ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

وجود جي سچائي ۽ ڏکن جو گهر

وجود جي سچائي ۽ ڏکن جو گهر

بوري بازار ۾ خريداري ڪندي اوچتو هڪ چهري تي نظر پيم، ڪمزور هڙٻاٽيل، پر قدمن ۾ تيزي ۽ ڦڙتي، مون کي اهو چهرو ڄاتل سڃاتل لڳو پر ذهن جي تختيءَ تي نالو نه پيو اڀري، ائين پيو لڳي ڄڻ تمام قريب رهندڙ هستي آهي سو مان به پنهنجي خريداري وساري اُن جي پويان پويان هلڻ لڳس. مون کي ڏاڍي بيزاري پئي ٿي. پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ به پئي آيم، آخر هيءَ آهي ڪير؟ آخر مون کان رهيو نه ٿيو، وڃي اڳ ورتومانس، هجت ڪري پڇيو مانس مون کي سڃاڻين ٿي؟ هن جي منهن تي مرڪ تري آئي، ڏاڍي قرب مان اڳتي وڌي منهنجي ٻانهن هٿ سان پڪڙي چوڻ لڳي سلطانه آهين نه، ڏس تو ته مون کي سڃاتو پر مان به تو کي سڃاڻي ويس.....هاڻ مان کيس ڇا ٻڌايان ته مون کي سندس نالو به ياد نه ٿو اچي. هاڻ اسان ڪچهري ڪندا بازار جا چڪر لڳائيندا رهياسين، پراڻيون ڳالهيون ڪندي اوچتو منهنجي ذهن ۾ ٺڪاءُ ٿيو اڙي هيءَ گلشن آهي. هاڻ مان پريشان ٿي ويس ڇو ته پنهنجي زماني ۾ گلشن ڪا هروڀرو سهڻي ڪانه هوندي، هئي پر سندس منهن ۾ اهڙي ته مڻيا هوندي هئي. سندس چهرو ايڏو ته وڻندڙ هوندو هو جو جڏهن هوءَ هلڪو به تيار ٿيندي هئي ته سهڻين کي به شهه ڏيئي ڇڏيندي هئي. منهن تي سدائين مرڪ وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندڙ، گلشن جو سڀاءُ به ڏاڍو سٺو هوندو هو. زبيده ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙن جي وندر هوندي هئي گلشن......سڀني کي ڪم اچڻ واري، وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندڙ گلشن اڄ اهڙي ٿي ويئي آهي. جو سڃاپجي ئي ڪانه پئي. اُتان ٿورو گڏ گهمي اسان هڪ ٻئي کي پنهنجون ايڊريسون ۽ فون نمبر ڏيئي گهر روانيون ٿيون سين، هاڻ اسان واندڪائي مهل فون تي ڪچهري ڪندا هئاسين. منهنجي زندگي ۽ حالتن جي باري ۾ هوءَ گهڻو ڄاڻندي هئي ۽ مان بلڪل اڻ ڄاڻ هيس ان جي زندگي جي حوالي سان جڏهن هوءَ منهنجي ذاتي زندگي جي حوالي سان ڳالهائي پنهنجا رايا ڏيندي هئي، همدردي جو اظهار ڪندي هئي ته مون کي ڏاڍو خراب لڳندو هو. مان کيس جواب ۾ اهو سمجهائيندي هيس ته راڻي اسان جهڙا فرد پنهنجو وارتائون ڪنهن کان لڪائي نه سگهندا آهن. پر اهو ته سوچ ته مان هڪ زندگي گذاريان پئي. زندگي ڏکي آهي، ان جي باوجود اسان ڪر کڻي مان شان سان هلون ٿا. پنهنجي پروان جي ڏنل ڏکن ۽ معاشري جا ڏنپ کائي وري به هڪ واٽ ٺاهي، جيون ۾ جدوجهد ڪريون پيا، اڳتي وڌون پيا، اسان کي ڪنهن جي همدردي جي ضروري نه آهي. هڪ فرد جي حوالي سان، سٺي نوڪري، گهر ۽ ٻچا گهڻو ڪجهه ئي آهي اسان جي زندگيءَ ۾، بي مقصد زندگي ته اسانجي به ڪانهي.....هڪ دفعو ڳالهين ڪندي هڪ خاص موضوع وٺي مونسان بحث ڪيائين. مون کي ان جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. هوءَ پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌائڻ بدران منهنجي ٽوهه ۾ لڳي وئي منهنجي زندگيءَ جي تلخين بابت هروڀرو پڇڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. مان کيس انهن ڳالهين جو جواب ڏاڍي ڌيمي انداز ۾ ڏيندي هئس. هڪ دفعو هڪ ڏاڍو خطرناڪ سوال ڪري ويهي رهي. مان کيس جواب نه ڏيئي سگهيس ۽ چيومانس ته شاهه جو شعر پڙهيو اٿئي.
“جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏاوس ڪيام”
لڳندو اٿم ته شاهه اهو شعر منهنجي لاءِ ئي لکيو آهي. منهنجي دل چاهيندي آهي ته اها شاهه لطيف جي سٽ ڪنهن کان لکرائي، پنهنجي گهرجي ٻاهران لڳرائي ڇڏيان پوءَ ڪير به مون کان اهڙا اونڌا سوال جواب نه پڇي جهڙا تون پڇندي آهين......منهنجي لهجي جي تبديلي ان محسوس ڪئي چوڻ لڳي تو کي خراب ٿو لڳي جو مان اهڙيون ڳالهيون تو کان پڇان ٿي؟ جواب ۾ چيومانس تلخ ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ اهو نه ٿي سوچين ته اسان جهڙيون عورٿون هن معاشري ۾ رهي ڪري هڪ سٺي زندگي گذارين پيون. سٺيون ڳالهيون ڪر مونسان، مون کان پڇ ته هن دنيا جي اجگر ۾ جڏهن ڪنهن وٽان به چڱائيءَ جي اميد نه آهي ته پوءِ پنهنجي زندگي ڪيئن گذارجي؟ زندگي جو اهڙو ڪهڙو ڏک آهي جيڪو مون نه ڏٺو آهي؟ ڪنهن وقت ۾ ته معاشي طرح به ڪمزور رهيس. انسان جيترو سهي سگهي اوترا غم ۽ زخم مون پرايا آهن. ڪي ڳالهيون ڪرڻ جون، نه ٻڌائڻ جون اندر ۾ ناسور وانگر گهر ڪيل هونديون آهن. ڪي ڳالهيون، پر وري به هيءَ زندگي پنهنجي آهي. ڀل ٻيو ڪير ڪجهه نه ڏي، پر ماڻهو پنهنجو پاڻ سان ته سچو هجي، پنهنجو پاڻ سان همدردي هجي. اُن سچائي ۽ همدرديءَ جي ڪري ئي زندگي گذارڻ سولي ٿي پوندي آهي. اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون اسان فون تي ڪندا رهندا هئاسين ڪڏهن ڪڏهن مون کي گلشن ذهني مريض لڳندي هئي. سندس ذهن پازيٽو ڳالهيون ڪرڻ بدران نيگيٽو سوچون رکندو هو....مان ڏاڍي صبر تحميل سان سندس اهي ڳالهيون ٻڌندي هيس.
هڪ ڏينهن اوچتو اچي نڪتي منهنجي گهر، مان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. سندس خير عافيت پڇي کانئس خبرون چارون وٺڻ لڳس، گلشن مون کي ذهني مريض سان گڏوگڏ بيمار به لڳندي هئي اڄ به هوءَ ٿڪل ۽ پريشان پئي لڳي، ڳالهين ڪندي وري اچي پنهنجي رڳ تي پهتي. هڪ ڳالهه جو جواب صحيح ڏجان، هوءَ سوال ڪري ويٺي. چيو مانس خطرناڪ ۽ ذاتي سوال نه ڪجان..... پڇيائين مونکان، تون ايترو کلين ڳالهائين ڪيئن ٿي؟
مان حيران ٿي ويس ان سوال تي، کيس چيم هي ڪهڙو سوال آهي. اڙي سائين کلڻ ۽ کائڻ ته منهنجو حق آهي ۽ منهنجي هٿ وس آهي.... ڀلا اسان وٽ کلڻ ڳالهائڻ کانسواءِ رهيو به ڇا آهي.....؟ هڪدم سنجيده ٿي ويئي. چوڻ لڳي ته تون ٻڌاءِ يا نه ٻڌاءِ پر مان ايترو ڪجهه منهنجي باري ۾ ڄاڻان ٿي جيتري تو کي پاڻ کي به خبر نه هوندي، منهنجو تنهنجن ڪن مائٽن ۽ دوستن سان تعلق آهي، ايترا ڏينهن تو سان فون تي ڳالهائيندي رهي آهيان تو کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم پر سمجهي نه سگهي آهيان. هاڻ تون مون کي صرف منهنجي پڇيل ان سوال جو جواب ڏي ته تون ايترو کلين ڳالهائين ڪيئن ٿي.....!
هاڻ صفا پريشان ٿي ويس. سو فيصد ان ڳالهه تي سوچڻ شروع ڪيم ته گلشن جي دماغ تي ٺلهو اثر ڪونهي، پر هوءَ سچ پچ بيمار آهي. هاڻ مان سندس ڳالهين کي درگذر ڪري، موضوع مٽائڻ لڳيس. . . . ڀلا تون به ته کلين پئي، تون به ته مون کان وڌيڪ ڳالهائين پئي، ڀلا تون ئي ٻڌاءِ ته تون ائين ڇو پئي ڪرين؟ منهنجو اهو چوڻ جي دير هئي گلشن اکين ۾ ڳوڙها آڻي سڏڪا ڀري منهنجي هنج ۾ ليٽي پئي . . . . . ڪيتري دير تائين هوءَ روئندي رهي. سندس روئڻ ڏک سان ڀريل هو. جڏهن هوءَ روئي روئي ٿڪي ته پاڻ ئي اٿي ويٺي. ائين لڳو ڄڻ ان پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪيو هجي، ان دوران، نه ئي مون کيس آٿت ڏني ۽ نه وري روئڻ جو سبب پڇيو مانس، عجيب قسم جو ماحول ٿي ويو هو. مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مان کانئس روئڻ جو سبب ڪيئن پڇان. . . . . ؟ جيئن جبل ڦاٽندو آهي ائين گلشن ڦاٽ کائي ويٺي. چوڻ لڳي مان جو تنهنجو مٿو کائيندي هئس فون تي، توکان عجيب سوال پڇندي هئس. ان جو به هڪ سبب هو، ته تو مون کان ڪڏهن پڇيو ئي ڪو نه ته گلشن تنهنجي زندگي ڪهڙي آهي؟ خوش به آهين يا نه . . . .!
مان کيس چيو ته مان هروڀرو ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ دخل اندازي نه ڪندي آهيان. ڪنهن کي وڻي نه وڻي، ذاتي زندگيءَ جي ٽوهه ۾ وڃڻ ڪا چڱي ڳالهه ته نه آهي. پوءِ جو هن پنهنجو قصو شروع ڪيو ۽ بغير ڪنهن فل اسٽاپ جي هوءَ ڳالهائيندي رهي. پنهنجي زندگيءَ جي ڪتاب جو هر ورق ان پڙهي ٻڌايو. جڏهن سڀ ڳالهيون ڪري ٿڪي ته پوءِ مون کي چيائين هاڻ ٻڌاءِ ته مان جيئري ڪيئن رهان؟ راتين جو ننڊ به نه ٿي اچي. صحت جواب ڏئي ويئي آهي. طبيعت ۾ ڪاوڙ ۽ تيزي گهڻي اچي ويئي آهي. سال ٿيا آهن جو پيٽ ڀري ماني نه کاڌي اٿم. جڏهن توسان مليس سوچيم ته تو کان ئي ڪجهه حاصل ڪري سگهان ته زندگي ڪيئن گذارجي . ..؟
ان جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي حال في الحال مون کي به ماٺ وٺي ويئي. مان ڪنهن کي آٿت ڏيڻ لاءِ لفظن جي چونڊ نه ڪري سگهندي آهيان. اهڙين حالتن ۾ مان خاموش رهڻ ئي بهتر سمجهندي آهيان. منهنجي اها خاموشي منهنجي وجود لاءِ چڱي نه هوندي آهي. ان حالت ۾ مان پرايا ڏک پنهنجي وجود ۾ اوتي ڇڏيندي آهيان، مان جيڪا پنهنجي وجود کي به اڃان سنڀالي دنيا سان مقابلي ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهندي آهيان، اهڙا ڪردار ڏسي، اهڙيون ڳالهيون ٻڌي اڃان به جيءُ جهري پوندو آهي، اسان جي معاشري ۾ ذهني تبديلي اڃان گهٽ آئي آهي. اڻ پڙهيل اٻوجهه عورتن جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي پر هڪ پڙهيل لکيل عورت، ڪمائيندڙ، مرد جي ٻانهن ٻيلي عورت به اڃا تائين عدم تحفظ جو شڪار آهي. عورت چاهي پڙهيل هجي چاهي اڻ پڙهيل، فطرتن اها عورت ئي آهي، هوءَ مرد جو ساٿ توجهه ۽ پيار محبت چاهي ٿي. ان ساٿ ۽ پيار جي عيوض جبلن جيڏا غم به کڻي ٿي وڃي، جڏهن ان کي توجهه نه ٿي ملي ته ڪک به ان کي بار ٿو لڳي. مان ته سوچيان ٿي ته اسان وٽ جنهن به ماڻهوءَ سان ملندؤ، ان جي ڪهاڻي ٻڌبي، ان جي اندر ۾ جهاتي پائبي ته هر ڪو هڪ ڪهاڻي آهي.
هاڻ اهو سوچجي ته دنيا ۾ سک شانتي ڪٿي آهي؟
اهو سڀ ڪجهه پنهنجي وجود ۾ آهي. هي جيڪو پنهنجو وجود آهي ان سان پيار ڪجي، پنهنجي وجود سان همدردي ڪجي. جڏهن اسان پاڻ سان محبت ڪرڻ لڳنداسين ته پوءِ يقينن دنيا جي ڪيترن سورن کان ڇٽي پونداسين . . . .
آچر 14 نومبر 1993ع