سياسي وفاداريون ۽ قول عمل جو تضاد
ڀٽي صاحب سان سياسي اختلاف رکڻ وارا پر پٺ ڇا به چون پر هڪ ميز تي ويهي ڳالهين ڪرڻ مهل، بحث ڪرڻ مهل ڀٽي صاحب کي قائل نه ڪري سگهندا هئا. ڀٽي صاحب جا آخري ڏينهن پنجاب ۾ گذريا ۽ جڏهن سندس بي جان جسم سنڌ ڌرتي تي پڳو ان حوالي کي نطر ۾ رکي سندن اها سوچ پيدا ٿي ته ڇو ته ڀٽو سنڌي هو ان ڪري ان کي ان حال ۾ پهچايو ويو هو. مٿان وري سياسي وابستگين جي ڪري ڀٽي جي نالي پٺيان سنڌين مٿان ظلم ڪيا ويا. انهن سنڌين کي اڃا وڌيڪ پختو ڪيو.
هن حقيقت کان به ته انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌ جو عام ماڻهو شروع کان وٺي ڀٽي صاحب جو وفادار رهيو ۽ ان جي نالي پٺيان اکيون ٻوٽي ووٽ ڏيندو رهيو ها پر هتان جو سياستدان جيڪو جاگيردار ۽ سرمائيدار آهي ان ڪنهن حد تائين پنهنجون واٽون ضرور مٽايون آهن سنڌ جا اهي وڏا نالا جن ڀٽي جي زماني ۾ به پنهنجا پيٽ ڀريا، ڀٽي کان پوءِ وفاداريون قائم نه رکي سگهيا ۽ مختلف حڪومتن ۾ عهدا ماڻيندا رهيا. مان اها ڳالهه به چوڻ جي جرئت ڪندس ۽ ان حقيقت کان انڪار به نه ڪندس ته ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ۽ سرحد جا پيپلز پارٽي جا اهم رڪن وڪامجي نه سگهيا. سنڌ ۾ اڪثريت ۽ ٻين صوبن ۾ چند سياستدان هئا جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو باقي ٻيا تڪليفن ۾ به رهي وفادار رهيا اهڙن وفادارن ۾ سردار فاروق لغاري جو نالو سر فهرست آهي. فاروق لغاري هن وقت اسان جي ملڪ جو صدر آهي مون کي گهڻي ڄاڻ ته نه آهي پر خبر اٿم ته پيپلز پارٽي جي شروعاتي دور کان وٺي هن مهل تائين ان ڀٽي صاحب سان ڪيل قول پاڙيو آهي ۽ پنهنجي ضمير جو سودو ڪين ڪيائين. صدارت جي ڪرسي ماڻي ڪالهه هو ڀٽو صاحب جي مزار تي حاضري به ڏيئي آيو آهي. ڪن اخبارن هاءِ گهوڙا ڪئي آهي ته صدر کي غير جانبدار رهڻ گهرجي ها ان ڪري ان کي ڀٽي صاحب جي مزار تي نه وڃڻ کپي ها . . . . . پر اهو ڪيئن ممڪن هو؟ هن اهو عهدو ماڻيو ئي ان وفادارين جي عيوض آهي، پنهنجي قول ۽ عمل جي سچائي جي ڪري آهي. هاڻ جو هو ائين نه ڪري ها ته پاڻ سان پاڻ چڱو نه ڪري ها. (هن ڪتاب جي ڇپجڻ وقت اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته فاروق لغاري، بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪري پيپلز پارٽيءَ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ۽ هو به وڪامجي ويو.)
منهنجو اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان وٽ سياستدان خاص ڪري ڪرسي پٺيان گهڻو ٿو وڪامجي تڪليفون به سهي نه ٿو سگهي جهٽ واٽ مٽائي ٿو ڇڏي. حقيقت ۾ هئڻ ائين گهرجي ته جنهن پارٽي سان وابستگي هجي ۽ ان پارٽي جي نالي پٺيان اسيمبلين ۾ سيٽون حاصل ٿيون ڪجن. اگر اهو ميمبر اختلاف راءِ رکي ٿو ته سڀ کان پهرين ان کي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفا ڏيڻ گهرجي اها ڳالهه ته بلڪل غلط آهي جيڪا اسان جي ملڪ ۾ ٿيندي رهي آهي. ته نوٽن ۽ ڪرسين جي عيوض وفاداريون مٽائجن اهو خوفناڪ دور ڄام صادق علي جي زماني ۾ ته کلم کلا عروج تي پهچي ويو هو پڙهيل لکيل ماڻهو ته ڇڏيو پر عام اڻ پڙهيل ماڻهو به ان ڳالهه کي سمجهيو پئي ته اهو سڀ غلط پيو ٿئي.
پاڪستان ۾ ڪهڙي به پارٽي هجي ڪهڙو به نالو هجي اگر ان پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل نمائندو پارٽي مٽائي ٿو ته سڀ کان پهرين ان جي چونڊيل نمائندي واري حيثيت ختم ٿيڻ گهرجي . . . . . ضروري آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙو سخت قانون پاس ڪيو وڃي ائين ڪرڻ سان اسان جي ملڪ ۾ ناڻي جي سياست ۽ ڪرسي جي سياست جو خاتمو ٿي ويندو.
گذريل پنجن سالن ۾ جيڪي ٽي اليڪشنون ٿيون آهن ان ۾ ڪا به پارٽي واضح اڪثريت حاصل ڪري حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ نه آئي آهي ٿوري اڪثريت کڻڻ واري پارٽي کي آزاد اميدوارن ۽ ننڍن سياسي ۽ لساني گروهن جو محتاج ٿيڻو ٿو پوي. ان سودي بازي ۾ حڪومت ته ملي وڃي ٿي پر ان حڪومت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي وعدا ڪيا ٿا وڃن پئسو لٽايو ٿو وڃي من پسند وزارتون ڏنيون ٿيون وڃن. اهڙن سببن جي ڪري حڪومت جا بنياد ڪمزور ٿي ٿا وڃن. اٺاسي واري اليڪشن جو مثال ڏئي سگهجي ٿو جنهن ۾ پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان تعاون ڪري جيڪا حڪومت ٺاهي ان جو انجام ڇا ٿيو ؟ سائين ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ڊپٽي ڪمشنر انهن جي مرضي جا، چيف سيڪريٽري انهن جي مرضي جو، پوليس جا آءِ جي، ڊي آءِ جي انهن جا ماڻهو، اسپيڪر کان وٺي اهم وزارتون انهن جي حوالي مطلب ته ڪراچي حيدرآباد ته سڄي انهن جي هئي پر ٻيون اهم وزارتون ڏيئي سڄي سنڌ جي واڳ انهن کي ملي ان ۾ انهن اهڙي ته تباهي مچائي جو اڃا تائين انهن جي ڪيل غلط فيصلن جو اثر انهن شعبن ۾ موجود آهي اصل تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو هو سنڌ جي تعليمي نظام کي. هي ماڻهو جيڪي بليڪ ميلنگ جي سياست جا عادي آهن سي ڪيئن ٿا مڙن – هاڻ وري اهي لاٽون اهي چگهه، حالانڪه پنهنجن اعمالن ۽ دهشتگردين جي ڪري اها طاقت نه رهي اٿن ته به سائين جن چون ته اسان حمايت ته غير مشروط ڪئي آهي، پر هاڻي اسان جا هي شرط آهن . . . . سائين منهنجا جڏهن تعاون غير مشروط آهن ته باقي شرط ڇا جا . . . . ؟ هاڻ وري انهن کي سنڌ جي سڄي واڳ ٿي کپي بهانو اٿن شهري ۽ ٻهراڙي جي نمائندگي جو مون کي ڏاڍي حيرت لڳندي آهي جڏهن اخبارن ۾ خاص ڪري اردو اخبارن ۾ هن قسم جا بيان پڙهندي آهيان ته سائين سنڌ ۾ امن قائم تڏهن ٿيندو جڏهن ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏبو سنڌ جون حالتون تڏهن سڌرنديون جڏهن ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪبو وغيره وغيره.
ڀلا جيڪڏهن ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ نه ٿي اچي سگهي ته ڪهڙي قيامت ايندي . . .؟ مصلحت پسند ٿي هن حڪومت کي آتش فشان تي نه ويهڻ گهرجي سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ جي زور تي هي جا حڪومت ٺهي آهي هاڻ ان ۾ ڪي به پراڻيون غلطيون نه دهرائڻ کپن. هي مسئلو به تمام اهم آهي جنهن ۾ حڪومت اهو اعلان ڪيو آهي ته گذريل حڪومت جن ماڻهن کي بيروزگار ڪيو هو، نوڪريون کسيون هيون انهن کي واپس نوڪريون ملنديون اهو اعلان تمام وقتائتو ۽ اهم آهي ڇو ته ڪنهن کان روزگار کسڻ ڪنهن به حڪومت جي لاءِ چڱو ڪونهي هڪ ٻي ڳالهه ان اعلان جي تسلسل ۾ جيڪا حڪومت ڪئي آهي اها اها آهي ته گذريل حڪومت جيڪي نوڪريون ڏنيون آهن انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي ۽ ڄام ۽ شاهه جي حڪومت جي دوران ڏنل ملازمتون ختم ڪيون وينديون سائين منهنجا اهو اعلان ڪجهه چڱو ڪو نه ٿو لڳي ته توهان به هڪ پاسي ماڻهن کي نوڪريون ڏيو ۽ ٻئي پاسي انهن کان روزگار کسيو. يقين ڪريو جڏهن به ڪو ضرورتمند نوڪري جي تلاش ۾ نڪرندو آهي ته اها ڳالهه نه سوچيندو آهي ته ڪنهن جي حڪومت آهي ۽ ڪير نوڪرين جو مالڪ آهي .هڪ سج ٻه پاڇا وانگر ڪڏهن ڪنهن جو دور آهي ڪڏهن ڪنهن جو دور آهي. نوڪري حاصل ڪندڙ غريب ضروتمند جي هٿ مان ڳڀو کسڻ ڪا چڱي ڳالهه نه آهي.
ٿيڻ ته ائين کپي ته فراخدلانه جذبو رکي گذريل حڪومتن ۾ حاصل ڪندڙ نوڪرين کي ختم نه ڪري اڃا وڌيڪ بيروزگارن کي روزگار سان لڳايو وڃي. آخر اها ڳالهه ڪٿي وڃي حد ڪندي جو هر ايندڙ حڪومت پوئين حڪومتن جي ڪيل ڪمن کي خراب چئي پاڻ کي بهتر چوائيندي هي جيڪو اعلان ٿيو آهي تنهن ويچارن غريبن جي مٿان پريشانيون آڻي ڇڏيون آهن. مهرباني ڪري هن غلط عمل کي موجوده حڪومت کي ٻنجو ڏيڻ گهرجي وڏي دل رکي هي فيصلو ڪجي ته اسان ڪنهن کي به بيروزگار نه ڪنداسين پر جن کان روزگار کسيو ويو آهي انهن کي نوڪرين تي بحال ڪنداسين. اهڙي اعلان سان غريب ويچارن ۾ نئون ساهه پوندو ۽ اها روايت جيڪا اسان وٽ پئجي چڪي آهي ته نئين حڪومت گذريل حڪومت ۾ ڏنل نوڪريون ختم ڪندي آهي اها روايت ختم ٿي ويندي.
هي ڪجهه ڳالهيون ۽ ان سان گڏ ٻيون به ڪيتريون اهم ڳالهيون آهن جن کي صحيح ڪرڻ لاءِ حڪومت کي وڏي دل رکڻ گهرجي ان غلط رستي تي ڪيل غلط فيصلن جو بهرحال اثر عوام تي ٿو پوي هاڻ عوام اهو نه رهيو آهي جيڪو پهرين هو هاڻ هر ڪو ماڻهو بنيادي ضرورتن ۽ حقن جي پورائو چاهي ٿو هاڻ اهو فرض آهي حڪومت جو ته هو ڪنهن حد تائين اهي بنيادي حق ۽ ضرورتون پوريون ٿي ڪري.
آچر 05 ڊسمبر 1993ع