ڪالم نگاري، موضوع ۽ ساٿياڻين جي ڪاوڙ
ادب برائي ادب، ادب برائي زندگي، سماجي ادب، سياسي ادب ۽ خيالي قصا ڪهاڻيون انهن سڀني دورن مان اسان جو ادب گذري چڪو آهي. هر هڪ دور جي پنهنجي ضرورت آهي. ان ضرورت جي پورائي اديب پنهنجي قلم جي زور تي ڪئي آهي. مان هر دور جي ادب کي اهميت ڏيندي آهيان. ڪنهن به لکڻي کي رد ڪري نه سگهندي آهيان. سياسي حالتن ۽ نعريبازي جو ٺپو هڻي مان ان دور جي حقيقتن کان انڪار ڪري نه سگهندي آهيان اديب جو لکڻيون ان دور جي عڪاسي ڪنديون آهن اهو هڪ تاريخي سچ آهي ته اسان جو ادب ۽ اسان جي معاشري جو وايو منڊل ڪهڙين ڪهڙين حالتن مان گذري چڪو آهي.
سائين منهنجا اڄ جو ماحول گذريل ماحول کان ٿورو مختلف آهي. اڄ جي ماحول ۾ خيالي قصا ڪهاڻيون پڙهندڙ پسند نه ٿو ڪري، حقيقت تي ٻڌل لکتون ئي پڙهندڙن کي وڻن ٿيون. مطلب اهو ته اڄ ڪلهه سنئون سڌو سچ چوڻ ۽ لکڻ جو زمانو آهي. رومال ۾ ويڙهي ڪرڻ واريون ڳالهيون اڻ سڌيون ڳالهيون ڪرڻ جو زمانو اڄ نه رهيو آهي. اسان جو پڙهندڙ ڪافي باشعور ٿي چڪو آهي پريس ميڊيا، وڊيو ميڊيا، ٽي وي ۽ ڊش اينٽينا سڄي دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. ڍڳ ڪتابن پڙهڻ سان به اڄ ڪلهه اوترو حاصل نه ٿو ٿئي جيترو هڪ ٽي وي جي هڪ ڪلاڪ جي ناليج واري، ريسرچ ڪيل پروگرام مان حاصل ٿئي ٿو. پر وري به دنيا ڀل ڪيتري کان ڪيتري ويجهي ٿي ويئي هجي، فاسٽ ميڊيا جو ڀل اسان جي معاشري تي گهڻو اثر هجي ان جي باوجود ڪتاب جي اهميت ۽ اخباري دنيا جي اهميت گهٽجي نه سگهي آهي. ان ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اسان جو اڄ جو نسل ڪتاب پڙهڻ کان ٿورو هٽي ويو آهي. ها پر وري به ڪن پڙهندڙن وٽ ڪتاب ۽ اخبار جي اهميت آهي.
اخبار جي دنيا ڏاڍي عجيب دنيا آهي. ان جو مزو ان جي اهميت گهٽي ڪانهي پر وڌي آهي. اخبار جي هڪ ڏينهن جي موڪل به تڪليف ده هوندي آهي. ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ته اسان دنيا کان ڪٽجي ويا آهيون. خبر وارن صفحي سان گڏوگڏ ايڊيٽوريل صفحي ۾ به پڙهندڙن جي دلچسپي وڌيل آهي. ايڊيٽوريل صفحي ۾ ڪافي شيون هونديون آهن، پر هڪ شيءِ جنهن جو ذڪر مان ڪندس اهو آهي ڪالم نگاري . ڪالم نگاري جو گهڻو چرچو ان ويل ٿيو جڏهن سراج الحق هلال پاڪستان سنڀالي ۽ امر جليل ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ڪالمن جي دنيا ڪافي پراڻي آهي پر ان ۾ نواڻ جيڪا آئي سا ان دور ۾ آئي خاص ڪري ادبي لڏي جي ماڻهن جيڪي ڪالم لکيا سي صحافتي ميدان ۾ مختلف نوعيت جا هئا ۽ آهن.
منهنجي اڳيان اگر ڪالم لفظ جي معنيٰ ڪڍي وڃي ته، سمجهان ٿي ته اها آهي ڪرنٽ افيئر جيڪو واقعو جنهن وقت ٿئي ٿو ان جو فوري رد عمل ئي ڪالمن جي زندگي آهي. مان به ته شاعره هئس ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا هيم پر اوچتو ئي اوچتو انور پيرزادي ۽ امداد اوڍي جي چوڻ تي ڪالم لکڻ شروع ڪيم. منهنجي ڪالم جو عنوان “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” به انور پيرزادي جو ئي چونڊيل آهي هر ڪنهن لکندڙ جو هڪ ڏانءُ هوندو آهي. هڪ طريقو هوندو آهي مون کي لفاظي يا لفظن جي هيرڦير ڪا نه ايندي آهي. ان ڪري منهنجي ڪالمن ۾ سنئين سڌي ڳالهه ڪيل هوندي آهي. مان لسانيات جي ماهر نه آهيان ۽ نه وري مان ڏکين لفظن جي چونڊ ڪندي آهيا. سنئين سڌي عام زبان ۾ مون ڪالم لکڻ شروع ڪيا. هاڻ اهو فيصلو پڙهندڙ ئي ڪري سگهن ٿا ته مان ڪالمن لکڻ ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿي آهيان ۽ ادبي صحافتي دنيا ۾ هنن ڪالمن جي ڪيتري اهميت آهي. ها پر اڄ جو مسئلو اهو آهي ته ڪالمن جي حوالي سان ماڻهو مون کان ڏاڍا ناراض آهن. خاص ڪري ادبي لڏي جا ماڻهو مون کان ڪاوڙيل آهن ۽ هو پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪن ٿا. مان ڪيترائي ڪالم سياست تي به لکيا آهن. سياستدانن جي ڪردار تي مون کلي طور لکيو انهن جي قول عمل جي تضاد کي مون کليل نموني سان ننديو آهي. جڏهن اسان جي ادبي سماجي ادارن جون حالتون بگڙيون ۽ مون انهن حالتن تي لکيو ته “مهان” لفظ ئي اسان کي منجهائي وڌو آهي جڏهن به اهو لفظ مان ٻڌندي آهيان ته مون کي مونجهه ٿيندي آهي اسان ته اهو ئي ٻڌندا آيا آهيون ته علم ادب جي واٽ جا پانڌيئڙا ڪيترا به ڏاها ڇو نه ٿي وڃن پر وري به هو علم ادب جي دنيا جا شاگرد ئي هوندا آهن. ڇو ته وقت پوڻ سان،حقيقتون کلڻ سان، مشاهدا حاصل ڪرڻ سان اها خبر پوندي آهي، ته علم ادب جي وسيع سمنڊ ۾ ته اڃا اسان پير مس پسائي سگهيا آهيون ترڻ ۽ پار اڪرڻ ته اڃا پري جي ڳالهه آهي. اها غلطي به اسان جي آهي اسان پنهنجي اديبن کي ۽ ڪيترن اديبن پنهنجو پاڻ کي مهان بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻ جڏهن انهن اديبن جي قول عمل جو تضاد سامهون ٿو اچي ۽ پوءِ انهن تي ڪجهه لکجي ٿو ته پوءِ ناراضگيون سهڻيون ٿيون پون.
منهنجي ڪالمن ۾ لکيل ڳالهيون منهنجي ذهن جون گهڙيل نه هونديون آهن. جيڪو ڪجهه اسان جي ادبي ۽ سماجي ادارن ۾، ادبي سنگت ۾ ۽ اديبن جي لکڻين ۾ موجود آهي اهو مان لکان ٿي. هڪ مثال ئي وٺو جڏهن ادبي بورڊ جي سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ ۾ يا وري ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو اهو سڀ ڪجهه هوا وانگر ڦهلجي ٿو وڃي. هر ڪنهن جي زبان تي اهي ڳالهيون آهن. منهنجو ڏوهه صرف اهو آهي ته مان اهي سڀ ڳالهيون لکي ڇڏيندي آهيان. هڪ شخص جڏهن اخباري بيانن ذريعي هاءِ گهوڙا ڪري ٿو ته بچايوڙي ادارا بچايو ۽ اهو شخص جڏهن ڪرسي تي وڃي ويهي ٿو ته ان مهل ان جو جيڪو ڪردار هوندو آهي اگر سلطانه وقاصي ان ڪردار کي وائکو ڪيو ته معنيٰ اها ڏوهيدار آهي. باقي ادارن جي ستياناس اهي ڏاها ۽ مهان اديب ويٺا ڪن ته اهي گنهگار ڪين آهن. ان ڳالهه کي ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته جڏهن به ڪي قومون سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڪري تباهي جي ڪناري تي پهچي وينديون آهن ان ويل ان محاظ تي اديبن جو، ڏاهن جو هڪ اهڙو مورچو قائم هوندو آهي جيڪي قلم جي ذريعي شعور پيدا ڪري مسئلن جو حل ٻڌائيندا آهن. ان ويل تباهه حال قومن ۾ به نئين زندگي اچي ويندي آهي. هڪ سجاڳ ۽ باشعور اديب پنهنجي قلم ۽ علم جي ذريعي رستي تي وڇايل ڪنڊا صاف ڪندو آهي ۽ انڌيرا هٽائي روشنيون ڦهلائيندو آهي.
سياستدان ۽ مفاد پرست ماڻهو وقت سر پنهنجي ضمير جو سودو ڪندا رهندا آهن، پر جڏهن اديبن جو ڪردار ئي صحي نه رهي ته باقي اهڙي قوم وٽ ڇا وڃي بچندو؟ توهان يقين ڪيو ته مون لاءِ اهو ڪو خوشي جو ڪارڻ نه آهي ته مان پنهنجي ساٿين ۽ ساٿياڻين تي ڪجهه لکان . . . . . هڪ ذهني پيڙا ۽ اذيت مان مون کي گذرڻو پوندو آهي. مان ڏاڍو محتاط ٿي لکڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. اهي سڀ حقيقتون لکڻ مهل مان انهن ساٿين جي ڪا گهٽتائي ڪو نه ڪندي آهيان. مان هميشه انهن کي مان وارا ۽ پنهنجا پيارا ڪري لکيو آهي ان جي باوجود به مان انسان آهيان ڪن هنڌن تي مان غلط آهيان يا مون ڪا ڪوتاهي ڪئي آهي. ته ان جو جواب لکي سگهجي ٿو. صرف اهو چوڻ ته سلطانه اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿي لکي؟ مسئلي جو حل نه آهي. اهم مسئلو ته اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڇو پيو ٿئي . . . . . ڪن محفلن ۾ ويهي اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته اهو سڀ ڪجهه نه لکڻ گهرجي. خدا جي واسطي ايتري همت ڌاريو جو اهو ڪجهه چوڻ جي جرعت ڪريو ته اسان جا اديب ۽ ڏاها هي سڀ ڪجهه ڇا پيا ڪن. اڄ ڪلهه ڪا به ڳالهه لڪي ڪا نه ٿي سگهي، اڃا ته ايتريون ڳالهيون آهن جو قلم جي حرمت اجازت ئي نه ٿي ڏي ته اهو سڀ ڪجهه لکي ڇڏجي.
پرايا ڏنل ڏنڀ وسري سگهن ٿا پر پنهنجي ٿوري ڪوتاهي به بخش نه ٿي ڪري سگهجي. مان جيڪو ڪجهه لکيو آ مان مڃان ٿي ته مون لکيو آهي. ڪنهن فرضي نالي سان مون ڪجهه ڪو نه لکيو آهي. مان پنهنجي لکيل هڪ هڪ سٽ جي جوابدار آهيان، اها جوابداري قبول ڪندي، مان اهو چوندس ته مان اڳ به لکيو آهي. هاڻ به لکندس. دوستيون پنهنجائپ يقينن اهم آهن پر هن تباهه حال قوم جي مفاد کان مٿي ڪجهه به نه آهي. مان سڀني مان وارين هستين کي عزت ڏني آهي، صرف غلط ڳالهين جي نشاندهي ڪئي اٿم منهنجي ڪيترن ئي ڪالمن تي جوابي ڪالم ڇپيا آهن انهن سڀني جوابن جو مون احترام ڪيو آهي.
جڏهن کان وٺي هوش سنڀاليو اٿم مان لکان پئي، ڪي وڏا شاهڪار تخليق ڪين ڪيا اٿم جو مان به “مهان” ٿي وڃان. مان ته اڃان به ادب جي پهرين درجي جي ڪچي شاگردياڻي آهيان. لکڻ منهنجو جياپو آهي نه لکندس ته مري ويندس. مان هن ڌرتي جي جيتن جڻين، پکين، وڻن، ٻوٽن، هوائن، انسانن سڀني سان پيار ڪيو آهي اهو پيار ئي مون کي اهو حق ڏئي ٿو ته مان اهو سڀ ڪجهه لکان جيڪو هن وايو منڊل ۾ منڊجي پيو. ها باقي اکيون ٻوٽي ڪن بند ڪري مان ويهي نه ٿي سگهان.
آچر 10 جولاءِ 1994ع