عجب وچان ڏندين آڱريون
سڄي دنيا جي تاريخ توڙي سنڌ جي تاريخ ۾ اها ڳالهه توهان کي ضرور نظر ايندي ته هت اديبن تباهيون به آنديون آهن. آخر قاضي قاضن به ته ڪنهن حد تائين ذميدار آهي مخدوم بلال جي شهادت جو..... سڀني وقت جي عالمن، اديبن، مذهبي اڳواڻن کي ڪڏهن ڪڏهن ضرورت محسوس ٿيندي آهي وڳوڙ ۽ فساد جي. هي سڀ ڪجهه ان ويل ٿيندو آهي. جڏهن سڀ مهان اديب خود پرستي ۽ انا پرستي ۾ ڦاسجي ويندا آهن....ڏسون ته سهي! عجب کائون!! حيرانيءَ وچان ڏندين آنڱريون آڻيون ته اسان جي سنڌ ملڪ جا هي ڏاها ۽ اديب ان وقت ڪجهه نه ڪري سگهيا، جڏهن لساني هنگامن ۾ گهر گهاٽ تباهه ٿيا، عورتن جون عزتون خراب ٿيون، نوجوانن جا لاشا هر گهر ۾ پڳا. حيدرآباد شهر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. سنڌ اقتصادي توڙي سماجي طور تي تباهه ٿي چڪي هئي. ان ويل هي سڀ ڏاها ماٺ هئا انهن جو قلم انهن جون سوچون منجمند ٿي ويون هيون. ان خطرناڪ ماحول ۾ ڪير به اڳتي ڪين وڌيو. ڪنهن به ڌر جلسا جلوس ڪين ڪڍيا. نه نعري بازي ٿي ۽ نه وري ڪي مذمتي بيان جاري ٿيا. جت اسان جي اديبن کي قلم جي جنگ سان گڏ سر جي بازي لڳائڻ کپي ها ات اهي سڀ ڪانئر ٿي بند گهرن ۾ ويٺا هئا. باقي هاڻ بي مقصد، هڪ ٻئي تي هلان ڪري تماشو مچائي رکيو اٿن.....سنڌ جا ادبي ۽ ثقافتي ادارا سنڌين جي سڃاڻپ آهن. ان سان هر سنڌيءَ جي جذباتي وابستگي آهي. اهي سڀ ادارا اسان جي ٻولي ۽ ثقافت جي ويرين جي نظرن ۾ به چڙهيل آهن. هنن ادارن کي ٻين ادارن جي بنسبت بجيٽ به گهٽ ملندي آهي....هي سڀ اهم مسئلا هونءَ ئي موجود آهن، رهيل نور اسان پاڻ ڪڍي رهيا آهيون. صرف سنڌي ادبي بورڊ جو حال خراب نه آهي پر ٻيا ادارا به پوين پساهن ۾ آهن....سڀني بورڊن ۽ ادارن جون حالتون ته شروع کان وٺي صحيح نه رهيون آهن پر ٻٻڻ ٻاري ويو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ محبوب سروري......جيڪڏهن ادبي بورڊ جو اڳيون سيڪريٽري محبوب سروري انٽرويو ۾ گهٽ وڌ ڳالهيون نه ڪري ها ته هوند هيءَ باهه ئي ڪانه ٻري ها.....اُن باهه جي مچ جو تو مون به محسوس ڪيو. اخبارن ۾ بيان پڙهي ڪري مون کي به جوش آيو. جڏهن ادبي بورڊ بچايو ڪميٽي حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ته مان به اُت وڃي پهتس. حالانڪ ڪنهن به مون کي اُت وڃڻ لاءِ ڪين چيو هو. مان پاڻ سوچيو ته اهڙن انٽروين جي مذمت ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن حيدرآباد واري جلسي ۾ ويس ته ڏاڍي مايوسي ٿي. اخبارن ۾ جيڪي خبرون هيون ان مان ته ائين پئي لڳو ته تمام وڏو احتجاج ٿيڻ وارو آهي، پر اُت ڪجهه به ته ڪين هو....اُهي ٻه ٽي نالي وارا اديب جيڪي هن انٽرويو جي حوالي سان يا ادبي بورڊ جي حوالي سان لاڳاپيل هئا، صرف اهي موجود هئا. اخبارن ۾ پڙهي جيئن مان ويئي هئس تئين ٻه ٽي اديب ڪراچيءَ مان آيا هئا. باقي پنجاهه کن يونيورسٽي جا شاگرد ۽ شاگردن جي تنظيمن جا ميمبر هئا. بس ٻيو مڙيو ئي خبر....حيدرآباد سنڌي اديبن جي حوالي سان تمام وڏو شهر آهي. اُت عورت اديبائن جو تعداد به گهڻو آهي، پر انهن مان ڪوبه ته ڪونه هو ات. ان مايوسيءَ جو اظهار اُت موجود هڪ اديبه سان ڪيم کيس چيم مان ڪراچيءَ کان هلي هت آئي آهيان ۽ تون پنهنجي شهر ۾ ڪيڏي نه اڪيلي آهين جو ٻه چار ساٿي ۽ ساٿياڻيون به گڏ ڪري نه سگهي آهين. واپسي مهل مان ٻن نوجوان شاعرن سان به ڏاڍو بحث ڪيو، کين چيم ته جڏهن اديبن وٽان توهان کي سهڪار ملڻ جي اميد نه هئي ته پوءِ جلسو منعقد ڇو ڪيو.......؟ هو ٻئي ڄڻا سور ٻڌائيندا رهيا ته حيدرآباد ۾ اديبن جا الائجي ڪيترا گروهه آهن. سڀ ڪو پنهنجو ناني ڳوٺڙو ٺاهيو ويٺو آهي وغيره وغيره بهرحال مان هن جلسي مان ڏاڍي مايوس موٽيس ته اخبارن ۾ ايتري بيان بازيءَ کان پوءِ به ڪجهه هڙ حاصل ڪين ٿيو. ٻئي ڏينهن اخبارون پڙهي منهنجي دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويا. اخبارن ۾ لکيل هو ته تمام وڏو ۽ ڪامياب جلسو ٿيو آهي. مان جيڪا اُتان جي اکين ڏٺي شاهد هيس اخباري خبرن تي دل ۾ ماتم ڪرڻ لڳس. پوءِ اهڙي طرح سان هي ادبي بورڊ بچايو ڪميٽي بيان بازي ذريعي طاقت وٺندي ويئي. آخر وڃي اهو ڪجهه ٿيو جو طالب الموليٰ مرحوم استعيفيٰ ڏني، محبوب سروري به ويو هليو ۽ پوءِ اها ڪرسي امداد حسينيءَ کي ملي. هن سلسلي ۾ جڏهن مون حيدرآباد جي اديبائن سان ڳالهايو ته اهي سڀ منهنجي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ ڪري ناراض هيون. هڪ ڄڻيءَ ته مون کي ڪاوڙ مان چيو ته تون به ڪُرسي جي دعويدار آهين ڇا؟ مان جواب ۾ چيو مون کي ڪهڙي ضرورت آهي، مان پاڻ اوڻويهين گريڊ ۾ آهيان (اسان ماستر ماڻهو هميشه پنهنجو گريڊ ٻڌائيندا آهيون). چيائين هت ڪجهه به نه اٿئي، هتان جي اديبن جي سياست ۾ نه ڦاس. سڄو چڪر ڪرسيءَ جو اٿئي. هاڻ گهر ويٺل اديب به ڪمائڻ جي موڊ ۾ ٿيا آهن. ڪڏهن ٿا چون ته اسان کي صوبائيءَ ۽ قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ٿي کپي، هاڻ وري ڪجهه نه ورين ته ادبي بورڊ جي ڪرسين پٺيان آهن.
پر سائين هاڻ اها ڪرسي ملي ويئي امداد حسيني کي، توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته سنڌ ۾ ڪُرسي سيدن جي جاگير آهي. وزير اعليٰ جي ڪرسي هجي يا وري ڪنهن اداري جي حصي ۾ ضرور سيدن کي ايندي آهي، سو سائين هي سنهڙو ۽ سيپڪڙو شاعر اچي ڪُرسي تي ويٺو. هاڻ هي سيد شاعر ۽ سنهڙو، ڪرسي وري موڪري سو هي سيد ان ۾ ڪيئن ماپي، ڪرسيءَ پويان وري سحر امداد ٽهڪ ڏيئي پئي کلي ۽ پجيرو ۾ پئي گهمي. سو هاڻ ته ڳالهه برداشت کان مٿي هئي نه......
وري هلچل شروع ٿي ته اهو سيد شاعر ان بورڊ بچايو ڪميٽي جو چونڊيل نه آهي ان ڪري قبول نه آهي. ماڻهو چون پيا ته بورڊ بچايو وارن ته پنهنجو پاڻ ۾ عهدا ۽ ڪرسيون ورهائي ڇڏيون هيون. سو سائين هاڻ هي سيد سڳورو شاعر ڳورو ٿي پيو وري، اها ئي هاءِ گهوڙا شروع ٿي ويئي. هاڻ ٻيا به اديب ۽ شاعر ان ۾ متحرڪ ٿي ويا ته خير سان هي جهيڙو نبري وڃي. خير سان مظفر حسين شاهه جي دور ۾ سڀني متفق ٿي شمشيرالحيدري کي چونڊيو ۽ بورڊ بچايو ڪميٽي وارا سڀ ئي سڀ پنهنجن پيارن سوڌو گورننگ باڊي جا ميمبر ٿي ويا ۽ انهن جا سڀ مطالبا پورا ٿيا.
ان وقت مان ۽ مونسان گڏ ٻيا ڪيترا اديب ۽ شاعر جڏهن ڪٿي گڏيا هئاسين ته پاڻ ۾ ڪافي بحث مباحثو ٿيندو هو. مان هميشه ......۽ ٻيا اديب به ان ڳالهه تي متفق هوندا هئا ته اصولي طور بورڊ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي سو غلط ٿيو آهي. ڀلا جيڪڏهن پرڀو ناشاد پنهنجي هٿ اکرين استعيفا ڏني آهي ته پوءِ ان کي ٻيهر رکڻ جو ڪو جواز نه آهي. جنهن کي پنهنجي نوڪريءَ جي پرواهه هوندي آهي، اهي اهڙا جذباتي ڪم ڪونه ڪندا آهن. (ناشاد پاڻ ان ڳالهه جي ترديد ڪندو آهي پر مون کي پڪن ماڻهن اهو ٻڌايو آهي ته انهن ريڪارڊ ۾ ناشاد جي ڏنل استعيفا ڏٺي آهي). طارق عالم کي ڇو ڀلا هڪدم ايڏو وڏو گريڊ ڏنو وڃي؟ صرف ان ڪري ته هو ۽ بيمار آهي.....؟ (منهن جي هن ڳالهه کي ذاتي حوالي سان نه پر اصولي نظر سان ڏٺو وڃي) سرڪاري نوڪري ۾ قائدي قانون مطابق پروموشن ملندا آهن. ڪن اديبن کي انهن جي لکڻين جي عيوض ڪو انعام اڪرام ملندو آهي ته ان جو نوڪريءَ سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. هي ٻئي مسئلا جيڪي زور شور سان کنيا ويا. سي بنيادي طور غلط هئا. وري به شابس آهي انهن کي جن اهي مطالبا مڃيا.
مان سمجهان ٿي ته هاڻ ته ائين ٿيڻ کپي ته شيخ اياز جيئن ته مهان شاعر آهي اڄ جي دور جو، ان کي سنڌ جو وزير اعليٰ مقرر ڪرڻ گهرجي، امر جليل سينئر وزير ۽ سراج الحق ۽ تنوير عباسي بلترتيب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ٿي وڃن.
ان کانپوءِ مڪمل ڪابينه اديبن جي حوالي ڪئي وڃي. ان مان ڪجهه وزارتون ليکڪائن کي به ڏيڻ کپن. جيئن ته صحت جو کاتو ڊاڪٽر فهميده حسين کي، نوجوانن جا مسئلا ۽ رانديون سحر امداد کي، قانون ۽ ناڻو حوالي ڪجي تنوير جوڻيجي کي ۽ تعليم جو کاتو ته ماڳهين حوالي ڪجي نورالهديٰ شاهه جي، ڇو ته اڄ ئي خبر پڙهي اٿم ته ادبي بورڊ کي ثقافت جي کاتي مان الڳ ڪري تعليمي کاتي ۾ ملايو ويو آهي. مون کان ڪير پڇي ته مان ته ثقافت کاتي جي وزير ٿيڻ چاهيندس. آرسي رسالي وارن ته هو نئين منهن جي لاءِ پيشنگوئي ڪئي آهي ته مان ممتاز مرزا جي جاءِ تي ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿيندس. سو ڀلا مان ڊئريڪٽر جنرل ڇو ٿيان؟ وزير ڇو نه ٿيان؟ باقي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ٿيڻ جي مان دعويدار نه ٿي، ٿي سگهان ڇو ته مان حميد آخوند کان ڏاڍو ڊڄندي آهيان.
ٻيون ڪامورڪي نوڪريون جن ۾ سي ايس ايس جو امتحان ڏبو آهي، اُت اسان جي سنڌي اديبن کي پنهنجون ڪاوشون ڏيکاري نوڪري حاصل ڪرڻ جون سهولتون مهيا هئڻ کپن. هروڀرو هي ڏکيا امتحان ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي............؟
ڏسو ته سهي ته مان ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتي آهيان مان ته ڳالهه ڪئي پئي ادبي بورڊ جي جنهن ۾ هاڻ وڏو گهوٽالو اچي ويو آهي، اخباري بيانن ذريعي ڏاڙهي پٽ ۽ ڄنداپٽ لڳي پئي آهي، ڳالهه وڃي عدالتن تائين پهتي آهي. ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کان اڳريون آهن، اخبارن ۽ رسالن ۾ ساوا ڪارا ۽ نيرا بيان پيا اچن.
هرڪنهن وٽ اهو ئي سوال آهي ته سڀ ڇا پيو ٿئي؟
هي سڀ اسان جا اديب مان شان وارا انهن جي ذات جي حوالي سان ڪا به ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. يقينن هو سچا ۽ کرا آهن. انهن جون نيتون صاف آهن. گهٽ ۾ گهٽ هي سنڌ ڌرتيءَ جا رهواسي ڪڏهن به اها توقع نه ٿا رکي سگهن ته انهن وٽان ڪو هاڃو رسندو. هن ڌرتي واسين کي اهو سڀ ڪجهه چوڻ ۽ سوچڻ جي باوجود به ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته هي سڀ اديب ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويا آهن ۽ هڪ ٻئي تي غليظ قسم جون هلائون ڪن پيا، آخر هو سڀ ائين ڇو پيا ڪن، سنڌ جون حالتون، سنڌ جي سڀني ادارن جون حالتون خراب ئي آهن صرف سنڌي اديب بورڊ کي محاذ جنگ ڇو بنايو ويو آهي؟ اڄ ئي خبر پڙهي اٿم ته ادبي بورڊ کي ثقافت کاتي مان هٽائي تعليم کاتي ۾ ملايو ويو آهي. اڳ به ادبي بورڊ تعليم کاتي ۾ هو. تعليم کاتو هڪ وڏو کاتو آهي. هن کان اڳ ۾ ادبي بورڊ ۾ تعليم کاتي طرفان به زيادتيون ٿيون آهن. خاص ڪري ايم اي جليل جي زماني ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو سو وسارڻ جهڙو نه آهي. هاڻ ڪرڻ ائين کپي ته هن سڀني بورڊن کي ۽ ادارن کي ملائي هڪ گڏيل محافظ قائم ڪري انهن جي الڳ حيثيت ٺاهي وڃي. باقي تعليمي کاتي ۾ ادبي بورڊ جو هلڻ مشڪل آهي.
هنن حالتن کي ڏسي ۽ پڙهي هر ڪنهن جي دل ڏکي رهي آهي. ڪنهن هڪ ڌر کي تنقيد جو نشان نه ٿو بنائي سگهجي. ٻنهي ڌرين وٽ هڪ ٻئي لاءِ سهپ جو مادو نه رهيو آهي. هاڻ ان ۾ خود پسندي زور وٺي ويئي آهي. هاڻ ادبي بورڊ سان ڪنهن جي همدردي نه رهي آهي هاڻ هي ذاتيات جي جنگ آهي.
هي سڀ اخباري بيان، مضمون، انٽرويو سامهون رکي اسان جي سڃاڻ ۽ همدرد اديبن کي اڳتي وڌي ڪجهه ڪرڻ گهرجي. هاڻ هي گند وڌڻ نه گهرجي. هڪ گڏيل ميٽنگ گهرائي انهن ۾ هنن ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي جي سامهون ويهاري انهن جو شڪوه شڪايتون ٻڌڻ کپن. جنهن به ڌر کان زيادتي ٿي آهي ان کي ان جو جوابدار ٺاهيو وڃي. ان ميٽنگ جي سڄي ڪاروائي باقاعدگي سان اخبارن ۾ اچڻ کپي اسان وٽ سياسي ليڊرن، ڪامورن، هونئن به باهه ٻاري ڏني آهي. اديبن جي غلط عمل کي بلڪل درگذر نه ڪرڻ گهرجي. اسان جيڪڏهن محاذ جنگ ۾ آخري مورچي کي به هارائي ڇڏينداسين ته پوءِ يقينن اسان تباهه ٿي وينداسين. هي آخري مورچو آهي اديبن جو قلم ڪارن جو.
هن ڪالم جي شروع ۾ ئي ادبي بورڊ جي هسٽري ٻڌائي آهي. ان سڄي هسٽري کي سامهون رکي اديبن جي قول عمل کي سامهون رکي فيصلا ڪرڻا پوندا. اهڙن ادارن ۾ غلط ڳالهين جي تائيد نه ڪرڻ گهرجي. اداري جي بهتريءَ لاءِ سوچجي. ادارا اهميت رکندا آهن.شخصيتون ثانوي حيثيت رکنديون آهن. جڏهن ادارن مٿان شخصيتون حاوي ٿي وينديون آهن تڏهن ئي هي ادارا تباهه ٿيندا آهن. ادارا ۽ شخصيتون تنقيد کان بالاتر نه هونديون آهن پر اُت اناپرستيءَ ۽ ذاتيات جو دخل نه هئڻ گهرجي. هونئن به ڪم ڪرڻ وارا صاف نيتن وارا ماڻهو پٺ ورائي نه ڏسندا آهن. هو نيڪيءَ جا سٺائيءَ جا گل نڇاور ڪندا اڳتي وڌندا ويندا آهن. نوان رستا ٺاهي روشنيون وکيريندارهندا آهن. اهو ئي اديب جو بنيادي ڪردار هئڻ گهرجي. جيڪو به اديب پنهنجي ذات ۾ وڪوڙجي بيهي ٿو وڃي معنيٰ ان پنهنجي برباديءَ کي پاڻ سڏيو آهي. خدا جي واسطي اديب هنن ادارن تي رحم ڪن. گڏوگڏ پنهنجي عزت، مان ۽ شان کي به داءُ تي نه لڳائين.
جمعو 8 اپريل 1994ع