ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

بينظير جا ويچار ۽ بيروزگاري

ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جيڪا تقرير ڪئي ان مان ڪجهه ڳالهيون مان لکان ٿي. محترمه اهو چيو ته اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري گهڻي آهي، وسيلا گهٽ آهن. ان جي باوجود به حڪومت اها ڪوشش ڪري پئي ته جيئن بيروزگاري گهٽجي ۽ پڙهيل لکيل نوجوان نوڪرين ۾ اچن. ان اها ڳالهه وضاحت سان چئي ته جڏهن اسان گذريل دفعي حڪومت ۾ آياسين ته اسان پيپلز پارٽي جي انهن ڪارڪنن کي نوڪريون ڏنيون جن ڪوڙا کاڌا، جيل سٺا ۽ قربانيون ڏنيون. ان وقت اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو . پوءِ چاهي اهو صحيح هو يا غلط. باقي اڄ جو ماحول مختلف آهي اڄ ڪلهه ميرٽ جو زمانو آهي، مقابلي جو زمانو آهي مان چاهيان ٿي ته هتان جا نوجوان مقابلي ۾ اچن ۽ روزگار حاصل ڪن، رشوت ۽ سفارش اڄ ڪلهه نه هئڻ گهرجي. محترمه بينظير صاحبه هٿ ٻڌي چيو ته “منهنجا ڀائرو پنهنجي هن ڀيڻ وٽ توهان سفارش لاءِ نه اچو” ان وڌيڪ اهو به چيو ته اڄ ڪلهه سڀڪو سرڪاري نوڪري گهري ٿو. اڄ جو نوجوان پندرهن سون واري سرڪاري نوڪري ڪرڻ چاهيندو پر پرائيويٽ چار هزارن واري نوڪري ۾ وڃڻ پسند نه ڪندو. ان زور ڏيندي ٻڌايو ته اڄ ڪلهه گهڻا سرڪاري ادارا پرائيويٽ ٿين پيا پرائيويٽ ادارن ۾ پگهارون سٺيون ملن ٿيون. محترمه مثال ڏيندي چيو ته جڏهن توهان پنهنجي جاءِ تان هٽي ٿا وڃو تڏهن نه ٻيا ان تي قابض ٿين ٿا. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن جو مثال ڏيندي ان چيو ته توهان لاءِ اهي شهر به پرديس آهن توهان ات وڃڻ نه ٿا چاهيو تڏهن ته ات ٻين جو قبضو ٿي ويو آهي. توهان نوڪريون نه ڪندؤ ته ان جاءِ تي بنگالي بهاري، برمي ۽ هندستاني اچي ويندا. محترمه پرائيويٽ سيڪٽر جا ڪيترائي مثال ٻڌايا جن مان ٻه اهم هئا. ڄامشوري ۾ نئون بجلي ٿرمل هائوس ۽ ٿر ۾ نڪرندڙ ڪوئلي ۽ ٻين معدنيات تي ملندڙ نوڪريون. ان وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ نوڪريون حاصل ڪندڙن کي ٽريننگ مفت ۾ ڏني ويندي آهي نوڪريون هزارن جي تعداد ۾ آهن پرائيويٽ آهن ته ڇا ٿيو ان سلسلي ۾ ان ئي وقت محترمه اشارو ڪري واسطيدار عملدارن کي حڪم ڪيو ته هاڻي جو هاڻي هتي ئي جيڪو نالو لکائڻ چاهي اهو لکائي ان جي تعليم ڪهڙي به هوندي اسان ان کي مفت ٽريننگ ڏياري ان نوڪري جي قابل ڪنداسين.
اهڙيون ٻيون اهم ڳالهيون محترمه ڪيون. سنڌ جي حالتن کان اسان جي حڪومت نا آشنا نه آهي. گهڻيون ڪوتاهيون اسان جي وزيرن ۽ سرڪاري عملدارن جون ته آهن پر اسان کي پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائڻ گهرجي. اهڙيون ڪيتريون ڪوتاهيون آهن جن جي ڪري اسان پوئتي رهجي ويا آهيون. هڪ ته پرديس واري ڳالهه ڏاڍي ڏکي آهي. ٻين قومن جا ماڻهو اڪيلا محنت ڪري ولايت مان به ڪمائي لکا پتي ٿي ويندا آهن اسان وٽ هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين به پرديس ٿي ويندو آهي. اسان چاهيندا آهيون ته پنهنجي ڳوٺ ۾ اصل پنهنجي گهرجي سامهون روزگار ملي ته ٺيڪ ورنه هوٽلن تي ويٺا چانهيون پي پنهنجو قيمتي وقت زيان ڪندا آهيون ٻي اهم ڳالهه ته کپي ته سرڪاري نوڪري پرائيويٽ ڪير ڪندو . . . . . پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ ماستري ڪرڻ سولي آهي. پوليس جي نوڪري لاءِ پيا واجهائيندا باقي ٻين ادارن ڏانهن وڃڻ پسند نه ڪندا، فوجي نوڪري ۾ ڪيتريون نه سهولتون آهن پر ماءُ جا لاڏلا پٽ ڪٿ ٿا سختيون سهي سگهن، ٽريننگ حاصل ڪري سگهن. . . .؟
ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته ڪجهه تبديلي آئي آهي. پر اها تبديلي ايڏي وڏي نه آهي. جنهن سان اسان جي ماڻهن ۾ خوشحالي اچي. اڄ کان پندرنهن ويهه سال اڳ ڪراچي شهر ۾ سنڌي گهٽ نظر ايندا هئا. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نوڪرين سانگي رهندا هئا باقي زميندار ۽ وڏيرا انهن جا نوجوان پٽ پنهنجي دولت ۽ گاڏين جو شان شوڪت ڏيکاريندا هئا. طارق روڊ ۽ ايلفي تي ائين بيٺا هوندا هئا جو گگ پئي ڳڙندي هئن، جهڙين تهڙين شڪلين پويان به هزارين لکين رپيا قربان ڪري ڇڏيندا هئا اسان جا وڏا ٻڌائيندا آهن ته ان وقت سنڌين لاءِ تصور ڪراچي ۾ اهو هوندو هو ته يا ته سنڌي ڀوڪ ڄٽ ۽ جاهل آهن يا وري عياش، بدمعاش ۽ ڌاڙيل آهن.
وقت ۽ حالتن ڦيرو کاڌو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي حڪومت آئي ۽ اسان جو وچولو پڙهيل لکيل طبقو شهرن ۾ آيو ۽ نوڪريون ڪرڻ لڳو سنڌي جيڪي هڪ عجوبو هوندا هئا ٻين لاءِ انهن ۾ هن وچولي طبقي اچي جاءِ والاري ۽ آهستي آهستي سنڌي وڌندا ويا ۽ هر هنڌ نظر آيا. ماحول جي پنهنجائپ ۽ سياسي حالتون به سنڌين ۾ شهرن ڏانهن اچڻ جا سبب بڻبا، جيئن ته ڀٽي صاحب جي حڪومت يا وري اڄ ڪلهه بينظير جي حڪومت عرف عام ۾ سنڌين جي حڪومت چئي ويندي آهي. اها سوچ ۽ اهو حق سنڌين لاءِ رستا کوليندو ويو ڪراچي شهر هونئن به ته سنڌين جو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪي حالتون پيدا ٿيون ۽ ڌاريا شهرن ۾ اچي قبضو ڪري ويٺا شهري سهولتن ۽ روزگار تي هو پنهنجو حق سمجهڻ لڳا هاڻ به حالتون اهڙيون ئي آهن ڌارين ملڪن مان آيل مسلماني جو ٺپو هڻي هت حقداري ڄمايو ويٺا آهن پر اندرون سنڌ مان ايندڙ سنڌي هت برداشت نه ٿا ٿين.
ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته هت ايندڙ هر ڌارين کي سنڌ دل ۾ جاءِ ڏئي ٿي. بهرحال سنڌ سنڌين جي آهي. اسان کي به هاڻ اکيون کولي پنهنجي عمل سان برتري ثابت ڪرڻي پوندي. اها برتري تڏهن ثابت ٿيندي جڏهن اسان چئني طرف هر قسم جي روزگار ۾ گهڙي پونداسين ڪو به ڪم ڪرڻ ۾ عيب ڪو نه سمجهنداسين هر سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ نوڪريون اسان کي ڪرڻ کپن اڄ ڪلهه پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به نوڪرين جو ڪافي تحفظ آهي. هروڀرو ٿوري گهڻي ڳالهه تي ڪير ڪنهن کي ڪڍي ڪو نه ٿو سگهي، هاڻ آهستي آهستي گورنمينٽ جا ادارا به پرائيويٽ ٿيندا پيا وڃن ڇو ته اسان جا گورنمينٽ جا ادارا تباهه ٿي چڪا آهن. اسان وٽ سرڪاري نوڪري معنيٰ عياشي آهي ڪير نظر رکڻ وارو ڪونهي، ڪير ڪم ڪرڻ نه ٿو چاهي. پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪرڻو پوندو آهي وقت حساب ڪتاب سان ڏيڻو پوندو آهي محنت ڪرڻ ۾ به ته ڪو عيب ڪونهي محنت سان ئي انسان ڪامياب ٿي سگهي ٿو. محنت سان ئي انسان ترقي ڪري سگهي ٿو. اچو ته گڏجي سنڌ جي وسيلن ۽ روزگار کي پنهنجو ڪيون ۽ پنهنجي محنت سان پنهنجو مستقبل روشن ڪيون ۽ هن سنڌ کي گل گلزار ڪيون.
آچر 18 سيپٽمبر 1994ع