ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

پاڪستان عالمي يتيم خانو ۽ نشي جي لعنت

اسان جو ملڪ پاڪستان هڪ بين الاقوامي يتيم خانو آهي. مسلمان هجڻ جي ڪري جنهن کي ٿو وڻي سو هيڏانهن منهن کنيو ٿو اچي. هي ملڪ اسلام جي نالي پٺيان ٺهيو آهي، صرف اصل رهواسين جو هن ملڪ تي حق ڪونهي، باقي جنهن کي ٿو وڻي سو هت اچيو ٿو وڃي ۽ هڪ مڪمل شهري واريون سهولتون انهن کي ملي وڃن ٿيون. ڪنهن به قوم کي ذهني طرح مفلوج ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. جڏهن به ڪي حڪمران پنهنجي اعمالن جي ڪري حڪمراني ڪرڻ ۾ مشڪلات محسوس ڪندا آهن ته اهي پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ذهني طور لاغر ڪري ڇڏيندا آهن ڇو ته قومن ۾ آيل شعور حڪمرانن جا تختا ڪڍي ڇڏيندو آهي.
اسان جو هي ملڪ ڪيترن ئي ڏکين مرحلن مان گذريو آهي. ان ڪري هن ملڪ جون حالتون خراب ٿينديون رهن ٿيون. اسان جي ملڪ جون سياسي حالتون مارشل لا وارو دؤر، آس پاس جي ملڪن جون بگڙيل حالتون هن ملڪ تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. جيئن ته ڀرپاسي جا گهڻا ملڪ مسلمان ملڪ آهن، انڪري اتي جي به سياسي ۽ سماجي تبديلين جو اثر اسان جي ملڪ تي پيو آهي. سياسي تبديلين جي ڪري ڪن ماڻهن کي پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو آهي. اهڙي ڀاڄ کاڌل ماڻهن جو رخ اسان جي پاڪستان طرف هوندو آهي. پاڪستان ۾ وري ڪو اهڙو سخت قانون ئي ڪونهي جو اهڙن آيلن کي روڪي سگهي. گهڻن ئي ملڪن جي بگڙيل حالتن جو اسان جي ملڪ تي اثر پيو آهي. پر جڏهن افغانستان جون حالتون بگڙيون ته ان جو تمام گهڻو اثر اسان جي ملڪ تي پيو، افغانستان مان لکين ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ آيا ۽ هر هنڌ ٽڙي پکڙي ويا. شروع ۾ ته ائين لڳندو هو ته اهي موٽي ويندا، پر آهستي آهستي انهن اسان جي ملڪ ۾ پير پختا ڪيا. نالي ۾ ته اهي هئا پنهنجو ملڪ ڇڏي ايندڙ پناهگير جن کي حالتن جي سڌرڻ کان پوءِ واپس موٽي وڃڻو هو، پر ائين نه ٿيو. حالتون سالن تائين خراب رهيون ۽ هي افغاني جيڪي نالي ۾ پناهگير هئا، پر حقيقت ۾ ڏاڍا دولت مند هئا. انهن هتي مال ملڪيتون ٺاهڻ شروع ڪيون هنن افغانين جي اچڻ کان پوءِ ٻه ڳالهيون عام جام ٻڌڻ ۾ آيون، هڪ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ ٻيو منشيات جو واپار.
افغانستان ۽ ان سان ويجھن پاڪستاني علائقن ۾ اهڙي پوک تمام گهڻي ٿيندي آهي، جنهن مان مختلف قسم جون نشي واريون شيون ٺهنديون آهن. پاڪستان جي ڪن سرحدي علائقن ۾ نشي واري پوک گهڻي ٿيندي آهي ۽ ان جو ڪاروبار به کليل ٿيندو آهي، پاڪستان جي اندروني حصن ۾ ان نشي جو واپار هوندو ته هو پر ايترو گهڻو نه هوندو هو. ان جو سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته اهو نشي جو سامان افغانستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي وسيلي ٻاهران ئي ٻاهران ولايت راونو ٿي ويندو هو. افغانستان جي جنگ کان پوءِ سرحدي علائقن ۾ ڇڪتاڻ ۽ سرحدن جي بند ٿيڻ کان پوءِ انهن سڀني براين اندرون پاڪستان اچڻ شروع ڪيو. افغانين جو واپار ئي هوندو آهي هٿيار ٺاهي وڪڻڻ ۽ نشي جو ڪاروبار ڪرڻ. ان ڪري جڏهن افغاني اسان جي ملڪ ۾ ٽڙي پکڙي ويا ته اسان وٽ موجود نشي جي واپارين کي به وڏي طاقت ملي. اهي ٻئي گڏجي اهو ڪاروبار ڪرڻ لڳا. افغاني پيسي وارا ۽ خوشحال آهن ان ڪري انهن کي ڪاروبار هلائڻ ۾ ڏکيائي ڪا نه ٿي. اهڙين حالتن جي ڪري ئي اسان جي ملڪ ۾ هر گهر ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ منشيات جو واپار پهچي ويو.
هاڻ پاڪستان جو وڏو پورٽ ڪراچي آهي. ڪراچيءَ تائين پهچڻ لاءِ انهن سڀني براين کي ذري گهٽ سڄي پاڪستان مان لنگهڻو ٿي پيو. افغانين ۽ ٻين پاڪستانين هت ڪراچيءَ ۾ هوائي توڙي سمنڊ وسيلي اهو ڪاروبار شروع ڪيو آهي. انهن سببن جي ڪري هيءَ برائي سڄي پاڪستان ۾ ڦهلجي ويئي آهي ۽ هٿيارن جو نماءُ ۽ نشي جو واپار کلم کلا ۽ عام جام ٿيڻ لڳو آهي. هٿيار سستا ملڻ لڳا ۽ هيرئين، چرس ۽ ٻيون نشي آور شيون گهرن ۾ پهچي خاندان جا خاندان تباهه ڪرڻ لڳيون. سياسي حالتون، ذهني دٻاءُ، مايوسيون ۽ بيروزگاري اهڙين حالتن ان کي اڃان به خراب ڪيو آهي. تعليمي ادارن ۾ نوجوانن کي تعليم کان باغي ڪرڻ لاءِ انهن کي پهرين هٿيار ڏنا ويا ۽ پوءِ انهن کي نشي جو عادي بڻائي انهن جي قوت ۽ همت کي پسپا ڪيو ويو. اسڪولن جي ٻاهران ٻارڙن کي کاڌي جون شيون وڪڻڻ وارن به اهو ڪڌو ڪم شروع ڪيو ۽ آهستي آهستي ٻارڙن جي وجود ۾ اهو زهر اوتيندا ويا. هڪ واقعو ته منهنجي پنهنجي دوستي وارن ۾ ٿيو. هڪ ننڍڙي ٻارڙي موڪل مهل هڪ ريڙهي واري کان سوپاريون ورتيون ۽ گهر رواني ٿي. رستي ۾ ان پنهنجي گاڏي ۾ هڪ سوپاري کاڌي، کائڻ سان ئي بيهوش ٿي ويئي، ٻه ڏينهن لاڳيتا هوءَ اسپتال ۾ بيهوش رهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ان ڪنهن نشي آور شيءِ جو وڏو ڊوز کاڌو آهي. هوءَ ويچاري ڇوڪري هوش ۾ اچڻ کان پوءِ ڪيترا ڏينهن موڳائپ واري حالت ۾ رهي. اهڙا ڪيترائي واقعا آهن جن ۾ ڇوڪرا دوستن وٽان ان عادت جو شڪار ٿين ٿا. اهڙا ڪيترا واقعا اسان توهان ڏسون پيا. غريبن وٽ ته اهڙين عادتن جوشڪار تعداد تمام گهڻو آهي پر وچولو طبقو به ان ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي.
هن نشي جي عادت گهڻا گهر بربادڪيا آهن. گهڻن ئي نوجوانن کي ناڪاره بنايو آهي. ڪيترين مائرن جا لال، ڪيترين زالن جا مڙس ۽ ٻچن جا پيئر هن عادت جو شڪار ٿي دين ۽ دنيا وڃائي چڪا آهن. ڪن حالتن ۾ ته غريب گهرن جون توڙي خوشحال گهرن جون ڇوڪريون به ان عادت جون شڪار ٿيون آهن. هن بري عادت جي ڪري هو سڀ غلط راهه ڏي هليون ٿيون وڃن ۽ نه صرف پنهنجي خاندان جي بيعزتي ٿيون ڪرائين، پر پنهنجي زندگي به مختلف طريقن سان برباد ڪريو ڇڏين ٿيون. نشو آهي فراريت ، نشو آهي دنيا کان لاتعلقي، شروع ۾ ڪي انسان پنهنجي مسئلن کان، پنهنجي پريشانين کان فرار حاصل ڪرڻ جي بهاني نشو ڪن ٿا. آخر ان جا عادي ٿي وڃن ٿا. هن عادت گهرن جا گهر تباهه برباد ڪري ڇڏيا آهن. هاڻ رڳو شهرن جي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. ننڍا شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ به هاڻ وڪوڙجي ويا آهن. اسان جي ٻهراڙيءَ جو مرد گهڻو ڪري ڪم جو ٽوٽي ۽ هڏ ڀڳل آهي. عورتون ويچاريون، محنت مزوري ڪري، ڀرت ٽوپو ڪري پيون گذارو ڪنديون آهن. مٿان وري نشي جي عادت ڪري انهن جا مرد ظالم ٿي پيا آهن. هو پاڻ ته ڪو نه ٿا ڪمائين پر عورتن جي ڪمائي به نشي ۾ برباد ڪيو ڇڏين. هن نشي جو واپار واچوڙي وانگر اسان جي ملڪ کي ورائي ويوآهي. هي ڪاروبار وڏن دولت مندن جو آهي. قانون جا رکوالا بي وس آهن. اکيون ٻوٽي ويٺا آهن. وڏن ماڻهن جا هٿ ڊگها ۽ مضبوط آهن ۽ قانون ڪمزور آهي. ان ڪري اهڙن ماڻهن ۾ ڪير به هٿ وجھي نه ٿو سگهي. ها باقي ڇاپي دوران ڪي ڪارندا گرفتار ٿين ٿا ته انهن جي ڪا حيثيت ئي ڪا نه هوندي آهي. اهي ته بي زرر مهرا آهن جيڪي دولت حاصل ڪرڻ جي سونهري خوابن ۾ جڪڙجي ات پهچن ٿا ۽ پوءِ قانون جي ور چڙهي سڄي زندگي زندان ۾ گذارين ٿا. انهن کي ته اڳ پٺ جي خبر ئي ڪانه هوندي آهي. هو ته صرف حڪم جا بندا هوندا آهن.
هڪ سروري مطابق 1993-1994ع ۾ پاڪستاني قوم اٺ ارب روپين جا سگريٽ پي وئي آهي. هن وقت پاڪستان ۾ 31 لک ماڻهو منشيات جو استعمال ڪن ٿا. اهي روزانو 23 ڪروڙ روپين جي منشيات پي وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششون بلڪل ناڪاره آهن. منشيات تي ڪنٽرول ڪرڻ وارا ادار، نارڪوٽيڪس، ايڪسائز ۽ ٻيون ايجنسيون جن جي حوالي هن برائيءَ جي روڪ ٿام آهي، اهي ڇا ڪري رهيا آهن؟ ڪروڙين روپين جي انهن جي بجيٽ آهي، اهي سڀ پيسا ڪاڏي ٿا وڃن؟ پرڏيهي ملڪن جون اين جي اوز وغيره هن سلسلي ۾ مدد ڪري رهيون آهن، اهي پيسا به ڪاڏي ٿا وڃن؟ اسان جي ملڪ ۾ منشيات جو ڪاروبار بجاءِ گهٽجڻ جي روز بروز وڌي رهيو آهي.
مطلب ته هن منشيات جو ڪلچر اسان جي ملڪ تي حاوي ٿي ويو آهي. اسان جي موجوده ٽهي ايندڙ ٽهي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. هاڻ اسان کي هن منشيات جي ڪلچر خلاف نفسياتي ۽ اخلاقي جنگ وڙهڻي پوندي. هاڻ منشيات جي عادي شخص کي ان جي حالت تي ڇڏي ناهي ڏيڻو. ان کي انهن حالتن مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو. نه صرف منشيات واپرائڻ وارن کي سڌارڻو پوندو، پر صحتمند نوجوانن کي به هن عادت کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. ان نفسياتي اخلاقي جهاد ۾ اسان کي پنهنجي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو. اها ڄاڻ ڏيڻي پوندي ته منشيات واپرائڻ سان نه صرف صحت تباهه ٿي ٿئي پر اهو ماڻهو دين ۽ دنيا کان لاتعلق ٿي موت جي وادي ڏي آهستي آهستي وڃڻ لڳي ٿو. هڪ فرد جي خراب ٿيڻ جو اثر هڪ خاندان تي پوي ٿو. انسان جي زندگي ڏاڍي قيمتي آهي. اها زندگي هڪ دفعو ملي ٿي. هن دنيا ۾ اچي هڪ سٺي ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي. هيءَ دنيا ڏاڍي خوبصورت آهي، جيڪڏهن سٺي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته ڪيترا نه پيار ڪرڻ وارا وجود آهن جن وٽان محبتن جو هڳاءُ ملي ٿو. نشي جي حالت ۾ انسان دنيا کان لاتعلق ٿي هنن سڀني وجودن ۽ راحتن کان به لاتعلق ٿي وڃي ٿو.
اڄ دنيا ڪيتري نه ترقي ڪئي آهي. ايٽم ۽ ڪمپيوٽر جو زمانو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا سڄي دنيا کي پاڻ ۾ گڏي ڇڏيو آهي. اڄ دنيا جي هر ڪنڊ جي خبر سيڪنڊن ۽ منٽن ۾ پکڙجي ٿي وڃي. منشيات خلاف ٻاهرين ملڪن ۾ وڏا جامع قدم کنيا ويا آهن. اسان جي ملڪ ۾ به معمولي قسم جي چرپر ٿي آهي. پريس ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا يعني ريڊيو ۽ ٽي وي جي وسيلي پروگرام ۽ ڊراما ڏيکاري هن بري عادت جو المناڪ انجام ڏيکاريو وڃي ٿو. حقيقت ۾ اسان جي ملڪ ۾ جيڪي به قدم کنيا ويا آهن سي اڻ پورا آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پريس هڪ وڏي طاقت آهي. ان طاقت وسيلي صرف سطحي ڊراما ڏيکارڻ سان هن مسئلي جو حل حاصل نه ٿيندو. در اصل اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ان عادت خلاف نفسياتي جنگ وڙهڻي پوندي. ان ۾ اهو شخص جيڪو منشيات جو عادي آهي ۽ پنهنجي زندگي برباد ڪري رهيو آهي، ان کي آس پاس جي حالتن ۾ مايوسيون ڏيکارڻيون ناهن. ان کي پيار محبت جا رستا، زندگيءَ جا روشن ڪرڻا ڏيکارڻا پوندا ته جيئن هو پاڻ پنهنجي وجود ۾ تبديلي آڻي. پنهنجي اندر جي مئل طاقت کي نئين سر جياري. پاڻ کي پاڻ سڌارڻ جي ڪوشش ڪري. ان حالت ۾ آس پاس جون سازگار حالتون مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. انسان بهرحال خطا جو گهر آهي، ڪو به انسان پيدائشي چور، ڊاڪو ۽ نشئي ڪو نه ٿو ٿئي. حالتون ۽ غلط قسم جو ماحول ان کي خراب ڪري ٿو.
هر انسان جي وجود ۾ اگر شيطان آهي ته ان کان وڌيڪ اثرائتو فرشتو به موجود آهي. هر انسان جي وجود ۾ چڱايون گھڻيون ۽ برايون ٿوريون ٿينديون آهن. حالتن جي تحت برايون سٺاين تي حاوي ٿي وينديون آهن. ان ڪري اندر ۾ ويٺل سٺي انسان کي جيئارڻ ۾ ٿوري دير لڳندي آهن. سڀ کان پهرين گهر جا فرد پيار محبت ۽ سختيءَ سان ان کي سمجھائين. ان جي زندگي ۽ صحت جي جيڪا بربادي آهي ان جي ڄاڻ ڏين. ان شخص کي اهو احساس ڏيارين ته تون اسان جو وجود آهين. تنهنجي بربادي اسان جي بربادي آهي. ان شخص کي جيڪڏهن ڪي ذهني، جسماني يا معاشي مسئلا آهن ته انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. ان جي دوستن ۽ اچ وڃ تي به نظر رکجي. ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينرون توڙي گهر واري يا گهر وارو اهڙي فرد کي درگذر نه ڪري. اهڙو ماحول پيدا ڪجي جو اهو شخص پنهنجي خاندان جي ڄار مان نڪرڻ چاهي ته ته به نڪري نه سگهي. وجود جي اهميت سان ذهن کلي ٿو. پيار محبت سان عادتون مٽجن ٿيون. ٿوري توجهه به مئل ماڻهوءَ کي جياري سگهي ٿي. هاڻ اسان توهان سڀني کي نرالا ۽ نوان قدم کڻڻا پوندا. هن منشيات جي خلاف ان حقيقت کان انڪار ناهي تي اسان جو معاشرو منشيات جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي. پر هاڻ هن حقيقت کي ڏسڻو آهي ته اسان پنهنجي موجوده نسل ۽ آئينده نسل کي هن لعنت مان ڪيئن ٿا بچائي سگهون.

آچر 19 آڪٽوبر 1994ع