رستي تي پيل هڪ مرڪ ۽ چمڪ
ان اهڙي نفسا نفسيءَ جي ماحول ۾ ات ڪي اهڙا ڪردار به آهن جن جو وجود جيءَ کي جنجهوڙي وجهندو آهي. هوءَ الائجي ڪير آهي؟! نالو به خبر ناهي ڇا اٿس، اپاهج آهي، سٿرن ڀر سرڪندي آهي ۽ هٿن سان هلندي آهي. روز رستي تي منهنجي سامهون ايندي آهي. يونائيٽيڊ بيڪري جي پاسي واري گهٽي مان، مان جڏهن به گذرندي آهيان ته هوءَ ات مون کي نظر ايندي آهي. هوءَ مون کي ڏسندي ئي سڌي ٿي ويهندي آهي. منهن تي مسڪراهٽ ۽ اکين ۾ چمڪ هوندي اٿس. رنگ سانورو اٿس (ٿي سگهي ٿو ڪنهن زماني ۾ اصل ۾ اڇي ئي هجي) مهانڊو سهڻو، اکيون وڏيون اٿس. مان ان کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري لنگهي ويندي هئس. سچ پچ ته منهنجي دل ۾ ايتري همت به ڪا نه هوندي هئي جو ان کي ڏسان. لنگهندي هڪ نظر منهنجي ان تي پوندي هئي ۽ پوءِ مان ڪنڌ جهڪائي ان جي ڀرسان لنگهي ويندي آهيان. هوءَ به روزانو مون کي ڏسي اڀي ٿي ويهي رهندي آهي. ۽ مان اکيون جهڪائي لنگهي ويندي آهيان. مان روزانو اتان لنگهندي آهيان ڇو ته منهنجي ڪاليج ڏي ويندڙ رستو اهو ئي آهي.
هڪ ڏينهن اوچتو ان منهنجي چولي جي پلوَ کي جهلي مون کي بيهاري ڇڏيو، منهنجو سڄو وجود ڏڪي ويو، هوءَ ويٺل هئي ۽ مان بيٺل هيس. ان منهن تي پنهنجي مخصوص مسڪراهٽ آڻي مون کي چيو “باجي اسلام عليڪم”، مان ان کي وعليڪم السلام چيو. ان مون کان اردوءَ ۾ پڇيو، “توهان جاب تي وڃي رهيا آهيو؟ توهان پڙهائيندا آهيو”، مان ڪنڌ لوڏي ها ڪئي. ان جواب ۾ چيو مون کي به لڳي رهيو هو ته اوهان ماسترياڻي آهيو. جنهن وجود کي مان روز ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري لنگهي ويندي هيس، جنهن وجود کي ڏسڻ جي مون کي همت ڪا نه هئي ان ڏينهن ان مون کي بيهاري ڇڏيو. هوءَ فقيرياڻي آهي. ان علائقي جا سڀ دڪاندار، ريڙهي وارا، فٽ پاٿ تي ويهي ڪاروبار ڪرڻ وارا سڀ ان کي سڃاڻين. سڀني سان کل ڀوڳ ڪندي ڳالهائيندي رهندي آهي. مان پرس مان ڪجهه پئسا ڪڍي ان کي ڏنا ۽ چيومانس ته مان سامهون واري ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهيان ان ڪري مان روز هتان لنگهندي آهيان.
بس اهو هڪ دفعو منهنجي مختصر ڳالهه ٻولهه ان سان ٿي اڄ به هوءَ ات آهي ۽ مان به اتان لنگهندي آهيان. هڪ ٻئي کي صرف ڏسندا آهيون، مسڪرائي خاموشي سان لنگهي ويندا آهيون، هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي آهي ته هوءَ ان وقت تائين مون کي ڏسندي رهندي آهي جيستائين مان ان گهٽيءَ مان لنگهي هلي وڃان.
هوءَ الائجي ڪير، مان به ان لاءِ اجنبي! پر منهنجي اندر ۾ ان لاءِ هڪ جذبو آهي، هڪ پنهنجائپ آهي. مان ان جذبي کي ڪهڙو نانءُ ڏيان؟ شايد هي درد جو رشتو آهي هي منهنجي دل جو اهو درد آهي جيڪو شايد ئي ڪير محسوس ڪري، هي صدر جو علائقو ڏينهن ۾ هزارين ماڻهو اتان لنگهن ٿا، هزارين ماڻهو هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا. هر قسم جا انسان آهن، ڪي چور، ڪي بشني، ڪي عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڌڪڻ وارا لنگهندي هروڀرو ڪلهو هڻي هلڻ وارا، هر قسم جي انسانن ۾ هوءَ به هڪ انسان آهي ان وٽ به دل آهي جذبا آهن. اسان جهڙو دماغ آهي، رت به هڪ جهڙو آهي هوءَ به گهڻو ڪجهه سوچيندي هوندي. ان جي دل ۾ به الائجي ڪيترا درد هوندا. هوءَ به سڄو ڏينهن گذاري رات جو جنهن ڪنڊ ۾ وڃي سمجهندي هوندي ته اکين جي مٿان ٻانهن رکي پنهنجي زندگيءَ تي سوچي ضرور لڙڪ ڳاڙيندي هوندي. اهو سڀ ڪجهه مان ان لاءِ سوچيندي آهيان، منهنجي دل مان ان لاءِ دعا به نڪرندي آهي، اسان سڀ هڪ ٻئي جي دعائن جا محتاج آهيون. هوءَ هڪ زنده وجود آهي ۽ اصل ۾ زندگيءَ جي ئي اهميت آهي.
زندگيءَ جي اهميت ان ڪري اهم آهي جو جڏهن مان ڏٺو آهي ته جڏهن به ڪي پريشانيون ۽ ڏک ملندا آهن ته حال في الحال جيءَ جهري پوندو آهي ۽ مان پاڻ کي اهو آٿت ڏئي سنڀالي وٺندي آهيان ته زنده انسان آهيان، ان ڪري ئي ته زندگيءَ جا مسئلا آهن. مرڻ کان پوءِ ڪهڙا ليکا، ڪهڙا چوکا . . . مان پنهنجن ٻارن کي، دوستن کي اهو ئي چوندي آهيان ته پنهنجي چؤ طرف ڏسو ڪيترا جوان خوبصورت انسان مرن پيا، ماريا وڃن پيا، بس هڻ کڻ لڳو پيو آهي زندگي ته آهي ئي جدوجهد جو نالو، زندگي آهي ته خوشيون به آهن ته تڪليفون به آهن. اهڙي طرح سان جڏهن ان فقيرياڻي جهڙا ڪردار منهنجي سامهون ايندا آهن منهنجي اندر ۾ گهر ڪري ويندا آهن ته اڃا به مون کي جيئڻ جو حوصلو ملندو آهي جيڪو به انسان جت به آهي جيئن به آهي بس زنده رهي ۽ خوش رهي. هن سسٽم ۾ جيڪي ڪميون ڪوتاهيون آهن انهن کي ختم ڪري اهڙن ڪردارن کي اڳيان آڻي انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي، ڪي ادارا هجن جت اهڙن محتاجن کي ڇپر ڇانو ملي، انهن جي اکين جي چمڪ ۽ منهن تي مسڪراهٽ قائم رهي.
عوامي آواز آچر 10 جولاءِ 2005ع