ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

طارق عالم کي نه مرڻ گهرجي

مرڻو آ اسان سڀني کي. اسان کان اڳ ڪيترائي دانشور اديب، شاعر سڀ مري ويا. هڪ ڏينهن ايندو ته اسان به ماضي ۾ دفن هونداسين. موت اڻٽر آهي ته پوءِ جيئڻ لاءِ جدوجهد ڇو؟ اسان هڪ انسان کي جنم ڏيئي هڪ موت کي ڇو ٿا جنم ڏيون. فنا، فنا، سڀ ڪجهه فنا. ته به اسان جيئڻ چاهيون ٿا. ها! اسان جيئڻ چاهيون ٿا.
جيئڻ اسان جو حق آ. هيءَ دنيا، هن دنيا جون خوبصورتيون، هن دنيا جون بدصورتون، هيءَ زمين، هي آسمان، هيءَ هوا، هي وڻ ۽ ٻوٽا. ڌرتيءَ کان آڪاش تائين هر وکريل شيءِ اسان لاءِ آهي. اسان کي ان مان واس وٺڻو آهي. هت محبت ڪرڻي آهي، محبت وٺڻي آهي، مرڻو آهي سڀ ڪنهن کي، پر هڪ ڀرپور زندگي ماڻي. اها زندگي اسان جو حق آ جيڪا قدرت اسان کي ڏني آهي.
پر هاءِ هاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ان زندگيءَ جي وچ ۾ ليڪ اچي ويندي آهي. گهڻو ڪري اهي ماڻهو ان ليڪ وچ ۾ ايندا آهن جيڪي جيئڻ چاهيندا آهن. يا اهي جن جو جيئڻ ضروري هوندو آهي ڪن ٻين لاءِ. ڪن ماڻهن جو جيئڻ ان ڪري به ضروري هوندو آهي جو هو تخليقڪار هوندا آهن. انهن جو دماغ، انهن جو قلم، انهن جون سوچون، سڄي انساني وجود لاءِ هونديون آهن. هي دماغ ۽ قلم جنهن کان هرڪو پيو پاسيرو ٿيندو آهي. قلم هلي ته انقلاب اچي وڃن، قلم هلي ته قومن جون قسمتون مٽجيو وڃن. قلم هلي ته وڏا وڏا ڏونگر ڏريو پون. ذهن ۽ قلم ته ڪيترائي آهن پر مان ذڪر ڪنديس ان جو جيڪو ذهن حساس، مٽيءَ جي خوشبوءِ وارن جذبن، ڌرتيءَ سان پيارڪندڙ امنگن واري انسان جو آهي.
ذهنَ ڪيترن ئي انسانن جا، پر انهن سڀني انسانن جي وچ ۾ هڪ انسان آهي. ڏٺو ڪو نه اٿم، پر خبر اٿم نوجوان آهي. سڄي وجود ۾ ٽهڪيل رت اٿس. نون جذبن سان خوبصورت سوچون کڻي هو هليو آهي هن ڌرتيءَ تي. مان سمجھان ٿي ته توهان يقينن ان کي سڃاڻي ويا هوندا، اهو آهي اسان جو ، توهان سڀني جو طارق عالم.
طارق هڪ ليکڪ آهي، پنهنجي قلم ۽ جذبن سان سچو. مان سمجھان ٿي ته ڪَنڊن واري هن ڌرتيءَ تي هلندي هلندي هن جا پير زخمي ٿيا هوندا ته ان جي ڪا پرواهه نه ڪئي هوندائين. سندس آسپاس، پنهنجن پراين سڀني ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن کي ڏکويو هوندو، پر هو سڀني کان هٽي ڪري ڪڏهن کلندو هو ته ڪڏهن روئندو هو. سڀني جي وچ مان ته ڪڏهن پاسي کان پنهنجي واٽ ٺاهي هلندو هوندو، ڇو ته ٽهڪندڙ رت آهي ان جي وجود ۾.
اڄ طارق جي ٽهڪندڙ رت ۾ الائجي ڇا ڇا پيو ٿئي. ٽي وي اسٽيشن تي ڀاءُ قيس جڏهن اهو ٻڌايو ته طارق جون ٻئي بڪيون خراب ٿي پيون آهن ته عجيب سنگهرام مچي ويو هو منهنجي وجود ۾. ان رات سڄي رات ننڊ نه آيم. طارق کي نه ڏٺو هئم، پر ان هوندي به سندس شڪل منهنجي اکين آڏو ڦرندي رهي. ڇا طارق مري ويندو؟ نه، ان کي نه مرڻ گهرجي. علاج ممڪن آهي. طارق کي بچائي سگهجي ٿو. بيدل مسرور کي چيم ته مان طارق سان ملڻ چاهيان ٿي. ڏسي وٺي طارق جي گهر جي ڳولا ڪيم پر هٿ نه آيو. سميع بلوچ طارق جي فون جو نمبر ڏنو. ڳالهايم طارق سان. مون کي ان جي آواز مان لڳو ئي ڪو نه ته هو ڪو بيمار آ. ٻڌايومانس ته مان سندس گهر ڳولي نه سگهي آهيان. چيائين اسان مان ڪو توکي وٺڻ اچي. چيومانس ته نه مان پاڻ تو وٽ اينديس. ان دوران طارق سان ملاقات ٿي لطيف ڪانفرنس جي موسيقيءَ واري محفل ۾. هڪ منٽ ڏٺم ۽ ڳالهايم طارق سان. بس وري اچي بيٺس پلصراط تي.
سوچيندي رهيس عجب جهڙو نصيب آ اسان سڀني سنڌي اديبن جو. اسان جو هر هڪ سجاڳ ۽ حساس اديب ڌڪا پيو کائي، بکون پيو ڪاٽي، ذهني اذيتون پيو سهي يا وري طارق وانگر هر هفتي مشين ۾ پيو آ.
شاهه لطيف به ڪا ڀوڳا ڀوڳي هوندي. هن به ته پنهنجي جذبن جو قتل عام ٿيندي ڏٺو هوندو. ڪيترين ئي اذيتن مان گذريو هوندو، تڏهن ته خواهش ظاهر ڪئي هوندائين ته هو عام ماڻهن وانگر ڇو ڪين آهي؟ تڏهن ته شاهه لطيف بي اختيار چيو آهي ته:
الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن.
ڀلا هن ڌرتيءَ جي ڏاهن ۽ ڏاهين جو نصيب ڪڏهن بدلجندو؟ ڪڏهن انهن کي پنهنجن جذبن جي موٽ ملندي؟ هن ڌرتيءَ جا رهندڙ ڪڏهن ان جو قدر ڪندا؟ هيءَ ڌرتي اٻوجھن جي ڌرتي ته ناهي. هتان جو هر جيوُ اعليٰ سوچ رکي ٿو. مان انهن سڀني کي چوان ٿي ته:
منهنجا پيارا سنڌ واسيو اچو ته گڏجي طارق جي زندگي بچايون. توهان چوندؤ ته الائجي ڪيترا روز پيا مرن، جوان، سهڻا، پر سنڌ واسيو، ڪي ري کٽيءَ جا موت به ٿيندا آهن. طارق به اهڙي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. اسان کي کپي ته اسان انهن سڀني طارقن جون زندگيون بچائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيون، جيڪي ري کٽيءَ مري ٿا وڃن. سنڌ واسيو اچو ته شروعات ڪريون هن طارق کان. طارق جي بيماريءَ جو علاج آهي. اسان سنڌين هڪ هڪ روپيو به ڏنو ته گهڻو ڪجهه ٿي پوندو. مان سنڌ جي زميندار، هاري، استاد، شاگرد، مزدور، ڪلارڪ ، ڪامورن، سنڌ جي چورن ڌاڙيلن، هر هڪ کي چوان ٿي ته طارق کي بچائي وٺو. متان دير ڪئي اٿو. متان طارق هليو وڃي.
هي جذبو اوهان ۾ جاڳيو ته نه صرف طارق بچي پوندو، پر اسان ڪنهن به ٻئي طارق کي مرڻ نه ڏينداسين.
اسان کي ڪٿان ته شروعات ڪرڻي آهي. اچو ته گڏجي طارق وٽان شروعات ڪريون. اچو ته گڏجي هن تخليقڪار کي بچائي وٺون.

هلال پاڪستان - خميس 25 جون 1978ع