اڄ جو سنڌي ڪٿي بيٺو آهي؟
خبرون زماني جون کوڙ، اڄ ڪالهه زمانو به آهي خبرن جو اليڪٽرانڪ ميڊيا، اخبارون پوريون نه ٿيون پون، فيس بڪ، يوٽيوب ڄڻ ته دنيا مٺ ۾ اچي وئي آهي. اخبارن جا پنا ڀرجيو وڃن، خبرون رهجو وڃن. ٽي وي چينلن جا پروگرام موضوعن جي اڻ پورائي جو احساس ڏيارين ٿا. ڳالهائيندڙ موضوعن تي ڳالهائڻ پوروئي نه ٿا ڪن ته ٽائيم ختم ٿي وڃي. چئني طرف نفسانفسي ۽ اڻ پورائيءَ جو احساس ٿو ٿئي.
مان سوچيندي آهيان.....سوچڻ منهنجو حق آهي. اهو واحد حق آهي جيڪو مون کان ڪير به نه ٿو کسي سگهي. مان سوچيندي آهيان ان ڪري عذابن ۾ آهيان. گهُٽ ٻوسٽ ۽ نراسائيءَ واري هن ماحول ۾ پنهنجن سوچن کي ڪاغذ تي لکڻ اڄ مون کي ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي..... مان ڪا ڊڄڻي يا ڪائنر ڪونه آهيان پر ها اڪيلائپ جو احساس وجود ۾ پيدا ٿي ويو آهي. لکان؟ ڀلا ڇا لکان؟ ڪهڙي نئين ڳالهه لکان؟ ماضيءَ جون ڳالهيون ڪيان، حال جا سور پٽيان يا وري مستقبل جون ڳالهيون ڪيان؟ هاڻ سوال اهو آهي ته ڇو لکان؟ ڇو ته منهن جي ۽ مون جهڙن لکندڙن جي لکڻ سان فرق ته ڪونه پيو آهي. ڪالهه جا سور اڄ جا ناسور ٿي پيا آهن. ڪجهه به ته نه بدليو آهي.....اڃان به حالتون بد کان بد ٿي تر ويون آهن. لڳيم ٿو ته منهنجيون لکڻيون ڪير به ڪونه پڙهندو. منهنجي اندر جي اڌمن کي ڪابه موٽ ڪانه ملندي، پڙهندڙ پاڻ مون تي کلندا چري مائي سالن کان وٺي ساڳيون ڳالهيون لکي پاڻ به پريشان پئي ٿئي ۽ اسان کي به پئي پريشان ڪري.
اسان جهڙن لکندڙن کي ڀري گولي هڻجي، وچ چونڪ تي سنگسار ڪري ڇڏجي! ڇو ته اسان اهڙا ظالم آهيون جو اٻوجهه ماڻهن کي لکڻين جي ذريعي باشعور ڪري مشڪلاتن جي واٽ تي اچي بيهاريندا آهيون. اُنهن مشڪل واٽن تي قوم جي رهبري ڪندڙ رهبر ايڏو ته گندو ڪردار ادا ڪندا آهن. جو هو ماڻهن کي راهه ۾ رولي وجهندا آهن.
راهه ۾ رلندڙ ماڻهو ڌڪا ٿاٻا کائي وري وڃي اوڙاهه ۾ ڪرندا آهن ۽ اسان وري انهن کي اڱر کان وٺي اٿارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ها پر حالتون نه مٽجنديون آهن اونداهيون ڪونه کٽنديون آهن. حالت ته اها آهي ته اڄ اسان ات به ڪونه بيٺا آهيون جتان هليا هئاسين!!!! وري به مان مجبور آهيان ۽ لکان پئي. هيڏي هجوم ۾ مان اڄ به اڪيلي آهيان چئني طرف گوڙ گهمسان، هل هنگامو لڳو پيو آهي. هاءِ هاءِ واءِ واءِ لڳي پئي آهي. پيٽرول مهانگو معنيٰ سڀ ڪجهه مهانگو، ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي، امير امير تر ٿي ويو آهي ۽ غريب کي هڪ ويلو پيٽ ڀري ماني ڪانه ٿي ملي.
چئني طرف موت جي راند آهي. انسان کي مارڻ سڀ کان سولو ڪم آهي. خودڪشيون، باهه ڏئي پاڻ کي ساڙڻ پنهنجي هٿن سان ٻچا ڪهڻ سڀ ڪجهه ٿئي پيو. اهڙي دردن پٺيان دانهون ڪرڻ، لکڻ بي معنيٰ ٿي پيو آهي.
دنيا آباد هوندي آهي انسانن سان هن هيڏي وڏي دنيا ۾ هڪ زمين جو ٽڪر آهي جنهن تي اسان رهون ٿا. ان ڪري اسان دنيا سان گڏ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي گهر ۽ پنهنجي وجود جي ڳالهه پهرين ڪنداسين. هيءَ ڌرتيءَ جنهن جو نالو سنڌ آهي. اسان لکندڙن ڌرتيءَ جو حق ڪيتري قدر نڀايو آهي؟ هن ڌرتي واسين کي شعور ڏئي اسان انهن کي منجهائي ته ڪونه ماريو آهي؟ اڄ هن سنڌ ڌرتي ۾ سنڌي ماڻهو ڪٿي بيٺو آهي؟ انهن سڀني سوالن جو جواب ڳولهڻ لاءِ اسان سڀني سنڌين کي سوچڻو پوندو.
اڄ جو سنڌي ڪٿي بيٺو آهي؟ ڇا اڄ جي سنڌيءَ جي پيرن هيٺان ان جي سنڌ ڌرتي آهي؟ ڇا اڄ انهن جي ٻُڪن ۾ سنڌوءَ جو پاڻي آهي؟ ڇا سنڌين جي ٻولي ۽ تهذيب محفوظ آهي؟ ڇا سنڌ جا شهر ڳوٺ، وڻ ٽڻ، جبل ريگستان سنڌين وٽ آهن؟ جواب ڪنهن وٽ آهي؟ خبر ناهي؟
ها باقي سنڌ جا رهبر، سنڌ جا ليڊر، سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ وارا ٽڪي ٽڪي ٽي وڪامجڻ وارا بي حس، سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ وارا ڪنڌ مٿي کڻي اوهان جي سامهون بيٺا آهن. مان مايوسي ۽ نراسائي جي ڳالهه ڪونه ٿي ڪريان مان اوهان کي منهن مٿو پٽڻ لاءِ ڪونه ٿي چوان. صرف هڪ عرض آهي....اکيون کوليو، پنهنجن ۽ پراون کي سڃاڻو، پنهنجي ڌرتي تي ثابت قدم رهي “حق ڌرتي” ۽ “حق وارثي” وڙهي وٺو، پاڻ نه وڙهو پر دشمن تي وار ڪيو چاهي اهو دشمن سنڌي ڳالهائڻ وارو ئي ڇو نه هجي. تعليم حاصل ڪريو. پنهنجا ادارا سنڀاليو. توهان کي سياست چمڪائڻ وارن ڪوڙن پٺيان ڪونهي هلڻو، ٻين تي ڀاڙڻ وارن ڪوڙن پٺيان ڪونهي هلڻو، ٻين تي ڀاڙڻ بدران پاڻ اڳتي وڌڻو پوندو..... اڄ به اسان نه سوچيو ته پوءِ لڳي ٿو هاڻ اڻ ٿيڻيون به ٿي پونديون ۽ اسان وٽ ڪجهه به ڪونه بچندو.
اربع 19 سيپٽمبر 2012ع