رت ۾ ٻڏل پوپريون ۽ تتل ڌرتي
اچو ته مان اوهان کي قصو ٻڌايان ٻن پوپرين جو !!!!!!!!
هن ڪائنات جي وکريل گلستان جي هڪ ڪنڊ جون هي ٻه پوپريون، سنڌ ڌرتيءَ جون سنڌو ماتا جي وهندڙ ڪناري جي ڀرسان رهندڙ، ٻه ننڍڙيون، ڏاڍيون سهڻيون، گلاب جهڙن گلن ۽ چنبيليءَ جهڙي مهڪ واريون هي سنڌوءَ جي هڪ وستيءَ ۾ رهندڙ ٻه پوپريون.
اچو ته مان اوهان کي قصو ٻڌايان انهن ٻن پوپرين جو، سنڌ ملڪ جي هڪ وستي جنهن جو نالو چون ٿا قمبر آهي، هن قمبر شهر ۽ آسپاس ۾ رهندڙ ڪيتريون پوپريون آهن. هن ويهين صديءَ جون، شعور واريون سمجهدار هي سڀ پوپريون ۽ پر منهنجا پيارا سنڌ واسي.
هي جي ٻه پوپريون اڄ، نالو انهن جو گلشاد ۽ شاهجان. سوين ميل پري رهندڙ هي ٻارڙيون الائجي ڪير، الائجي ڪٿان جون، هيءُ ننڍڙيون سندر سياڻيون، هڪ رات اوچتو ئي اوچتو الائجي ڪٿان اڏري اچي منهنجي هنج ۾ ويٺيون آهن.
رت ۾ ٻڏل، حيرت وچان اکيون ڦاٽل، ڏند ڀڪوڙيل، وار کليل، مون کي ننڊ مان جاڳائي انڌيري رات جو اچي منهنجي هنج ۾ ويٺيون آهن هي ٻه ننڍڙيون پوپريون.
منهنجون ڪمزور لاغر ٻانهون انهن کي پنهنجي حصار ۾ پڪڙي ويٺيون آهن، مان کين ڀاڪرن ۾ ڀري دنيا وارن کان لڪائڻ چاهيان ٿي.
هو ٻئي منهنجي هنج ۾ ويٺل، منهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ ڦاٿل منهنجي ڇاتيءَ سان چنبڙيل آهن. رت ۾ ٻڏل مٿي اگهاڙيون پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري، منهنجي چهري ۾ نظر وجهي مسلسل تڪي رهيون آهن.
انهن جي اهڙي حالت ۽ انهن جي ڏسڻ جي انداز انهن جي ننڍڙي وجود منهنجي وجود کي ٽوڙي ڀور ڪري ڇڏيو آهي، ان مهل لڳيم ٿو ته مان هڪ عورت جيڪا هڪ ماءُ به آهيان. لڳيم ٿو ته ازل کان وٺي هنن سڀني پوپرين جي ماءُ به آهيان. ڪنهن به دور ۾ پنهنجو وجود هن بار کان پاڻ ڇڏائي نه سگهيو آهي مان هي رت ڀريل وجودن جو بار کڻندي رهي آهيان.
مان جيڪا پاڻ به هڪ ماءُ آهيان.
پنهنجي اندر جي وجود ۾ ساهه کڻندڙ چرندڙ پرندڙ وجود کي جنم ڏيڻ جي اذيت سهڻ واري ماءُ آهيان. انهن جا رت ۾ ٻڏل وجود کڻڻ واري ماءُ آهيان.
هي زنجيرن جيان جڙيل درد جو سفر ڪٿ به ختم نه ٿيو آهي مان ان درد جي صليب تي ٽنگي پئي آهيان. اهو درد، اهو تخليق جو درد جڏهن اهي پوپريون جنم وٺن ٿيون، چون ٿا ان درد ۽ تخليق جي جنم واري وقت ۾ ڌرتي به وات، کوليندي آهي ته قبر به سڏ ڪندي آهي.
لڳي ائين ٿو ته قبر جي سڏ جو پڙاڏو به اڃا ختم نه ٿيندو آهي ان تخليق جي وجود ۾ اچڻ واري درد جو احساس به اڃان موجود هوندو آهي ته وري اوچتو اهي پوپريون، رت ۾ ٻڏل پوپريون، رات جي اونداهيءَ ۾ اوچتو، اچي هنج ۾ ويهنديون آهن، رت ۾ ٻڏل، حيراني وچان اکيون ڦاٽل هي ويچاريون پوپريون.
هي ننڍڙيون منهنجيون گلشاد ۽ شاهجهان.
جيڪي پنهنجا درد ڀريا وجود کڻي، منهنجي اندر ۾ گهڙي آيون آهن، انهن نه ڪي ڪجهه ڳالهايو آهي ۽ نه وري پنهنجو درد ٻڌايو آهي، پر اسان کي درد جي خبر آهي ۽ درد جي سمجهڻ جي طاقت آهي اهو درد جيڪو اکين مان چهري مان ڇلڪي پوندو آهي. اڄ هي ٻه ننڍڙيون پويريون جن جو نالو آهي گلشاد ۽ شاهجان، منهنجي هنج ۾ ويهي ڪري.
منهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ پاڻ لڪائي هڪ ڌڪ سان پنهنجو سڄو درد منهنجي وجود ۾ اوتي ويون آهن. مان درد وچان اڀ ڏي منهن ڪري رڙيون ڪري روئان ٿي منهنجا هٿ جيڪي هنن پوپرين جي رت سان ڀرجي ويا آهن. مان انهن رت ڀريل هٿن سان منهن مٿو پٽيان ٿي، ڌرتيءَ مان مٽيءَ جا ٻڪ پري پنهنجي مٿان وجهان ٿي. اڄ ته ڪير مون کان پڇي ته، ڌرتي ڪيئن تپندي آهي، اڄ ته ڪير مون کان پڇي ته آسمان ڪيئن ڦاٽندو آهي، هن تخليق جي درد جي صحرا جو سفر ڪيڏو نه درد ناڪ ۽ اڻ کٽندڙ آهي مان جيڪا پاڻ به هڪ ماءُ آهيان.
هر دور ۾ روپ هٽائي نون نالن سان هنن پوپرين کي سنڀاليندي پئي اچان اڄ وري پنهنجو فرض نڀائيندي گلشاد ۽ شاهجان کي هنج ۾ ويهاريو ويٺي آهيان هي فرض جو طوق جيڪو منهنجو ڳچيءَ ۾ پيل آهي.
اهو غلاميءَ جو طوق، شعور جي رستي ۾ وڇايل ڪنهن جو عذاب، منهنجي نصيب ۾ لکيل آهي، ان ڪري مون کي ڀوڳڻو آهي.
هن فرض ۽ حقن جي وٿيءَ کي مان وساري ڪين سگهي آهيان.
مان هڪ عورت، هڪ ڀيڻ، هڪ ڌيءُ جي حوالي سان حقن جي پائمالي ڏٺي آهي ته فرضن جي رکوالي به ڪئي آهي. مان جيڪا هن معاشري جي باشعور پڙهيل لکيل ماءُ ۽ عورت آهيان ڪيڏي نه بي وس ۽ ڪمزور آهيان!
ڪنهن به ظالم، وحشيءَ درندي کي ڳچيءَ کان وٺي ڪين ٿي سگهان نه ئي هنن قانون جي رکوالن کي آئينو ڏيکاري سچ جي رستي تي آڻي ٿي سگهان مان هن انڌي ٻوڙي بي وس قانون ۾ ڪو اهڙو روشن قانون ٺاهڻ جي جرئت به نه ٿي ڪري سگهان.
جنهن قانون ۾ صرف هڪ سوال جو جواب هجي.
آخر هي حق ڪنهن ڏنو آهي هنن وحشي درندن کي جيڪي پوپرين کي رت ۾ ڳاڙهو ڪري ڇڏين ٿا؟..
انا، نفس ۽ ملڪيت پٺيان آخر ڪيتريون پوپريون ائين تباهه ٿينديون رهنديون شڪ، گمان، شعور جي آگاهي ۽ بنيادي جذباتي حق آخر هنن پوپرين جا جرم ڇو ٿيندا رهيا آهن. هنن رت ۾ ٻڏل پوپرين جن جي ڪنن ۾ ڄمڻ وقت آذان جو آواز وڌو ويو.
ڪهڙي قانون تحت ان اذان جي نماز جو حق کسيو ويو آهي. مان اڄ دنيا جي سڄي قانونن کي ٿڏي هنن پوپرين کي هنج ۾ کڻي هن ڪائنات جا سڀ جذبا، محبتون ۽ انسانيت کڻي هن پوپرين کي شهادت جو ڳاڙهو وڳو پهرائي، اهو سوچي قبر داخل ڪيان ٿي ته بي ڏوهي ۽ شهيدن کي نه ته ڪفن جي ضرورت هوندي آهي نه وري جنازي نماز جي.
آچر 26 مارچ 1994ع