ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

ڏاڍو جيون ۽ ڏکن جون واٽون

اڄ وقت ۽ حالتن ان کي بي وس ڪري ڇڏيو آهي. ڪو وقت هو جڏهن سڀ ڪنهن جي وات ۾ ان جو نالو هوندو هو. پنهنجي وقت جي نالي واري هستي اڄ موت جي قريب وڃي پهتي آهي. کيس ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون آهن. سندس اصل بيماري آهي تنهائي، سڄي زندگي هوءَ تنها رهي آهي. ڪو ٿورو وقت ان جي زندگيءَ ۾ ڪير آيو هو. هو ائين آيو جو وڃڻ کان پوءِ زندگيءَ جون سڀ خوشيون ۽ راحتون ان کان کسي ويو – سندس عروج جي زماني ۾ مان به کيس ڏٺو هو. گهڻو ڳالهائيندڙ هر وقت ٽهڪ ڏيندڙ رخسانه جنهن جي صحبت ۾ هو ڪو خوش ٿيندو هو.
هوءَ زبيده ڪاليج جي هاسٽل ۾ ڪمري نمبر ڏهه ۾ رهندي هئي. ان وقت منهنجي وڏي ڀيڻ ڪاليج جي پهرين سال ۾ داخلا ورتي هئي، جڏهن به اسان ڀيڻ سان ملڻ هاسٽل ۾ ويندا هئاسين ته سڀ کان پهرين رخسانه ئي اچي اسان سان ملندي هئي. ان جي نظر انهن کاڌي جي شين تي به هوندي هئي جيڪا اسان آڻيندا هئاسين. هوءَ حجت ڪري امان کي چوندي هئي ماسي منهنجو حصو ڪٿي آهي. امان چوندي هئي ته پٽ هي سڀ ڪجهه اوهان سڀن لاءِ آندو اٿم. هڪ دفعو جڏهن اسان آياسين تي هوءَ ستي پئي هئي. پوءِ اها ڳالهه اسان جي ڀيڻ ٻڌائي ته رخسانه ڏاڍي ناراض ٿي ته مون کي اٿاريو ڇو ڪين. منهنجا گهر وارا ته ڏاڍو پري ٿا رهن. غريب آهن ان ڪري اچن به گهٽ ٿا، ماسي جن ايندا آهن ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن مان زبيده ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته اتفاق سان مون کي رخسانه سان گڏ ڏهين نمبر ڪمري ۾ جاءِ ملي، ان زماني ۾ هوءَ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي ڪري رهي هئي. رخسانه سان گڏ رهڻ کان پوءِ مان ڏٺو ته، هر وقت ٽهڪ ڏيندڙ سڀني کي ڪم ايندڙ رخسانه رات جي تنهاين ۾ سڏڪا ڀري روئندي هئي ڪمري جي دري جيڪا جبل جي پاسي کلندي هئي، اتي بيٺي آسمان ڏانهن ڏسندي رهندي هئي.
هڪ رات مان اُٿي سندس خاموشيءَ کي ٽوڙيو. کيس کلي ٽوڪ ۾ چيم ادي رخسانه آسمان ۾ تارا پئي ڳڻين ڇا؟ هوءَ ڇرڪ ڀري مون ڏي ڏسڻ لڳي – ڪائنات جون سڀ ويرانيون، ڏک ۽ پيڙائون مون سندس اکين ۾ ڏٺيون. ان ويل هوءَ عادت موجب کلي ڪا نه ۽ نه وري موٽ ۾ مون کي ڪو جواب ڏنائين خاموشيءَ سان وڃي پنهنجي پلنگ تي سمهي رهي. هاڻي منهنجي رخسانه ۾ دلچسپي وڌي ويئي. ان دوران هڪ وڏو انڪشاف مون تي ٿيو. هوءَ هڪ سٺي ليکڪا به هئي ۽ نالو مٽائي لکندي هئي. ادب سان منهنجي به دلچسپي هوندي هئي. ٻي اها ڳالهه جيڪا مون کي معلوم ٿي ته رخسانه يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي باوجود زبيده ڪاليج جي هاسٽل ۾ ان ڪري رهندي هئي جو آپا شمس عباسي ان جي مدد ڪندي هئي. ميس جي ماني ۽ ڪپڙن ڌورائڻ جو بل کانئن ڪين ورتو ويندو هو. آهستي آهستي اسان پاڻ ۾ ويجهو ٿيندا وياسين، مان سنڌي ادبي ڪتاب ۽ رسالا وٺندي هئس. هوءَ انهن کي شوق سان پڙهندي هئي. هڪ دفعو مون کي چيائين ته ڪاش تون مون جيتري هجين ها. شروع کان وٺي مون سان گڏ رهين ها ته مان ڪيترا نه ڪتاب پڙهي ڇڏيان ها. اهي ڪتاب جن کي مان چاهيندي به خريد ڪري نه ٿي سگهان – هوءَ سٺو لکندي هئي، شاعري به ڪندي هئي ته ڪهاڻيون به لکندي هئي. ستر واري ڏهاڪي ۾ ان تمام گهڻو لکيو. معياري ۽ نالي وارن رسالن ۾ سندس لکڻيون ڇپجنديون هيون.
ٻن سالن کان پوءِ ايم. اي ڪري هوءَ هلي ويئي ۽ وري نظر نه آئي. سندس لکڻيون ڪيترن سالن تائين پڙهڻ لاءِ ملنديون رهيون. هڪ ڳالهه جو مون کي شدت سان احساس ٿيندو هو ته ان جي شروع وارين لکڻين ۾ زندگي هوندي هئي ۽ هاڻ سندس لکڻين ۾ مايوسيون، نراسايون ۽ شڪايتون هونديون هيون، سندس لکيل ڪي شيون ته مون کي پريشان ڪري ڇڏينديون هيون. شدت سان دل چاهيندي هئي ته رخسانه ڪٿي ملي وڃي ته کانئس سندس لکڻين ۾ پيڙائن ۽ ڏکن جو سبب پڇان پر هوءَ مون کي ڪٿ به نظر نه آئي. آهستي آهستي سندس لکڻيون به نظر نه اچڻ لڳيون. هن دنيا جي وهڪري ۾ جيڪو الڳ ٿي ويو ڄڻ ته دل تان لهي ويو. وقت جا قافلا پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان رهندا آهن. ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري، ڪير ٿو ڪنهن کي ڳولهي. ڪنهن ادبي پروگرام ۾ ڪڏهن ڪن محفل ۾ سندس نالو هڪ ليکڪا طور ياد ڪيو ويندو هو. ان ويل رخسانه جي تصوير منهنجي ذهن ۾ اڀرندي هئي ۽ مان سوچيندي هيس الائجي ڪٿي ڪهڙي حال ۾ هوندي رخسانه . . . . .
مهينو کن اڳ هڪ معجزو رونما ٿيو. رخسانه مون وٽ پاڻ هلي آئي. کيس اها خبر نه هئي ته مان اها ئي اڪرم سلطانه آهيان، جيڪا هاسٽل ۾ ان سان گڏ ڪمري ۾ رهندي هئس. هوءَ ته سلطانه وقاصي سان ملڻ آئي هئي. ان وقت رخسانه سان گڏ هڪ اوڻيهن ويهن سالن جي ڇوڪري به هئي. مان هڪ نظر ۾ رخسانه کي سڃاتو هوءَ به مون کي سڃاڻي ويئي. جيتري سڪ منهنجي دل ۾ ان لاءِ هئي اهڙي ئي سڪ سان هوءَ مون سان ملي. اسان ڪيتري دير تائين پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا رهياسين. ائين پئي لڳو ته زبيده ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري نمبر ڏهين وارو ماحول ۽ وقت موٽي آيو آهي. هاڻ رخسانه ۾ اها زندگي ۽ ٽهڪ ڪين رهيا هئا ڪمزور ۽ لاغر پئي لڳي اهو به محسوس ڪيم ته معاشي طور به خوشحال نه آهي. مان گهڻو ڪجهه ان کان پڇڻ پئي چاهيو پر ڇو ته هوءَ مون کان عمر ۽ پڙهائيءَ ۾ وڏي هئي ۽ هو شروع کان وٺي هڪ حد رکندي هئي. انهن سببن جي ڪري چاهيندي به مان کانئس سندس ذات متعلق ڪجهه به پڇي ڪين سگهيس. ساڻس گڏ ڇوڪري سندس ڌيءَ هئي. مان کانئس اچڻ جو سبب پڇيو ته مرڪي چوڻ لڳي. سٺا ڪالم ٿي لکين دل چاهيو تو سان ملان ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي ائڊريس ڏئي هلي وئي. رخسانه هاڻ مون کي بيچين ڪري ويئي ۽ مان به وقت ڪڍي وڃي سندس گهر ڳولهي لڌو جيڪو ڪراچيءَ ۾ اهڙي هنڌ هو جت زندگيءَ جون سهولتون گهٽ هيون. رخسانا مون کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ڪيتري دير تائين منهنجا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي ويٺي. سندس ڌيءَ ان ويل گهر ۾ ڪا نه هئي ٻڌايائين ته پاڙي ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي. ان ويل مان کانئس پڇيو تون ڇا ڪندي آهين ۽ تنهنجو گهر وارو ڇا ڪندو آهي. جواب ڏيڻ مهل سندس چهري تي نفرت اڀري آئي. ڪرڀ مان چيائين نه پڇ انهن جو جيڪي اڪيلو ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا. منهنجي دل کي جهٻو آيو. کيس چيم اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون. ڪير مري وڃي يا ڇڏي ڀڄي وڃي فرق ڪهڙو ٿو پوي . . . . .
هوءَ حيرت مان مون کي ڏسڻ لڳي. پوءِ اسان پاڻ ۾ زندگيءَ جي ڏکن سکن جون ڳالهيون ڪيون پهرين ته هوءَ ڳالهائيندي پاڻ کي ڏاڍو مضبوط محسوس ڪرائي پئي پر پوءِ هوءَ جهري پئي ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي. پاڻ ٻڌايائين ته سندس شادي سؤٽ سان ٿي، جيئن ته هوءَ ايم. اي پاس هئي ۽ سندس سؤٽ مئٽرڪ مس ڪئي هئي پر مائٽن شادي ڪرائي ڇڏي. گهر ۾ گهڻي خوشحالي به ڪا نه هئي، ان وقت سنڌي پڙهائڻ لاءِ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ڪافي ضرورت هئي ان چاهيو پئي ته نوڪري ڪري پر سندس گهر وارو عجيب خيالن جو هوندو هو. هوءَ ان جو گهڻو خيال رکندي هئي پر لڳندو ائين هو ته هوءَ ان کي وڻي ئي ڪا نه ٿي. سندس لکڻ پڙهڻ تي هو سخت ناراض ٿيندو هو. سڀني اديب ۽ اديبائن کي گهٽ وڌ چوندو هو. ان مون کي ڏاڍا عذاب ڏنا سڀ صبر سان سٺم ته به ڇڏي هليو ويو. پوءِ هيءَ ڌيءَ ڄائي ۽ مان ڀائرن جي در تي محتاج هيس، ان وقت وري نوڪري ڪرڻ چاهيم ته ڀائرن نه ڪرڻ ڏني. اهو ڏاڍو ڏکيو وقت هو. وقت ۽ حالتون مٽيون ته سرڪاري نوڪريءَ جي عمر به گذري چڪي هئي. منهنجي ذميدارين مان ڀائر به هٿ ڪڍي ويا. هاڻ هت هڪ ريڊي ميڊ سلائيءَ ڪرڻ جي اداري ۾ ڪم ڪندي آهيان. اڳ سلائي ڪندي هيس هاڻ سپروائيزر آهيان . . . . .
مان کانئس پڇيو ته آخر تنهنجو گهر وارو توسان ڪهڙو ظلم ڪندو هو. چيائين هڪ معمولي مثال ئي وٺ جڏهن به مان باٿ روم ۾ ويندي هيس ته هو ٻاهران ڪڙو ڏيئي بتي بند ڪري ڇڏيندو هو. مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ باٿ روم ۾ بند رهندي هيس ۽ ٻاهر سڀ پيا چوندا هئا ڇو بند ڪيو اٿئي، ڀلا کوليس کڻي ۽ پوءِ سڀني جا ٽهڪ هوندا هئا. مان انڌاري ۾ خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه ٻڌندي رهندي هيس ۽ پوءِ باٿ روم وڃڻ کان پئي ڊڄندي هيس. ان ڏک مان چيو سلطانه مان اڄ به اهو محسوس ڪندي آهيان ته باٿ روم جي ڪنڊ ۾ انڌيري ۾ مان ويٺي آهيان ۽ ڪاڪروچ، ماڪوڙا منهنجي جسم تي پيا هلن. ائين چئي هوءَ سڏڪا ڀري روئندي رهي. مان کيس آٿت ڏني ۽ پڇيومانس ته تو آخر مون کي ڪيئن ڳولهي لڌو. چيائين تنهنجا ڪالم پڙهندي آهيان. هاڻ مان بيمار ٿي رهان خبر نه آهي ڪيڏي مهل مري وڃان سو پنهنجي ڌيءَ کي هٿيڪو ڪرڻ چاهيان ٿي. تون ڪا هن لاءِ مائٽي ڏس جتي هيءَ وڃي سکي ٿئي. . . . اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي منهنجو اندر جهري پيو مان سوچيندي رهيس ته سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي واريون اديبائون جن ان دور ۾ تمام سٺو لکي پاڻ کي مڃرايو، انهن مان ڪيتريون خوش آهن؟ هر ڪا پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪهاڻي آهي. جدوجهد تڪليف ۽ مقابلي ڪري جيئڻ واري ڪهاڻي.
هلال پاڪستان 31 جولائي 1994ع