هدايت بلوچ ۽ جدائيءَ جو داغ
سچ چيو پئي هدايت بلوچ ڪٿ به هليو وڃجي پنهنجن ماڻهن جي ڪمي ۽ ڌرتيءَ جي خوشبو ٻئي هنڌ ملي ئي نه ٿي سگهي خاص ڪري ادبي جُڳ جو ماڻهو جنهن جي ڪمٽمينٽ ماڻهن سان ڌرتيءَ سان هوندي آهي ۽ اهو ڪن مجبورين تحت ڌرتي ڇڏي وڃي ته ان لاءِ ذهني پيڙا جو سبب ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ سنڌ ۾ ادبي جُڳ جي ماڻهوءَ کي هڪ ٻي دنيا جي مخلوق سمجهيو ويندو آهي. ايتريون ته توقعات ان مان رکيون وينديو آهن جو زندگي جا پهريان ڪيترا خوبصورت سال ادبي دنيا جي حوالي ڪري پاڻ کي سرخرو پيو ڪندو آهي. وقت جي ويڙاهند ۾ ساٿ پيو ڏيندو آهي اوچتو زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو اسٽيج ايندو آهي جو ان جي تيز قدمن ۾ ماٺائي اچي ويندي آهي ۽ هو پويان مڙي ڏسندو آهي ته هو ڪيترو نه اڳيان نڪري آيو آهي ۽ سندس ذميندارن جو وقت ڪيترو نه پٺتي رهجي ويو آهي. ننڍا ٻار وڏا ٿي ويا آهن. نياڻيون ۽ پٽ ڪاليجن ۾ پهچي ويا آهن. هر ڪا نگاهه ان کي خاموش احتجاج ڪندي نظر ايندي آهي. ان ويل اديب کي اهو محسوس ٿيندو آهي ته ڌرتيءَ واسين جو بار هيڏا سال کڻي هو ڪو نه ٿڪو آهي. پر پنهنجي آس پاس رهندڙن تي نظر وجهڻ سان هو ٿڪجي پيو آهي. هاڻ هو سوچيندو آهي پنهنجن لاءِ هاڻ اديب صحي معنيٰ ۾ پريڪٽيڪل لائيف ۾ اچي ويندو آهي. ڪجهه ڪمائڻ ڪجهه ڪرڻ جي بارن هيٺ اچي ويندو آهي.
پنهنجي آس پاس ٿورو نظر وجهبي ته خبر پوندي ته اسان جا ڪيترائي وڏا اديب پنهنجي عروج جي زماني ۾ ادبي دنيا کان ڪناره ڪش ٿي ويا ۽ معاشي مسئلن ۾ ڦاسي ويا. ڪن وڃي وڏيون نوڪريون حاصل ڪيون ڪن پنهنجا ڪاروبار وڌايا، ڪن وڃي وڪالت ڪئي، اسان وٽ هاءِ گهوڙا مچي ويئي، فلاڻو وڪامجي ويو، فلاڻو حڪومت جو ايجنٽ آهي، فلاڻو غدار آهي وغيره وغيره. اهڙيون جذباتي قسم جون ڳالهيون اسان جا نوجوان پنهنجن لکتن ۾ ۽ تقريرن ۾ ظاهر ڪندا رهندا آهن مان هميشه اهڙن روين کي ننديو آهي. هي هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ هڪ عمر ۾ اچي انسان ورهائجي ٿو وڃي. هو ادب کان ڪناره ڪش ته ٿو ٿئي پر هاڻ ٻين ساٿين ۽ ضرورتن کي وقت ڏئي ٿو. جيڪي اديب ٿورين چڱين نوڪرين ۾ آهن ته هو اڃا وڌيڪ ترقي ڪن ٿا. ان ترقيءَ کي اسان وٽ تمام خراب نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. خبر نه آهي ڇو اسان وٽ اديب ڪنهن چڱي نوڪريءَ ۾ برداشت نه ٿيندو آهي. اديب بيمار آهي، بدحال آهي، بکيو آهي ته عظيم آهي، جيڪڏهن خوشحال آهي چڱي نوڪريءَ ۾ آهي ته معنيٰ وڪامجي ويو.
اسان کي هن حقيقت کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته اديب لکڻ پڙهڻ کان سواءِ رهي ڪو نه سگهندو آهي. ادبي ماحول کان سواءِ رهي ڪو نه سگهندو آهي. ادبي ماحول کان سواءِ جي ڪو نه سگهندو. پر وقت پوڻ سان اها جذباديت ۽ تحرڪ ٿورو گهٽجي ٿو وڃي. اهو هڪ فطري عمل آهي جنهن ۾ هڪڙا ويندا آهن ته ٻيا ان جي جاءِ سنڀاليندا آهن هن معاشري جو هر مورچو پنهنجي جاءِ تي اهم آهي پويان ايندڙن لاءِ واٽ ڇڏڻي پوندي آهي. اسان وٽ اهڙي عمل کي ننديو ويندو آهي. تنقيدي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. اديب کي ٻئي جهان جي مخلوق سمجهيو ويندو آهي. حالانڪه اديب ايترو جهريل هوندو آهي جو هوند هڪ ڦوڪ سان اڏامي وڃي دنيا ۾ ڪيڏو ئي جهنم ڇو نه هجي پر هڪ ڏات رکندڙ حساس اديب پنهنجي وجود ۾ سڙي ۽ پڄري ٿو ان جو ڪنهن وٽ احساس آهي؟ اديب آسماني مخلوق نه آهي هڪ عام انسان آهي، هن سماج ۾ ڦاٿل هڪ عام انسان، مان ته الائجي ڪاڏي وڃي پهتس ڳالهه ته ڪئي سون پئي هدايت بلوچ جي جيڪو اسان سڀني کي جدائيءَ جو داغ ڏنو پيو وڃي اسان جي ادب ۾ هدايت بلوچ جي جيڪا جاءِ آهي ان لاءِ ڪجهه چوڻ ۽ لکڻ جي ضرورت نه آهي. گهڻين خوبين سان گڏ هو هڪ سٺو دوست ۽ همدرد پڻ آهي. ضروري نه آهي ته هو ڪن مسئلن جو شڪارهجي اسان وٽان کل خوشيءَ سان موڪلايو پيو وڃي، پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ پنهنجن ٻچن جي بهتر زندگيءَ لاءِ اها اميد اسان کي رکڻ گهرجي ته هدايت بلوچ پنهنجي ڏات جي حوالي سان اسان کي نه وساريندو پرديس به رهي هي ادبي تعلق قائم رکندو ايندو. پنهنجا مشاهدا نئين زماني جون ڳالهيون اسان کي ٻڌائيندو رهندو. هڪ خوش قسمتي به آهي هدايت بلوچ جي ته هو هڪ اهڙي ماحول مان ٻاهر نڪريو پيو وڃي. جت هڪ اديب کي مايوسيءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪين پيو ملي، سنڌ ۾ قتل خونريزي عليحدگيءَ جون ڳالهيون ادبي سنگت جي بدحالي ۽ بربادي ۽ سياست ۾ جيڪا اک ٻوٽ آهي اها سچ پچ هڪ اديب کي ذهني مريض بنائڻ لاءِ ڪافي آهي الائجي ڇا ٿيڻو آهي؟ اهڙي حالتن ۾ پري رهي گهٽ ۾ گهٽ هدايت ان ذهني پيڙا کان ته بچيل هوندو.
هڪ ڳالهه ٻڌائيندي هلان ته منهنجي هدايت بلوچ جي گهر وارن سان چڱي ڳالهه ٻولهه آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سندس زال کي چيم ڇو ٿا وڃڻ ڏيوس پرديس ۾. چيائون نه ٿو مڃي. مان انهن کي چيو اڪيلو نه موڪليوس توهان سڀ به گڏجي وڃوس. کلندي ان جي زال چيو هاڻ اسان کي هدايت مان ڪو ڊپ ڪونهي اهو اعتماد اٿئون ته ٻاهر شادي ڪو نه ڪندو. اها اعتماد واري ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي. ان جي زال اهو به چيو ته زندگي ته سٺي گذاري آهي. اسان کي ڏاڍا سک ڏنا آهن هدايت، پر هڪ شڪايت آهي ته اسان پنهنجو گهر ٺاهي نه سگهيا آهيون. ڏسو ادا عنايت ڪهڙو نه سٺو بنگلو ٺهرايو آهي. هاڻ اسان کي به هڪ گهر کپي، ان ڪري ئي ته اسان کيس وڃڻ ڏيون پيا جو ايترو ڪمائي اچي جو اسان کي هڪ گهر ٺهرائي ڏئي.
ها سائين هڪ گهر کپي هدايت جي گهر وارن کي هدايت ڪٿ وڪاميو نه آهي، حڪومتن مان فائدا حاصل ڪين ڪيا اٿس. ڄاڻي واڻي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کان پري وڃي رهيو آهي. پنهنجي گهر وارن لاءِ هڪ گهر ٺاهڻ واسطي اديب ڌرتيءَ تي حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪندي سڄي زندگي گذاري ٿو. وڏي واڪ چوي ته سڄي ڌرتي منهنجي آهي مان وارث آهيان هن ڌرتيءَ جو ان جي باوجود به اديب کي پنهنجي لاءِ پنهنجن ٻچن لاءِ ان ئي ڌرتيءَ تي هڪ گهر گهرجي. مرڻ کان پوءِ ٻه فوٽ زمين هونئين ملندي، جيئري ڪنهن اديب جي گهر وارن کي ڇپر ڇانو ملي وڃي ته ان کان وڌيڪ ڪهڙي سٺي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.
نوٽ: هي مقالو سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ پاران 9 نومبر تي ٿيل هدايت بلوچ سان رهاڻ ۾ پڙهيو ويو.
سومر 14 نومبر 1994ع