ڪراچيءَ جي صدر بازار ۾ منهنجي دنيا
هي دنيا مجبورين جو گهر آهي جت انسان کي پنهنجيون مجبوريون لڪائي عزت سان جيون گذارڻو پوي ٿو. ڪراچيءَ ۾ صدر جو علائقو ته ڄڻ منهنجو پنهنجو علائقو آهي صدر جي سينٽ جوزف ڪاليج ۾ مان سالن کان پڙهايان ٿي پئي. هتان جي هر گهٽي هر رستي جي مان واقف آهيان هن صدر جي علائقي ۾ بوري، ڪرسچن، پارسي گهڻا رهندا آهن هن علائقي ۾ مشهور نالي وارا اسڪول ۽ ڪاليج آهن. صدر جو سي آءِ اي سينٽر به ڪاليج جي ڀر ۾ آهي. واسطيداري نه هوندي سالن کان وٺي اهڙا چهرا روز نظر ايندا آهن جن ۾ ڄڻ ته پنهنجائپ هوندي آهي. سالن کان وٺي هنن روڊن تي ويٺل فقير، ٺيلهن وارا دڪاندار اهي سڀ اهڙا ڪردار آهن جن کي يا ته مان روز ڏسندي آهيان، پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن سان به روز روز ملاقات ڪو نه ٿيندي پر هي علائقو جت روز ۽ روزگار لاءِ اچڻو پوي ته ڄڻ ته پنهنجو نگر آهي.
هت مان ٻارن کي وڏو ۽ وڏن کي پوڙهو ٿيندي ڏٺو آهي. ياد اٿم ان پارسي جي جواني جيڪو هاڻ پوڙهو ٿي چڪو آهي ڪيترا سال اڳ اهو پارسي چاليهن سالن کن جو هو پر لڳندو پنجويهه ٽيهه جو مس هو، پارسي سهڻا هوندا آهن. ان سان گڏ انهن ۾ صفائي ۽ نفاست به گهڻي هوندي آهي. پنهنجي کاڌي پيتي ۽ صحت جو هو گهڻو خيال رکندا آهن. مهينو اڳ جي ڳالهه آهي اهو پارسي مون کي نظر آيو ظاهر آهي هو مون کي اڪثر نظر ايندو آهي پر منهنجي ان سان ڪڏهن به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. ان ڏينهن اوچتو هو مون ڏي وڌي آيو منهنجي سامهون بيهي ان مون کي چيو مجهي پانچ روپي چاهئي، مان حيران پريشان ٿيڻ بجاءِ ان کي پنج رپيا ڪڍي ڏنا. مان حيران ان ڪري نه ٿيندي آهيان جو اڄ ڪلهه جي پوڙهن جون جيڪي حالتون ۽ اولاد طرفان جيڪي انهن کي عذاب ۽ تنهايون ملي رهيون آهن اهڙين حالتن انهن کي اڪيلو پريشان ۽ محتاج ڪري ڇڏيو آهي سو مان به ان پوڙهي پارسي کي پئسا ڏئي ان جي پٺيان ويس ته ڏسان ته هو ڪاڏي ٿو وڃي. ٿورو اڳتي هلي ڏٺم ته ڪڇي جماعت خانه واري اسڪول جي ٻاهران ڦٽ پاٿ تي ويٺل شي وڪڻندڙ کان شيءِ وٺي کائي رهيو هو. ان ويل هو مون کي ننڍڙو ۽ بکايل ٻار لڳو. اڄ به مان پارسي کي ڏسندي آهيان هو منهنجي ڀرسان لنگهي ويندو آهي. ٿڪل، ٽٽل، بيمار ۽ پريشان ان ويل منهنجي دل جو ڇا حال هوندو آهي اهو ٻڌائڻ کان مٿي آهي. منهنجي ذهن ۾ سوچن جا انبار هوندا آهن جيئن ته هڪ محاورو آهي “پرائي تڏي تي سور پنهنجا” سو مون کي به ڪي پنهنجا پيارا ياد اچي ويندا آهن جيڪي تنهاين جو شڪار ٿي هاڻي دنيا مان گذر ڪري ويا. ان ويل مان اهو به سوچيندي آهيان ته منهنجو آئينده ڪهڙو حال ٿيندو؟ ڪنهن مان به اميد آسرو رکڻ اجايو آهي، اسان جو هي معاشرو تمام گهڻي بي حسي جو شڪار ٿي ويو آهي. هن نفسانفسي جي ماحول ۾ جت ڪير به ڪنهن جو ڪونهي ات اسان به پنهنجي وجود جا همدرد نه رهيا آهيون. زندگي جي وٺ پڪڙ ايتري آهي جو وقت به نه ٿو ملي ته ڪڏهن ويهي سوچجي ته اسان به انسان آهيون هڪ انسان جي ناتي فرضن جي پورائي ڪرڻ کان پوءِ اسان جا حق ڪير ادا ڪندو؟ سچ پچ ته ڏاڍو ڏکيو زمانو اچي ويو آهي. ڊپ ٿو لڳي پنهنجي آس پاس جي ماحول کي ڏسي.
اربع 29 نومبر 2000ع