سماج، مرد ۽ عورت
ڪيترائي موضوع آهن جن تي لکيو ويو آهي ۽ لکي سگهجي ٿو، خاص ڪري عورتن جا مسئلا اسان جي سماجي مسئلن ۾ سر فهرست آهن، ان ڪري انهن جي مسئلي تي لکيو وڃي ٿو. مان سمجهان ٿي ته عورتن جي مسئلن تي لکڻ لاءِ جيترو عورتن کي انهن جي حقن جي باري ۾ باشعور ڪيو وڃي، ان کان وڌيڪ اسان کي شعور هن معاشري جي مرد کي ڏيڻو آهي.
عورت جا سڀ روپ ۽ مرد جا سڀ روپ هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. ائين چوڻ ته عورت مرد کان سواءِ رهي سگهي ٿي يا وري مرد کي عورت جي ڪا به پرواهه نه رکڻ گهرجي، اهي سڀ ڳالهيون بيڪار آهن، حقيقت کان پري آهن، انهن سطحي ڳالهين تي بحث ڪرڻ اجايو آهي، حقيقت ته اها آهي ته عورت ۽ مرد جو ناتو، پيار جو احساس جو هڪ جذباتي تعلق آهي. فرق صرف اهو آهي ته عورت پنهنجي پيار جي اظهار ڪندي آهي ۽ مرد ان اظهار ۾ به ڪنجوسيءَ کان ڪم وٺندو آهن. اسان جي سماجي ڍانچي ۾ مرد عورت تي حق رکي حڪمراني ڪري ٿو. ان ويل اها ڳالهه سوچجي ته مرد حق ۽ حڪمراني ان لاءِ رکي ٿو ڇو ته هو ان عورت کي پنهنجو سمجهي ٿو. عورت جو اهو روپ ڪهڙو به هجي چاهي ماءُ جو هجي، ڀيڻ جو هجي يا وري زال جو، مرد ڀاءُ آهي، پيءُ آهي يا وري گهر وارو، هو عورت کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ان تي حڪمراني ڪري ٿو. اعتراض صرف ان ڳالهه تي آهي ته ان حڪمراني ۾ پيار به هئڻ گهرجي. ان پيار جي احساس جي کوٽ آهي، اسان جي معاشري ۾ ان ڪري اڄ ڪلهه عورتون ۽ مرد هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا آهن، برابريءَ جون دعوائون ٿين پيون، حقن جي پائماليءَ جو ڳالهيون ٿين پيون. اڄ ڪلهه جي تيز رفتار دنيا ۾ حقَ صرف اهي نه آهن ته عورت کي پيٽ ۽ لٽو ٿو گهرجي. شعور جو اچڻ ۽ ان کان پنهنجي وجود جو احساس محسوس ڪرڻ ئي اصل ڳالهه آهي. هاڻ عورت ڪمتر ۽ هيٺاهين رهي نه ٿي سگهي. هوءَ چاهي ٿي ته مرد نه صرف ان جون ضرورتون پوريون ڪري، پر توجهه ۽ پيار به ڏي. هوءَ مرد جي ساٿي ٿي ڪري، اقتصادي توڙي معاشي طور مددگار ثابت ٿئي ٿي. عورت اهو به چاهي ٿي ته هوءَ به ٻاهر جي دنيا ۾ نڪري، تعليم حاصل ڪري، نوڪري ڪري، اهو ئي عورت جو روپ آهي، جيڪو اڃان تائين اسان جي سنڌي معاشري ۾ مرد وٽ قابل قبول نه آهي. شهرن ۾ تبديلي آئي آهي پر جيئن ته گهڻي مخلوق ٻهراڙين ۾ رهي ٿي، اُن ڪري اُت ذهني تبديلي ۽ سجاڳي گهٽ آئي آهي.
اڄ مان مرد ۽ عورت جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ڪيان پئي، اُن جو هڪ اهو به سبب آهي جو ڪالهه گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ سعيده گذدر جو لکيل ۽ مشتاق گذدر جو پروڊيوس ٿيل هڪ ڊاڪومينٽري ڊرامو ڏٺوسين. سعيده گذدر جو اردو ادب ۾ چڱو مٿڀرو نالو آهي. ٻئي زال مڙس تمام ذهين ۽ کليل دماغ جا ماڻهو آهن. هن هي ڊرامو ڪراچيءَ جي هڪ تنظيم جيڪا عورت وڪيلن تي مشتمل آهي ۽ رشيده پٽيل انهن جي سربراهه آهي، انهن لاءِ ٺاهيو آهي، هي سڀ وڪيل عورتون انهن مظلوم عورتن جي مدد ڪنديون آهن، جيڪي مردن جي ڏاڍاين جو شڪار آهن.
ڏٺو وڃي ته شهر جي پڙهيل لکيل عورت به هروڀرو ايتري طاقتور نه آهي، جو مرد جي سامهون اچي سگهي، جيڪا به عورت مقابلي ۾ آئي، ان پنهنجو ئي نقصان ڪيو آهي. جڏهن ته مرد ۽ عورت هڪ ٻئي جي ضرورت آهن ته پوءِ اهي غلط ڳالهيون، غلط فيصلا، جيڪي گهرن کي تباه ڪن ٿا انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي. هي ڊرامو به اهڙي ئي قسم جو، حقيقت تي ٻڌل هو. ڊرامي جو نالو آهي “گرهستن”. معنيٰ گهريلو عورت، هڪ اعليٰ تعليم يافته پڙهيل لکيل عورت جڏهن گهر جي ڪمن ۽ ٻارن ۾ ڦاسي وڃي ٿي ته پوءِ ٻاهر جي دنيا ۾ ان جو مرد ڇا ٿو ڪري؟ ضروري نه آهي ته مرد ڪجهه ڪري، پر جيڪڏهن مرد ڪجهه ڪري ٿو ته اتي به ذميوار اها ٻي عورت آهي، جيڪا ڄاڻي واڻي ان مرد کي ڄار ۾ ڦاسائي ٿي. مرد کي ٻي عورت نه ملي ته هوند گهر تباه ئي نه ٿين. جڏهن اها ٻي عورت پنهنجا پير سنڀالي غلطي ڪرڻ کان بچي وڃي ٿي ته هڪ گهر ۽ ٻچا تباه ٿيڻ کان بچي ٿا وڃن. هن ڊرامي جو اهم موڙ اهو ئي هو جڏهن مرد شادي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٻي عورت ان سان شادي ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪري ۽ ان کي موٽي واپس پنهنجي ماڳ تي اچڻو ٿو پوي. هن ڊرامي ۾ عورت کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته جذبات ۾ اچي پنهنجو گهر نه ڇڏي وڃڻ گهرجي. اگر گهر عورت جي نالي آهي ته ان جا ڪاغذ ۽ زيور پنهنجي تحفظ لاءِ عورت کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ کپن. مرد جيڪي ٻاهر ڪمائن ٿا ۽ عورت کي نوڪري ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏين انهن کي ان ڳالهه جو بانور هوندو آهي ته اهي پنهنجي زال کي ڪمائي کارائين پيا ۽ هوءَ گهر ۾ عيش پئي ڪري. هن ڊرامي ۾ ان ڳالهه کي محسوس ڪرايو ويو آهي ته اگر مرد ٻاهر نوڪري ڪري ٿو ته عورت گهر جو پورو نظام هلائي ٿي. اگر پڙهيل لکيل آهي ته ٻارن کي هوم ورڪ توجهه سان ڪرائي ٿي. اگر عورت اهو ڪم نه ڪري ته مرد کي هزارين روپيه نوڪرن مٿان خرچ ڪرڻا پوندا آهن. هڪ مرد نوڪر کي ته پگهار ڏئي سگهي ٿو، پر ان عورت جو احساس ڇو نه ٿو ڪري جيڪا سندس گهر کي ٺاهيو ۽ سنگاريو ويٺي آهي، موٽ ۾ هوءَ نوٽ ڪو نه ٿي گهري، پر ٻه لفظ پيار ۽ احساس جا ٿي گهري.
جنهن وقت اسان اهو ڊرامو پئي ڏٺو ان ويل ڪافي کل ڀوڳ ۽ تنقيدي جملا اتي ويهندڙ جي وات مان ٻڌڻ ۾ آيا، ڪن پڙهيل لکيل اديب عورتن ته يڪدم چيو ته مرد اگر غلط ڪم ٿو ڪري ته عورت کي گهر ٻار ڦٽي ڪري هليو وڃڻ کپي، ڇو ته جڏهن ٻار ڳچيءَ ۾ پوندس ته ڏينهن جا تارا نظر ايندس. ات گهڻو تعداد اردو اديب ۽ اديباڻين جو هو. هڪ معروف اديبه ته ائين چيو ته مان ته وڙهي پوندي آهيان پنهنجي مڙس سان ته تون اهو سڀ ڇو نه ٿو ڪرين جيڪو مان ڪيان ٿي، ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي مون سان، مان به ته تو جهڙي انسان آهيان . . . . وغيره وغيره.
مان اهڙين ڳالهين کي جذباتي نوعيت سان ڏسندي آهيان، جذبات ۾ پيار هجي ته جبل به کڻڻ ۾ آسان ٿيو پون ۽ جت پيار نه آهي ته ات ڪک به بار ٿيو پوي . . . . عورت توڙي مرد جي مجبوري ٻار هوندا آهن. مرد وري به ٻارن کان سواءِ رهي سگهي ٿو. ٻارن کي وساري سگهي ٿو. پر عورت پنهنجا ٻار ڇڏي نه ٿي سگهي. هزارن ۾ ڪا عورت اهڙو قدم کڻندي آهي ته ان کي سٺي نظر سان نه ڏٺو ويندو آهي.
عورت کي برابري حاصل ڪرڻ جو حق آهي، پر ڪنهن ٻي عورت جو گهر ڦٽائڻ جو حق نه آهي. آخر مرد جيڪا ٻي شادي ڪري ٿو سا ڪنهن رڍ، ٻڪريءَ سان نه ٿو ڪري، هڪ عورت سان ئي ڪري ٿو. افسوس ته ان ويل ٿيندو آهي جڏهن لکيل پڙهيل لکيل ڇوڪري اهڙو قدم کڻندي آهي. ياد ٿو اچيم مان ۽ سحر امداد ڀٽ جي ميلي تي ويل هئاسين ته هڪ معروف اديب پنهنجي ڊاڪٽر زال سان ملاقات ڪرائي. ان اديب جي هڪ زال سان مان ملي چڪي هيس، جيڪا ڪراچيءَ ۾ رهندي آهي، پهرين زال جيڪا ان جي ٻارن جي ماءُ آهي، ڳوٺ ۾ رهندي آهي. هيءَ ٽين زال سا به ڊاڪٽرياڻي! حيرت مان منهنجو وات ڦاٽي ويو. سحر امداد کي چيم افسوس ان ڳالهه جو ڪو نه اٿم ته هن شخص ٽي شاديون ڪيون آهن. حيران صرف ان ڪري آهيان ته ٽي عورتون هن کي ملي ويون . . ..! مون کي ان اديب تي ڪاوڙ نه آئي پر ان ڊاڪٽرياڻي کي ڏسي منهنجي وجود ۾ نفرت اڀري آئي.
شادي ڪرڻ ڪو گناهه ڪونهي. عورت ۽ مرد کي اهو سڀ حق مليل آهن، مگر هروڀرو شاديون ڪري پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. مشتاق - سعيده جو هي ڊرامو لائق تحسين آهي، هن ۾ جذبات کان وڌيڪ حقيقت نگاري ٿيل آهي. اهڙا ڊراما سنڌي زبان ۾ به ٺهڻ کپن ۽ ڳوٺن، واهڻن ۾ انهن ڊرامن کي ڏيکاريو وڃي ته هوند ڏاڍو سٺو ٿئي.
اسان قلم جي حوالي سان گهڻو ڪجهه لکون ٿا. پر ان ڳالهه کي نه وسارڻ گهرجي ته اسان جو معاشرو صدين جي ريتن ۽ رسمن ۾ قيد ٿيل آهي. انهن ريتن رسمن ۽ غلط ڳالهين کان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان جي معاشري جي فردن جا ذهن تبديل ٿين. جيستائين ذهن تبديل نه ٿيندو، اوستائين اسان وٽ ڪا به تبديلي نه ايندي. ريڊيو، ٽي وي، فلم جي اثر کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. هيءَ هڪ تيز ميڊيا آهي، جيڪا سڌو سنئون ذهنن تي اثر ڪري ٿي. اهڙن ڊرامن جي اسان وٽ تمام گهڻي ضرورت آهي.
آچر 19 فيبروري 1995ع