل لکيل هئا ان ڪري انهن اچي ملڪ سنڀاليو. باقي هن ملڪ پاڪستان ۾ خاص ڪري انهن جو اشارو سنڌين ڏي هوندو آهي ته سڀ جاهل ۽ ڄٽ هئا. انهن کي تهذيب سيکاري ئي انهن پناهگيرن آهي. جذبات ۾ اچي اسان ڇا چئون يا وري پناهگير ڇا ٿا چون، پر اها به حقيقت آهي ته اهو سڀ ڪجهه صحيح نه آهي ته اسان سڀ سنڌي صفا ويل هئاسين ۽ هت آيل سڀ پناهگير تعليم يافته ۽ مهذب هئا . . . . . هو پنهنجي وڏائي ۾ کڻي ڇا به چون پر حقيقتون اسان کان لڪل نه آهن. اسان جا وڏا جيڪو ڪجهه انهن جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن اهي سچايون به لڪائي ۽ ختم نه ٿيون ڪري سگهجن . . . . بهرحال اسان کي پنهنجو پاڻ کي ڏسڻو ۽ پرکڻو آهي، اسان سڀ سنڌي هن سنڌ ملڪ جا رهواسي اڄ ٻن ڳالهين جي ڪري دنيا جي نظرن ۾ آهيون. حيرت وچان دنيا وارا اسان کي تڪي رهيا آهن. پڇائون ڪري رهيا آهن ته اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ ڪڏهن کان ٿئي پيو ۽ هاڻ ڪيتري حد تائين اهي ڳالهيون اسان ۾ موجود آهن.
اهي ٻه مسئلا آهن. قرآن سان حق بخشائڻ ۽ ڪارو ڪاري ڪري مارڻ، قرآن سان حق بخشائڻ ٻين لفظن ۾ قرآن شريف جي حوالي پنهنجي زندگي ڪري خاموشي سان زندگي گذارڻ، اهو سڀ ڪجهه اسان وٽ ڪڏهن کان ٿئي پيو، ان جي ڪهڙي تاريخ آهي. ان لاءِ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. بهرحال اهو چئي سگهجي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه اسان وٽ جهالت جي ڪري، علم جي ڪميءَ جي ڪري ئي ٿيو آهي. مان سمجهان ٿي ته اهڙن واقعن جي ابتدا اسان جي سنڌ ۾ گهڻو پراڻي نه آهي.
هن سنڌ ملڪ تي مختلف حاڪمن جو ڪاهون ۽ حڪمرانيون، انهن جي اثر جي ڪري به هتان جو ماحول مٽجندو رهيو آهي. هونءَ به اسان وٽ نياڻين جون شاديون ننڍي عمر ۾ ڪرائي قرض لاهبو هو، نياڻي کي گهر ۾ ويهارڻ گناهه تصور ڪيو ويندو هو. اسان جي مذهب ۾ ستر پوشي جي ته تاڪيد ڪئي ويئي آهي، پر اهو ڪٿي به چيل نه آهي ته عورتن کي برقعا پارائي ڪوٽن ۾ قيد ڪيو وڃي، انهن جا بنيادي حق کسي انهن جون شاديون به نه ڪرايون وڃن. عام طرح سان اسان جي معاشري ۾ عورت ۽ مرد محنت ڪش رهيا آهن. اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آهي. زراعت جي ڪمن ۾ پوري قوت ۽ محنت گهرجي ٿي ان ڪري اسان جو اهو محنت ڪش طبقو انهن برقن ۽ قيد خانن کان آزاد آهي. باقي رهيو خوشحال پئسي وارو طبقو . . . . هاڻ انهن ۾ ئي اهي سڀ غلط قسم جون روايتون ۽ واقعن جي گهڻائي آهي . . . . ٿورو تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان اهو معلوم ٿيندو ته جڏهن برضعير ۾ مغل بادشاهن جي حڪومت هوندي هئي ان ئي زماني ۾ ريتن رسمن ۽ پابندين جو رواج گهڻو پيو، خاص ڪري اورنگ زيب عالمگير جي زماني ۾ ماحول ڪافي مٽيل آهي. اورنگ زيب عالمگير انتها پسند ۽ ڪٽر مسلمان هو. ان پنهنجي ڌيئن کي پردي ۾ ويهاريو ۽ محلن ۾ قيد ڪيو. ان پنهنجي ڌيئن جي شادي به ڪا نه ڪرائي، جيئن ته حڪمرانن جي عمل جو عوام تي گهرو اثر ٿيندو آهي. ان ڪري ننڍي کنڊ ۾ سنڌ کي ملائي اسان جي خوشحال طبقي اهي سڀ رسمون پنهنجيون ڪيون. اهڙي غلط قسمن جو رواج اڃا تائين اسان وٽ موجود آهي ۽ انهن رواجن جا خراب نتيجا اڃان تائين اسان ڀوڳيون پيا هي هڪ تحقيق طلب مسئلو آهي. اسان جي ريسرچ ڪندڙ اسڪالرن کي هن ڳالهه ڏي توجهه ضرور ڪرڻ گهرجي.
هاڻ جيئن ته مان مٿي ٻن اهم مسئلن، حق بخشائڻ ۽ ڪارو ڪاري ڪري مارائڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ان جو حق بخشائڻ وارو مسئلو ڪي قدر گهٽ ٿي ويو آهي. ممڪن آهي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ واقعو ٿيندو هجي ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪي سال صدين کان جيڪا اسان وٽ ريت هئي سان تقريبن ختم ٿي چڪي آهي.
هاڻ سائين ڪارو ڪاري ڪري مارڻ وارو سسٽم اسان وٽ موجود آهي. نه صرف موجود آهي پر اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي اچڻ بجاءِ واڌارو ٿي رهيو آهي. اخبارن ۾ تقريبن روزانو اهڙن واقعن جو ذڪر اچي ٿو. اهڙن واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ سان جيڪي ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. سي به عجب جهڙيون آهن. ڏٺو اهو ويو آهي ته اهڙن واقعن ۾ ذاتي دشمنيون، جائيداد جا جهڳڙا ۽ جنسي مسئلا گهڻا آهن. ياد ٿو اچيم هڪ واقعو جنهن ۾ هڪ ڀاءُ پنهنجي گگدام ڀيڻ کي سوٽ سان ڪاري ڪري ٻنهي کي ماري وڌو. خبر اها پئي ته اهو اڪيلو سوٽ جائيداد ۾ حصيدار هو، تنهن ڪري نه صرف ان کي مارايائين پر گڏوگڏ غريب ڀيڻ جو به سر کنيائين. هڪ عورت ته مون کي اهو ٻڌايو ته ٻهراڙي ۾ گڏيل گهر، انهن ۾ لوڙها ۽ اڱڻ گڏ هوندا آهن يا وري ويجهو ويجهو هوندا آهن. اسان جون نياڻيون جڏهن وڏيون ٿينديون آهن يا وري اسان جي گهر ۾ جيڪي نُنهرون هونديون آهن رات جي وقت چاهي انهن کي اڃ لڳي يا حاجت محسوس ٿئي هو اصل پنهنجي ڪمري يا اڱڻ کان ٻاهر نه نڪرنديون آهن، ڇو ته ڪمهلي مهل اٿڻ سان يڪدم ڪاري ڪري ماري ڇڏيندا آهن. شڪ ڪرڻ ۽ بهتان هڻڻ ته سڀ کان آسان آهي اسان جي معاشري ۾.
ٻيو جيڪو اهم مسئلو آهي جنس جي حوالي سان. گهر ۾ پرڻيل يا ڪنواري جي پٺيان ڪو نه ڪو مرد لڳو وتندو. لفٽ ڪرايائين ۽ ٺهي وئي ته ٺيڪ نه ته ڪاري ڪري ماريندس. خاص ڪري ڏير ڀاڄائين کي ڪاري ڪري ماريندا آهن. اها ويچاري بي گناهه ته مارجي ويندي آهي پر گڏوگڏ ڳالهه پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن بي گناهه مرد کي ماري ڇڏيندا آهن. اڪثر ڏير پنهنجي ڀاڄاين تي بري نظر رکندا آهن ۽ غيرت ۾ اچي مڙس نه پر اهو ڏير پنهنجي تمنا پوري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڀاڄائي کي ماري ڇڏيندو آهي. اهڙي ئي هڪ واقعي جي تفصيل سان ڄاڻ پئي اٿم. لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڏير ڀاڄائي کي مارڻ جا سانباها ڪيا. ڇو ته سندس ڀاڄائي وٺ نه پئي ڏيس. ڀاڄايس کي به کڻڪ پئجي ويئي. سا وٺي ڀڳي ڳوٺ جي ٻاهران هڪ قبرستان ۾ وڃي پناهه ورتائين. رات وچ ۾ ئي کيس ڳولهي ورتائون ۽ ان کي ماري وڌائون. گڏوگڏ هڪ غريب مائٽ ڇوڪرو جيڪو گهر ۾ ايندو ويندو هو ان کي به ماري وڌائون . . . . ان عورت کي به مڙس نه پر ڏير ماريو.
واقعن تي ويهي لکجي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪجي ته خطرناڪ حالتون سامهون اچن ٿيون. اهڙن واقعن ۾ ڪمي ان ڪري نه آئي آهي ڇو ته اسان وٽ اڳتي وڌي حقيقتون ٻڌائڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي. پوليس جو ڪردار به صحيح نه رهيو آهي. عدالتي ڪارواين ۾ به غلط بياني کان ڪم ورتو ٿو وڃي. اوستائين اهڙن واقعن ۾ ڪمي نه ا يندي جيستائين صحيح معنيٰ ۾ سچ ثابت ڪري مجرمن کي سزا نه ملندي.
اسان جي قانون ۾ هڪ اهڙي شق رکجي جنهن ۾ شڪ جي بنياد تي مارڻ لاءِ سهولتون نه هجن پر انهن کي قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، جڏهن ته ملڪ ۾ قانوني ادارا آهن. ته بجاءِ ڪارو ڪاري مارڻ جي عدالت کان رجوع ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ اهڙي طريقي سان هڪ ڌڪ ۾ ماري ڇڏڻ واري رواج ۾ ڪمي اچي وڃي.
قانون ۾ ان ڳالهه جي به سزا رکي وڃي ته اهڙي طرح سان اگر ڪير قتل ڪندو. قانون هٿ ۾ کڻندو ته ان کي سخت سزا ملندي. ممڪن ٿي سگهي ته عمر قيد ۽ ڦاسي جي سزا مقرر ڪئي وڃي، ائين ڪرڻ سان قتل ڪندڙ ٻه چار سال سزا ڪاٽي بالم ٿي ڪو نه گهمندو. جيستائين ڪي سخت قاعدا قانون لاڳو نه ٿيندا تيستائين اهڙن واقعن ۾ ڪمي نه ايندي. پاڻ روزانو هڪ خبر جي جاءِ تي ڏهه خبرون ڇپجنديون.
آچر 9 جنوري 1994ع