سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ ان جا مول متا
هيءَ سنڌ ڌرتي جيڪا اسان جي آهي. اسان وڏي واڪ ان سان محبتن جون دعوائون ڪري حق ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. پر اسان ڪڏهن پاڻ تي اها نظر وڌي آهي ته اسان جي قول ۽ عمل جي تضاد، اسان جي هروڀرو جي ليڊري، اسان جي هن سکڻي نعري بازي مان، هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کي ڇا پلئه پيو آهي؟ اسان سنڌي هن ڌرتيءَ جا وارث (نالي ماتر ئي سهي) جڏهن ليڊر آهيون ته ڪڏهن به هڪ هنڌ گڏ ٿي نه سگهندا آهيون . . . . . اديب ۽ دانشور آهيون ته هڪ ٻئي جي کل لاهڻ ۾ پورا آهيون . . . . اسيمبلي ۾ ويٺل حڪمران آهيون ته سائين اسان کان اهو وسريو ٿو وڃي ته اسان ڪٿان کان ووٽ وٺي هن اسيمبلي جي سيٽن ۽ وزارتن تائين پڳا آهيون . . . . . مطلب ته سائين سڀني جي اکين تي کوپا چڙهيل آهن . . . . . سنڌي ڪامورو به ور کنجي هڪ ٻئي پٺيان ڪاهي پوندو آهي. ڪن ڪامورن جي خوابن ۾ اهڙا کاتا هوندا آهن، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي نادان همدردن کي استعمال ڪندا آهن. پوءِ ته سائين اخبارن ۾ خبرون هونديون آهن. انهن اخبارن جون ڪٽنگس اسلام آباد تائين پهچنديون آهن. اسلام آباد وارا صاحب وري ان تي ريمارڪس لکي انڪوائريءَ لاءِ واپس موڪليندا آهن. پوءِ وري هت ڪراچيءَ ۾ اهي رديءَ جي ٽوڪريءَ جي حوالي ٿي وينديون آهن. اسان جا چڱا خاصا نوجوان بجاءِ پنهنجيون صلاحيتون صحي طريقي سان استعمال ڪن. اهڙن بي جا مقصدن پٺيان وقت پيا وڃائيندا آهن. بس هڪ خواهش دل ۾ هوندي اٿن من ڪو ڍارو صحيح لڳي وڃي، من خوابن جي تعمير ملي پوي ته پوءِ بس سائين پنجئي آڱريون گيهه ۾.
هي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکي اسان پنهنجي آس پاس نظر وجھنداسين ته اهو معلوم ٿيندو ته بجاءِ ڪو چڱو ڪم ڪرڻ جي، اسان جا سڀ سڄاڻ ماڻهو ور کنجي هڪ ٻئي جي پٺيان لڳا وتن. بس موقعي جي تلاش ۾ آهن ته ڪهڙي طريقي سان ڪنهن جا ترا ڪڍجن. اهو وايو منڊل اسان جي سنڌ ۾ سالن کان منڊيو پيو آهي. اتفاق سان ڪي اميد جا ڪرڻا اڀرن به ٿا ته اسان پنهنجي ناداني ۽ نه سهپ جي ڪري ان مان فائدو حاصل ڪري نه ٿا سگهون. الائجي ڪيتريون بادشاهيون آيون ۽ ويون پر نه سڌريو ته اسان جي سنڌ واسين جو نصيب نه سڌريو. اهو به ته نه ٿو چئي سگهجي ته ڪو اسان سنڌي اصل اک ٻوٽ ڪيو ويٺا آهيون. سائين منهنجا بيان بازيءَ جي ذريعي، پنهنجيون الڳ الڳ پارٽيون ٺاهي، ادبي گروهه بنديون ڪري سڀ ڪو پنهنجن پوئلڳن سان الڳ ڪُنو چاڙهيو ويٺو آهي. هنن سڀني جو چوڻ آهي ته هو سنڌ ڌرتي ماتا سان پيار ڪن ٿا. پر اهڙو پيار ڪهڙي ڪم جو جنهن سان هڙ نه حاصل . . . . .
سڀ کان وڏي اهم ڳالهه ته ٻڌي ۽ ايڪو اسان ۾ ڪونهي. اسان جا هي سڀ سياسي ليڊر چاهي اهي قومپرست هجن يا وفاق پرست. هڪ ٻئي کان پيا ڇرڪندا آهن. قوم پرستيءَ جي تاريخ تي نظر وجھو ته ڇا مليو آهي اسان کي اهڙين تحريڪن مان؟ ها هڪ فرق پيو آهي ته قوم پرستن مان ڪن وڃي ڌاڙيلن جا ٽولا ٺاهيا ۽ انسانن جي ڀنگ جو واپار شروع ڪيائون. مان هاڻ به چوان ٿي ۽ اڳي به لکي چڪي آهيان ته اسان جي سنڌ ۾ انسانن جو اغوا ۽ ڀنگ جو ڪاروبار اسان جي پڙهيل لکيل ڌاڙيلن شروع ڪيو آهي. جيڪو هاڻ تمام وڌي ويو آهي. وفاق پرست ته وري اهڙا جو ووٽ وٺڻ مهل ته سائين پنهنجن علائقن ۾ گهٽين جا در کڙڪائيندا وتندا آهن. اليڪشنون کٽي حڪومتن ۾ ويهي انهن جو اهو حال رهيو آهي ته سنڌين تي اک ئي ڪانه ٿي ٻڏين. سنڌي مرن يا ڪسن يا سنڌ جا اهم مسئلا هوندا ته ڪڇندا ئي ڪو نه.پيا چوندا ته اسان وفاق پرست آهيون. سنڌ جي مسئلن جون ڳالهيون ڪري اسان قوم پرست ڪو نه ٿينداسون. ڪو ته هجي ته انهن کان اهو پڇي ته توهان کي ڇو ٿو هٽڪاءُ ٿئي؟ اهڙا جي آهيو ته پوءِ اتان اليڪشن ئي نه وڙهو......
هنن سڀني ليڊرن کي جڏهن اهو چئبو ته سائين جڏهن سنڌ جو مفاد گڏيل آهي ته پوءِ اوهان سڀ الڳ ڇو آهيو ......؟ ڏاڍي فراخ دليءَ سان ان ڳالهه کي تسليم ڪندا ته اسان سڀ گڏ آهيون پر مان انهن وٽ ڪو نه ويندس. باقي فلاڻا ڪي فلاڻا ڀل مون وٽ اچن اکين تي .... چوندا هڪ وڏي ڪانفرنس ٿا کڻي ڪوٺايون جت سڀني کي ڪوٺ ڏني ويندي. جڏهن دعوت ملندي ٻين کي ته اهي چوندا ته اسان ڇو وڃون. اهڙي ڪانفرنس ته اسان به ڪوٺائي سگهون ٿا. وغيره وغيره. ... اسان جا ڏاها ۽ اديب گروهه بندي، انا پرستي ۽ خود پرستيءَ جو شڪار آهن. هاڻ اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي اهم مسئلم جو حل ملي ته ڪيئن ملي؟ ....
جڏهن ايوب خان جي زماني ۾ سنڌي ٻولي شهرن مان ختم ڪئي وئي هئي. سنڌي ميڊم اسڪول بند ڪيا ويا هئا. ان ويل اسان سڀ ستا پيا هياسين. ڪنهن به ٻڙڪ ٻاهر ڪانه ڪڍي نه ئي وري ڪو وڏو احتجاج ٿيو. جڏهن هوش ۾ آياسين ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي. 1972ع ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو بل پيش ڪيو ويو هو ته ان جي خلاف ايتري ته هنگاما آرائي ٿي جو اسان جي حڪمرانن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. شهرن ۾ بي واجبي سنڌي ماريا ويا. اهڙين حالتن ۾ ڪن سڄڻن اها ڪوشش ڪئي ته سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جهڙو ادارو قائم ڪجي جنهن جا مول متا ۽ مقصد مٿانهان هجن. ان جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري زبان، ادارن جي زبان، عدالتن جي زبان بنايو وڃي. اهڙيءَ طرح سان آهستي آهستي سنڌي ٻوليءَ کي سندس جائز حق ڏياري ان جون بنيادون مضبوط ڪيون وڃن. ان سلسلي ۾ اها خبر آهي ته اسان جو سنڌي لسانيات جو ماهر ۽ همدرد ۽ ڏاهي سائين سراج الحق ميمڻ کي ڪم ڏنو ويو. ان جيڪو ان سلسلي ۾ ڪم ڪيو، جيڪو بل تيار ڪيو ان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف سنڌ پر بين الاقوامي طور تي به ترقي يافته بنائڻو هو. هي بل ان وقت حالتن جي ڪري پيش نه ڪيو ويو. ان کان پوءِ يارهن سال مارشل لا جو دور رهيو. ان دور ۾ ۽ بعد ۾ ايندڙ حڪومتن کي اها همت ئي ڪانه ٿي ته لينگويج اٿارٽيءَ جو بل اسيمبليءَ ۾ پاس ڪري سگهن. آخر اها همت ڄام صادق علي مرحوم ڏيکاري ۽ اهو بل اسيمبليءَ مان پاس ٿيو ...... سائين منهنجا سراج الحق صاحب جي ٺاهيل هن بل کي گذريل چئن سالن جي عرصي ۾ ڪهڙيءَ طرح سان تباهه ڪيو ويو آهي، اهو اسان کان ڳجھو ڪونهي. نا اهل ماڻهو، ناتجربيڪار ماڻهو ۽ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجن گذريل ڪمن جي حوالي سان هن ڪرسيءَ تي وڃي ويٺا انهن ڪيو ڇا آهي؟ سراج صاحب جي هيڏي وڏي پروجيڪٽ کي صرف اشاعتي گهر بنايو ويو آهي. اسان جي ٻولي اسان جي ثقافت جي ترقيءَ لاءِ هي هڪ کليل ميدان آهي، جنهن کي اسان پنهنجي نادانيءَ جي ڪري تباهه ڪري رهيا آهيون. هڪ عرض آهي ته سراج صاحب کي ڇو ته لينگويج اٿارٽيءَ وارو سڄو بل ان ٺاهيو آهي، مهرباني ڪري هڪ احسان ڪري ته هو هڪ مضمون لکي اسان اڻ ڄاڻن کي اهو ٻڌائي ته لينگويج اٿارٽيءَ جا اصل مول متا ڪهڙا آهن؟ ان کان پوءِ پڙهندڙ پاڻ هي فيصلو ڪندا ته هن اداري ۾ ڪهڙن ماڻهن جو هجڻ کپي ۽ ڪهڙا ماڻهو ات بار ٿي پيا آهن . . . .
آچر 5 جون 1994ع