ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

جذبن جا رشتا، احساسن جي جنگ

مان هن کي غور سان ڏسندي رهيس. هوءَ پنهنجي هنج ۾ معذور پوٽيءَ کي سمهاري بوتل سان کير پياري رهي هئي. هن جي نگاهن ۾ پيار ۽ محبت جي انتها هئي. کيس غور سان ڏسندي ڏسندي منهنجي اکين ۾ به آلاڻ اچي ويئي هاڻ مان خوشيءَ سان ان مٿان نگاهون هٽائي محفل ۾ ويٺلن ۽ سهرا ڳائيندڙن کي ڏسندي رهيس.
اهو موقعو منهنجي ماروٽ جي شاديءَ جو هو ۽ مان ان شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ هئس، مان جڏهن به لاڙڪاڻي پنهنجي ناناڻي ويندي آهيان ته سڀني جي محبت جو مرڪز هوندي آهيان. ڏاڍو پيار ملندو اٿم، خاص ڪري سانگين جي ڳوٺ مان آيل سانگياڻيون پنهنجن ڌيئن پٽن کي چونديون آهن اها اٿو ادي حميده جي ڌيءُ جنهن جون اخبارن ۾ تصويرون اينديون آهن ۽ ٽي وي ۾ به ايندي آهي. انهن وٽ منهنجيون اخبار ۾ ڇپيل سڀ تصويرون موجود آهن. هو ڏاڍي فخر سان ٻڌائينديون آهن ته هاڻ انهن جون ڌيون پٽ سڀ پڙهن پيا. تعليم جي اهميت هاڻ انهن وٽ گهڻي آهي. هو سڀ مون کان مشورا گهرنديون آهن ته اهي پنهنجي اولاد کي ڇا پڙهائين ڪهڙيون نوڪريون ڪرائين. انهن لاءِ مان ڏاڍي عقلمند هوندي آهيان ڇو ته منهنجا فوٽو اخبارن ۾ ڇپجندا آهن ۽ ٽي وي ۾ به ايندي آهيان. ڪيتري نه معصوميت آهي اڃا تائين هنن ماڻهن ۾. تعليم جو شعور ڏسي منهنجي دل کي به اطمينان ايندو آهي. انهن جون ڳالهيون ۽ منصوبا ٻڌي منهنجي دل مضبوط ٿيندي آهي. پر هن ڀيري سڀ ڪجهه هوندي به منهنجي دل کي اطمينان نه هو. منهنجون نگاهون منهنجون سوچون صرف هڪ ڪردار تائين محدود هيون.
اهو ڪردار منهنجي لاءِ ڪو نئون ڪين هو سدائين ان سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي. هوءَ منهنجي پري جي مائٽياڻيءَ جي سس آهي. غير خاندان مان آهي. ان ڪري مان ان جي روداد کان واقف ڪو نه هيس. ها پر ظلم ڪيو مون سان منهنجي ماروٽ. رات جو سمهڻ وقت سڄي ڪهاڻي پيرائتي ٻڌائي مون کي جهوري ڇڏيائين ۽ مان صبح کان وٺي ان کي ڏسڻ ۽ ڏڪڻ ۾ پوري هيس. هي اهي ڪردار آهن، هن دنيا جا جن کي هن دنيا مان ڪجهه به نه ملندو آهي پر وري به هو هن دنيا ۾ خوش رهي پنهنجي پيار توجهه نڇاور ڪندا رهندا آهن. هاڻ هن ڪردار جو مرڪز ان جي پوٽي آهي، جيڪا پيدائشي معذور آهي. منهنجي ذهن ۾ رات وري پوري ڪٿا فلم وانگر پئي هلي ۽ مان شاديءَ جي مزن کان ڏور هئس. عجيب وارداتون گذريون آهن هن مٿان. سندس ابي امان کي اولاد ڪين بچندو هو. صحي سالم ٻار ڄمڻ کان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مري ويندو هو. ڪي عجيب رسمون موجود آهن اسان جي معاشري ۾، وهم به ڪڏهن ڪڏهن رستا ٺاهي ڇڏيندا آهن، سو ڇا ٿيو جڏهن هي ڄائي ته ڄمڻ سان ئي پڻس کڻي وڃي پنهنجي ڀاءُ جي هنج ۾ وڌي ۽ ان کي چيائين اڄ کان وٺي هيءَ تنهنجي نهن آهي. هاڻ هن جو خرچ بار تو تي آهي. تنهنو ڏنل ئي کائيندي پيئندي . . . . . ائين ڪرڻ سان هن کي زندگي ملي ويئي. رهندي ته پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ هئي پر ان جون ضرورتون ان جو چاچو پوريون ڪندو هو. ٻه ٽي سال جڏهن گذريا ۽ وهم وسوسا گهٽيا ته ماءُ پيءُ ان جي مٿان پنهنجي سڄي چاهت ۽ پيار قربان ڪيو. ضرورت کان وڌيڪ ان جو خيال رکندا هئا. اهڙي ڪهڙي خواهش آهي جيڪا ان جي پوري نه ٿي هجي ابي امان ته ان جي تريءَ مٿان بهشت به ٺاهي ڇڏيو هو. آسمان مان تارا لاهي ان جي جهول ڀري هئي.
وقت پنهنجي رفتار سان گذريو. هوءَ هاڻ جوان خوبصورت هئي. ماءُ پيءُ جي لاڏلي هئي پنهنجي سوٽ جي مڱ هئي. حالتون هميشه هڪ جهڙيون نه ٿيون رهن ان جو سوٽ وڏو ٿي سڌريو ڪو نه. نه ڪا چڱي تعليم حاصل ڪيائين نه هو ڪنهن روزگار ۾، ان جي باوجود به چاچو چاچي هن تي پنهنجو حق رکندا هئا ۽ شاديءَ لاءِ زور ڀريندا هئا. هن جي ماءُ پيءُ کي ڏاڍو فڪر هوندو هو مستقبل جو. ڪجهه پنهنجي سوچ سان ڪجهه ماڻهن جي سمجهائڻ سان ته اگر ڇوڪرو سڌريل ڪونهي ته مائٽي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. انهن به کڻي ناڪار ڪئي. انهن جي ناڪار سان خاندان ۾ ٻائيتال مچي ويو. چاچي ۽ سوٽ عزت ۽ غيرت جو معاملو ڪري ورتو، چيائون اسان جي ڇوڪري جي مڱ ٻئي هنڌ ڪٿي پرڻجي ڪين سگهندي. هن جي ننڍپڻ کان سوٽ جو نالو پاڻ گڏ ٻڌو هو. ان جي دل ۾ ان لاءِ چاهت به هئي پر ان جي خراب عادتن جي ڪري هوءَ به مجبور هئي. آخر ڪن چڱن جي چوڻ سان ٻنهي خاندانن کي سمجهايو ويو. ڇوڪري کي حيدرآباد شهر ۾ چئو چوان ڪري نوڪري ڏياري الڳ گهر وٺي رهايو ويو. آخر اهڙي طرح سان هوءَ وڃي پنهنجي سوٽ جي ڪنوار ٿي ۽ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد وسائي ويٺي. چوندا آهن ته پڪي گهڙي ڪنا ڪٿان ٿا پون. سوٽس جون عادتون ته ڪو نه سڌريون، الٽو اهو ضد ۾ اچي ويو ۽ سڀ حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو هن ويچاريءَ گهڻو ئي پنهنجو گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر وريو ڪجهه به ڪين. سال اندر سندس سوٽ اتي حيدرآباد ۾ ئي ٻئي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري هن کي ڳوٺ موڪلي ڇڏيو.
هي ڏک هن لاءِ هن جي والدين لاءِ تمام وڏو هو. هاڻ ته هن کي هڪ پٽ به ڄائو جيڪو هن جا ماءُ پيءُ پاليندا هئا. انهن ويچارن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هن جي ٻي شادي ٿي وڃي پر هن نه مڃيو. هنن جو پنهنجي ڳوٺ ۾ ويڙهو هوندو هو جت هو پنهنجن سوٽن ماساتن جي ٻارن کي پئي سنڀاليندي هئي ۽ هن جو پٽ وري ٻيا پيا سنڀاليندا هئا. ڪجهه عرصي کان پوءِ ان جا والدين گذاري ويا ۽ هن جي پٽ جو بار سندس مائٽن کنيو، اهڙي طرح وقت گذرندو ويو. هن جو پٽ اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو اچي جوان ٿيو ان جي شادي منهنجي مائٽن ۾ ٿي آهي. منهنجي مائٽياڻي پڙهيل لکيل هڪ سٺي نوڪريءَ ۾ آهي. ٻئي زال مڙس جيئن ته نوڪري ڪندا آهن ان ڪري ماءُ هاڻ پنهنجي پٽ سان رهندي آهي ۽ ان جا ٻار پاليندي آهي. سڄو گهر سنڀاليندي آهي.
گهر جي ڀاتين کي خبر ئي ناهي ته گهر ڪيئن پيو هلي گهر ۾ ڇا پيو ٿئي. سڄي گهر جو بار کنيو ويٺي آهي. پاڻ نهن ۽ پٽ کي پلنگ تي ماني کارائيندي آهي ته ويچارا نوڪريءَ تان ٿڪجي اچن ٿا، خدا جي ڪرڻي ته سندس نهن کي هڪ ڌيءُ معذور ڄائي جنهن جو مٿو ننڍو ۽ جسم ڪمزور آهي. هاڻ اها ئي ٻار ان جي محبت ۽ توجهه جو مرڪز آهي. سندس توجهه سان اهو ٻار هاڻ چئن سالن جو ٿي چڪو آهي. ان کي هلڻ سيکاريائين ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين ان جي هڪ هڪ ادا تان قربان پئي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اندر مان ڪي اڌما ٻاهر نڪرندا اٿس ته چوندي آهي ته مون کي ڇا مليو هن دنيا ۾ اچي. جيتري ابي امان جي لاڏلي هيس اوترا گهڻا سور ڏٺم هي تنهائي ۽ اڪيلائپ جنهن ۾ دل چاهيندي آهي ته ڪو پنهنجو هجي جنهن سان دل جو حال اورجي جيڪو همدرد ۽ هڏڏوکي هجي پر ڪير آ ڪير به ته ڪونهي.
ڪيتري نه سچي ۽ تلخ حقيقت آهي ته انسان دنيا ۾ ڪيترو به اڪيلو آهي. هر عمر ۾ انسان کي هڪ سهاري جي ضرورت هوندي آهي. اهڙو سهارو جنهن کي اندر ۾ ويهارجي جنهن کي اندر اڪيري ڏيکارجي. اولاد جي به پنهنجي زندگي هوندي آهي پنهنجون خواهشون هوندو آهن. اولاد جي طرفان کڻي ڪيترائي سک ڇو نه ملن پر هڪ ساٿي هڪ همدرد جي ضرورت هر عمر ۾ هوندي آهي، مرڻ گهڙيءَ تائين هوندي آهي. ڪيترائي خوشنصيب آهن اهي وجود جيڪي محبتن چاهتن جي ساٿ ۾ زندگي گذاري انهن ئي پيار ڪندڙن جي هٿن ۾ دم ڏيندا آهن. اهي ٻئي ڪانڌي هوندا آهن. اهي ئي مٽيءَ جا ٻڪ ڀري مٿان وجهندا آهن. پر سوال اهو آهي ته اهڙا خوش نصيب ڪيترا آهن؟ شايد آڱرين تي ڳڻڻ جي برابر مس هجن.
آچر 6 نومبر 1994ع