اڄ جي سياست جا اسم ۽ ضمير
اهو نه آهي ته ڪو سرويچن جي کوٽ آهي پر اسان جي آس پاس چئني طرف جيڪو وايو منڊل سالن کان منڊجي رهيو آهي سو، سومل جي ڪاڪ محل کان گهٽ ڪونهي. فرق صرف اهو آهي ته جڏهن مومل محل جي دريءَ مان ديدار ڪرائيندي هئي ته سوين طالب دولت جا انبار کڻي ڪاڪ محل ۾ ڪاهي پوندا هئا. ڪاڪ محل کي اُڪاري مومل تائين پهچڻ ڪو آسان ڪونه هوندو هو. رستي ۾ ور وڪڙ به هئا. شينهن جون گجوڙون، ڪلن جا ڪڙڪا، ناتر جون رمزون ۽ لوڏ، طلسمي حوض کان وٺي سُٽ جي کٽولن تائين هڪ وڏو مرحلو متوالا پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪري به مومل کي هٿ نه ڪري سگهيا. اوچتو ئي اوچتو راڻو الائجي ڪٿان آيو ۽ مومل جا سڀ منڊ ٽوڙي سچي کٽولي تي بالم ٿي ويهي رهيو. مومل جو مثال انڪري ڏنم ته اڳ جوان سورما حاڪم سردار پاڻ سان دولت ۽ دنيا کڻي نڪرندا هئا. مومل کي ماڻڻ لاءِ، پر سائين منهنجا هاڻ ائين نه آهي.
اڄ اسان ترقي يافته ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ زماني جا رهواسي آهيون اڄ به مومل دريءَ کان بيٺي آهي پنهنجو ديدار پئي ڪرائي، پر حالتون ٿوريون ابتيون ٿي ويون آهن. اڄ جو ڪاڪ محل ڪو جادوئي محل نه آهي. ات ڪي ور وڪڙ نه آهن پر گلم غاليچا وڇايا پيا آهن. اڄ مومل کي ماڻڻ لاءِ مال دنيا کڻي وڃڻ جو شرط نه آهي ڇو ته مال دنيا جا انبار ته اڄ جي ڪاڪ محل جي ور وڪڙن ۾ ڀريا پيا آهن صرف ضمير جو فيصلو ڪريو. ڪاڪ محل ۾ گهڙو ته ايتري ته دولت آهي جو انسان کڻي به نه سگهي. اڄ ڪاڪ محل جي ديوان خاني ۾ ست کٽولا آهن پر انهن ۾ ڪو به فريب ڪونه آهي. سڀ کٽولا گلم، غاليچن وهاڻن عطر عنبرن سان سرها لڳا پيا آهن جت بالم ٿي ويهڻ وارن جي ڪمي ڪانهي ڏسو ته لائين لڳي پئي آهي. ضمير جي فيصلي کي نعرو بڻائي جيڪي آيا سي اگهيا. خبر نه آهي ته ڪٿ وڃي ماٺ ٿيندي.
هاڻ سائين ڳالهه ڪجي ضمير جي. گرامر ۾ ضمير اسم جي جاءِ تي ڪم ايندو آهي. نالي جي سڃاڻپ ختم ٿي ويندي آهي. صرف اشارو وڃي رهندو آهي. هاڻ پنهنجي شخصيت، پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجو وجود وڃائي ضمير پٺيان لڳي ڪاڪ محل ۾ دولت جي انبارن تي ويهڻ وارا تون، مان، هو اهي سڀ يا ضمير به ته اسان مان ئي آهن.
شروع ۾ لکيو اٿم ته اندر جا سوال جواب ڏاڍو تنگ ڪندا آهن ڇو ته انهن جو سلڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو. پڇيو ڪنهن ته اوهان اسان جي اسمن کي ضمير جي لالچ ڏيئي اغوا پيا ڪريو. جواب مليو توهان جا اسم ڪي ارڙهن سالن جون دوشيزائون ته نه آهن جو اسان انهن کي اغوا ڪنداسين. اهو سوال ۽ ان جو جواب ٻڌي ڪري منهنجي اندر ۾ غيرت وچان سوال اڀري آيو. ڇا ضمير جو فيصلو ڪرڻ وارا اسم ارڙهن سالن جو دوشيزائون آهن؟ همت اٿو ته ارڙهن سالن جي دوشيزائن ۾ هٿ وجهي ته ڏيکاريو..... قيامت اچي ويندي سرنهن جي داڻن وانگر پيسجي ويندو.
وري سوال اڀريو ته هي سڀ جوان آهن. سورما آهن، عقل وارا آهن تڏهن ته ضمير جو فيصلو ڪري اسم بدران ضمير ٿيا آهن، مون انهن سڀني سورمن جون تصويرون ڏٺيون، غور ڪيم، سوچيم ته آخرهي ڪهڙا سورما آهن. غور ڪيو ۽ ڪندي رهيس ۽ منهنجي اندر ۾ سوالن پٺيان سوال اڀرندا رهيا هڪ هڪ جي شڪل چتائي ڏٺم. دل ۾ سوچيم سورما ۽ وريام ته جن دڳن تي بيهندا آهن اتان ته موت به انهن کي هٽائي نه سگهندو آهي. وقت جي ويڙهاند ۾ جيڪڏهن هو مرندا به آهن ته ان دڳ تي پنهنجو رت ڇڏي ڳاڙهن اکرن ۾ پنهنجو اسم يعني پنهنجو نالو لکي ويندا آهن. تاريخ اهڙن ماڻهن کي انهن جي اسمن پٺيان ياد ڪندي آهي انهن جو ڪو به ضميري نالو نه هوندو آهي.
جيڪي اسم آهن ۽ ضمير ٿيا آهن اُهي دوشيزائون به نه آهن ، سورما به نه آهن. ڀلا هي آهن ڪير، آهن ڇا؟ آهن ته اسان مان ۽ توهان مان، آهن به اڄ جي دور مان جت اسان ترقي يافته ۽ عقل واري زماني ۾ رهون ٿا.
جڏهن ڳالهه اچي ٿي زماني جي ته هڪ پراڻي زماني جي هڪ ڪهاڻي ياد اچي وئي آهي. پڙهيو اٿم ته هڪ بادشاهه ٻئي بادشاهه تي حملو ڪرڻ ويو. ڪيترا ئي ڏينهن قلعي تي گهيرو ڪري ويٺو پر فتح حاصل نه ٿيس. قلعي جا دروازا ۽ فصيلون مضبوط هيون. دروازن جا نگهبان سچا ۽ جان نثار هئا. هاڻ حملي آوارن ٻيا طريقا استعمال ڪيا، ڪن اسمن کي ضمير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائون. دولت دنيا جو آڇون ڏيئي انهن کي ضمير جو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيائون. ڪجهه ماڻهن جي ٽٽڻ سان قلعي جون فصيلون لُڏي ويون. بند دروازا کلي ويا. حملي آور فاتح ٿي اندر داخل ٿيا ۽ قلعي تي قبضو ٿي ويو. جڏهن حملي وارا پورو قبضو ڪري تخت نشين ٿيا ته انهن قلعي وارن کي سزائون ڏيڻ شروع ڪيون. انهن قلعي جي وفادارن کي ته جيل ۾ وڌو پر اهي اسم جيڪي ضمير ٿيا انهن کي موت جي سزا ڏنائون. هاڻ ته هي ضمير حيران پريشان ٿي ويا پنهنجي وفاداري جا واعدا ياد ڏيارڻ لڳا ته اسان توهان جي مدد نه ڪريون ها ته هن قلعي جا مضبوط دورازا به نه کلن ها. حملو ڪندڙن جواب ۾ چيو ته اهو سچ آهي ته توهان جي ڪري ئي اسان حڪمران ٿيا آهيون پر ياد رکجو جڏهن توهان پنهنجا وفادار نه رهيا آهيون ته اسان جا وفادار ڪيئن رهندؤ!
وقت وڏو ظالم آهي. هيءَ دنيا مقافات عمل آهي. هتان جو عوام ڀلي چريو کريو هجي پر سڃاڻي سڀني کي ٿو. پنهنجن عملن جي سزا هرڪو ئي ڀوڳيندو پر ڪن غلط فيصلن جي ڪري اسان جي ڌرتي ۽ اسان جي ماڻهن جو جيڪو نقصان ٿئي ٿو ان جو ازالو صدين تائين ناهي ٿيڻو.
اربع 25 ڊسمبر 2002ع