سنڌ جي تاريخ ۾ نئون باب لکرائڻ جي ڪوشش
سنڌ جي ماڻهو جي اها فطرت رهي آهي ته هن بي جا ڪنهن به حاڪم يا وڏي ماڻهوءَ جي مداح سرائي نه ڪئي آهي. ها باقي وقت جي نيڪ انسانن، سخي حڪمرانن، عشق ۽ محبت جي قصن، جنگين ۽ انهن جنگين ۾ حصو وٺندڙ جوڌن جي سورهيائي هنن ڳايو وڄايو. اهو هڪ ذريعو هو، انهن ڀَٽ فقيرن ۽ مڱڻهارن جي پيٽ قوت جو. انهن ويچارن کي ته اها خبر ئي نه هئي ته هو نسل درنسل انهن قصن ڪهاڻين کي منتقل ڪري سنڌي قوم ۽ ادب مٿان ڪيڏو نه وڏو احساس پيا ڪن. گهرن ۾ شادين مرادين ۾ ڳائڻ واريون عورتون ڳيچن ۾ جيڪو ڪجهه چونديون رهيون سا به هڪ تاريخ آهي. ٻڌو اٿئون ته هو جمالي جي خالق به هڪ عورت آهي اُن عورت اُن (جمال) نالي ماڻهوءَ جي ساراهه ڪئي جيڪو ڏاڍو بهادر طاقتور ۽ وڏي ڊيل ڊول جو مالڪ هو. هو بهادر انسان ڪٿان وڏي ميل ماري آيو هو ۽ ان جي آڌرڀاءُ جي لاءِ هي جمالو ڳايو ويو.
ابوالحسن جي سنڌي ۾ موجوده رسم الخط جي وجود کان اڳ واري جيڪا تاريخ آهي اها اسان کي اهڙي طرح ملي ٿي. ٻڌو اٿئون ته جڏهن هو ڀَٽ فقير قصا کڻندا هئا ته اُهي قصا راتين جو ن راتيون ڪين کٽندا هئا. هو ڳالهه سان ڳالهه ڳنڍيندا ۽ ڪڙي سان ڪڙو ملائي ڪهاڻي قصن کي خوبصورت بنائيندا هئا. هي ڀَٽ فقير ملڪن جا ملڪ پيا گهمندا هئا. هو اکين ڏٺل واقعن کي قصن جي صورت ۾ بيان ڪندا هئا. سنڌ جا هي ڀَٽ فقير اُن کانپوءِ مورخ ۽ تاريخ دان، دانشور، اديب قدرشناس هئا. سچ ۽ ڪوڙ واري وٿي کي هو سمجهندا هئا. ان ڪري ئي هيءُ به تاريخ جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي ته قاضي قاضن جهڙو ماڻهو جنهن حضرت مخدوم بلاول جي شهادت ۾ وڏو حصو ورتو. ان جي ان عمل کي تاريخدانن ننديو ضرور آهي، پر ان جي ادبي پورهئي جي مان مرتبي کي ڪين گهٽايو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي تاريخ قاضي قاضن جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي.
سنڌ ۾ لکيل سڀ تاريخون پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳندو آهي ته هيءَ ولين، اوليائن، عالمن ۽ هنر جي ماهرن جي ڌرتي هئي. هتان جا رهندڙ اعليٰ ظرف وارا، محنت ڪندڙ هئا، هو مذهبي مت ڀيد جا قائل نه هئا. نه ڪو نسلي تفاوت هو نه وري پاڻ ۾ ڪا نفرت. هر آيل چاهي هو ڪٿان به آيو، ڪير به هو، جڏهن هو هت اچي رهيو ته بس هتان جو ئي ٿي ويو. عجيب ڪشش آهي هن ڌرتيءَ ۾ جيڪا پراون کي به پنهنجو ڪريو ڇڏي. هر ٻاهران ايندڙ هن ڌرتيءَ جو حق ائين ادا ڪندا رهيا. جو هو سڀ سنڌ جي تاريخ ۾ امر ٿي ويا. ڌارين ايندڙن هتان جي تهذيب ۽ ٻولي کي پنهنجو ڪيو ۽ هو هتان جي رهواسين جهڙا ٿي ويا.
وقت بدليو، حالتون بدليون، آيا ڌڪجي نوان ماڻهو اصل ڪاهجي پيا هن ڌرتيءَ تي. هتان جي رهواسين ساڳيون روايتون قائم رکي. پنهنجو پرايو مال اسباب جايون جڳهون اُنهن جي حوالي ڪيون. هتان جا اٻوجهه ماڻهو انهيءَ ۾ ئي خوش هئا ته هي سڀ اسان جا مسلمين ڀائر آهن. هنن ويچارن کي پنهنجن گهرن مان تڙيو ويو آهي. انهن لاءِ انهن جي ابن ڏاڏن جي زمين تنگ ٿي ويئي هئي. مذهبي توڙي سماجي طور انهن کي ڪي به حق ڪونه هئا. انهن جا گهر انهن جون عزتون محفوظ نه هيون. انهن آيلن جي اچڻ کان اڳ ئي هتان جي رهندڙ اديبن، دانشورن ۽ سياستدانن انهن جي لاءِ قلمي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد جو مقصد اهو ئي هو ته انهن ويچارن کي سندن ئي ڌرتيءَ تي هڪ ملڪ ٺاهي ڏنو وڃي. سڀ کان پهريائين هت سنڌ ۾ هڪ قرارداد پاس ڪئي ويئي. ان کانپوءِ لاهوري واري قرارداد پاس ٿي. هت اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته انهن قراردادن ۾ اها ڳالهه ڪٿي به لکيل نه آهي ته اهي پناهگير هت سنڌ ۾ اچي رهن، پر هو سڀ هت اچي نڪتا، اهڙا ته غريب هئا جو لٽو به تن تي ڪونه هئين. رکي سکي کائڻ تي هريل، اُهي جيڪي کليل آسمان ۾ ويهي حاجتون ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته اصل شرم ته اکين ۾ آهي، اُنهن کي ملي ويا هت سڀ سک، اُهي محل ملي وين جيڪي هتان جا رهواسي ڇڏي ويا هئا. اُنهن گهرن جون زمينون ۽ ڀتيون ائين چمڪنديون هيون ڄڻ ته آئينو هجي. تاريخ ۾ پهريون دفعو هتان جي رهواسين هڪ وڏي غلطي ڪئي. ان غلطيءَ جو حساب ڪتاب اڄ تائين هتان جا رهواسي ڏين پيا. اها غلطي اها هئي ته هميشه جڏهن ڪو ڌاريو هت ايندو هو ته هتان جي رهواسين جهڙو ٿي ويندو هو. هاڻ پهريون دفعو ائين ٿيو جو هو جيستائين هو هن ڌرتيءَ کي پنهنجو ڪن. هتان جا رهواسي پاڻ مٽائي انهن جي تلقيد ڪرڻ لڳا. انهن جي گهرن مان شاديون ڪيائون. پنهنجي ٻولي ڇڏيائون ۽ پنهنجي تهذيب کان پاسيرا ٿي ويا، انهن کي ايڏي اهميت ڏنائون جو هو مٿان حاوي ٿي ويا.
ڪجهه خوبيون به هيون انهن ۾ هڪ محنت ۽ ٻيو چاپلوسي. انهيءَ محنت ۽ چاپلوسي جي ڏاڪڻ تي هو چڙهندا ويا ۽ آخر آسمان جي بلندين تي پهچي ويا. سائين منهنجا هاڻ وري اصل تاريخ جي جاءِ اهي آيل هڪ نئين تاريخ لکن پيا. انهن جو چوڻ آهي ته اسان شروع کان وٺي ئي خوشحال هئاسين. هو حويلين وارا ۽ نوڪري وارا هئا علم وارا ۽ وڏا آفيسر انهن منجهه ئي هئا. انهن ته وڏو احسان ڪيو آهي سنڌ جي ماڻهن مٿان، ڇو ته هتان جا رهواسي ظلمن ۽ قهرن ۾ هئا. اُن ڪري انهن ويچارن قربانيون ڏيئي هي ملڪ ٺاهيو. آزادي ڏياري. پوءِ هو قرب جا پير ڀري هت آيا. انهن هتان جي رهواسين کي تهذيب ۽ رهڻ ڪهڻ سيکاريو. هي ملڪ ٺاهيو انهن آهي ۽ انهن لاءِ ئي ٺهيو آهي.
هاڻ ڪير انهن کي اهو ته ٻڌائي ته سنڌ ملڪ جيڪو اڳ ۾ ئي موجود هو امن ۽ شانتي وارو هو. هت ڪڏهن به ڪو فساد ڪونه ٿيو. هو ڪهڙي منهن سان اهو احسان رکي چون ٿا ته اسان قربانيون ڏنيون. ڪير انهن کان اهو ته پڇي ته توهان پنهنجي تحفظ بچاءَ لاءِ هت آيا. هت اچي ان جي عيوض سک حاصل ڪيو. هي ملڪ اسلام جي نالي پٺيان ٺهيو آهي. ان وقت اهڙو ڪوبه قانون ڪونه هو ته هڪ غير قوم جي غير زبان کي هتان جي قومي ٻولي ٺاهيو وڃي. اهو فيصلو به غلط هو. هاڻ حال وڃي اهو بيٺو آهي ته هتان جي علائقن جا ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، ان جي بقا لاءِ جهدوجهد ڪن ٿا ته يڪدم فتوائون جاري ٿي ٿيون وڃن ۽ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ملڻ شروع ٿي ٿا وڃن.
هي غلطيون ۽ ڪوتاهيون بهرحال سنڌ جي رهواسين جون آهن جن کي اسلام جي نالي پٺيان بليڪ ميل ڪيو ويو. هو اگر عقل کان ڪم وٺي ها ته اڄ جون حالتون مختلف هجن ها. اڄ جي نوجوان ٽهيءَ کي هي حالتون اڳئين نسل جي غلطين عيوض مليون آهن ڪاش اسان جا وڏا اهڙيون غلطيون نه ڪن ها.
آچر 25 ڊسمبر 1994ع