پيار ۽ نصيب
فوزيه سان ملڻ مهل اهو سڄو پراڻو وقت منهنجي ذهن ۾ اڀري آيو، جڏهن فوزيه پنهنجي گهر ۾ ٻائيتال ٻاري ڏنو هو. ان گهر سان منهنجو گهرو ناتو هو. فوزيه ۽ ان جي ٻين ڀينرن سان منهنجي گهري دوستي هئي. فوزيه جي گهر جو ماحول اسانجي گهر کان مختلف هو. منهنجي گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته هوندو هو اسان کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي ڪنهن حد تائين آزادي هوندي هئي، پر فوزيه ۽ جميله جي گهر جو ماحول تمام سخت هو. تعليم حاصل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، پر گهر مان نڪرڻ جي به انهن کي اجازت نه هوندي هئي. انهن جو والد ۽ ڀائر تمام سخت مزاج جا هوندا هئا. گهر جي ٻاهران نوڪر چوڪيدارن وانگر ويٺا هوندا هئا. گهر ۾ ايندڙ عورتن جون رپورٽون به گهر جي مردن کي ملنديون هيون ته اڄ گهر ۾ ڪير آيو ڪير ويو. گهر ۾ فون هوندو هو پر گهر تي نياڻين کي فون کڻڻ جي اجازت نه هوندي هئي. ڀاڄايون يا نوڪر فون کڻندا هئا.اهڙي سخت ماحول ۾ هي ڀينرون سخت بيزاريءَ واري زندگي گذارينديون هيون. گهر جا مرد جڏهن شهر کان ٻاهر ويندا هئا ته پوءِ هو پنهنجي ڀاڄاين جي منٿ ميڙ ڪري، ٻاهر ويٺل نوڪرن کي خرچيون ڏيئي پوءِ هيون گهمنديون ڦرنديون. ريشم گليءَ مان شاپنگ به ڪنديون هيون ته سئنيما ۾ ميٽني شو به ڏسنديون هيون. هي زمانو اٺهتر ڌاري جو آهي، ان زماني ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌيت زورن تي هئي. هنن ڀينرن کي به وقتي جوش تحت سنڌي ادب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان ادب دوستيءَ جي ڪري فوزيه جي فون تي واقفيت اهڙي ئي ادب دوست سان ٿي ويئي. هو ٻئي لڪ چوريءَ فون تي ڳالهائيندا هئا. گهر جي ماحول جي سختيءَ کان بيزاري ۽ تنهائيءَ واري ماحول ۾ فوزيه کي ڄڻ ته واٽ ملي ويئي. فوزيه ته ان شخص کي ڏٺو به ڪو نه هو. هاڻ ته فون تي ڳالهه ٻولهه ايتري وڌي ويئي جو هڪ ٻئي سان ملڻ ناممڪن ٿي پيو. ملڻ جون واٽون سڀ بند هيون. هڪ رستو جيڪو کليل هو ته اهو ادب دوست فوزيه لاءِ رشتو موڪلي ۽ منظور ڪرڻ يا نه ڪرڻ گهر جي مردن جي هٿ ۾ هو. فوزيه جو وڏو ڀاءُ سخت مزاج هئڻ سان گڏوگڏ ان اصول جو به قائل هو ته گهر ۾ ويٺل ڀينرن جو چڱن هنڌن تي جلد از جلد شاديون ڪري بوجهه لاهي ڇڏجي. هي وڏ گهراڻو گهر هو. پئسي ۽ عزت جي ڪا ڪمي ڪانه هين. هي ادب دوست وچولي طبقي جو لکيل پڙهيل نوجوان هو. ان همت ڪري رشتو موڪليو. ڀينرن گڏجي ان رشتي جي ڏاڍي حمايت ڪئي، ڇو ته ان ڇوڪري ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي ڪافي گنجائش هئي. گهر جي مردن ان رشتي تي کڻي ها ڪئي. ان ڏينهن فوزيه ڏاڍي خوش هئي. اصل انگ انگ پئي ٽڙيس. جميله مون کي فون ڪري ٻڌايو ته فوزيه جي رشتي جي ڳالهه سڀني کي وڻي آهي. جميله فون تي مزاق ڪندي چوڻ لڳي ته خبر اٿئي فوزيه کي اسان سڀني گڏجي رسو وجھي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو آهي.
حيران ٿي پڇيم ته ڇو؟
چيائين ته متان وسن جهڙي ڀيڻ خوشيءَ مان اڏامي وئي ته پوءِ ڪٿان موٽندي. رشتي جي ڳالهه هاڻ وڃي مـڱڻيءَ تائين پهتي. مڱڻي کان هڪ ڏينهن اڳ رات جو جميله مون کي فون تي ٻڌايو ته اڄ اسان جي گهر ۾ ڏاڍو وڏو دنگل ٿيو آهي ۽ ادا رشتي کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
جميله تفصيل سان ٻڌايو ته اسان جي ڀاڄائيءَ کي ڪٿان خبر پئجي ويئي آهي ته فوزيه فون تي ڳالهائيندي هئي ۽ هي رشتو ان جي پسند جو آهي. بس پوءِ ادا رشتو ختم ڪري ڇڏيو.
هن واقعي کان پوءِ فوزيه اصل آپي مان ٻاهر نڪري ويئي. ڀيڻن سمجھايس ته مردن سان منهن نه اٽڪاءِ، پر هوءَ پنهنجي حق لاءِ گوڙ ڪرڻ ۽ وڙهڻ لڳي. هڪ دفعي مون کي فون تي ٻڌايائين ته مان ادا سان ڏاڍو وڙهيس. ان به مون کي ڏاڍو ماريو آهي. هوءَ جوش ۾ الائي ڇا ڇا چوندي رهي ۽ مان کيس سمجھائيندي رهيس. ان کان پوءِ جلد ئي فوزيه جي شادي سندس هڪ مائٽ سان ٿي ويئي ۽ هوءَ پنهنجي گهر واري سان حيدرآباد مان پري هلي ويئي، شادي ٿيڻ مهل ان اهوئي پئي چيو ته مان وري ڪڏهن به ابي امان جي در تي موٽي ڪين اينديس. هت مون تي ظلم ٿيو آهي.
فوزيه جي مائٽن سان ارڏائي ٿورو وقت به ڪانه هلي. سندس ڀاءُ هڪ ڀيرو بيمار ٿيو ته سک ئي ڪو نه آيس، وٺي ڀڳي مائٽن جي گهر ۽ پنهنجي باءُ کي ڀاڪر پائي اوڇگارون ڏيئي رُني هئي. عورت جي فطرت به عجيب آهي نه سمجھڻ جي نه سمجھائڻ جي!
ها ته سائين ڳالهه پئي ڪيم ته هاڻ جڏهن فوزيه سان ملاقات جميله جي گهر ٿي، ان وقت اسان پاڻ ۾ گڏجي ڪچهري پئي ڪئي. پرسڪون ۽ خوش فوزيه مون کي ڏاڍو وڻي پئي. ڳالهيون ڪندي مان فوزيه کان مذاق ۾ پڇيو ته ڪڏهن توکي اهو شخص ياد ايندو آهي جنهن جي ڪارڻ ايڏا فساد ڪيا هئا. منهنجي ڳالهه ڪرڻ سان ئي فوزيه جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته ياد ته انهن کي ڪبو آهي، جيڪي وسري ويا هجن. مان ته هڪ پل به ان کي وساري نه سگهي آهيان. ان ڏک مان ٻڌايو ته خبر اٿئي شروع ۾ مون وارو گهر وارو مونکي ڏٺو ڪين وڻندو هو. مون ڪڏهن به سندس پيار جو جواب پيار ۾ ڪو نه ڏنو. پر هي منهنجي پٺيان فدا هوندو هو. جڏهن مون کي پهريون ٻار ڄائو ته مون ۾ وڏي تبديلي اچي ويئي ۽ منهنجي طبيعت جي ارڏائي به گهٽجي وئي. هاڻ هي شخص مون کي وڻڻ لڳو. ڳالهيون ڪندي پريان ويٺل پنهنجي مڙس ڏي اشارو ڪندي مون کي چيائين ته، خبر اٿئي سلطانه هي شخص جيڪو منهنجي چئن ٻارن جو پيءُ آهي مون کي ڏاڍو پيارو آهي. مٿي ۾ سور به پوندو اٿس ته منهنجو ساهه نڪري ويندو آهي. منهنجو ساهه ۽ منهنجو وجود ان سان ڳنڍيل آهي. خواهش اٿم ته مران ته ان جي هنج ۾ مران ۽ هو پنهنجي هٿن سان مونکي قبر ۾ لاهي مٿان مٽي وجھي ......مان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيان. هو منهنجو سائين آهي ۽ مان ان جي ٻانهي آهيان. پر خبر اٿئي سلطانه، هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ چوڻ لڳي جڏهن به تنهاين جي ڪنهن پلن ۾ هو شخص مون کي ياد ايندو آهي ته منهنجو ساهه منجھي پوندو آهي...... جيئڻ تان ارواهه کڄي ويندو اٿم. شدت سان ان کي ياد ڪندي آهيان. ڪمي محسوس ٿيندي اٿم ان شخص جي جيڪو مون کي ياد به ڪندو هوندو الائجي نه ........؟
فوزيه کي ٻڌايم ته تازو حيدرآباد ۾ هڪ ادبي پروگرام ۾ ان کي ڏٺم، سچ پچ ان ويل مون کي تون ياد اچي وئين. فوزيه وڌيڪ پڇيو ته ڪيئن هو .....؟
مان چيو اهڙو ئي آهي جهڙو پهرين هو. فوزيه چيو ته ڇا تون يقين ڪندينءَ ته مان ان شخص کي ڪڏهن به ناهي ڏٺو، مون کي ته خبر ئي ناهي ته ان جي شڪل ڪهڙي آهي. ...
مان حيران ٿي فوزيه کي ڏٺو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي. اُن ٻڌايو ته بس فون تي ڳالهائيندا هئاسون. هڪ دفعو هڪ هنڌ ملاقات ٿي به هئي پر ڊپ ۽ شرم وچان اکيون مٿي کڻي ان کي ڏٺو ئي ڪونه .......
فوزيه ۽ ان جهڙا ڪردار اسان جي معاشري ۾ ڀريا پيا آهن. هي اهڙا ڪردار آهن جيڪي سمجھوتو ڪري پيار ورهائي ڇڏيندا آهن. نه ملندو آهي ته هنن کي پنهنجي حصي جو پيار نه ملندو آهي. اهو پيار جيڪو انهن جي دلين ۾ پروان چڙهندو آهي، پر نصيبن ۾ لکيل نه هوندو آهي...
عجيب شيءِ آهي هي نصب! جنهن جي اڳيان سڀ هٿيار ڦٽا ڪرڻ ٿا پون.
هلال پاڪستان 13 مارچ 1994ع