هڪ سسئيءَ ٻيا سُور
آخر اهو وقت به آيو جو مان اچي ڪراچي وسائي ۽ فرخنده به شادي ڪري فيصل آباد هلي ويئي هاڻ سالن تائين اسان جي ملاقات ڪانه ٿيندي هئي. مائٽن جي گهر مان ٿوري گهڻي خبر چار پوندي رهندي هئي. هاڻ جو ان جي مرڻ جي خبر ٻڌم ته ويس ان جي گهر ۾، سندس پوڙهي ماءُ صدمي کان بي حال هئي ۽ پيءُ ٿورو عرصو اڳ مري چڪو هو. ات جيڪا حقيقت جي خبر پئي ته منهنجو هيانءُ ته مٺ ۾ اچي ويو. اسان جهڙا جيون جيڪي پنهنجا سور سنڀاليو دنيا جي هن هُل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ آهن. ان وقت ٻين جا سور ٻڌي لڳندو آهي ته زندگي ۽ دنيا ته اسان تي ڏاڍي مهربان آهي، ڪن انسانن کي ته هيءَ زندگي سورن کانسواءِ ڪجهه به نه ٿي ڏي. فرخنده جي شادي پنهنجي برادري ۾ ٿي هئي. فيصل آباد ۾ سندس گهر واري جو ڪاروبار هوندو هو. هو به ٽن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو. انهن ٽنهين جي اڃا شادي ڪانه ٿي هئي. ماءُ ۽ ڀينرون ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان فرخنده کي پرڻائي وٺي ويون. فرخنده شڪل جي سهڻي ۽ پڙهيل لکيل سمجهدار هئي. سندس گهر وارو ڏاڍو گهرندو هوس، گهر جي ڪم ڪار ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ هوءَ ساهرن سان تعاون ڪندي هئي. گهڻي کان گهڻو ڪم ڪري سس ۽ نڻائن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. شروع ۾ ته اها ڳالهه ساهرن کي ڏاڍي وڻي، هر ايندڙ ويندڙ جي اڳيان ساراهه پئي ٿيندي هئي. ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس ساهرن رخ مٽائڻ شروع ڪيو. سندس نڻائون جن جي اڃا شادي نه ٿي هئي فرخنده جي گهر ۾ اهميت برداشت نه ڪري سگهيون. انهن اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته فرخنده گهر ۽ مڙس تي قبضو ڪري هنن جو حق کسڻ ٿي چاهي. ان ساڙ ۽ حسد جي ڪري انهن فرخنده سان نفرت جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. آهستي آهستي گهر جو ماحول بگڙجڻ شروع ٿيو، جنهن گهر ۾ پهرين پيار ۽ سڪون هو هاڻ اُت جهيڙا ٿيڻ شروع ٿي ويا.
وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو ۽ ڏينهن سالن ۾ مٽجندو رهيا. هاڻ فرخنده ٽن ٻارن جي ماءُ ٿي ويئي. گهر جي ماحول ۾ بي سڪوني هئي. سندس گهر وارو بيزار ٿي اڪثر وقت گهر کان ٻاهر گذاريندو هو. هو به ايترو مجبور ٿي پيو جو نه پنهنجي ڀيڻن کي سمجهائي پيو سگهي ۽ نه وري فرخنده کي خوش رکي پئي سگهيو. وقت پوڻ سان فرخنده جي به قوت برداشت گهٽجي ويئي ان به پنهنجي حق لاءِ وات کولڻ شروع ڪيو. انهن لفظن جي ڏي وٺ جي ڪري گهر جو ماحول تمام گهڻو خراب ٿي چڪو هو. فرخنده پرديس ۾ پنهنجي گهر ۾ اولاد هوندي به اڪيلي ٿي پيئي. سڄي گهر ۽ سندس گهرواري جي مٿان سس نڻانون حاوي ٿي ويون. فرخنده سمجهدار هئي. هوءَ پنهنجي ڏکن جو ذڪر پنهنجي مائٽن سان به ڪونه ڪندي هئي. اڪيلي اڪيلي سڀ ڀوڳنائون پنهنجي مٿان پئي ڀوڳيندي هئي. هاڻ هوءَ بيمار رهڻ لڳي. طبيعت ۾ بيزاري ۽ چڙ وڌي ويئي هيس.
هڪ ڏينهن گهر ۾ وڏو جهيڙو ٿيو، فرخنده جون نڻانون ۽ سس ان ڳالهه تي اچي بيٺيون ته فرخنده کي طلاق ڏياري وڃي..... فرخنده جي گهر واري به دير ئي ڪانه ڪئي. ڀيڻن ۽ ماءُ مان ته جان نه پيو ڇڏائي سگهي. باقي رهي زال تنهن کي هونئن به ٽي دفعا هاڪار ڪري پنهنجي ڪري سگهجي ٿو ته وري ٽي دفعا ناڪار ڪري ان کي زندگيءَ کان ڪڍي ڦٽي ڪري سگهجي ٿو. اهو حق مذهب ۽ معاشري مرد کي ڏنو آهي. اهو حق استعمال ڪري پنهنجا ٻار فرخنده کان کسي ريل گاڏي جي حيدرآباد جي ٽڪيٽ وٺي فرخنده جي گهر واري ان کي روانو ڪري ڇڏيو.......
هاڻ فرخنده مائٽن وٽ هئي، غم کان بي حال ٿي چڪي هئي، گهر جو تباهه ٿيڻ ۽ ٻارن جي جدائي کيس ذهني مريض بڻائي ڇڏيو. هاڻ ان تي دورا پوڻ لڳا. ان دوران سندس والد به انتقال ڪري ويو. سال کن اهڙين حالتن ۾ گذري ويو. فرخنده سڀ ڪجهه برداشت ڪيو. پر ٻارن جي جدائي برداشت نه ڪري سگهي هر وقت ٻارن کي ياد ڪري روئندي هئي. ڊاڪٽر چوندا هئا ته ٻارن سان ملڻ کان پوءِ فرخنده بهتر ٿي سگهي ٿي. سندس ساهرا ٻارن کي فرخنده ڏي حيدرآباد موڪلڻ نه پيا چاهين. مجبور ٿي ڀائرن ۽ اهو فيصلو ڪيو ته فرخنده کي فيصل آباد وٺي وڃي ڪنهن مائٽ جي گهر ۾ رهجي ۽ اُت فرخنده سان ٻارن جي ملاقات ڪرائجي.
جنهن ڏينهن شام جو ڀائر فرخنده سان گڏ فيصل آباد پهتا ان رات ڇا ٿيو جو جنهن گهر ۾ فرخنده اچي رهي هئي سو سندس ساهرن جي گهر ڀرسان هو. اڌ رات مهل فرخنده اڪيلي ٻاهر نڪتي ۽ وڃي ساهرن جو در کڙڪايائين. سندس نڻان دروازو کوليو. فرخنده کيس ڏاڍو ليلايو هڪ نظر ٻارن کي ڏسڻ لاءِ منٿون ڪيائين پر سندن نڻان ملڻ نه ڏنو ۽ چيائين صبح جو ملجانءِ. ائين چئي هوءَ دروازو بند ڪري هلي ويئي. فرخنده به اُت بند دروازي وٽ ويهي رهي. تان جو اچي ٻانگن جو ٽائيم ٿيو. ان پاڙي جو مولوي مسجد ڏانهن ويندي ان گهٽيءَ مان اچي لنگهيو. فرخنده کي ائين ويٺل ڏسي ساري حقيقت معلوم ڪيائين ۽ ان کي وڃي گهر ڇڏي آيو.
هي مولوي چڱو ماڻهو هو. ٻئي ڏينهن ان صبح سان فرخنده جي مڙس کي پاڻ وٽ گهرايو پاڙي جا چار چڱا به گڏ ڪيائين. فرخنده جي گهر واري کان اها راءِ ورتائون ته ڇا تون فرخنده سان ٻيهر نڪاح ڪندين. هو به گهرجي ماحول کان بيزار هو. ٻارن جي پالڻ جو به مسئلو هو سو هو راضي ٿي ويو. هونئن به ٻارن کي ماءُ کانسواءِ ڪير ٿو پالي سگهي. اها راءِ فرخنده ۽ ان جي ڀائرن اڳيان به رکي ويئي. فرخنده پنهنجي ٻارن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هئي......پر هاڻ مذهب جون به ڪي حدبنديون آهن. ان ڪري پاڙي جي هڪ نوجوان کي فرخنده سان نڪاح ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو. پروگرام اهو رٿيو ويو ته اڄ شام جو ان نوجوان سان فرخنده جو نڪاح ڪري رخصت ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن اهو نوجوان طلاق ڏئي ان کانپوءِ عدت جو مدو پورو ڪري ٻيهر فرخنده جو نڪاح سندس گهر واري سان پڙهايو وڃي. مولوي صاحب سڀ ذميداري پاڻ تي کنئي. پنهنجي گهر مان نڪاح ڪري فرخنده رخصت ڪيائين ان ويل فرخنده پٿر جي ڀت وانگر هئي. خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه ڏسندي ۽ برداشت ڪندي ويئي.....ٻئي ڏينهن صبح سان اها خبر ڦهلجي ويئي ته رات فرخنده گذاري ويئي. اهڙي طرح فيصل آباد ۾ جت فرخنده جو گهر آباد ٿي نه سگهيو اُت مستقل قبر جي جاءِ ملي ويس.
اهو سڀ ڪجهه ٻڌي ڪري مان سوچيو ته فرخنده ڪيڏو نه عذاب سٺو هوندو.....پنهنجي ٻچن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو گهر آباد ڪرڻ لاءِ هڪ پرائي مرد کي به پنهنجي زندگيءَ ۾ آڻڻ لاءِ راضي ٿي ويئي. ان جي باوجود به جيئري پنهنجي ٻارن جو منهن ڏسي ڪانه سگهي.....هيترو وقت ٻارن جي جدائي برداشت ڪري ويئي. پر ٻارن سان ملڻ لاءِ جنهن ڏکئي وقت مان هوءَ گذري نڪاح کانپوءِ اهو هڪ ڏينهن جو عذاب سندس موت جو ڪارڻ بڻيو....فطري طور هر انسان چاهي اُهو مرد هجي يا عورت. شاديءَ جو ملاپ خوشين جو ملاپ هوندو آهي.....مرد ۽ عورت جو ساٿ، محبت جو رشتو ۽ گهر جو سڪون انسان کي خوشيون ڏيئي ٿو. ان کانپوءِ حالتون اهڙيون ٿي وڃن. جهڙيون فرخنده جون ٿي ويون.ان وقت ٻارن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ اهڙي قرباني ڏيڻ جو وقتي طور پنهنجو پاڻ کي غير مرد جي حوالي ڪرڻ هڪ غير تمند عورت لاءِ موت جو ڪارڻ ئي ٿي سگهي ٿو...... ان ڪري ئي شايد فرخنده مري ويئي.
هلال پاڪستان 11 جولاءِ 1994ع