ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ ۽ نوجوانن جون ذميواريون

ادارا ٺاهڻ ۽ انهن کي هلائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، جيڪي ماڻهو جذبي جي تحت نيڪ نيتيءَ سان ادارا ٺاهيندا آهن، تن جو انهن ادارن سان جذباتي ۽ دلي لڳاءُ هوندو آهي، جڏهن به ادارا ٺهندا آهن تڏهن جيڪي ٺاهڻ وارا هوندا آهن، وجود وجهڻ وارا هوندا آهن انهن ادارن جي سربراهن ۽ ٻين تنظيمي ڪارڪنن جي چونڊ ڪبي آهي.
ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن اهڙا ادارا مضبوط ٿي ويندا آهن ته پوءِ ات اليڪشنون ٿينديون آهن. اليڪشنون انهن ادارن جي آئين ۽ منشور مطابق ٿينديون آهن. ادارا ۽ تنظيمون ماڻهو ٺاهيندا آهن. ادارا ماڻهو هلائيندا آهن. ڪن حالتن ۾ اهي ماڻهو ٺهيل ٺڪيل ادارن ۽ تنظيمن کي پنهنجي انا ۽ ذاتي پسند جي ڪري تباهه به ڪري ڇڏيندا آهن، جڏهن تنظيمن جي مٿان شخصيتون حاوي ٿي وينديون آهن تڏهن اهڙا ادارا ۽ تنظيمون تباهه ٿي وينديون آهن. هڪ ادنيٰ ڪارڪن کان وٺي سربراهن تائين هڪ گڏيل محنت ۽ ڪوشش هوندي آهي، جنهن جي ڪري ئي بنياد مضبوط ٿيندو آهي، جڏهن به ڪي شخصيتون ذاتي فيصلا ۽ ذاتي سوچون تنظيمن جي مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. تڏهن ئي اختلاف اڀرندا آهن. اهو به سچ آهي ته ادارا ۽ تنظيمون ٺهنديون وڌنديون ۽ ويجهنديون آهن. پئسي سان، جڏهن به ڪو ادارو وجود ۾ ايندو آهي ته ان جي ميمبرشپ جي في ۽ ٻين مختلف طريقن سان اها ڪوشش ڪبي آهي ته ان تنظيم يا اداري جي بجيٽ وڌي، ڇو ته پئسو بنياد هوندو آهي ترقي جو، تنظيمون ۽ ادارا پئسي کان سواءِ هلي ڪو نه سگهندا آهن ۽ نه ڪو ڪم ڪري سگهندا آهن. ان ڳالهه ۾ به اختلاف جي گنجائش نه آهي ته پئسو، ادارا ٺاهيندو آهي ته انهن پئسن جي ڪري ئي ادارا ۽ تنظيمون تباهه به ٿينديون آهن. نالو وٺڻ جي ضرورت نه آهي پر گهڻن ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته هت ڪراچيءَ ۾ ٺهندڙ ڪجهه عورتن جون تنظيمون ۽ ٻيا سماجي ادارا صرف ان ڪري اختلافن جو شڪار ٿي ويا، ڇو ته ات پئسي جو مسئلو پيدا ٿي ويو هو. انهن تنظيمن پنهنجن پئسن خرچ ڪرڻ جو صحيح حساب ڪتاب ڪو نه رکيو هو، ان ڪري اختلافي مسئلا اڀريا هئا.
سنڌي ادبي سنگت سنڌي اديبن جي پراڻي سنگت آهي. هن سنگت جو پايو وجهندڙ اسان جي بزرگ اديبن مان ڪي ته گذاري ويا آهن، پر گهڻو تعداد اڃا به زندهه آهي، دعا آهي ته هو وڏي ڄمار ماڻين. پر جيستائين مان ادبي سنگت جي باري ۾ پڙهيو ۽ ٻڌو آهي ته ان مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته ان دور ۾ اديبن ادبي سنگت جو بنياد ان ڪري وڌو ته ات ادب جي حوالي سان سنڌي اديبن ۽ نوجوانن جي نه صرف قلمي پر ذهني تربيت به ڪجي. ادبي سنگت ۾ رڳو اديب ڪو نه ويندا هئا پر ات شريڪ ٿيڻ وارن ٻڌندڙ جو به چڱو چوکو تعداد به هوندو هو، جن جو ادب سان ڪو به واسطو نه هوندو هو. ان جو مثال هئين پيش ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن به ڪو ڊاڪٽر انجنيئر، واپاري ۽ ڪامورو توهان کي سٺو ورتاءُ ٿو ڏئي. سنڌ جي مسئلن تي اوهان سان ڳالهائي ٿو، اوهان سان تعاون ڪري ٿو ته ضرور انهن جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ادبي سنگت سان رهيو هوندو. سنڌي ادبي سنگت اديبن ۽ ادب دوستن جو اهڙو ڪو هڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو آهي. ادبي سنگت جي کوري مان پڪل اديبن ۽ ادب دوستن جي ڪا ڪمي نه آهي. ادبي سنگت ۾ سڀ ڪو اچي سگهي ٿو. اها هڪ درس گاهه آهي، جتي ماڻهو گهڻو ڪجهه پرائي ٿو. اسان جا وڏا مهان اديب هن ادبي سنگت ۾ اچي پنهنجي شاعري ۽ افسانا پڙهي شديد تنقيد جو شڪار ٿيا هئا. هڪ بزرگ اديب مون کي هڪ دفعو ٻڌايو ته هو ادبي سنگت ۾ پنهنجون بهترين تخليقون کڻي ويندا هئا ۽ اتي هنن تي ايتري ته تنقيد ٿيندي هئي جو لڳندو هو ته اسان ڪا تخليق نه لکي آهي، پر ڪو جرم ڪيو اٿئون. فرق صرف اهو آهي ته ات تنقيد ڪرڻ وارا ۽ تنقيد سهڻ وارا وڏي دل جا مالڪ هئا. تنقيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
هاڻ وري سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي اليڪشنون ڪراچيءَ ۾ ٿين پيو. اخبارن ۾ پڙهيم. گهڻائي وڏا نالا لائين ۾ سيڪريٽري جنرل لاءِ بيٺا آهن. اسان جي لاءِ اهي سڀ شخصيتون قابل احترام آهن. خبر نه آهي ڇو منهنجي دل ۾ اها خواهش اڀري آهي ته ڪاش هڪ گڏيل فيصلو ڪري اهڙن ماڻهن کي بيهارجي ها جيڪي سڀني وٽ قابل قبول هجن ها. هي ڇڙوڇڙ ٿي مرڪزي اليڪشن ۾ سياست گهڻي حاوي ٿي ويندي آهي. ٻه چار نالا ڇڏي سڀني اديبن جي ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي يا سياستدان سان تعلق هوندو آهي. مان سمجهان ٿي ته اها ڳالهه چڱي نه آهي. اديب ته صرف اديب هوندو آهي. ان جي ڪمٽمينٽ، ان جو سوچون، ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي ڏک سک سان ٻڌل هجن، اديب پنهنجي قلم، سوچن ۽ عمل سان سچو هجي باقي هي سياسي وايو منڊل ته پيو بدلجندو آهي. ڪڏهن سج چوٽيءَ تي ته ڪڏهن وري اوندهه انڌوڪار – انهن حالتن ۾ ڏات ڌڻي ئي رهبر ٿي سگهي ٿو.
سنڌي ادبي سنگت منهجي لاءِ هڪ مقدس ادارو آهي. هن اداري ۾ اختلاف ۽ ڪوتاهيون نه ٿيڻ کپن. اسان ۾ هڪ وڏي ڪمزوري اها به آهي ته مون ڏٺو آهي ته ٻين قومن ۽ گروهن جا ماڻهو جڏهن به باشعور ٿيندا آهن ته پوءِ هو عملي ڪم ڪندا آهن. اڃا وڌيڪ پرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر اسان وٽ ادبي سنگت هجي يا وري ٻيا ادارا هجن ات چونڊجي اچڻ وارا پاڻ کي اصل ايڏو عظيم ۽ معتبر سمجهندا آهن جو ٻيا سڀ انهن کي هيٺاهان ۽ “ننڍڙا” لڳندا آهن. بجاءِ ان جي ته پنهنجن ساٿين ۽ همدردن جي راين سان تنظيم جي جوڙجڪ ڪجي. هو پنهنجا ذاتي فيصلا مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مخصوص سوچون رکندڙ ماڻهو ۽ ڪي سندن پسند واريون شخصيتون انهن لاءِ معتبر ۽ قابل احترام هونديون آهن. باقي ٻين لاءِ انهن وٽ جيڪا ڪسوٽي هوندي آهي ان ۾ فلاڻو غدار آهي، فلاڻو سنڌي آهي ته ڇا ٿيو آهي ته ڪامورو؟ پنهنجي ڪسوٽي تي پنهنجي سوچن تي اهڙا وڏا فيصلا ڪندا آهن، جيڪي اسان جي قوم کي ڪاپاري ڌڪ هڻندا آهن.
سنڌي ادبي سنگت هڪ وڏي تنظيم آهي. هن وقت ٿيندڙ اليڪشنون وڏي اهميت واريون آهن. اڄ ڪلهه چوطرف سنڌي اديب پنهنجي قول عمل جي تضاد جي ڪري سخت تنقيد جو شڪار آهن. هن وقت ادبي سنگت جا سرواڻ ۽ اليڪشن ۾ بيهندڙن جو تعلق نوجوان نسل سان آهي. هنن نوجوانن کي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هي جيڪي ست ڄڻا اليڪشن ۾ بيٺل آهن سي سڀ پنهنجي ليکي سٺا اديب ۽ سٺا انسان آهن. ان وقت وڌيڪ خوشي ٿيندي جو بغير ڪنهن سياسي پارٽي ۽ سياسي ليڊرن جي آشيرواد سان هيءَ اليڪشن وڙهن. ڇو ته سنڌي ادبي سنگت سياسي تنظيم نه آهي. ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته هر سوچ رکندڙ ماڻهو جو ذهني رجحان ڪنهن نه ڪنهن پارٽي ڏي هجڻ گهرجي جو هو بغير ڪنهن رک رکاءُ جي دل سان پنهنجي آس پاس جي سياسي وايومنڊل تي تنقيد به ڪري ته تعريف به ڪري ۽ ان کي سمجهي.
اسان جا وڏا ادارا هونئن سياست جي ڪري تباهه ٿي چڪا آهن. هاڻ هي نوجوان، جيڪي نئون رت ۽ جوش آهن، انهن کي پنهنجي عمل جي سچائيءَ سان نه صرف ادبي سنگت کي مضبوط ڪرڻو آهي پر اڳتي هلي سڀني وڏن ادارن کي به سنڀالڻو آهي. اتان اختلافي مسئلا ختم ڪرائڻا آهن. آئنده لاءِ پروگرام ٺاهڻا آهن. نئين باڊي جيڪا چونڊجي اچي ان کي عرض آهي ته سڀ کان پهريائين انهن کي اديبن جي هڪ تنظيم ادبي سنگت جي گرائونڊ تي قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪا اديبن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي جوابدار هجي.حڪومت سان ڳالهائڻو هجي. حڪومت مان ڪي ڪم ڪرائڻا هجن صرف ۽ صرف اها اديبن جي تنظيم ان ڳالهه جي جوابدار هجي. هي ڇڙوڇڙ ٿي اديب جيڪي حڪومت سان ملاقات ڪن ٿا ان مان ڪجهه به کڙتيل ڪو نه ٿو نڪري. هڪ ٻي اهم ڳالهه ته اسان جي سنڌي ادبي سنگت معاشي طور ڏاڍي ڪمزور آهي. اسان کي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته پئسي کان سواءِ تنظيمون نه ٿيون هلي سگهن. ان سلسلي ۾ هر هڪ وسيلي سان ادبي سنگت کي معاشي طور مضبوط ڪجي. بنياد پڪو ڪرڻ لاءِ ادبي سنگت کي پنهنجو گهر هجي جت هر ڪو اچي آسيس وٺي.
اسان کي ادبي سنگت کي ايڏو مضبوط ۽ وڏو ڪرڻ گهرجي جو ان ۾ اسان وٽ آڊيٽوريم، لائبريريون ۽ ريسرچ جا ادارا به هجن. ادب سان ڳانڍاپيل هر هڪ شيءِ اسان وٽ هجي. هي تمام وڏيون ڳالهيون آهن. ڪير سوچيندو ته اهي ڳالهيون چريائپ جهڙيون آهن، پر مان سمجهان ٿي ته پهرين قدم کڻڻ سان اسان کي منزل ملي سگهي ٿي. ايترو جلدي اهو سڀ ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي. ممڪن آهي ته آئينده ويهن پنجويهن سالن ۾ وڃي هن خواب جي تعبير ملي.
هاڻ ڏسون ته ڪير هن ميدان ۾ کٽي اچي واڳ ٿو سنڀالي ادبي سنگت جي؟ جيڪو به اچي ان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل ٿيڻ وڏي ذميداري آهي. خاص ڪري اڄ جي حالتن ۾ ته هي سخت آزمائش آهي. لک اميدون آهن اسان کي هنن نوجوانن ۾ جيڪي اڳتي وڌي هن گڏيل ۽ مايوس ماحول ۾ روشن ڪرڻا ٿي اڀرندا . . . . . . !
سومر 3 مئي 1994ع