ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

آخرڪار اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

هن ڌرتيءَ تي رت جي راند سالن کان جاري آهي. لڳي ٿو هاڻ آخري مرحلي ۾ آهي. اها خوني راند، هي وڍيل عضوا ۽ لاش، آهون، فرياد، رڙيون اڀ پيون ڏارين. ڏينهن جو سج جي تپش ۽ رات جو ڳاڙهو آسمان اڃان وڌيڪ اهڃاڻ ڏيئي رهيو آهي ته الائجي ڪيترا جيون هن دهشتگردي جو کاڄ ٿيندا. انسانيت جي نظر سان هي وهندڙ رت، هي ٿيندڙ ظلم ڪو پرايو ڪو نه ٿو لڳي. هر خبر جيءَ کي جهوري ٿي. هر تصوير وجود کي بيچين ڪري ڇڏي ٿي. ڪو به انسان هن دهشتگرديءَ مان خوش ڪونهي. هي انسانيت جو رشتو ڏاڍو وسيع آهي. ان ۾ اڇا، ڪارا، بندرا ۽ ڊگها هر قسم جا انسان اچي وڃن ٿا. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ ان جو کاڄ ٿيندڙ ماڻهو اجنبي هوندي به درد ڏيئي وڃن ٿا. پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪو چئني طرف کان دهشتگرديءَ جو وايو منڊل منڊيل آهي ان کي نظر انداز ڪجي، ڏينهن رات ڪهڙي عذاب ۾ گذرن ٿا. ڄڻ ته واريءَ جي انتظار ۾ ويٺا آهيون. ڪجهه هفتن کان ڪالم نه لکڻ جو سبب به اها ئي بيچيني آهي. هيءَ اندر جي بيچيني گهڻو ڪجهه ڳولهيندي آهي. موٽ ۾ جڏهن نراسائي ملندي آهي ته ان ويل دل چاهيندي آهي ته ماڻهن جي چهرن مٿان ماسڪ لاهي انهن جون اصل شڪليون ڪڍي نروار ڪجن. انهن جي قول ۽ عمل جي تضاد کي وائکو ڪجي. ڏکئي وقت تي ٻرن ۾ لڪندڙ ۽ سکئي وقت ۾ مفاد حاصل ڪرڻ وارن کي پڌري پٽ آڻجي. ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ٿيندو اهو ئي جيڪو ٿيڻو آهي.
“رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا.”
اڄ ڪلهه ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا. انهن مان هڪ اهم سوال آهي ته ڇا هي سڀ ڪجهه اسان لاءِ نئون آهي؟ ڇا اسان کي ڄاڻ هئي ته هنن سڀني ڳالهين جو انت ڇا ٿيندو؟ مان سمجهان ٿي ته اسان وٽ ڪو به اهڙو اڻڄاڻ ڪونهي. حالتون پنهنجي ليکي ڏس ڏيئي رهيون آهن. ان جي باوجود به هيءَ لاپرواهي هيءَ بي حسي، هيءَ اک ٻوٽ ڇا جي لاءِ آهي؟ مان اهو ڪڏهن به نه چوندس ۽ دهشتگرديءَ کي روڪڻ لاءِ دهشتگردي ئي ڪرڻ گهرجي. پر اهو به صحي نه آهي ته ماٺ ڪري وڃي ويهجي. ٻانهن سيراندي ڪري سمهي رهجي. اوچتو گوليءَ جي ٺڪاءُ تي اکيون کولي ابتو سبتو بيان ڏيئي وري سمهي رهجي. هنن بيانن ۾ اهو چيل هجي ته منزلون قوت اراديءَ سان حاصل ٿينديون آهن. دشمن ڪمزور هوندو آهي، دهشتگردي جٽاءُ نه ڪندي آهي. هونئن به اسان جي شهري ڀائرن جيڪي شريف نفس آهن. ڪڏهن به الڳ صوبي جي ڳالهه نه ڪئي آهي. انهن ڪڏهن به جناح پور جا نقشا ڪو نه ٺاهيا آهن. اهو سڀ ناٽڪ موجوده حڪومت جو آهي وغيره وغيره. منهنجا پيارا سنڌيو اهڙا ۽ اهڙي قسم جا ڪيترائي بيان پڙهي اندر ۾ باهه ٻري پوندي آهي. ان باهه ۽ بيچينيءَ وچان چيم پنهنجي هڪ ساٿياڻيءَ کي ته “منهنجي دل ٿي چاهي ته هنن جهڙن سڀني ليڊرن کي رسيءَ سان ٻڌي پهرين ته ڏجين ڏاڍي مار پوءِ سوئي سان انهن جو وات سبي ڇڏجي.”
منهنجي ساٿياڻي حيرت ۽ ڊپ مان مون کي چيو ته زبان مان اهڙا لفظ ته ڪڍيا اٿئي پر لکي نه ڇڏجان. جواب ۾ چيم ڊڄان ٿي ڇا انهن کان !!! انهن جا وجود، سنڌ جي وجود کان اهم نه آهن. مان ته پنهنجي پاران ڪجهه ڪو نه ٿي چوان، اهي جيڪي بيان بازي لڳايو ويٺا آهن اهي حوالا ٿي ڏيان ته اهڙو گند ڳالهائڻ کان ماٺ چڱي آهي. انهن جا اهي بيان سڄي سنڌ واسين به پڙهيا هوندا يقينن انهن جي وجود ۾ به اهڙي ئي نفرت ۽ حقارت اڀري هوندي.
منهنجا سنڌ واسيو هي ڪيڏو وڏو نه الميو آهي ته اسان هن مهل جيڪو ڪجهه لوڙيون پيا انهن جا ذميندار به اسا جا پنهنجا آهن. اهي نام نهاد همدرد جيڪي صحي وقت تي غلط بيان ڪڍي مسئلن کي اڃان به وڌائيندا آهن. هو ان ۾ خوش آهن ته اردو اخبارن ۽ اردو اديب ۽ ڪالم نويس انهن جا اهي غلط قسم جا بيان پڙهي ڪالم لکن ٿا، مضمون لکن ٿا ۽ اهو محسوس ڪرائين ٿا ته سنڌي بي غيرت ۽ بي همت آهن. هو سنڌ جي ورهاست ۾ خوش آهن. انهن جا ضمير سُتل آهن. انهن جي هٿ ۾ امن جو ڪشتو آهي. هو ويچارا سنڌين جا لاش کڻي به اڃان پريشان ڪو نه ٿيا آهن هو ته اڃان به امن جي خيرات پيا گهرن. هو ته ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ مان چون ٿا ته اسان هنن مظلوم ڀائرن کي جيڪي حق پرست آهن ۽ موجوده حڪومت جي ظلم جو شڪار آهن انهن کي دل ۾ جايون ڏيون ٿا. هو ويچارا مظلوم سنڌ ۾ اسان جا برابر حصيدار آهن. منهنجا پيارا سنڌ واسيو وري به مان اوهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته هي سڀ ڪجهه مان پنهنجي طرفان ڪو نه پئي لکان. هي حوالا ته مان سنڌي اردو اخبارن مان ڏيان پئي.
سائين منهنجا اچو ته ٿورو سوچيون سمجهون ته هن مسئلي کي اسان جي همدرد سنڌ ڏوکي ليڊرن کي ڀل نظر نه ايندو هجي پر هاڻ عام اڻ پڙهيل ماڻهو به اهو سمجهي چڪو آهي ته هاڻ اسان جي سنڌ مٿان ڏکي ۾ ڏکيو وقت آيو آهي. اڄ جو هي ڏکيو وقت ڪيترا سال اڳ اسان کي وارننگ ڏيندو رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي اسڪولن مان ختم ڪرڻ، ون يونٽ جو ٺهڻ، ڪوٽا سسٽم ۽ ايم ڪيو ايم جو وجود ۾ اچڻ اهي سڀ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن اسان کي هن حال ۾ پهچايو آهي. سنڌ ۾ تعليمي نظام کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو ۽ پوءِ ڪوٽا سسٽم جي نالي سان خيرات ڏني ويئي. ڏٺو اهو ويو آهي ته هن ڪوٽا سسٽم مان سنڌين کي ڪو خاص فائدو به ڪو نه پهتو آهي. نظر وجهجي ته الائجي ڪيتريون ڳالهيون آهن جن اسان کي موجوده حالتن تائين پهچايو آهي. هنن حالتن سان مقابلو ڪرڻ صرف حڪومت جي ذميداري نه آهي پر سنڌ جي عام ماڻهوءَ کان وٺي سياستدان، اديب، دانشور سڀ ملي ڪري گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا.
هن ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته پيپلز پارٽي وارا به هنن حالتن جا ڪنهن حد تائين ذميندار آهن. حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ عزيز آباد جا چڪر لڳائڻ انهن جون سڀ جائز نا جائز ڳالهيون مڃڻ جي گنهگار اسان جي حڪومت آهي. پيپلز پارٽي نواز شريف، ڄام صادق علي، غلام مصطفيٰ جتوئي کان وٺي معين قريشي جي حڪومت تائين سڀ ذميندار آهن هن دهشتگرديءَ جا. ضياءَالحق ۽ غوث علي شاهه ته جنم ڏنو هو هنن کي جيڪي هاڻ ڌرتيءَ جا ناسور ٿي ويا آهن. اسان جا قوم پرست ليڊر، اديب دانشور ڪير به پاڻ کي گهنگهاريءَ واري کاتي کان آجو نه ٿو ڪري سگهي. پيپلز پارٽي وارن حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ، قوم پرستن پنهنجي ذاتي مفاد ۽ پيپلز پارٽيءَ سان دشمني نڀائڻ لاءِ، اديب ۽ دانشور انسانيت جي حوالي سان ته ويچار ڪاڏي ويندا آخر هن ڌرتيءَ وارن جهڙا ٿي ويندا وغيره وغيره . . . هنن سڀني ڪوتاهين جو نتيجو هي نڪتو آهي ته هو هڪ معمولي گروهه سڀني کي آڱرين تي نچائي رهيو آهي. هنن دهشتگرد خونين وٽ ايترا ته هٿيار آهن جو حڪومتي ادارا به انهن جي آڏو بي وس ٿي پيا آهن. پريس وارا انهن کان ڊڄن ٿا. سون جي حساب سان ماڻهو ماري، مال ملڪيتون تباهه ڪري هو پاڻ کي مظلوم سڏائين ٿا. حد ته اها آهي ته سڀ ڪنهن جو زور اهو آهي ته ان مهان دهشتگرد کي مان ڏنو وڃي ان کي سامهون عزت سان ڪرسيءَ تي ويهاري ان کي عرض ڪيو وڃي ته مهرباني ڪري هيءَ قتل خونريزي بند ڪر، اسان تنهنجا خادم آهيون، تنهنجو حڪم مڃينداسين، تون ته صرف ڪراچي حيدرآباد جي ڳالهه ٿو ڪرين، اسان سڄي سنڌ تنهنجي قدمن تي رکڻ چاهيون ٿا. منهنجا سنڌ واسيو سوچيو ته سهي، ڏسو ته سهي، نه صرف اپوزيشن پر اخبارن ۾ ڇپندڙ اردو اديب، دانشور ۽ صحافين جا ڪالم ۽ مضمون صرف ان ڳالهه تي زور ڏيئي رهيا آهن ته ڳالهيون ڪيو، سياسي حل تلاش ڪيو. يقينن ڳالهين ڪرڻ سان ئي مسئلا حل ٿيندا آهن پر هت ڪراچيءِ جو مسئلو وڌيڪ ڏکيو آهي ڇو ته هت دهشتگردي بجاءِ گهٽجڻ جي روز بروز وڌي رهي آهي. حڪومت جي ٺاهيل ڪا به ڪاميٽي انهن کي قبول نه آهي هو چاهين ٿا ته حڪومت جا اهم نمائندا لنڊن ۾ وڃن ان ظالم جي اڳيان پيش پون ۽ هو ظالم چانهن جو هڪ ڪوپ پياري سڀ مسئلا حل ڪري ڇڏيندو. معنيٰ هيڏن انسانن جي رت جي قيمت چانهن جو ڪوپ آهي . . . پوءِ هو ظالم شخص وري اهي طعنا ڏيڻ شروع ڪندو جڏهن نئين قسم جي دهشتگردي ڪندو ته مون وٽ لنڊن توهان ڇو آيا هئا . . . ؟ اڄ به ته اها ئي ڳالهه ورجائي پئي وڃي ته فلاڻا ڪي فلاڻا اسان وٽ عزيز آباد ڇو آيا هئا. مان پنهنجي هن ڪالم ۾ ڪا به نئين ڳالهه ڪا نه ڪئي آهي. انهن ڳالهين کان واقف سڀڪو آهي. هن وقت جي جيڪا اهم تقاضا آهي ته اسان سنڌين کي هن مهل ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ڇا دهشتگرديءَ جو مقابلو دهشتگرديءَ سان ڪجي؟ ڇا صرف ٺلها بيان ويهي ڪڍجن؟ هن دهشتگرديءَ ۾ ڪيترائي سنڌي ماريا ويا آهن. ڇا اسان کي پنهنجو تحفظ ڪرڻ گهرجي يا وري واري جو ويهي انتظار ڪجي؟ دهشتگرديءَ جو مقابلو اسان سنڌي دهشتگرديءَ سان بلڪل نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته اسان وٽ نه ايترا هٿيار آهن نه وري حوصلو ها باقي بيان ڪڍڻ جا اسان هوشيار آهيون ان ۾ ڪمي نه اچڻ گهرجي.جيڪي اسان جا جوان مرن پيا انهن کي وڏي دل سان مٽيءَ حوالي ڪرڻ گهرجي ڇو ته مرڻ کان پوءِ به آخر سنڌ جي مٽي انهن کي ملي آهي. ها باقي واري جي انتظار ۾ ويٺل اسان جهڙا ڪي ماڻهو اهڙي موت کي قبول نه ٿا ڪرڻ چاهين انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
سچ پڇو ڏاڍي نااميدي ۽ اڪيلائپ آهي. پنهنجي حڪومت هوندي پنهنجي سنڌ ۾ اسان سنڌي ڪيڏا نه اڪيلا آهيون. وڙهي نه ٿا سگهون پر پنهنجي وارثي ۽ حقداري به نه ٿا ڏيکاري سگهون. منهنجي دل چاهي ٿي ته سڀ سنڌي هٿين خالي گهرن مان نڪرن، نه صرف اسان جي ملڪ پر سڄيءَ دنيا کي اهو ٻڌائين ته اچو اسان سان حساب ڪتاب ڪيو. عدالتن ۾ هلو، جرگا ويهاريو ۽ اقوام متحده تائين هلو ۽ اسان کي صرف هڪ سوال جو جواب ڏيو ته “پاڪستان ٺهڻ وقت اسان ڪنهن به معاهدي ۾ سنڌ جي شهرن تان هٿ ڪو نه کنيو هو، پاڪستان صرف سنڌ ۾ ڪو نه ٺهيو هو. جڏهن سنڌ آهي ئي سنڌين جي ته پوءِ هي خونريزي ۽ دهشتگردي ڇا لاءِ . . . .؟ جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته سنڌ ۾ هو خوش نه آهن ته اهي ٻين صوبن ۾ هليا وڃن ڇو ته اهي صوبا به پاڪستان ۾ آهن. سنڌي ماڻهو ڪنهن به حالت ۾ سنڌ جي تقسيم ڪو نه چاهيندا. جڏهن بنگلاديش ٺهيو هو ته خبر پئي ته جن بنگالين کي غدار ۽ خراب چيو ويو اهي ئي وارث نڪتا بنگلاديش جا، جن الشمس، البدر جهڙيون تنظيمون ٺاهيون ۽ دهشتگردي ڪئي، اهي وڃي ڪيمپن ۾ ويٺا. حساب ڪتاب مهل ٻاهران آيل ماڻهن جي ڪا به حقداري ڪا نه نڪتي. هت اگر حالتون خراب ٿينديون ته پوءِ ڪيمپن ۾ ڪير وڃي رهندو؟ هنن نادان انسانن کي اهو ٻڌائجي ته اسان جو تعلق پيار ۽ احساس جو آهي. جڏهن اهو ٽٽي ويو ته ڪجهه به نه رهندو. سواءِ خون ريزيءَ جي. مان هن مهل سڀني سنڌ دوست قوم پرست تنظيمن، اديبن ۽ دانشورن کي اپيل ڪندس ته خدا جي واسطي صرف بيان نه ڪڍو ڪجهه عملي طرح به ڪري ڏيکاريو. هڪ هنڌ گڏ ٿيو آئيندي جي لاءِ ڪي منصوبا ٺاهيو. توهان جو اڄ جو دشمن ڏاڍو ظالم آهي. هو پيار جي احساس جي زبان سمجهڻ وارو نه آهي. مقابلو نه ٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي قوم لاءِ ڪي بچاءُ جا طريقا ڳوليو. جنهن سان اسان پنهنجي نوجوانن جون زندگيون به بچائي سگهون ته پنهنجي سنڌ کي به بچائي سگهون. اسان کي صرف اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته “سنڌ اسان جي آهي. صرف اسان جي” جڏهن اسان هڪ هنڌ تي گڏ ٿي ويهنداسين ۽ هن فيصلي تي عمل ڪنداسين ته يقين ڪيو ته اسان جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. اچو ته گڏجي هڪ فيصلو ڪيون صرف هڪ فيصلو ته “سنڌ اسان جي آهي صرف اسانجي”.
سومر 3 جولاءِ –1995ع