موسيقي جا من کي موهيندڙ آواز
سنڌ ۾ موسيقي ڪيترن ئي قسمن جي آهي. هڪ ٿڌي ۽ مٺي ته ٻي ڌوم ڌڙاڪي ۽ شور واري، ٿڌي ۽ مٺي موسيقي رات جي وقت خاموشي ۾ اوطاقن، اوتارن، گهرن جي اڱڻ ۾ مزو ڏيندي آهي. ڌوم ڌڙاڪي واري موسيقي، شادي جي موقعن تي، ميلن ملاکڙن تي ۽ اوليائن جي مزارن تي ڌمال جي صورت ۾ موجود هوندي آهي. ننڍي کنڊ جي موسيقي خاص طرح سنڌ جي موسيقي ۽ راڳ جو هڪ پنهنجو الڳ انداز آهي. پراڻي ۾ پراڻي شاعري به کڻندؤ ته ان ۾ به رڌم ۽ لئي هوندي آهي. سنڌي قديم ۽ صوفياڻو ڪلام سرتار ۾ ڳايو ويندو آهي ڪن عالمن ۽ شاعرن ته پاڻ ئي پنهنجي شاعري لاءِ نوان ساز ايجاد ڪيا شاهه لطيف جو نالو انهن ۾ سر فهرست آهي جنهن پڻ مختلف ساز ايجاد ڪيا. سنڌ جي موسيقي تي ٻاهرين موسيقي جو اثر به گهڻو آهي پر ان هوندي به سنڌ جي پنهنجي هڪ مخصوص موسيقي آهي جنهن کي اڄ تائين اسان جا ڳائڻا جياريندا پيا اچن. ڀٽ فقيرن جو به وڏو هٿ آهي. اسان جي موسيقي جي ترقي ۾ ڀٽ فقير جيڪي پنهنجي پيٽ گذارڻ لاءِ ڳائيندا وڄائيندا هئا، ڪي ته شاعر، به هئا پاڻ ئي ڪهاڻيون ۽ قصا شاعري جي روپ ۾ لکي ڳائيندا ۽ وڄائيندا هئا. انهن جا لکيل ۽ ڳايل قصا ڪي معمولي نه هئا ڇو ته ڀٽ فقير گهڻو ڪري اکين سان ڏٺل واقعا، مختلف جنگيون، سخي ۽ ظالم بادشاهن جون ڳالهيون، عشق محبت جا قصا سڀ ڳائي وڄائي هڪ هنڌ جي خبر ٻئي هنڌ پهچائيندا هئا. اهڙي طرح سان انهن ڀَٽ فقيرن سنڌ جي تاريخ لکي آهي. زباني طور اسان وٽ پهچندڙ سنڌ جي تاريخ ۾ ڀٽ فقيرن جو وڏو هٿ رهيو آهي ڳائڻ ۽ وڄائڻ انسان جي خوشي ۽ غم جو اظهار آهي. سنڌ ۾ موسيقي جو رواج ڳائڻ وڄائڻ جو رواج تمام گهڻو ۽ تمام پراڻو آهي. سنڌ جي راڳ ۾ صوفياڻو رنگ به تمام گهڻو آهي مزارن تي ان رنگ جو روپ ضرور نظر ايندو آهي شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جا فقير هڪ مخصوص انداز ۾ ڳائيندا ۽ وڄائيندا آهن ميلن ملاکڙن جي موقعي تي اهڙو راڳ ڏاڍو مزو ڏيندو آهي.
اڄ جي دور ۾ موسيقي تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ٻين ٻولين ۽ علائقن جي موسيقي به اثر انداز ٿي آهي اڄ ڪلهه مختلف تنظيمن طرفان ڪرايل پروگرامن ۾ چاهي اهي پروگرام ادبي هجن يا سماجي، موسيقي جو پروگرام ضرور شامل هوندو آهي ان موسيقي جي پروگرامن ۾ ماڻهو شوق سان ايندا آهن سنڌي ڳائڻن جون ڪيسٽون به گهڻي تعداد ۾ وڪامجنديون آهن. ڪجهه سالن کان وٺي سنڌي موسيقي ۾ تمام گهڻيون خرابيون اچي ويون آهن ڇو ته نون اڻ ڄاڻ ڳائڻن ائين ڪيو آهي جو اردو پنجابي جي گانن جي موسيقي تي سنڌي ۾ گانا ڳايا آهن. انهن مان ڪي گانا ته هو بهو ترجمو آهن اهڙين غلط ڳالهين جي ڪري سنڌي موسيقي تي خراب اثر پيو آهي. ڪن ڪيسٽن ۾ ته الفاظ به خراب استعمال ٿيل آهي موسيقي جو آواز تمام وڏو ۽ ناڪاره شاعري ۾ اهي ڪيسٽون بسن ۽ انهن جي اڏن، ريلوي اسٽيشن ۽ ٻهراڙي جي هوٽلن ۾ تمام گهڻي پيماني تي وڄنديون آهن. عشق عاشقي جون، محبوب جي حسين ادائن ۽ ارڏاين جون ڳالهيون کليل الفاظن ۾ اهڙن ڪيسٽن ۾ هونديون آهن. غريب اڻ پڙهيل نوجوان کي اُنهن ڪيسٽن ذهني بيمار ڪري ڇڏيو آهي. اسان هت شهرن ۾ مچايل محفلن ۾ انقلابي ۽ سنڌ جي ڏکن دردن جي حوالي سان ڪيل شاعري تي به خوب مزو وٺندا آهيون. اها شاعري جنهن تي ماتم ڪرڻ جون ڳالهيون هونديون آهن ات اسان مدهوش ٿي تاڙيون وڄائيندا آهيون ۽ انقلابي گيتن ۾ سنڌي ماحول جي عڪاسي ڏاڍي ڏک مان ڪئي وئي آهي. اسان جا ٻڌندڙ تيز موسيقي جي رڌم ۾ مدهوش ٿي تاڙيون وڄائي جهومندا پيا آهن. منهنجي هڪ دوست جيڪا آمريڪا مان آئي اچڻ شرط هن ٻائيتال ٻاري ڏنو، چوي مون کي جلال چانڊئي جي ڪيسٽ ٻڌڻي آهي. سڀني کي ڏاڍي حيرت ٿي ته معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته کيس مذاق ۾ ڪنهن ات آمريڪا ۾ ٻڌايو ته سنڌ ۾ جلال چانڊيي نالي هڪ گلوڪار پيدا ٿيو آهي جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو آهي. ان جون ايڏيون ته گهڻيون ڪيسٽون آيون آهن جو اصل مائيڪل جيڪسن سان مقابلو ڪيو بيٺو آهي. ان ويچاري ان مذاق کي صحيح سمجهو ۽ هت جلال چانڊيي جي پئي ڳولا ڪري دراصل اهڙن ڳائڻن ۽ نقل ڪيل موسيقي اسان جي ماڻهن کي ذهني طور بيمار ڪري ڇڏيو آهي. وڏي آواز ۾ موسيقي، رڙيون ۽ شاعري کي هاڻ ماڻهو پسند ڪرڻ لڳا آهن. ڪو نالي وارو ٺاهوڪو گلوڪار ڳائيندو ته ماڻهو بور پيا ٿيندا آهن ۽ ڌوم ڌڙاڪي ۾ سڀ خوش آهن. انهن سببن جي ڪري توهان ڏسو ته ڪيترائي نالي وارا فنڪار جن پنهنجي آواز ۽ سٺي شاعري جي ڪري نالو ۽ عزت ڪمائي هاڻ اهي به پنهنجو اسٽائيل بدلائي رهيا آهن تازو مثال ان ۾ عابده پروين جو آهي ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته عابده پروين هڪ وڏي گلوڪار آهي محفل ۾ ماڻهن کي موهيو ڇڏي پر هاڻ اها عابده پروين نه رهي آهي جڏهن کان وٺي اسلام آباد ۾ قدم ڄمايا اٿائين تڏهن کان هن پنهنجو اصلوڪو من موهيندڙ انداز مٽائي ڇڏيو آهي هاڻ ته سائين شروع کان وٺي آخر تائين بس علي علي دم علي علي آهي ۽ الله هو الله هو آهي. اصلوڪو انداز ڇڏي عابده پروين نصرت فتح علي خان وارو قوالي وارو انداز اپنايو آهي ائين ڪرڻ سان عابده پروين ڪجهه عرصي تائين دولت ته جام گڏ ڪري ويندي پر سندس ڳائڻ ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجو اثر ڇڏي ويندو عابده جي اصلوڪي انداز ۾ زندگي هئي هاڻ رڳو وڏي آواز سان مدهوشي آهي اڳ عابده پروين جي گيتن ٻڌڻ سان ذهن جا دروازا کلي ويندا هئا جسم مان سيسڙاٽ پيا نڪرندا هئا. هاڻ ته علي علي ۽ الله هو الله هو جي ورد ۾ مدهوشي واري ننڊ پئي ايندي آهي. خبر ته ناهي ڇو اهڙا فنڪار پنهنجو انت پاڻ ئي آڻيندا آهن ۽ موسيقي جو ٻيڙو غرق ڪندا رهندا آهن اها ڳالهه اڃا به سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته وري به انهن کي انعام اڪرام ۽ ميڊل ملندا رهندا آهن. شايد قدر شناس به ذوق وڃائي ويٺا آهن.
آچر 10 اپريل 1994ع