گلابن جي گلن جهڙي ثريا
مان جڏهن ات ويس ته ثريا جي بيڊ جي مٿان ڪيترائي گلاب جا گل پيا هئا. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اڄ ثريا خواهش ظاهر ڪئي ته ان کي گلاب جا گل آڻي ڏيو. سندس ڀاءُ گل وٺي آيو جيڪي ان جي ڀرسان پيا هئا. موت جي قريب ثريا هئي سندس وجود به سسُي ويو هو. هي بيماري به عجيب اهي اندران ته وجود کي جهوري ٿي ته ٻاهران به اصليت مٽائي ٿي ڇڏي حالانڪ ثريا ڪافي قدراور هوندي پر هن مهل ڪمزور ٿي سُسي ٻار جهڙي ٿي ويئي هئي.
سول اسپتال جو ڪينسر وارڊ وڃڻ ۽ مريض کي ڏسڻ لاءِ به همت گهرجي ٻار، جوان، پوڙها، سهڻيون عورتون هن موذي مرض ۾ مبتلا آهن ۽ انهن سڀني کي خبر آهي ته اسان سڀ آهستي آهستي موت ڏانهن وڃي رهيا آهيون ڪينسر وارڊ ۾ اچي هر سوچ جو انت موت آهي، تصور موت آهي، بس سڀ ڪجهه فنا آهي ثريا جي ماءُ مون سان ويهي ثريا جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي هاڻ ان روئڻ ڇڏي ڏنو هو يا روئي روئي ڳوڙها سڪي ويا هئس هاڻ ته ان وٽ ڳالهيون هيون صرف ڳالهيون اسان جي معاشري ۾ خاص ڪري ان ماحول ۾ جت تعليم گهٽ آهي ۽ مرد جي برتري تمام گهڻي آهي ات عورت لاءِ وڏا مسئلا آهن. عورت اهڙي ماحول ۾ ماءُ هجي، ڌيءُ هجي يا وري زال هجي، بس ان کي زندگي گذارڻي آهي، ٻين جي حالن سان ٻين جي وجود سان ثريا جي ماءُ به ڪا پر سڪون زندگي ڪين گذاري هئي. ثريا جو والد تمام سخت مزاج ۽ ظالم انسان آهي. ثريا جي ماءُ خاموش طبعيت ۽ نماڻي آهي ان ڪري گذارو ٿي ويو. هونئن به عورت مرد جون زيادتيون ان ڪري به برداشت ڪندي آهي جو هو ٻارن جي ماءُ هوندي آهي. هن جو جيئڻ ٻارن لاءِ هوندو آهي هو ٻارن جي ڪري ئي سڀ ڪجهه سهندي آهي ته هو وڏا ٿيندا ته امڙ کي سک ڏيندا اهڙي ماحول ۾ پلجندڙ اولاد تي به سٺا اثر ڪين پوندا آهن. پٽ ارڏا پي جهڙا ۽ نياڻيون نماڻيون ٿي وينديون آهن مائرن جهڙيون وري سڱابندي به پنهنجن ۾ ڪئي ويندي آهي. اهڙي طرح اها عورت يا نياڻي ان ماحول ۾ نڪري ئي ڪونه ٿي سگهي انهن ظلمن ۽ زيادتين جي عادي ٿي وڃي ٿي. هڪ ڌيءُ جيڪا ننڍي هوندي کان ئي ماءُ تي ظلم ٿيندا ڏسي ٿي جڏهن ان تي به اهڙا ظلم ٿين ٿا ته هو ذهني طور پهرين ئي تيار هوندي آهي.
ثريا جا ڀائر به پيءُ جهڙا ارڏا هئا صرف ننڍو ڀاءُ طبعيت جو حليم هو. ان ڪري ان کي چريو ۽ بيڪار سمجهيو ويندو هو اهوئي ڀاءُ پنهنجي ماءُ سان گڏ ثريا وٽ اسپتال ۾ رهندو هو. ان مهل ان ڀاءُ ثريا کي گل آڻي ڏنا هئا ۽ ثريا گلن جي خوشبو ۾ ستي پئي هئي ثريا جي ڪمزور جسم تي نمايان هيون سندس اکيون. هو هر آيل کي صرف گهوري گهوري ڏسي رهي هئي ڪنهن ڪنهن وقت سندس چهري تي ڪا مسڪراهٽ آئي پئي ته اها به مايوسي واري هئي. جيتري دير مان ات ويٺي هئس ثريا جي ماءُ ڳالهائيندي رهي هاڻ ان وٽ ڳالهيون ئي ته وڃي رهيون هيون ڊاڪٽر جواب ڏيئي چڪا هئا، هاڻ ثريا کي واپس ڳوٺ وٺي وڃڻو هو، هاڻ ان جي زندگي هڪ هفتي جي آهي يا هڪ مهيني جي خبر ڪانهي. اتان جڏهن مان واپس آيس ته دل تي بار وڌي ويم مون کي ثريا تي ٿيل سڀني وارتائن جي خبر هئي ثريا جو مڙس سندس سوٽ آهي پڙهيل گهٽ آهي پر جواني جي ارڏائي گهڻي اٿس هي مرد ان ماحول جي پيدائش آهن جت عورت جي ڪا اهميت ئي نه آهي. ڏينهن جو عورت نوڪرياڻي آهي ۽ رات جو ضرورت آهي. بس ان کان وڌيڪ ان جي ڪا حيثيت ئي نه آهي. اهڙي ماحول ۾ ڳالهه ڳالهه تي زال کي مارڻ خراب نه سمجهيو ويندو آهي. ڀينرون به ڀائرن جا موچڙا کائينديون آهن حد ته اها آهي ته جوان پٽ معمولي ڳالهه تي ماءُ کي به ڪٽي رکندا آهن ثريا اهڙي ئي حالتن جو شڪار هئي. ثريا پنهنجي مڙس سان اڄ جي ماحول مطابق قرب ۽ پنهنجائپ سان هلڻ چاهيندي هئي. اڄ ڪلهه ٽي وي جي ڪري به گهرن ۾ ويٺل نياڻين کي به ڪافي سمجهه اچي ويئي آهي هونئن به عورت جي فطرت آهي ته پاڻ وڻائڻ جي. عمر به ننڍي البيلي سو ثريا ٿورو هار سينگار به ڪندي هئي، ڳالهه ڳالهه ۾ مڙس سان قرب وچان هجت به ڪندي هئي ته صاف سٿري به هوندي هئي پر سندس ارڏو مڙس ڪٿان ٿو سندس قدر ڪري. اهي ڳالهيون ان کي بلڪل ڪونه وڻنديون هيون ڪجهه ڏينهن ته خوش رهيو پوءِ ثريا تي هٿ کڻڻ شروع ڪيائين. پهرين ته ڳالهه ڌڪ چنبي تائين هوندي هئي آخر پوءِ ايتري وڌي جو ڪڏهن ڪڏهن ته هو ثريا کي ايترو ته ماريندو هو جو ثريا غش ٿي ڪري پوندي هئي جڏهن ثريا تڪليف وچان زمين تي ڪري پوندي هئي ته هو بوٽ سان سندس چيلهه وٽ ٿڏا هڻندو هو.
ثريا هاڻ ٿورو بيمار رهڻ لڳي چيلهه جي ۽ پيٽ جي سور جي شڪايت ڪرڻ لڳي ڪڏهن ٿورو سور ته ڪڏهن گهڻو سور مڙيئي دوا ڦڪي کائي پئي وقت ٽاريندي هئي. مڙس جي اها عادت مارڻ واري بدلجي نه سگهي ۽ ثريا جهرندي ويئي جڏهن ثريا کي ٻار ڄائو ته هو اڃا وڌيڪ لاغر ٿي ويئي وڃي کٽ ورتائين اڄ ڪلهه مڙس کي به صحت مند زالون، خدمت گذار زالون گهرجن سو اهڙي حالت ثريا لاءِ پريشان ڪندڙ هئي.
وري به هوءَ وسان ڪونه گهٽائيندي هئي رڙهي جهري مڙيئي گهر جو ڪم ڪار پئي ڪندي هئي آخر هڪ ڏينهن هو صفا ڊهي پيئي. کيس حيدرآباد وٺي آيا جت خبر پئي ته سندس پيٽ ۾ ڪينسر آهي. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته سندس پيٽ ۾ زخم هئا جيڪي مناسب علاج نه هئڻ ڪري بگڙجي ڪينسر جي صورت وٺي ويا آهن اسان ٻڌو ته سڀني ان ڳالهه تي سوچيو ته ثريا جو مڙس جڏهن کيس بيدردي سان ماريندو هو خاص ڪري جڏهن هو زمين تي ڪري پوندو هئي ۽ هو بوٽ سان زور زور سان ٿڌا هڻندو هوس انهن ٿڏن جي ڪري ئي زخم ٿيا هوندا جيڪي بگڙجي ڪينسر ٿي پيا.
هاڻ ثريا مري چڪي آهي. گلاب جي گلن جهڙي ثريا. گلاب جي گلن سان پيار ڪندڙ ثريا مٽي ۾ دفن آهي. هڪ انسان ٻئي انسان جي زيادتين جو شڪار ٿي فنا ٿو ٿي وڃي پر تاريخ دهرائجندي ٿي رهي. هاڻ ٻڌون پيا ته ثريا جي مڙس جي شادي ثريا جي ڀيڻ سان ڪرڻ چاهين پيا ڇو ته مسئلو ٻار جو آهي سڀ ڪو چوي ٿو ماسي گهر ۾ ايندي ته ٻار جي پرورش چڱي ٿيندي. ثريا جي ماءُ ۽ ڀيڻ ٻئي پريشان آهن. اُهي هي رشتو نه ٿا ڪرڻ چاهين ثريا جي ماءُ پنهنجي مڙس ۽ پٽن کي ڏاڍو سمجهايو آهي ته هڪ ته ظلم ۾ مري ويئي ٻي کي ته اوڙاه ۾ نه وجهو، پر هو سڀ ايترا ته بي حس آهن جو انهن کي ڪو احساس ئي ڪونهي انهن جي اڳيان عورت چاهي اها ماءُ هجي يا ڀيڻ يا وري زال بي زرر حيثيت آهن. پير جي جتي آهي، جسم جي مير آهي. هن ترقي يافته زماني ۾ اسان جي سنڌ ۾ ايترا ڪيترائي گهر آهن جيڪي انسانيت ۽ شعور کان خالي آهن پيار ۽ احساس جي ڪمي شعور جي ڪمي علم جي نه هجڻ ڪري ئي گهڻي آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ علم جو ريشو سڀ کان گهٽ آهي. اسان وٽ اوستائين تبديلي نه ايندي جيستائين گهر گهر تعليم نه پهچندي. ان ڪري اسان کي سڀ کان وڌيڪ تعليم جي سڌاري ڏانهن توجه ڏيڻ گهرجي.
آچر 11 سيپٽمبر 1994ع