ماسڪ پهريل چهرن کي بي نقاب ڪيو!
فراريت وجود ۾ تڏهن جنم وٺندي آهي جڏهن چئن طرفن کان مايوسي ۽ نراسائي ملندي آهي. اڄ ڪلهه منهنجي دل به چاهيندي آهي ته اکيون ٻوٽي ڇڏيان، ڪنن ۾ ڪپهه وجھي ڇڏيان ته جيئن جيڪو ٿئي پيو ان کي ان حالت ۾ ڇڏي ڏجي. ها پر وري به اها منافقت نه ٿي ٿئي. اندر ۾ هڪ آواز اڀرندو آهي ۽ اها سوچ ڏيندو آهي ته ڏسو ، پرکيو انهن حالتن کي آئينده تاريخ جي ورقن ۾ لکي وڃو سڀني کي ٻڌائي وڃو ته اسان سنڌ جي ان تلخ، خوني، بي حسي ۽ بي ضميري جي دور جا شاهد آهيون. اسان جي اڳيان اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو ۽ اسان ڪجهه به ڪري نه سگهياسين. اسان گناهگار آهيون ان دور جا جو مصلحتن تحت پنهنجي بچاءَ خاطر اسان خاموش ٿي وياسين. جت اسان جي خون جي ضرورت هئي ات اسان پاڻي به وهائي نه سگهياسين. ان خوني دور جي خوني جنگ جي ميدان ۾ اسان مقابلو ته نه ڪيو، پر مزاحمت به نه ڪئي. پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ڪي تدبيرون به نه ڪيون. ٽڪي ٽڪي، پئسي پئسي تي وڪاميل هن قوم جي مهندارن کي ڪجهه به ڪري نه سگهياسين.
انهن پنهنجي ڌرتيءَ کي، ڌرتي واسين کي وڪڻي ڪري ڪاپاري ڌڪ هنيو، انهن مَهان دانشورن، دانائن ۽ ڏاهن کي به ڪجهه نه ڪري سگهياسين جن پنهنجي ڌرتي واسين کي صحي واٽ نه ڏيکاري. وڏن وڏن فائيو اسٽار هوٽلن ۾ تقريرون ڪري ۽ پنهنجي قلم جي ذريعي سطحي ڳالهيون ڪري ماضيءَ جي عظمتن جا قصا ٻڌائي، سنڌ جي ماڻهن کي امن پسند ۽ محبت ڪندڙ چوائي، حال جي نزاڪتن کان ناواقف ڪيو. مستقبل جي اونداهين کان لاپرواهه ڪيو. ڌرتي واسين جي وجود ۾ اٿندڙ جذبن ۽ جنون کي ٿڦڪي ڏيئي سمهاري ڇڏيو.
اها به ته چريائپ آهي ته اسان ويهي ائين چئون ته سنڌ جي تاريخ اها آهي ته اسان مهمان نواز آهيون ان ڪري مهمان کڻي ڪري اسان کي ماري به وجھن ته اسان کي ان تي اف ناهي چوڻو. چوندا آهن ته سنڌي ڪڏهن وڙهيا ناهن. حالانڪه سنڌ جو حالتون هميشه اهڙيون رهيون آهن جو سنڌي پنهنجي بقا لاءِ وڙهندا رهيا آهن. مان دعويٰ سان چوان ٿي ته سنڌ ۽ سنڌين جي اها تاريخ نه رهي آهي. سنڌ جي ڌرتي دل ۾ جايون ڏنيون آهن انهن کي جن ان جو قدر ڪيو. ڌڪي ٻاهر ڪڍيو انهن ماڻهن کي جن هت خون ۽ فساد برپا ڪيو.
آخر هيءَ ڌرتي ڪيسيتائين اسان جو تحفظ ڪندي. جڏهن ته اسان پنهنجي هٿ سان ان جي قدر ۽ اهميت وڃائي ويٺا آهيون. ڊڄڻ کپي اسان سڀني کي ته ڪن غدار ڌرتي واسين جي غلط اعمالن جي ڪري هيءَ ڌرتي اسان کي ڌڪي ٻاهر ڪڍي نه ڇڏي.
اسان جا ڏاها جيڪي ڳالهيون ڪندا آهن جيڪي رستا ۽ واٽون ڏسيندا آهن. هن ڏتڙيل ۽ بي حال قوم کي خوابن جي دنيا جو سير ڪرائيندا آهن. ان وقت اسان جهڙن ننڍڙن ماڻهن جي دل ۽ دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويندا آهن اديب ته محبت ۽ امن جا پيامبر هوندا آهن پر اها منافقت اديب کي نه ڪرڻ کپي ته هو سچ کي سچ نه چوي ۽ ڪوڙ جا ٽڪساٽ ٽوڙي نه سگهي. اهڙين حالتن ۾ اديب امن جو پيامبر آهي. هو اهڙو سبق نه ڏئي. مان سمجهان ٿي اديب جي لکڻين ۾ ايتري سگهه هجي جو هو پڙهندڙن کي اهو پيغام ڏيئي سگهي ته پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار کڻڻ ۽ جنگ جوٽڻ ۾ ڪابه خرابي نه آهي. اڳرائي نه ڪجي پر جي ڪو حملي آور ٿئي ته مقابلي ڪرڻ جي قوت ۽ همٿ هئڻ گهرجي. تاريخن جا وڏا فيصلا ۽ بقا لاءِ جنگيون بندوق جي نوڪن تي ئي ٿيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن زهر کي زهر سان ختم ڪبو آهي. قومن جي بقا ۽ امن لاءِ اهم فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. اهي فيصلا ڪير ڪندو؟ هن ڏتڙيل ماڻهن جي مٿان ڪير هٿ رکندو؟ ڇا اهڙن رهبرن ۽ قوم جي ليڊرن پويان هلڻو پوندو جن وڏا نعرا ته هنيا پر صحيح واٽ نه ڏيکاري. سنڌ جي نعري پويان نوجوانن کي باغي ۽ بي راهه روي جو شڪار ڪيو ويو، نوجوانن کي هٿيار ڏيئي پڙهائيءَ کان پري ڪيو ويو، تعليمي ادارا تباهه ڪيا ويا. پنهنجي ذاتي مقصد لاءِ نوجوانن کي استعمال ڪيو ويو، ڌاڙا هڻايا ويا، چوريون ڪرايون ويون. انسانن جي اغوا ۽ ڀنگ جو ڪاروبار ڪرايو ويو.
ان حقيقت کان به ڪير انڪار نه ڪندو ته جڏهن ڪو ماڻهو اغوا ٿيندو آهي ته ان جا وارث ڪيترن اعليٰ مرتبه قوم جي رفيقن هڏ ڏوکين ۽ همدردن جي اوطاقن ۾ مدد لاءِ ويندا آهن. انهن ئي قوم جي مهندارن ۽ رهبرن جي تعاون سان ڀنگ ڀري يا نه ڀري اغوا ٿيل ماڻهو هٿ ڪبو آهي.
منهنجون سوچون، منهنجو وجود فراريت جي راهه تڏهن ڳوليندو آهي. جڏهن چوطرف ڪوڙ جو ٽڪساٽ ۽ بي راهه روي جو وايو منڊل منڊجي ويندو آهي دل چاهيندي آهي ته اهڙن ماڻهن کي سرعام بڇڙو ڪجي يا وري پنهنجي عزت بچائي اکيون ٻوٽي ۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏجي.
ڪجهه به ٿيڻو ناهي، ڪجهه به نه ٿيندو....اوستائين ڪجهه به نه ٿيندو جيستائين اسان جا ڏاها وقت جي نزاڪت نه سمجهندا ۽ قوم جي صحيح تربيت نه ڪندا.
ڪاش اهو ڏينهن اچي جو قلم ۾ اها سگهه اچي جو هن ڪوڙ جي ٽڪساٽ جي ڪردارن جي منهن تي چڙهيل ڪوڙا هيبت ناڪ ماسڪ لاهي هن قوم جي ماڻهن کي انهن جي اصل شڪل ڏيکارجي جيڪا انهن جي چهرن تي چاڙهيل ماسڪن کان به وڌيڪ مڪرو ۽ ڀيانڪ آهي.
اربع 24 آڪٽوبر 2012ع