اديب ۽ ان جي قلم جي طاقت
مان ان منطق کي اڄ تائين نه سمجهي سگهي آهيان ته اديبن کي اهڙين حالتن ۾ ڪيئن پر اميد رهڻ گهرجي؟ اديب به ته اوهڙي دل، اوهڙو دماغ ۽ اهڙو ئي وجود هوندو آهي جيڪو ٻين انسانن جو هوندو آهي. ڏسجي ته اديب هڪ لحاظ کان ته وڌيڪ حساس هوندو آهي. ان تي آس پاس جون حالتون وڌيڪ اثر انداز ٿينديون آهن. ان ڪري اديب پرُ اميد به جلد ٿيندو آهي ته مايوس به جلد ٿيندو آهي.
ماحول ۾ ڪيتري به مايوسي هجي ته به ات صرف هڪ ننڍڙو روشني جي اميد جو ڪرڻو هجي ته اديب ان روشني ۽ اميد جو سهارو وٺي آئينده جي روشن مستقبل لاءِ پرُ اميد ٿي سگهي ٿو پر جڏهن حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي وڃن ته پوءِ سوچون سرد ٿي وينديون آهن، دل سست ٿي ويندي ۽ قلم خاموش ٿي ويندو آهي. اهڙين حالتن ۾ هڪ اديب کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
اهو ئي سوال اڄ ڪلهه مان پنهنجو پاڻ کان پڇندي آهيان ۽ ان جو جواب هن وايومنڊل ۾ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. ڪافي ڪجهه لکيو اٿم. معاشي، سماجي، علمي ۽ سياسي ڪالم لکيا اٿم. سماج جي چڱائين کي ساراهيو اٿم ۽ براين کي ننديو اٿم پر هاڻ ڪجهه به لکڻ تي دل نه ٿي چاهي. پنهنجي طبيعت تي جبر ڪري زور زبردستي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. ڪارڻ ڪيترا به ٿي سگهن ٿا.
بنيادي ڪارڻ جيڪي دل کي ڇهي ويندا آهن ۽ جڏهن اهو نظر ايندو آهي ته ڏاڍ جبر ۽ ظلم جي انتها ٿي ويندي آهي جڏهن قومون بي همت ٿي، بي وس ٿي، هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏينديون آهن. جڏهن هر واٽ بند هوندي آهي. هر چواٽي تي واسينگ وات هوندا آهن ته ان وقت اهو چئي اديبن کي مان ڏنو ويندو آهي انهن کي اڳتي وڌايو ويندو آهي ته قلم ها صرف قلم جي طاقت سان ئي روشني جي لاٽ اُڀري سگهي ٿي. قلم جي ذريعي سڀ درد ۽ مشڪلاتون ختم ٿي وينديون آهن. قلم ئي آهي جنهن جي وسيلي وڏن وڏن ڪوٽن ۾ ڏار پئجي ويندا آهن. زندانن جا در کلي ويندا آهن. هي اديب جو قلم ئي آخري حوصلو ۽ وسيلو هوندو آهي ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف اهو سڀ ڳالهيون چوڻ ۾ ته ڏاڍيون سوليون آهن پر عملن ڏاڍيون ڏکيون آهن. سڄو بار اديب ۽ ان جي قلم تي وجهي ٿو ڇڏيو وڃي. منهنجي ته سمجهه کان ٻاهر آهي، اها ڳالهه ته قومن جي بي حسي، زوال، معاشري جي تباهي وقت هڪ ويچارو اديب ڇا ٿو ڪري سگهي. معاشري جي بي حسي، سياسي ۽ سماجي حالتن جي خرابي، قانوني ادارن ۾ ڪٺ پتلين وارين راندين ۾ هڪ اديب ڪهڙو ڪردار ادا ٿو ڪري سگهي؟ ان وقت جڏهن سياسي حالتون ابتر هجن، دهشتگردي عروج تي هجي مهانگائي جو اجگر وات ڦاڙيو بيٺو هجي. ان وقت اهو اديب ڇا ٿو ڪري سگهي جيڪو پاڻ خود به انهن حالتن جو شڪار هجي.
اسان جي هن ملڪ جون حالتون بجاءِ بهتر ٿيڻ جي بدتر ٿينديون ٿيون وڃن. هر ايندڙ نئين ماڻهو جون ٻيون ڳالهيون ٻڌي دل تي ٿورو ڇنڊو پوي ٿو، ڪجهه اميدون ڪي آسرا اڀري پون ٿا پر پوءِ اڳتي هلي اهي ئي لاٽون اهي ئي چگهه واري ڳالهه وڃي بيهي ٿي . . . . ٻڌو اٿئون ته انسان جو ذهن ٻن حالتن ۾ گهڻو سوچيندو ۽ پريشان رهندو آهي. هڪ حالت اها جڏهن پيٽ ڀريل هوندو آهي. ٻي حالت اها جڏهن پيٽ خالي هوندو آهي. ڀريل پيٽ وارا اڃا به گهڻو حاصل ڪرڻ لاءِ غلط رستا اختيار ڪندا آهن ۽ خالي پيٽ وارا پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ غلط رستي ڏانهن هليا ويندا آهن. پوءِ ٿيندو ڇا آهي ته ملڪ ۾ چوريون، ڌاڙا ۽ دهشتگردي وڌي ويندي آهي. پئسي وارن ماڻهن جي ڪيل ڏوهن کي انهن جو پئسو بچاءُ ڏيندو آهي ۽ غريب ويچارو جڏهن غلط ڪمن جي ڄار ۾ ڦاسندو آهي ته پوءِ يا ته جيل ملندو اٿس يا وري گوليءَ جو کاڄ ٿي ويندو آهي. اڃا ڪي ٽيان اهڙا به آهن جيڪي مقابلي ڪرڻ جي همت نه ٿا رکن پنهنجي پيارن کي بکيو ۽ پريشان نه ٿا ڏسي سگهن. اهي وري خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪيترن سالن کان وٺي اهڙو وهنوار اسان جي چؤطرف آهي ۽ اڃا تائين ان ۾ ڪا تبديلي ڪا نه آئي آهي. اڄ ڪلهه هر انسان پريشان آهي، گهُرجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ بي حال آهي، مهانگائي روز بروز وڌندي پئي وڃي، رپئي جو ملهه ڪرندو پيو وڃي. روزگار ميسر نه آهي، وري جن وٽ روزگار آهي ته انهن کان روزگار کسيو پيو وڃي. هن وايو منڊل جو هي مختصر خاڪو پيش ڪرڻ کان پوءِ ان سوال جو جوا ڪير ڏيندو ته اديب ۽ اديب جو قلم ڇا ٿو ڪري سگهي. جڏهن ته اديب خود به انهن حالتن جو شڪار آهي . . . قلم جي بک پوري ڪرڻ لاءِ پيٽ جو ڀريل هجڻ ضرور آهي، جيڪڏهن اديب کي هڪ انسان ڪري سمجهيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته اديب کان وڌيڪ ڪا قابل رحم هستي آهي ئي ڪو نه ڇو ته پيٽ جي بک سان گڏ شعور ۽ سوچن جا ڏنڀ به برداشت ڪري ٿو.
اربع 22 نومبر 2000ع