ڇا سڄي سنڌ کي “نو گو ايريا” بڻايو ويندو؟
جيئن ته منهنجي سڃاڻپ سنڌ ۽ سنڌيءَ جي ڪري آهي ان ڪري اهو منهنجو بنيادي حق آهي ته مان پنهنجي وجود جي سڃاڻپ جيڪا سنڌ جي حوالي سان آهي ان کي برقرار رکان، ان جي حق لاءِ ڳالهايان ۽ ان جي حق لاءِ وڙهان.
سچ پڇو ته اڄ ڪلهه منهنجي دل سڀني سان وڙهڻ چاهي ٿي. اهي سڀ پنهنجا پراوا، جيڪي اڄ ڪلهه مختلف روين ۾ ظاهر ٿيا آهن. انهن پنهنجي منهن تي ماسڪ چاڙهي ڇڏيا آهن. هٿ ۾ قرآن ۽ ڪڇ ۾ ڇريون کنيون پيا هلن. پراوا ته پراوا آهن پر پنهنجن به هڻي سنڌ جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. عجيب حيرانيءَ ۾ وجهندڙ وايو منڊل آهي. جيڪو اڄ جي حالتن ۾ اسان جي سامهون آهي.
سنڌ جي ڌرتي ان وقت ضرور خوشقسمت هئي جڏهن ان جا نگهبان، سچا کرا ۽ جان قربان ڪرڻ وارا هئا. اڄ جي سنڌ بدنصيب سنڌ آهي جت ان جا پنهنجا مفاد پرست، ٽڪي ٽڪي تي وڪامجندڙ، ڌارين پٺيان هلڻ وارا پنهنجي قلم جي حرمت جو سودو ڪرڻ وارا بي ضمير آهن. مٿان وري اهي ڌاريا جيڪي پنجاهه سال اڳ هت نازل ٿيا. انهن نه سنڌ کي پنهنجو سمجهيو نه سنڌ واسين کي. شروع کان وٺي انهن جو اهو رويو رهيو ته هو پڙهيل لکيل، اعليٰ ۽ افضل آهن. هو ڌڪجي ۽ لوڌجي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نه آيا آهن پر پاڪستان انهن ٺاهيو آهي. سنڌ انهن فتح ڪئي آهي انهن جي روين مان ائين لڳندو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد هو بغل ۾ رکي هندستان مان کڻي آيا. سنڌ جا ماڻهو جاهل ڄٽ هئا هو وڻن تي رهندا هئا ۽ پتن جا ڪپڙا پائيندا هئا. انهن هت اچي هتان جي ماڻهن کي رهڻ ڪرڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ اخلاق تميز سيکاري آهي.
سنڌ واسين پنهنجين چڱاين جي عيوض هميشه انهن کي پنهنجو سمجهيو ۽ اهميت ڏني. پاڪستان ٺهڻ واري شروعاتي دور ۾ اهو جذبو ته هي اسان جا مسلمان ڀائر آهن سنڌ واسين کڻي پنهنجيون اکيون ٻوٽيون، پاڪستان ٺهڻ جي ڪجهه سالن کان پوءِ سنڌ جي باشعور ماڻهن جڏهن اهو ڏٺو ته سنڌ ۽ سنڌ جا وسيلا اسان جي هٿن مان نڪرندا ٿا وڃن ته انهن گڏجي هڪ تحريڪ هلائي. اها تحريڪ سٺ جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ وڃي عروج تي پهتي. اهو دور سنڌ جي سجاڳيءَ جو دور هو.
مان هت اهو ڪو نه ٻڌائينديس ته ان دور ۾ ڇا ڇا ٿيو. ڪهڙا ظلم ٿيا ڪيترا جيل ڀريا ڪيترا ڪونڌر ڪسيا ۽ ڪهڙا ويل وهيا . . . . ان دور ۾ سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي اڪيلا، پنهنجي ٻوليءَ کان وانجهيل ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ نوڪرين کان ڪٽجي ويا هئا.
ڏٺو ويو آهي ته دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي ته جيڪي به فرد يا قومون ڪنهن ملڪ ۾ وڃي رهنديون آهن ته اهي ان ملڪ جي قانون مطابق اتان جي رهواسين جهڙيون ٿي وينديون آهن. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ سنڌ ۾ اچڻ وارا الڳ سان هڪ “ناني ويڙهو” ٺاهي ويهي رهيا حالانڪه سنڌ جي اها تاريخ آهي ته هت الائجي ڪيتريون قومون ٻاهران آيون ۽ سنڌ واسين جهڙيون ٿي ويون. خود شاهه لطيف جيڪو اسان سنڌين جو روحاني مرشد آهي انهيءَ جا وڏا به ٻاهران آيا. هت غلطي اسان جي وڏڙن جي به آهي جيڪي پنهنجي صاف نيت جي ڪري غلط فيصلا ڪري ويا. بنگالي اسان کان سو درجا بهتر آهن جن پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرايو. هو پيٽ بکيا ۽ اڌ اگهاڙا هئا پر انهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ملڪ جي اهميت جو اندازو هو.
سنڌين ته پنهنجي هٿ وس ڪين گهٽايو. ڌارين مان شاديون ڪيائون. پنهنجي ٻولي ڇڏيائون مطلب ته انهن هر طريقي سان ڌارين کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر موٽ ۾ ڇا مليو. سنڌين جي هيڏي پنهنجائپ جي باوجود هو سنڌين کان پري ٿي بيٺا. سجاڳي واري دور ۾ سنڌين ٿورو هوش سنڀاليو ته انهن لاءِ سورن جا سامان ۽ دردن جا دڪان کلي ويا.
غداريءَ جا ليبل لڳي ويا، ذوالفقار علي ڀٽي جي زماني ۾ جڏهن ٻوليءَ وارو بل پاس ٿيو ته ڌاريا کلي سامهون اچي ويا. انهن جا پڙهيل لکيل دانشور ڪامورا سڀ هڪ پاسي ٿي بيٺا. انهن جو اهو چوڻ هو ته اسان هت حاڪم ٿي آيا آهيون. هتان جو سڀ ڪجهه اسان جو آهي. پاڪستان ٺاهيو ئي اسان آهي. انهن کي ڪير به اها ڳالهه سمجهائي نه سگهيو ته قائداعظم سنڌ جو هو. علامه اقبال پنجاب جو هو. مسلم ليگ بنگال ۾ ٺهي جڏهن هندستان جا مسلمان ڪانگريس جي جهوليءَ ۾ لڏيا پئي ۽ اکنڊ ڀارت جو سوچي رهيا هئا ته ان وقت ٻين حصن جا مسلمان نه صرف انگريز سرڪار جي خلاف پر مسلمانن جي لاءِ هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ ۾ مشغول هئا. انهن کي اها ڳالهه به ڪير سمجهائي نه سگهيو ته جڏهن پاڪستان ٺهيو هو ته ان وقت فيصلو ٿيو هو ته اڪثريت واري مسلمانن جي علائقي ۾ پاڪستان ۽ اڪثريتي هندن واري علائقن ۾ هندستان ٺهندو ۽ اهي حڪومتون پنهنجي اقليتن کي تحفظ ڏينديون. هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن کي هندستان ۾ ئي اقليتي حيثيت ۾ رهڻو هو. جڏهن پاڪستان ٺهي ويو ۽ ان وقت تائين به ان ڳالهه جو ڪو امڪان نه هو ته هندستان مان ڪي ايڏي تعداد ۾ مسلمان پاڪستان ۾ ايندا. جڏهن هندستان ۽ پنجاب جي علائقن ۾ هنگاما شروع ٿيا سالن جون نفرتون اڀري آيون. ان وٺ وٺان جي ماحول ۾ مسلمانن پاڪستان جو رخ ڪيو. قانوني طور انهن کي پاڪستان ۾ اچڻ جو ڪو به حق ڪو نه هو پر وري به هو پاڪستان ۾ آيا. هتان جي مسلمانن اخلاقن انهن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون. هي اهڙا هندستاني مسلمان هئا جن جو هندستان ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويو هو. ان ڪري انهن ڀڄي اچي پاڪستان ۾ پناهه ورتي ان ڪري هو پناهگير چوائڻ لڳا. سنڌ ۾ پناهه وٺندڙ هنن پناهگيرن کي سنڌين پنهنجي وات جو گرهه به ڪڍي کارايو. انهن کي تمام گهڻي عزت ڏنائون.
پاڪستان ٺهڻ جي ڪجهه سالن کان پوءِ جيڪي حالتون ظاهر ٿيون ته هي ڌاريا نه صرف سنڌ ۽ سنڌ واسين تي حاوي ٿي ويا پر انهن جو رويو سنڌين سان مٽجي چڪو هو. سنڌين جي مهمان نوازي ۽ محبت انهن سنڌين جي جاهليت سمجهيو. هت مان اها ڳالهه دعويٰ سان چونديس ته سنڌين ۽ مهاجرن ۾ جيڪو ويڇو پيو ان جا ذميوار سنڌي نه پر مهاجر پاڻ آهن.
ان کان پوءِ سجاڳيءَ جي تحريڪ، ون يونٽ جو ٽٽڻ، ٻوليءَ وارا هنگاما ويندي اٺاسي کان وٺي هن وقت تائين سنڌ جون حالتون ڪڏهن به ٺيڪ نه رهيون آهن. سنڌ ۾ انهن ٻنهين ڌرين جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ ٿيندو رهيو آهي. اها ڳالهه به چوڻ اجائي آهي ته سڀ مهاجر خراب آهن يا وري سنڌي سڀ سدورا آهن. گهٽ وڌايون سڀني ۾ آهن پر مهاجرن ۾ اڪثريت اهڙي آهي جيڪا پاڻ کي سنڌين کان ڌار ڪري حڪمراني وارو رويو اختيار ڪري ويٺي آهي. هاڻ مان اڄ ڪلهه جي حالتن مطابق ڳالهه ڪندس. ڪراچي سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر آهي. پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته ڪراچي سنڌ جو اڪيلو شهر آهي . . . . . مهاجرن جي پارٽي ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ڪاميابي حاصل ڪئي. ظاهر ڳالهه آهي ته انهن جي اڪثريت به انهن ٻنهي شهرن ۾ آهي. هي ٻئي شهر سنڌ جا شهر آهن. هاڻ سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا سنڌ ۾ فقط اهي ٻه شهر آهن؟ هنن ٻن شهرن کان علاوه سڄي سنڌ ديهي، ڪچي ريگستاني ۽ مٽيءَ جو ڍير آهي؟ سنڌ ۾ ٻيا به وڏا شهر آهن جيئن ته سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، خيرپور ميرس، جيڪب آباد، نوابشاهه، دادو وغيره. اڃا ٻيا ننڍا شهر جن کي به توهان ديهي نه ٿا چئي سگهو انهن ۾ ٽنڊو آدم، شهدادپور، نوشهروفيروز، مورو، هالا، ڪنڌڪوٽ، ميهڙ وغيره سوين شهر آهن ۽ اهي سڀ سنڌ جا شهري علائقا آهن. هي ايم ڪيو ايم وارا هڪڙو رينگٽ کنيو ويٺا آهن. انهن جتان اليڪشن کٽي آهي جت هو رهن ٿا اهي شهر آهن باقي سڀ جهنگل ۽ بيابان آهن.
ايم ڪيو ايم وارن جي سياست ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو ته تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پر ٻيون قومون به هنن جي عذاب کان بچيل نه آهن. اٺاسي کان وٺي هن مهل تائين سنڌ برباد ٿيندي رهي آهي. هي اهي ماڻهو آهي جيڪي موت جي سياست ڪن ٿا. ٻين قومن جي ماڻهن کي ماريو اٿن ۽ پنهنجن ماڻهن کي ماري انهن جي لاشن مٿان به سياست کيڏي اٿن. سنڌ واسين جي سياست به صحيح نه رهي آهي. پاڻ ۾ وڙهندا رهيا آهيون. ٽٽندا رهيا آهيون. اسان پنهنجي سنڌ پاڻ پنهنجي هٿن مان وڃائي ڇڏي آهي.
اسان سنڌي غيرت وارا ۽ پڪا پاڪستاني آهيون ان ڪري پيپلز پارٽي هميشه هتان کٽندي رهي آهي. هت مان اها ڳالهه ضرور چوندس ته سنڌين کي پڪي پاڪستاني هجڻ جي به سزا ملندي رهي آهي. جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهيندي آهي ته سنڌ جي مسئلن کي وساري ڇڏيندي آهي. جڏهن انهن کي سنڌ جي مسئلن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ چئبو آهي ته چوندا آهن اسان علائقائي سياست ڪو نه ٿا ڪيون اسان وفاقي آهيون. ڪير انهن کي اهو سمجهائي ته هي وفاق به ته هنن علائقن مان ئي ته ٺهيو آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان به ته توهان کي ووٽ مليا آهن جهڙي طرح شهري ۽ ديهي علائقا اهڙي طرح وفاقي ۽ علائقائي سياست سمجهه کان ٻاهر آهي.
هيءَ جا مون ايڏي وڏي تمهيد ورتي آهي اها ان لاءِ ته ٻه ڏهاڙا اڳ اها خبر اخبار ۾ پڙهيم ته لانڍيءَ جي علائقي ۾ گوڙ فساد دوران هڪ نوجوان کي گوليون هڻي ماريو ويو پوءِ ان جو لاش هڪ اسڪول جي ڇت تي رکي ساڙي رک ڪيو ويو. ان خبر منهنجو جيءُ جهوري ڇڏيو.
سائين منهنجا توهان کي خبر آهي ته وزيراعظم جي اليڪشن کان اڳ ۾ هڪ خبر آئي هئي ته نوگوايريا علائقا خالي ڪرائڻا آهن. ان ڪري اتي ڪاروائي شروع ٿي. اها ڪاروائي شروع به ٿي ۽ ختم ٿي اندر جي ڳالهه ته خدا ڄاڻي پر اڄ وري عادت موجب ايم ڪيو ايم وارن حڪومت جو تعاون ختم ڪري ڇڏيو آهي.
انهن سڀني ڳالهين جي توهان کي خبر هوندي. ها باقي منهنجي اندر ۾ جيڪا ڳالهه آهي سا مان توهان سان اورڻ چاهيان ٿي. منهنجا سنڌ واسيو سياسي پارٽيون ٺهنديون ۽ ٽٽنديون رهنديون آهن. اختلافن جو شڪار ٿينديون رهنديون آهن. پيپلز پارٽيءَ جا الائجي ڪيترا ڌڙا آهن. مسلم ليگ جا الائجي ڪيترا ڌڙا آهن. سياست ۾ جيڪو رسي سو وڃيو ٿو پارٽي ٺاهي. تازو فيصل صالح حيات ضمير جو فيصلو چورائي ڏنڊي جي زور تي پارٽي ٺاهي ڪنڌ مٿي کنيو پيو هلي ۽ پيپلز پارٽيءَ وارا رڳو منٿن ۾ پورا آهن ته يار اسان جو ڀاءُ آهين اسان کي ووٽ ڏجان. حقيقت به اها آهي ته اخلاقن ڪير ڪنهن کي ڪجهه به ٿو ڪري سگهي پر هي ڇا؟ اها ڪهڙي سياست آهي جو ايم ڪيو ايم وارا چاهين ٿا ته انهن جو مخالف ڌڙو ايم ڪيو ايم حقيقي صفا نيست نابود ٿي وڃي. حڪومت انهن کي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ڏئي ۽ هو هڪ ڌڪ سان نوگو ايريا جو بهانو ڪري سڀني کي ختم ڪري ڇڏين.
منهنجا سنڌ واسيو توهان سوچيو ته جيڪو شخص پنهنجي ڀائرن جي اختلافن کي نه ٿو برداشت ڪري سگهي سو اسان جو توهان جو سڄڻ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ الطاف حسين ۽ ٻيا سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي سڄي سنڌ ۾ پنهنجا ماڻهو اليڪشن ۾ بيهاري ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳرا آهن. ڇا انهن جا اندر به اهڙا صاف آهن؟ ڇا انهن وٽ ٽوپي ۽ اجرڪ جي حرمت آهي؟ ڇا انهن وٽ سنڌين لاءِ پيار ۽ احساس آهي؟
گذريل ٽن سالن کان وٺي روز اخبارن ۾ هڪ نه پر ڪيتريون خبرون اينديون رهيون ته انهن جا هزارين ماڻهو جيلن مان آزاد ٿيندا رهيا آهن. وڏا وڏا قاتل دهشتگرد آزاد ٿي چڪا آهن. اردو يونيورسٽيءَ جو بل پاس ٿي چڪو آهي. هاڻ انهن ماڻهن کي سنڌ جي حڪمراني ڏيڻي آهي. سنڌ جي وزارت اعليٰ جي تخت تي انهن کي ويهارڻو آهي.
هاڻ وڌيڪ مون کي ڪجهه به ناهي لکڻو صرف اهو چوڻو آهي ته ڊڄو ان ڏينهن کان منهنجا پيارا سنڌ واسيو جڏهن سڄي سنڌ نوگو ايريا ٿي ويندي ۽ توهان مٿان يلغار ٿيندي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ وارا سنڌ جا وارث ڪي ٻيا هوندا.
توهان سڀ ٽٽي ۽ ڀري ويندؤ ياد رکجو ته هاڻ ٻيهر نه ته جي ايم سيد ڄمندو، نه وري حيدر بخش جتوئي موٽي ايندو. نه شيخ اياز هت آهي ۽ نه وري هن ڌرتيءَ تي ڪو ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ٿيندو برابر جهيڙو ناهي ڪرڻو. هت سڀني کي گڏ رهڻو آهي پر پنهنجي حق وارثي ٻين جي حوالي ناهي ڪرڻي. سنڌ سنڌين جي آهي. سنڌ جا وارث اهي سنڌي آهن جيڪي ٽوپي ۽ اجرڪ ڪنهن مطلب لاءِ نه پائيندا آهن.
آچر 01 ڊسمبر 2002ع