ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

سنڌ جو مسئلو، ادارا ۽ قلم ڌڻي

هڪ دفعو لکيو هوم ته ڪي ڳالهيون نه ڪرڻ جهڙيون، نه سلڻ جهڙيون، پر جي ملي وڃي ڪو پنهنجو ته دلين جا دفتر کليو وڃن. پر هاڻ ائين لڳي پيو ته هيءَ دلين جا دفتر آهستي آهستي بند ڪرڻا پوندا. اڄ مهيني کان پوءِ ڪالم لکيو اٿم، ڪالم نه لکڻ جو ڪو به سبب نه آهي. مان ته شايد انهن لکندڙن مان آهيان. جن جي ضرورت آهي لکڻ. نه لکڻ سان ذهن ۾ هڪ بار وجود ۾ هڪ بيچيني اچي ويندي آهي. هن اسان جي معاشري ۾ موضوعن جي به کوٽ نه آهي. ان جي باوجود به مون ڪالم لکڻ ۾ جيڪا سستي ڪئي، ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ ڪجهه عرصي کان مان شدت سان ان سوال تي سوچڻ شروع ڪيو آهي. جيترو گهڻو مان سوچيان ٿي اوتري منهنجي وجود ۾ مونجهه وڌي ٿي. مان هڪ ننڍڙي جيتامڙي، اديبن جي قطار ۾ بيٺل آخري فرد آهيان. مون کي ڪا خوش فهمي ناهي ته مون ڪي شاهڪار تخليق ڪيا آهن ۽ نه وري مون کي اها اميد آهي ته مون کي ڪير ياد رکندو. بس سڀ ڪو وقت جو ساٿي آهي. چوندا ڪين آهن “جيڪي چُلهه تي سي دل تي، جيڪي اُسريا سي وسريا” پر وري به ننڍڙي جيتامڙي اديب ئي سهي پر آهيان ته هن ڌرتيءَ جي ليکڪا. هڪ حساس ۽ پنهنجي وجود ۾ پيار محبت رکندڙ ليکڪا، جنهن پنهنجي وجود جي گهرائيءَ سان هن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين سان پيار ڪيو آهي. جيڪو ڪجهه به منهنجي اندر ۾ هو جيڪو ڪجهه به مون کي هن ڌرتي وٽان مليو، مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو اهو سڀ ڪجهه لکي ڇڏيم. ان ڳالهه جي خوشي ۽ فخر اٿم ته موٽ ۾ به مون کي ڏاڍي عزت ۽ پيار مليو آهي.
هن نه ڪرڻ جهڙي نه سلڻ جهڙي ماحول ۾ الائجي ڪيترا ارڏا وجود آهن. جنهن پنهنجي قلم جي طاقت سان ايترو سچ لکيو آهي، ايتريون حقيقتون بيان ڪيون آهن جن کي پڙهڻ سان ئي هنياءُ ڌڪيو وڃي ٿو.
هڪ دفعو هڪ اردو اديب، سنڌي ادب تي ڳالهائيندي چيو هو ته “سنڌي ادب ۾ تحرڪ آهي زندگي آهي. سنڌي ادب جو هڪ وڏو مزاحمتي ڪردار آهي، سچائي آهي. حقيقت پسندي آهي” اهو سڀ ڪجهه غلط به ناهي، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جا رهواسي هر دور ۾ ڏچن ۾ رهيا آهن. مسئلن جا، تڪليفن جا ڍڳ آهن، جن جي مٿان اهي گذريا آهن. ڪيتريون ئي قومون سنڌ ڌرتيءَ جي ڪشش تي ڇڪجي هت آيون، انهن به وڏا مسئلا پيدا ڪيا. صديون پراڻي ادب کان وٺي موجوده ادب تائين هڪ نظر وجهبي ته سنڌي ادب ڄڻ محاذ جنگ تي بيٺو، قلم جي تلوار سان وڙهندو رهيو آهي. اڄ جيڪو هڪ سوال هڪ بيچيني منهنجي وجود ۾ اڀري آهي اها ڪيترن ئي اديبن جي وجود ۾ اڀري هوندي. يقينن هي سوال اسان کي مايوسين کان سواءِ ڪجهه به نه ٿو ڏي. اديب اهو ڪجهه لکندو آهي، جيڪو ان کي آس پاس جي ماحول مان ملندو آهي. سچ ته اهو آهي ته ڪو به اديب اهو ڪجهه لکي ئي نه سگهيو آهي. جيڪو ڪجهه اسان جي وايو منڊل ۾ آهي. حقيقتون لکڻ مهل لکندڙ کي محتاط طريقي سان لکڻو پوي ٿو. ان جي باوجود به ڪيتريون سچايون اديب ۽ صحافي کولي نروار ڪيو ويٺا آهن. اخباري دنيا ۾ جڏهن کان وٺي اديبن لکڻ شروع ڪيو ته هڪ شعور جي روشني چئني طرف ڦهلجي ويئي. اخبار هر گهر ۾ ايندي آهي. اخبار هر ڪو پڙهندو آهي. ان ڪري ئي رسالن جي ذريعي جيڪا ڳالهه مهينن کان پوءِ پڙهندڙ کي ملي، اخبار جي ذريعي يڪدم ملي ٿي ۽ اثر انداز به ٿئي ٿي. اخبارن ۾ لکڻ جي ڪري ڪيترن اديبن ۽ صحافين، سياستدانن، اسان جا ثقافتي ادارا، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ادارن تي فوري طور لکيو ۽ ان جو رد عمل به ايندو رهيو. اهو هڪ صحتمند رجحان هو، پر ان جا ڪجهه خراب نتيجا به سامهون آيا ۽ ڪجهه سچيون حقيقتون به ظاهر ٿي پيون، خراب نتيجا اهي هئا ته اسان ۾ سهپ جو مادو نه آهي. تنقيد کي ذاتيات ڏانهن گهلي وڃن ٿا، جلد ناراض ٿي ٿا وڃون. اهي حقيقتون به ظاهر ٿيون، جن سان اسان جي سياست راند بنجي ويئي آهي ۽ ادارا ۽ ادبي سنگتن جي تباهيءَ جا ڪارج به ظاهر ٿي ويا.
ڪيترن وڏن اديبن سان گڏوگڏ انهن سڀني مسئلن تي مون به لکيو پر حاصل ڇا ٿيو؟ اهو ئي سوال اڄ به موجود آهي ته هڪ لکندڙ جڏهن لکي ٿو پڙهندڙ کي حقيقتون ٻڌائي شعور جي آگاهي به ڏئي ٿو ته موٽ ۾ ان کي ڇا ٿو ملي؟ اڄ مان اهو سوچيان ٿي ته شايد اهو گناهه ئي آهي. جنهن ۾ اسان اٻوجهه ماڻهن کي شعور جي روشني ڏيئي اچي پل صراط تي بيهاري ٿا ڇڏيون. پر اسان وٽ رهبري ڪا به ڪانهي، تبديلي ڪا به ناهي اچڻي ۽ معاشرو اڃا به وڌيڪ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، هڪ طرف اديب آهي، جيڪو لکي ٿو. ٻئي پاسي باشعور عوام آهي، جنهن ۾ جذبو آهي، پر وچ ۾ هڪ وڏي کاهي آهي. ان کاهيءَ ۾ صرف تباهي ۽ موت آهي، انڌيرن جو رقص آهي. اديب صحتمند تبديلي، معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ لکي ٿو، پر نه ته تبديلي اچي ٿي ۽ نه وري معاشري ۾ ڪا ڀلائي اچي ٿي. صرف اهو ئي انسان ڪامياب آهي، جيڪو کاهيءَ جي وچ ۾ بيهي انڌيرن جا کوپا چاڙهي، ضمير جا سودا ڪري، سفارشن جي ڏاڪڻ تي چڙهي پنهنجو اگهه لڳائين ٿا. ان وقت وري اهو سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته لکڻ مان ڪهڙو فائدو، عوام کي شعور ڏيڻ مان ڇا حاصل؟ ٿيڻو ته اهو ئي آهي جيڪو صدين کان ٿيندو رهيو آهي.
هوش سنڀاليو اٿئون ته ٻڌندا پيا اچون سنڌ کي بچائڻو آهي، سنڌ کي جيئارڻو آهي، ڏکيا وقت آهن، اديب لکندو رهيو، سجاڳ ڪندو رهيو، مسئلن جي نشاندهي ڪندو رهيو، دشمنن جي نشاندهي ڪندو رهيو پر وري به اهو ئي سوال سامهون ٿو اچي ته ڇا حاصل ٿيو؟ بجاءِ ان جي ته اسان جا قدم زمين ۾ پختا ٿين. اڃا وڌيڪ زمين اسان جي پيرن هيٺان گسڪندي پئي وڃي، ادارا بچايو، بچائڻ ته ٺهيو پر ادارن تي تالا لڳندا پيا وڃن نه ٿا ڪجهه لکون ته ڏوهي آهيون ڪجهه لکون ٿا ته گنهگار آهيون، جن کي آئيڊيل ٺاهي سٺو سمجهي اڳتي ٿا وڌايون، اهي ئي پنهنجي عمل سان نراس ڪن ٿا. الميو ته اهو آهي ته اسان وٽ آهن ته سڀ ڀلا ماڻهو پر ڪو به پنهنجي جاءِ تي فٽ ڪونهي. هيءَ آفيسري ڪرسي ۽ پيجرو گاڏي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀڪو پريشان آهي. صرف تازو مثال وٺو سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جا ٻه ڀلا ماڻهو، انهن مان هڪ فارسيءَ جو ماهر آهي ته ٻيو وري ريڊيي جو ريٽائرڊ آفيسر آهي. هي ٻئي يقينن پنهنجي فيلڊ جا ماهر هوندا. پر سنڌي ٻوليءَ سان انهن جو ڪو به واسطو نه آهي پر ان جي باوجود ٻئي ڪرسيءَ تي ويٺا آهن، ادبي بورڊ کي ته ماڳهين تالو لڳي ويو آهي. سينيٽر صاحب پنهنجي مصروفيتن ۾ پورو آهي، شمشير الحيدري وڃي اخبار ۾ پناهه ورتي آهي. رسالو ڪو به ڪو نه ڇپيو. ادبي ڪم سڀ ختم آهي. ها باقي مهيني سر پگهار سڀ ڪنهن کي کپي ٿي. يقين ڪريو هاڻ ته وڏا وڏا بت ڪرندي ڏسي رهيا آهيون.
اهي ئي سڀ سوال آهن جيڪي اڄ منهنجي ذهن ۾ آهن، جن مونکي پريشان ڪيو آهي. ان ڪري ئي ته مان اڄ ڪلهه قلم هٿ ۾ کڻي، اهو سوچيندي آهيان ته لکڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇو لکان؟ وغيره وغيره، نا اميدي نراسائي اڄ ڪلهه ته اڃا وڌيڪ تنگ ڪيو آهي. جڏهن شهرن ۾ ٿيندڙ دهشت گردي ڏسون ٿا. موت جو رقص جاري آهي پر ظالم قاتل تي هٿ وجهڻ وارو ڪير به ڪونهي. اڄ ڪراچي کي الڳ ڪري صوبو بنائڻ جون تياريون ٿين پيون. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويهي ميمبر چون ٿا ته اسان کي ڪراچيءَ ۾ الڳ اسيمبلي کپي. موت جي رقص سان گڏوگڏ غداري ۽ ملڪ ٽوڙڻ، الڳ صوبي ٺاهڻ جون ڳالهيون ٿين پيون. پر انهن ماڻهن کي سزا ڏيڻ وارو قانون اسان جي ملڪ ۾ آهي ئي ڪو نه. سڀ ڪنهن جي وات ۾ مڱ آهن. يقين ڪريو جنهن وقت اسيمبليءَ ۾ ويهي انهن الڳ اسيمبليءَ جي ڳالهه ڪئي ته اهو هڪ اهڙو بهترين موقعو هو جنهن سان اسان جي اسيمبليءَ جا ميمبر هڪ قرارداد پيش ڪري انهن کي حقيقت جو آئينو ڏيکاري پئي سگهيا، اها هئي ته سنڌ هڪ ئي آهي. جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به موجود هئي. هتي اسيمبليءَ ۾ قانون پاس ڪري پاڪستان ٺهڻ ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جون قراردادون پيش ڪيون ويون هيون. پاڪستان ڪو آسمان مان ٺهي ڪو نه لٿو هو. پر موجود چئن صوبن جي رضا خوشيءَ سان ٺهيو هو. اڄ هي سڀ اسيمبليون اهو حق محفوظ رکن ٿيون ته جهڙي طرح انهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي قرارداد پيش ڪئي ته اڄ وري ڪنهن به هڪ قرارداد جي ذريعي هو الڳ به ٿي سگهن ٿا. چارئي صوبا پنهنجي اصل حيثيت ۾ واپس به اچي سگهن ٿا. جن کي هت رهڻو آهي ته رهي، ناهي رهڻو ته واپس هليا وڃن. ٻيو به وري پاڪستان صرف سنڌ ۾ ته ڪونهي، جن کي سنڌ ۾ ناهي رهڻو، اهي هليا وڃن ٻين صوبن ۾، پر ڪير به ته ڪو نه ٿو ڪڇي. اردو ۽ انگريزي اخبارون باقاعدگيءَ سان ڪم ۾ رڌل آهن. هي ماڻهو حڪومت کي به آڱرين تي نچايو ويٺا آهن. انهن پنهنجو ڄار ايترو ته مضبوط ڪيو آهي جو هاڻوڪي دور ۾ به حڪومتي نمائندن کي ڪٿ به سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو آهي. يقين ڪريو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن هو ڪراچي اسان کان کسي وٺندا ۽ اسان صرف ڳالهيون ڪرڻ ۾ پورا رهنداسين. اڄ ڪلهه حيدرآباد جي ڳالهه هو ان ڪري نه ٿا ڪن جو ات انهن جي پاليسي ڪامياب ڪا نه ويئي آهي. انهن منصوبي تحت حيدرآباد سنڌين کان خالي ته ڪرائي پر ان ڳالهه جو خيال نه ڪيائون ته سنڌين کي بجاءِ ڄامشوري ۽ هاءِ وي ڏي ڌڪڻ سان هو مٿين پاسي سنڌين کي ڌڪين ها. هاڻ قاسم آباد نسيم نگر کان وٺي ڄامشوري تائين ڪيترا سنڌين جا علائقا ٺهي ويا آهن. جنهن جي ڪري حيدرآباد چئني پاسن کان وڪوڙجي ويئي آهي.
هت وري منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال اڀرندو آهي ته ڇا ڪنهن هڪ فرد به سنڌ جي دل ڪراچيءَ جي وارثن سنڌين کان پڇيو به آهي، ته توهان ڪراچي الڳ ڪري ڏيندو به يا نه؟ سوال ڪرڻ وارو سوال ان ڪري به نه ٿو ڪري ته سنڌي هونئين ستل ۽ بي همت آهن، پڇڻ مان فائدو.
منهنجا پيارا سنڌيو اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اڄ ڪلهه دل کي بيچين ڪيون ويٺيون آهن. ذهن پريشان آهي. ڪجهه به لکڻ تي دل نه ٿي ٿئي، ادارا به بچي پوندا، ٻولي به بچي پوندي، سنڌي به بچي پوندا، پر جي اسان سنڌ کي بچائي سگهياسين. اڄ جو وڏو مسئلو وجود جو مسئلو آهي، بقا جو مسئلو آهي.
مون کي ياد ٿو اچي ته ون يونٽ جي ٽٽڻ کان اڳ، حيدرآباد ۾ سنڌي اديبن جو هڪ وڏو جلسو نڪتو هو. ان جلوس ۾ ٻڌي ۽ طاقت ون يونٽ ۾ ڏار وجهي ڇڏيا ۽ حڪومت جون اکيون به کلي ويون، ان وقت اها ڳالهه ظاهر ٿي پئي ته ادبي لڏو، شعور وارو لڏو، وڏي طاقت رکي ٿو. اڃا به وقت ڪو نه ويو آهي. هاڻ به اسان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. اوهان کي خبر هوندي ته علي احمد بروهي صاحب، جلد ئي هڪ اديبن جي وڏي گڏجاڻي ڪوٺائي رهيو آهي، منهنجي تجويز آهي بروهي صاحب کي ته مهرباني ڪري سڀ کان پهرين ات ڪراچيءَ جي مسئلي کي کڻي، حڪومتي ادارن ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن سان ملڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهجي جيڪا سنڌين جي مسئلي کي زوردار نموني ۾ کڻي ان کان علاوه هنن سڀني ادارن جي سربراهن کي به ات گهرايو وڃي ۽ ادارن جي بهتريءَ لاءِ انهن کي چيو وڃي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ لاءِ به اسان جي نوجوانن کي ڏاڍيون شڪايتون آهن ۽ وري ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن کي به ڪي غلط فهميون آهن. اهي سڀ به ختم ڪرڻ گهرجن.
مگر منهنجا سائين سڀ کان اهم مسئلو آهي بقا جي وجود جو، اديب، شعور وارو لڏو، آخري مورچو آهي هن جنگ جو. يقين ڪريو چوءُ طرف مايوسيءَ کان پوءِ به سڀني جون اکيون کڄنديون آهن قلم جي وارثن ڏي. ڏسون هي قلم جا وارث ڇا ٿا ڪن؟

سومر 24 اپريل 1995ع