منهنجو لاش ۽ مان
هاڻي مان ڇا ڪريان؟ منهنجو دماغ سوچي سوچي ٿڪجي پيو...... مان اڪيلي هيڏو ڳرو لاش، لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه کپي. قبر جي جاءِ ڳولهجي......زمين کوٽجي، وڏي ڳالهه ته قبرستان به هتان کان گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ٻه ميل پري....... مان اڪيلي لاش کي اوڏانهن ڪيئن کڻي وينديس؟ کيسي ۾ هٿ وڌم ته پنج رپيا نڪري آيا، ٽڙي پيس......خوشي وچان، لاش کي ڀاڪر پاتم کيس چيم هاڻي تو کي دفن ڪرڻ ڏکيو نه آهي مان لاش کي اتي ڇڏي ڊڪ پائي چوراهي تي وڃي بيٺس، ڪارون موٽرون ۽ رڪشائون پئي لنگهيون. ڪنهن وقت ڪا رڪشا خالي آئي پئي پر مان رڪشا کي ڇا ڪريان ها، منهنجو هيڏو وڏو لاش رڪشا ۾ ڪيئن ٿي اچي سگهيو. مون کي ته ٽئڪسي (ڪار) جي ضرورت هئي...... ٻه ٽي ڪلاڪ ته بيٺي رهيس پوءِ ڏٺم ته سامهون ٽيڪسي آئي پئي. هٿ مٿي ڪيم ته ٽئڪسي اچي منهنجي ڀر ۾ بيٺي. جيستائين ٽيڪسي وارو سوال جواب ڪري مان جلدي در کولي ٽيڪسي ۾ ويهي رهيس. ڊرائيور پڇيو ڪاڏي هلان؟ چيومانس ته سامهون گهٽي ۾ هل مون کي “پاڻ” کي کڻڻو آهي...... ڊرائيور “پاڻ” مان ڪجهه ٻيو مطلب ورتو ۽ ڏند ڪڍي چيائين پوءِ ڪاڏي هلندو......؟ ڪاوڙ ته ڏاڍي آيم مون کي تڪڙ، هي ويٺو سوال جواب ڪري. ڏاڍيان چيو مانس “قبرستان”. اڇا اڇا قبرستان جي ڀرسان جيڪا نئين ڪالوني ٺهي آهي اوڏانهن هلندا......؟ عجيب خرمغز ماڻهو آهي. مون کي ڪالوني ٻالوني ۾ ڪونه وڃڻو آهي قبرستان ڏانهن وڃڻو آهي. چڱو چڱو قبرستان ئي سهي ڊرائيور شايد مون کي چري سمجهيو هو مان ٽيڪسي کي لاش وٽ بيهاري هيٺ لهي لاش کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر لاش کڻي نه سگهيس. ڊرائيور کي چيم تون منهنجي مدد ڪراءِ......ڊرائيور پڇيو هي ڇا آهي؟ منهنجو لاش آهي ٻيو ڇا آهي. مون جواب ڏنو. اسان گاڏين ۾ لاش ڪونه کڻندا آهيون. ڇو؟ مون حيرت مان پڇيو. جواب ۾ ڊرائيور چيو ته، ان ڪري جو اُن گاڏيءَ تي تباهي ايندي آهي. ڊرائيور کي عاجزي مان چيم ته هي منهنجو لاش آهي، ٻئي ڪنهن جو نه آهي مان تو کي يقين ڏياريان ٿي ته تنهنجي گاڏي تي ڪا به تباهي ڪانه ايندي.......
منهنجي عاجزي تي ڊرائيور کي ڪجهه رحم ته آيو پر وري به پنهنجي مجبوري ٻڌايائين ته هي گاڏي منهنجي مالڪ جي هجي ها ته هي لاش ضرور کڻان ها. پر هيءَ گاڏي منهنجي پنهنجي آهي مون پئسا خرچ ڪري ورتي آهي ائين چئي هو ٽيڪسي ۾ ويهي روانو ٿي ويو...... مان وري مٿي کي هٿ ڏيئي لاش جي ڀرسان ويهي رهيس، اوچتو خيال آيم ته منهنجي پاڙي وارن وٽ هڪ ڍڳي گاڏي آهي....انهن کان گهري ڏسان من اهي ڏين. پاڙي وارن وٽ ويس انهن کي سڄي حقيقت ٻڌايم منهنجي مرڻ تي انهن افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تعزيت ڪيائون. ڍڳي گاڏي به يڪدم ڏنائون. مان انهن کي به وٺي آيس ڇو جو لاش ڳرو هو ۽ مان اڪيلي هئس.... اسان سڀني گڏجي لاش کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر لاش چريو ئي ڪونه.........سڄو پاڙو آيو تان جو سڄو شهر گڏ ٿي ويو پر لاش ڪونه کڄيو......ان وقت مون کي خبر پئي ته منهنجو لاش مون کان به وڌيڪ ضديرو آهي. مجبور ٿي سڀ هليا ويا ۽ مان ساڳي طرح مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهيس. اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته ڪير منهنجي پٺي تي پيار وچان هٿ گهمائي رهيو آهي........ڇرڪ ڀري ڏٺم ته منهنجو لاش مون کي پيار ڀريل نظرن سان ڏسي رهيو هو. مون ڏک مان پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو. لاش چيو ڏاڍو فڪر اٿئي مون کي دفن ڪرڻ جو........ مون ڪجهه به جواب ڪونه ڏنو. لاش مشڪندي چيو اهي پنج رپيا مون کي ڏئي ڇڏ مان پاڻهي قبرستان پهچي ويندس.....پنجن رپين کي تون ڇا ڪندين....؟ مون حيرت مان پڇيو. لاش وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ زور سان چيائين پنج رپيا.....اڙي مان پنجن رپين مان پنهنجي لاءِ نئون جسم ۽ نئون جوڀن خريد ڪري سگهان ٿو. مون ماٺڙي ڪري پنج رپيا لاش جي تري تي رکيا. پنجن رپين کي وٺي لاش کي اهڙو ته جوش آيو جو ڀڙڪو ڏيئي مون کي ڀاڪر ۾ کڻي وٺي جو ڊڪ پاتائين ته سڌو قبرستان ۾.......
عوامي آواز آچر 24 جولائي 1994ع