سنڌي ادبي سنگت، اديب ۽ بي ادب
سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ان لاءِ مثال اهو پيش ڪري سگهجي ٿو ته تاج جويو جڏهن سيڪريٽري جنرل هوندو هو ته هر وقت پنهنجي نالي سان اهو عهدو ضرور لکندو هو. اخبار ۾ ڪا خبر هجي يا وري ڪو مضمون هجي تاج جويي جو حوالو سيڪريٽري جنرل سان ئي هوندو هو. جڏهن تاج جويو سيڪريٽري جنرل نه رهيو ته وري ان لکڻ شروع ڪيو تاج جويو سابق سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت “ان مان اهو معلوم ٿيو ته ادبي سنگت سان وابستگي ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، هاڻ هت سوال اهو ٿو اڀري ته ايڏي اهم وابستگيءَ تي ڪهڙي قسم جا اديب ايندا رهيا آهن؟ انهن ڪيترو ڪم ڪيو آهي؟
سنڌي ادبي سنگت هڪ پراڻي تنظيم آهي ان کي ٺاهيندڙن ۾ ڪن جو انتقال ٿي چڪو آهي ۽ ڪافي اڃان تائين حيات به آهن. مان سمجهان ٿي ته شمشير الحيدري، نورالدين سرڪي، شيخ اياز، فتاح ملڪ ۽ ٻيا ڪيترا آهن جيڪي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن مان آهن. ان کان پوءِ هڪدم هڪ وڏو قافلو آهي اديبن جو جن ۾ امر جليل، سراج، آغا سليم، حميد سنڌي، تنوير عباسي، امداد حسيني، تاج بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي اديب آهن جيڪي سنڌي ادبي سنگت سان وابسته رهيا آهن، هنن کان پوءِ واري ٽهيءَ سان اسان اديبن جو گروپ وابسته آهي ۽ هاڻ وري آخر ۾ بلڪل نئون اچڻ وارو گروپ آهي.
اهڙي طرح سان اسان ادبي سنگت جي دور کي چئن پنجن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. اسان خوش قسمت آهيون جو اسان جي ادبي سنگت جو هڪ تسلسل جڙيل آهي. ان جي باوجود به افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي ادبي سنگت بجاءِ ترقي جي تباهه ٿي رهي آهي . . . . .
پراڻن اديبن کان وٺي نئين ٽهيءَ تائين اسان جي اديبن ۾ ذهني هم آهنگي ۽ ڪميونيڪيشن گهٽ ٿي ويو آهي. اسان جا پراڻا اديب پنهنجي عزت بچائڻ ۾ پورا آهن. نئين ٽهي وارا جذباتي ۽ هيجاني ڪيفيت جو شڪار آهن. وچين دور وارا اديب ٻنهي جي وچ ۾ پيسجن پيا. مار به پيا کائين . . . . هاڻ هن ادبي سنگت کي بچائڻ لاءِ ۽ فعال ڪرڻ لاءِ هنن سڀني کي گڏجي سوچڻو ۽ عمل ڪرڻو پوندو.
ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته جيترو اخبارن ۾ اچي پيو ان کان وڌيڪ اختلاف موجود آهن. اڃان ته ادب سنگت معاشي طور خوشحال نه آهي، وڏو ڪو بئنڪ بيلنس ڪو نه اٿس ان جي باوجود به ڏسو ته سهي ڪجهه هزارن لاءِ ڏاڙهي پٽ لڳي پئي آهي. تنظيمن لاءِ پئسو تمام ضروري هوندو آهي. ڇو نه اسان جي سنڌي ادبي سنگت خوشحال ٿي وڃي، لکن جو بجيٽ ان وٽ هجي، وڏا وڏا پروگرام ۽ پروجيڪٽ ان جي هٿ هيٺ هلن پر ڇا اسان جو اهو خواب، خواب ئي رهندو . . . ؟ اسان سڀ ايترا ڪري چڪا آهيون جو ٽڪي پيسي تي هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ پورا آهيون.
ادبي سنگت جون شيون به سنڀالي نه ٿا سگهون. ذمينداريءَ جو احساس اسان وٽ نه آهي. مارئي فورم طرفان هڪ سائونڊ سسٽم مون ئي وڃي ڪراچي شاخ ادبي سنگت کي ڏنو هو. ٻه سال اڳ جيڪي اليڪشنون ٿيون هيون ته ات مون کي به گهرايو ويو هو. اتي ان سائونڊ سسٽم جو مسئلو اٿاريو ويو ته هو الائجي ڪنهن وٽ آهي وغيره وغيره. بهرحال ان وقت منهنجي ڳالهائڻ سان ڪي ڌريون ڏاڍيون ناراض ٿيون پر خوشيءَ جي ڳالهه اها هئي ته سائونڊ سسٽم ملي ويو جيڪو نئين انتظاميه جي حوالي ڪيو ويو. هاڻ وري خبر پئي آهي ته سائونڊ سسٽم چوري ٿي ويو آهي. ٻئي ڌريون هڪ ٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن. مان ڪنهن به ڌُرتي تي الزام رکڻ نه ٿي چاهيان. مان انهن کان اهو پڇڻ چاهيان ٿي ته توهان سڀئي سجاڳ سمجهدار ۽ همدرد آهيو ته پوءِ هي سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي. هاڻ پنهنجيون غلطيون لڪائڻ لاءِ ٻئي ڌريون يا وري ڪيتريون ڌريون هڪ ٻئي تي الزام تراشيءَ ۾ پوريون آهن. ڏک ته اهو آهي ته هر ڌر پاڻ کي صحي ۽ سچو ظاهر ڪرڻ ۾ پوري آهي. ادبي سنگت هڪ تربيت گاهه آهي جت هر ڪو اچي سگهي ٿو. اديب ۽ ادب دوستن جا ميڙاڪا ات ٿيندا رهيا آهن. ڪي ماڻهو ادب پڙهندڙ هوندا آهن. انهن کي ادبي ڪتاب پڙهڻ ۽ ان تي بحث ڪرڻ جو ڏانءُ هوندو آهي پر هو لکي ڪجهه به نه سگهندا آهن. اسان انهن کي ادب دوست چئي سگهون ٿا. اهي سڀ به ادبي سنگت ۾ ايندا رهيا آهن. ها پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي اٽل آهي ته ادبي سنگت اديبن جي سنگت آهي. ان جو سربراهه ان جا ميمبر ان کي هلائڻ جا زميندار اديب ۽ صرف اديب ئي هوندا آهن.
هاڻ توهان ٿورو امين ٿي دل تي هٿ رکي اهو فيصلو ڪيو ته اسان جي ادبي سنگت ۾ ڪيترا اديب آهن؟ جيترو گهرو ويندو اوتريون ئي مايوسيون ملنديون سچ ٻڌايان ته اسان جي ادبي سنگت جي تباهيءَ جو ڪارڻ ئي اهو آهي ته ات هاڻ اديب گهٽجي ويا آهن ۽ بي ادب اچي ويا آهن.
تازو ڪراچي شاخ جي وري اليڪشن ٿي آهي. ورڪنگ ڪميٽيءَ ۾ جن فارم ڀريو آهي. انهن جا نالا پڙهيم ته منهن مٿو پٽڻ تي دل چاهيم – جڏهن اڃان فارم ڀريا ويا ۽ اليڪشن ڪا نه ٿي هئي ته مون سوچيو هو ته مان ضرور ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ ويندس ۽ ات سخت احتجاج ڪندس – پر مينهن پوڻ ڪري مان وڃي نه سگهيس. ان دوران مان پندرنهن ڏينهن لاءِ حيدرآباد به هلي ويس. چونڊون ته ٿي ويون آهن پر ان خانه پريءَ تي به ڏاڍو افسوس ٿيو اٿم.
ادبي سنگت جي هڪ شخصيت ڀٽ جي ميلي تي ملي ۽ هاڻ ان سان فون تي به تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي. مان ان کي چيو ته منهنجي دل پئي چاهيو ته مان ات ادبي سنگت ۾ اچان ۽ اهي سڀ فارم ڦاڙي ڦٽي ڪيان جن کي توهان اديب نه هوندي به ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو. جواب هو ته جيڪو اديب نه آهي اهو ادبي سنگت جو عهديدار ۽ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ته وڏي ڳالهه عام ميمبر به نه ٿو ٿي سگهي. ان مون کان پڇيو ته توهان ادبي سنگت جو آئين پڙهيو آهي. مان جواب ۾ چيو ته مون ته بلڪل ڪو نه پڙهيو آهي. ان شخصيت جي چوڻ مطابق هڪ ٻن صفحن جو آئين آهي. ان ۾ ڪنهن به ڳالهه جي وضاحت نه آهي ان ۾ هر قسم جي ڇوٽ ڏنل آهي ته هر ڪو ادبي سنگت جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. مان حيران آهيان اها ڳالهه ٻڌي ته ادبي سنگت جو آئين ايترو ڪمزور آهي؟ اها به ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته ان وقت حالتن مطابق آئين ٺاهيو ويو هجي. ان وقت جي اديبن جو نيتون وڌيڪ واضح هيون، نه ته ايترا سياسي اثر هئا نه وري گروهه بنديون هيون. ڀلا آئين آسماني صحيفو ته نه آهي جو ان کي ٿو بدلائي سگهجي. مضبوط آئين تحت ڪم ٿيندڙ تي ڪير به تنقيد نه ٿو ڪري سگهي. جڏهن آئين ۽ قانون ڪمزور هوندو آهي تڏهن ئي اختلاف وڌندا آهن.
هاڻ شمس سومرو ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل آهي. هو هڪ پڙهيل لکيل ۽ سڄاڻ اديب آهي ان مان اها اميد رکي سگهجي ٿي نه هو پراڻن اديبن ۽ نون اديبن جي ڪاميٽي ٺاهي، جنهن ۾ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي. اڄ جي دؤر ۽ ضرورتن مطابق آئين ٺاهيو وڃي سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا ان ۾ رکي وڃي سا ميمبرشپ لاءِ سختي. ميمبر ٿيڻ لاءِ هر شاخ ۾ ٽن ڄڻن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي. جيڪا ميمبر جو فارم ڀرڻ واري جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ته اهو اديب آهي به يا نه . . . جيڪو ڪجهه لکيو اٿس اهو اوترو معياري آهي جو هو ميمبر ٿي سگهي. اسان کي ميمبر ڪرڻ لاءِ هڪ حد رکڻي پوندي. هڪ ٻيو مسئلو به آهي. اسان وٽ اڄ ڪلهه ڪافي سنڌي اخبارون نڪتيون آهن جن ۾ ڪيترائي سڃاڻ صحافي ڪم پيا ڪن. يقينن اهي پنهنجي فيلڊ جا بادشاهه آهن پر وري به صحافي ۽ اديب ۾ به اسان کي فرق رکڻو پوندو. ڪي آرٽسٽ آهن ڪي وري سماجي ڪارڪن آهن جيڪي پنهنجيون تنظيمون ٺاهي وڏا وڏا فنڪشن ڪندا آهن، پر اهي اديب نه آهن. پر افسوس انهن جو به ادبي سنگت تي ڪنٽرول آهي. ان جو مثال تازو ٿيل چونڊن ۾ ڏيئي سگهجي ٿو ته هڪ زال مڙس ٻئي ڪراچي ادبي سنگت جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جا ميمبر ٿيا آهن. زال ادبي دنيا جي الف کان به واقف ڪونهي ۽ سندس مڙس هڪ سماجي ڪارڪن آهي جيڪو مختلف قسم جا پروگرام ڪرائيندو رهندو آهي. هاڻ هن ڪوتاهيءَ جو ذميوار ڪنهن کي بنائي ٿو سگهجي؟
مان وري به چوان ٿي ادبي سنگت هڪ تربيت گاهه آهي. جنهن ۾ ذهني تربيت ٿئي ٿي، شعور ۽ ڄاڻ جي واڌ ٿئي ٿي. ات هر ڪو اچي سگهي ٿو پر هر ڪو ميمبر نه ٿو ٿي سگهي، هر ڪو اليڪشن ڪو نه ٿو وڙهي سگهي. اليڪشن ۾ اهو عهدن ۽ ورڪنگ ڪميٽيءَ لاءِ به هڪ قانون جوڙڻو پوندو. اليڪشن ۾ بيهندڙن جي ادبي قدبت سان گڏوگڏ اهو به ڏسڻ ضروري آهي ته اهو شخص ادبي سنگت جو ڪيترن سالن کان ميمبر آهي، ڪيتري خدمت ڪئي اٿس ادبي سنگت جي. اليڪشن کٽڻ لاءِ ميمبرن جو تعداد وڌائڻ وارو رجحان ختم ٿي وڃي. اهڙن نالي ماتر اديبن جي ادبي سنگت سان دلي وابستگي نه هوندي آهي. اهي صرف اليڪشن جي ڏينهن ۾ نظر ايندا آهن . . . آئينده سال جڏهن اليڪشنون ٿين انهن ۾ نئين آئين مطابق مرڪز توڙي شاخن ۾ پراڻيون ميمبرشپون ختم ڪري نيون ميمبرشيون ڪرڻ گهرجن. يقينن هڪ نئون آئين ٺاهي ۽ پوءِ ان تي عمل درآمد ڪرائڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون اينديون. ان سلسلي ۾ مان شمس سومري کي اهو چوندس ته هڪ دفعو قانون ۽ آئين مطابق سختي ڪرڻ سان آئينده جي لاءِ مشڪلاتون گهٽجي وينديون. هڪ مخصوص گروه يا ٽولو جيڪو پنهنجي مفاد لاءِ هروڀرو تنظيمن ۾ گهڙي پوندو آهي نام نهاد جا ادبي سرٽيفڪيٽ کڻي، انهن مان جان ڇڏائڻي پوندي. شمس سومرو صاحب جيڪڏهن توهان جي ڏهه ڄڻا مخالفت ڪندا ته سؤ ڄڻا اوهان سان تعاون به ڪندا. ان ڪري مهرباني ڪريو توهان جلد از جلد عملي قدم کڻو ڇو ته هاڻ باقي ٿورو وقت وڃي بچيو آهي. اسان کي پنهنجي قوم جي آخري بچاءُ بند جيڪو اديبن جو آهي ان کي بچائڻو پوندو. جيڪڏهن هي بچاءُ بند جنهن ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ اهو ٽٽي پيو ته پوءِ ڪجهه به ڪين بچندو.
آچر 14 آگسٽ 1994ع