ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

ڪاپي جي خاتمي لاءِ گڏيل اپائن جي ضرورت

اسان وٽ اڄ ڪلهه ڪاپي ڪلچر جي خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي ويئي آهي. روز اخبارن ۾ مختلف قسم جون خبرون پيا پڙهون. شاگردن به گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو، ڪن شهرن ۾ ته ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن پيپر ڦاڙي احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. انهن جو اهو چون آهي ته جڏهن اسان کي پڙهايو ئي ڪونه ويو آهي ته پوءِ باقي سختي ڇاجي؟ هي سختي خاص ڪري انهن شاگردن لاءِ آهي جن جو ڪو سفارشي ڪونهي يا وري انهن استادن ۽ بورڊ جي عملدارن کي پئسا ڪونه کارايا آهن. باقي اهي شاگرد جن جو واسطو تڪ جي زميندارن ڪامورن، استادن ۽ بورڊ جي عملدارن جي ٻارن ۽ واسطيدارن سان آهي انهن وري به سهولت سان ڪاپي ڪئي آهي. ڪن شهرن ۾ ته شاگردن گوڙ صرف ان سبب جي ڪري ئي ڪيو آهي. سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن پر هت اهو ٿو سوال اڀري ته ڇا انهن سببن جي ڪري ڪاپي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.....؟ مسئلي جو حل اهو ته نه آهي. هي ٻارهن پندرهن سال پراڻو ڪاپي ڪلچرائين سولائي سان ته ختم ڪين ٿيندو. هن ڀيري جيڪا ٿوري گهڻي سختي ڪئي ويئي آهي ان مان سمجهان ٿي ته هي اڃا ابتدائي قدم آهي. اسان جو معاشرو هيٺان کان وٺي مٿان تائين بگڙيل آهن ان بگاڙ ۾ پنهنجون ڪوتاهيون ۽ سياسي حالتون ڪافي حد تائين ذميوار آهن. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته حالتون اهڙيون وڃي ٿيون آهن جو اسان جي تعليمي ادارن ۾ استادن پڙهائڻ ۽ شاگردن پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي. پڙهيل لکيل سمجهدار والدين به اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. سڀ ڪنهن جو ايمان اهو هو ته ڪاپي ڪري، پئسا خرچ ڪري پنهنجي اولاد کي پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا وٺائڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اهڙي طرح ڄاڻي ٻجهي سنڌ ۾ تعليمي نظام کي تباهه ڪيو ويو آهي. هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڪاليج ۾ نوڪرين جون جايون خالي ٿينديون آهن. ته سڀ ڪو اها ليڪچر شپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان وقت انهن جا خيال ڏاڍا اوچا هوندا آهن. سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ جي ڪاليج ۾ نوڪري حاصل ڪري ڇڏيندا. ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ اتان هو نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پهرين ته ڪندا بدلي جي ڪوشش اها نه ٿي ته پوءِ ڊيپوٽيشن تي پنهنجي مرضي واري ڪاليج ۾ هليا ويندا آهن. اهڙي سسٽم ۾ اهو نقصان ٿيندو آهي. ته سنڌ جا ڪيترائي ڪاليج اهڙا آهن جت پڙهائڻ لاءِ ليڪچرار ڪونه آهن ۽ وري ڪن ڪاليجن ۾ ضرورت کان وڌيڪ اسٽاف ڀريو پيو آهي. هڪ ٻه پيرڊ وٺي نالي ماتر حاضري ڀرائي سڀ ڪو پيو پگهار کڻي هن ڊيپوٽيشن واري نظام به اسان جي تعليم جو گهڻو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. اسان جي حڪومت کي سڀ کان پهرين تعليمي ادارن ۾ ڊيپوٽيشن جو نظام بلڪل ختم ڪرڻ کپي. مان ته اها راءِ به حڪومت کي ڏيندس ته استاد جو پيشو ۽ رتبو تمام مٿاهون آهي. پنهنجي گهرجي ماحول کان ٻاهر نڪري ٻار جيڪو ڪجهه پرائي ٿو اهو پنهنجي استادن ۽ تعليمي ادارن مان پرائي ٿو. ان ڪري صرف ڊگريون ڏسي نوڪريون ڏيڻ جو رواج ختم ٿيڻ گهرجي تعليمي ڄاڻ ۽ قابليت کان علاوه استاد جي شخصيت ۽ ٻيا اخلاقي ۽ نفيساتي پهلو به نظر ۾ رکڻ گهرجن هي جيڪي اسان وٽ سفارش تي ڊگريون حاصل ڪري، سفارش تي نوڪريون حاصل ڪرڻ وارا استاد ڪهڙا بهتر شاگرد ڏئي سگهندا قوم کي. منهنجو اهو ايمان آهي ته استاد صحيح نموني ۾ پڙهائي ۽ اسان جي تعليمي ادارن ۾ سهولتون ۽ ماحول سٺو هجي ته شاگرد ڪابه ارڏائي نه ڪري سگهندو. شاگرد صرف ان ڪري پڙهائي کان باغي ٿيو آهي جو ان لاءِ پڙهائڻ وارو سمجهائڻ وارو سختي ڪرڻ وارو استاد هاڻ نه رهيو آهي.
هن سال ته ڪاپي ڪرڻ وارن تي سختي ٿي آهي پر هاڻ آئينده لاءِ جڏهن نئون سال شروع ٿئي ته اسان جي تعليمي کاتي کي وڏا اهم فيصلا ڪرڻ کپندا. هڪ ته هو هر ڪاليج ۾ استادن جي پورائي ڪن، هي ڊيپوٽيشن جو نظام ختم ڪري سڀني استادن کي واپس پنهنجي ادارن ڏي موڪلڻ گهرجي. تعليمي سهولتون جن ۾ پريڪٽيڪل ڪرائڻ جو بندوبست ۽ سٺيون لائيبريون ڪاليجن ۾ قائم ڪرڻ کپن. هر ڪاليج ۾ استادن کان هر ٽئين مهيني رپورٽ حاصل ڪئي وڃي جنهن ۾ اهو ڏيکاريل هجي ته استادن ڪيترو ڪورس پورو ڪيو آهي ۽ استادن جي حاضري ڪيتري آهي. جن شاگردن جي حاضري گهٽ هجي انهن کي ڪاليج مان ڪڍي ڇڏڻ کپي. اهڙي طرح سان اڌ سال ۽ بورڊ جي امتحانن کان اڳ ۾ پريليم (ڪچو امتحان) وٺڻ کپن. اهي تجويزون پڙهي شايد توهان کي کل اچي وڃي پر مان اوهان کي اها ڳالهه يقين سان چوان ٿي ته ڇو ته اسان جو استاد پڙهائي نه ٿو شاگرد پڙهي نه ٿو ان ڪري وري ٻيهر تعليمي ماحول ڏيڻ لاءِ اسان کي اهڙا قدم کڻڻا پوندا. هت ڪراچي ۾ ته ڪيترن سالن کان وٺي اهڙا امتحان ۽ ٽيسٽون ٿينديون رهنديون آهن ڪاليجن ۾.
اسان جي يونيورسٽين جو وري به جيڪو حال آهي اهو به کل مسخري وارو آهي.اتان جا وائيس چانيسلرنه صرف اپيلون ڪن ٿا ته بابا پڙهو، جهيڙا نبيرائڻ، جيڪي استادن ۽ شاگردن جا هوندا آهن. پنهنجو وقت پيا ضايع ڪندا آهن. انهن ادارن ۾ وائيس چانيسلر ڪابه اهميت ڪانه ٿا رکن. اڄ جيڪي انهن ڪرسين تي ويٺا آهن، سڀاڻي اهي نه هوندا. يونيورسٽين جا اصل مالڪ ۽ مهندار ته اتان جا استاد آهن. مان انهن استادن کان اهو پڇان ٿي ته يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترائي ڊپارٽمينٽ آهن اتي انهن جي پنهنجي بادشاهي آهي. ان بادشاهيءَ ۾ انهن ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته انهن کي سنڌ جي نوجوانن جي علمي ڄاڻ وڌائڻي آهي. انهن کي معياري تعليم ڏيڻي آهي جو جڏهن هو يونيورسٽين مان ڊگريون وٺي نوڪريون حاصل ڪن . . . . . . يونيورسٽي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڊپارٽمينٽ آهن. انهن ڊپارٽمينٽن جا والي وارث اتان جا استاد ۽ چيئرمين هوندا آهن. جيڪڏهن اسان جا استاد پنهنجي پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو ماحول سڌاري رکن ته هوند يونيورسٽي ۾ ڪوبه مسئلو پيدا ڪو نه ٿئي. يونيورسٽين ۾ تعليمي ماحول ٺاهڻ ، ات شاگردن کي سڌارڻ جا اصل ذميوار ته استاد ئي آهن ڇو ته انهن جو تعداد هزارن ۾ آهي. هڪ ڄڻو وائيس چانيسلر ڪا به اهميت ڪانه ٿو رکي. وائيس چانيسلر جو ڪم ته انتظامي امور سنڀالڻ آهي.
اڃان ڪالهه جي ڳالهه آهي مان ۽ فهميده هڪ گڏجاڻيءَ ۾ وياسين اتي اسان جي هڪ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانيسلر به موجود هو. جيئن ته منهنجو ۽ فهميده جو تعلق سنڌي ڊپارٽمينٽ سان آهي ان ڪري ان پنهنجي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جون ڳالهيون ٻڌايون. ان ٻڌايو ته هڪ دفعو سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ايم اي فائنل جي لاءِ واءِ واءِ جو امتحان هلي رهيو هو، ڪمري ۾ شاگردن سان گڏ ٻيا ڪيترائي غير وابسته ماڻهو به ويٺا هئا، پڇا ڪئي ويئي ته اهي ڇو آيا آهن ته اتان جي چيئرمين انهن جو پاسو کڻندي چيو، سائين هي منهنجا پنهنجا آهن ائين ويٺا آهن. چڱو ڀلا اهي ويٺا هجن هاڻ ڪيو امتحان شروع. شاگردن کان پڇيو ويو ته شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ڪير هئا ۽ اهي ڪٿان جا رهواسي هئا. شاگردن کڻي ماٺ ڪئي. هڪ شاگرد کي اها خبر هئي ته اهي شاعر آهن. ان جواب ۾ ٻڌايو ته شاهه لطيف شاعر هو ۽ ضلع نواب شاهه جو رهاڪو هو. باقي سچل سرمست جي ڪا ڄاڻ ڪانه هئن. اتي اسان سان گڏ علي احمد بروهي صاحب جن به ويٺا هئا. انهن کلي چيو ته سائين شڪر ڪر ته اها ته خبراٿن ته شاهه لطيف شاعر آهي اهو به ٿي سگهيو ٿي ته جواب ۾ چون ها ته شاهه لطيف نوابشاهه ضلع جو ڊکڻ هو..... ٻيون الائجي ڪيتريون دل کي ڏکوئيندڙ ڳالهيون ان ٻڌايون جيڪي مان نه ٿي لکي سگهان. مان ان وائيس چانسلر کان پڇيو ته ادا توهان وٽ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪي استاد آهن اهي ته نالي وارا نوجوان شاعر آهن. انهن مان ڪي نالي وارا اديب آهن اهي ائين ڪيئن ٿا ڪن؟ ات ويٺل سڀني ان ڳالهه جي تائيد ڪئي ته اسان وٽ بنيادي طور استاد رهيو ئي نه آهي. هو پاڻ ارپڻ واري جذبي سان اهو ڪم نه ٿا ڪن جيڪو انهن کي ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ بي حسي، لاپرواهي ۽ جذباتيت گهڻي اچي ويئي آهي. هڪ ٻي مزيدار ڳالهه اوهان کي ٻڌايان. انعام شيخ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ بيٺو هو ۽ پوءِ هٿ کڻي ويو. مان کانئس پڇيو ته ادا ڇو همت ڪونه ساريئي؟ جواب ۾ ٻڌايائين ته سنڌي ادبي سگنت جون جيڪي شاخون آهن ۽ اتان جا جيڪي عهديدار آهن. اهي اديب ته آهن ئي ڪونه، ڪجهه عرصو اڳ ڪجهه اهڙين شاخن کي ادبي سنگت جي ميمبر شپ ڏني ويئي جيڪي هڪ سياسي پارٽي جون ذيلي تنظميون هيون. گڏوگڏ هي عجب جهڙي ڳالهه ٻڌايائين ته هاڻوڪي اليڪشن ڪميشن ۾ انور پيرزادي جو نالو به هو. سو ڇا ٿيو جو ادبي سنگت جي هڪ شاخ جي سيڪريٽري انور پيرزادي کي خط لکيو ان ۾ هن انور پيرزادي جو نالو “عنور” لکيو. سو جن سيڪريٽرين جا اهڙا حال آهن ته هاڻ اسان جهڙا ماڻهو ڪهڙي منهن سان هنن وٽ وڃن ۽ وڃي ووٽ گهرن. هي سڀ جيڪي ڳالهيون مون اڄوڪي ڪالم ۾ لکيون آهن ڪيتريون نه ڏکوئيندڙ آهن. هي ڪيڏو نه وڏو الميو آهي اسان جي قوم جو ته اسان ڪٿ به ڪنهن به هڪ پاسي کان سڌريل ڪونه آهيون. هن سڄي الميئي جو بنياد ڪارج اسان جي تعليم آهي. هاڻ اها تعليم اسان وٽ تباهه ٿي چڪي آهي. هاڻ نئين سر اسان کي پهرين ڏاڪي کان سفر شروع ڪرڻو آهي. هڪ سٺي ڳالهه اها آهي جنهن جو ذڪر تازو ڊاڪٽر عالماڻي ڪيو آهي. ڊاڪٽر عالماڻي چيو آهي ته آئينده ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائون مارڪن تي نه ڏنيون وينديون پرٽيسٽون ورتيون وينديون. مان سمجهان ٿي ته ائين ڪرڻ هاڻ ضروري ٿي پيو آهي. اهڙي طريقي سان ڪاپي ڪلچر کي گهٽائي سگهبو. هاڻ شاگرد به سوچيندو ته ان کي بهتر مستقبل لاءِ پڙهڻو پوندو. ٻه سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته منهنجي ڪاليج، سينٽ جوزف ڪاليج جي ڇوڪري جنهن انٽر ۾ پهريون نمبر کنيو هو، سا آغا خان جي ٽيسٽ ۾ رهجي ويئي هئي. هڪ سٺي ڳالهه هنن صرف انهن شاگردن کي داخلا ڏني آهي. جن ڪراچي بورڊ مان انٽر جو امتحان ڏنو آهي. اهڙي طريقي سان اهو سسٽم به ختم ٿي ويندو ته ٻين بورڊن مان ڪاپي ڪري هت داخلائون وٺجن. ائين ڪرڻ سان شهرن ۾ رهندڙ سنڌين جي اولاد کي وڏو ڌڪ رسي ٿو ته پڙهي محنت ڪري به داخلائون نه ٿا حاصل ڪري سگهن ۽ ڪاپي جي ڪري ٻين بورڊن جا شاگرد داخلائون حاصل ڪري وڃن ٿا. تعليمي نظام جا هي ايترا ته منجهيل مسئلا آهن جن کي سلجهائڻ لاءِ وقت کپي.
ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ جي شروعات ته ٿي چڪي آهي. پر اسان جي ڄاڻو ۽ همدردن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته هاڻ سختي ڪرڻ کانپوءِ شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا بهتر موقعا ڏنا وڃن. جڏهن شاگرد پڙهندو محنت ڪندو ته پوءِ هو پاڻ ئي ڪاپي ڪونه ڪندو. ان سلسلي ۾ اسان جا تعليمي ماهر اڳتي وڌن ۽ تعليم جي بهتري لاءِ بهترين منصوبا ٺاهي ان تي عمل ڪن. اسان کي ڪڏهن به اهو نه وسارڻ گهرجي ته تعليم ئي اهو بنيادي ڏاڪو آهي، جنهن تي قدم رکي اسان منزل حاصل ڪري سگهنداسين.

آچر 12 جون 1994ع