ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

شهزادن جي موٽ

ڪجهه سال اڳ هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته هي اسان جا وڏا شهر جتي هاڻ راڪاس گهمي ويو آهي. اڳ آکاڻين ۾ پڙهندا هئاسين ته راڪاس اماوس جي رات جو ٻاهر نڪرندو هو، جهڙو ڪارو پاڻ، تهڙي ڪاري رات، چنڊ ستارا به لڪيل، هٿ کي ڏسي نه هٿ، اهو راڪاس ڪنهن به ويجهي ڳوٺ تي حمله آور ٿيندو هو، ڪيترن کي ماري کائي ويندو هو، باقي بچيل ان ڳوٺ جا رهواسي اهو ڳوٺ خالي ڪري هليا ويندا هئا، ڪجهه وقت کان پوءِ ڪنهن ملڪ جو بهادر شهزادو اتان اچي لنگهندو آهي، ڇا ڏسي ته گهر سامان سان ڀريل پيا آهن، ڪلن ۽ رسين تي ڪپڙا ٽنگيا پيا آهن، صرف انساني مخلوق ات موجود ڪونهي، اهو شهزادو ڀر واري ڳوٺ ۾ پهچي ٿو ته پڇا ڪرڻ تي خبر پويس ٿي ته هڪ راڪاس آهي، جنهن جي ڪري هي ڳوٺ ويران ٿيو آهي، اهو بهادر شهزادو پوئتي موٽي ٿو، پنهنجي ساٿين جي مدد سان ان راڪاس جو انت آڻي ٿو.
هيءَ ته ٿي هڪ پراڻي ڪهاڻي. هن ڪهاڻيءَ جي پس منظر کي سامهون رکي اسان ڏسون ٿا ته اسان جي وڏن شهرن ۾ هڪ نه پر هزارين راڪاس آهن، هو نه ڏينهن ٿا ڏسن نه رات، هو انسانن کي مارين ٿا، هي جيڪي رهزن، ظالم خوني راڪاس آهن، اهي ڪنهن کان به ڪو نه ٿا ڊڄن، اسان کي، توهان کي ۽ هنن وڏن آقائن سڀني کي خبر آهي ته هو ڪير آهن، سڀ چپ آهن، ٻڌي ڪونهي، هر ماڻهو ڊنل آهي ڄڻ ته واريءَ جي انتظار ۾ آهي ته ڪڏهن ٿو ڪات ان جو ڪنڌ ڪوري.
هو راڪاس ٽوپي اجرڪ پائي رت جي راند کيڏن پيا ، هن ڌرتيءَ جا ڊنل لاوارث انسان شايد انتظار ۾ آهن ڪنهن شهزادي جي لاءِ، جيڪو ايندو ۽ سڀ سُور لاهي ويندو، ڪڏهن ايندو اهو شهزادو؟؟ ڪنهن زور سان مون کي چئيو شهزادا به ماڻهو ڏسي موٽ کائيندا آهن، هن ڌرتيءَ جا رهواسي ٻانهن سيراندي ڪيو ستا پيا آهن، شاعر ۽ اديب پاڻ ڪو نه ٿا جاڳن پر شاهه لطيف کي ٿا سڏ ڪن “جاڳ ڀٽائي گهوٽ سنڌڙي ٿي تو کي سڏي” ڏتڙيل، بک ۽ بيروزگاري جي مسئلن ۾ ڦاٿل عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن مان آسرو لاهي ويٺا آهن، هن ڌرتيءَ جا ماڻهو مسئلن جا ماتمي آهن، ان انتظار ۾ آهن ته ڀٽائي، سچل سرمست، دودو، دريا خان ۽ مخدوم بلاول پنهنجي آخري آرام گاهن مان نڪري اچي انهن جي مدد ڪندا.
هيءَ وقت جي ويڙهاند گذريل ويهن سالن کان وٺي هن ڌرتيءَ تي جاري آهي، مون جهڙا ڪي چريا جڏهن ڪجهه لکن يا تقريرن ۾ رڙيون ڪري ڌرتي واسين جو حال ٻڌائين ٿا ته اڳيان جواب ملندو هو ته “ادي سلطانه سچ ڳالهائي ٿي پر آهي ڏاڍي جذباتي”، ان وقت منهنجي دل چوندي آهي ته انهن کي چوان اندر سورن سان ڀريو پيو آهي، اندر جو درد آهي، جيڪو سک سان ويهڻ نه ٿو ڏئي، مان ڪجهه عرصي تائين ماٺ ٿي ويس.
هاڻ ويجهڙ ۾ اوچتو منهنجي نظر پئي ۽ ڏٺم ته هندستان جي عجائب گهر ۾ رکيل هوءَ موهن جي دڙي جي ناچڻي گهنگهرو ٻڌي سفر جي تياري پئي ڪري، موهن جي دڙي جي مهانَ پوڄاريءَ جنهن ڪيترا سال اڳ پنهنجي مٿي تان ٽوپي ۽ جسم تان اجرڪ لاهي ڦٽي ڪئي هئي، اڄ اهو وڏو مهان پوڄاري ٽوپي اجرڪ پايو پنهنجي پوئلڳن سان گڏ موهن جي دڙي جي وڏي عبادت گاهه جي صفائي پيو ڪرائي، سڀني پوئلڳن کي حڪم پيو ڏئي ته موهن جي دڙي جي وڏي حوض ۾ تازو پاڻي ڀريو وڃي ۽ اڄ کان پوءِ موهن جي دڙي جو ڪو به کوهه سڪل نه هجي.
هي سڀ اهي حقيقتون آهن جن کي منهنجون اکيون پري پري تائين ڏسي رهيون آهن.
مان ڏسان پئي شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي حُجري مان ٻاهر نڪري مسجد ۾ اچي ويٺو آهي، هٿ ۾ پنهنجي عصا اٿس ۽ سامهون راڳي راڳ پيا ڳائين، ڀٽائي صاحب جي چئني طرف ماڻهن جو هجوم ويٺو آهي، انهن مان ٿورن کي مان سڃاڻان ٿي، گهڻا منهنجي لاءِ اجنبي آهن، هن سڄي هجوم ۾ هڪ ڳالهه جي هڪجهڙائي هئي، اها هئي خوشي ۽ چپن تي مسڪراهٽ.
مان به پير پير ۾ ڏيئي خاموشيءَ سان ان محفل ۾ گهڙي ويس، عجب محفل آهي، نه ڪنهن ڏٺي نه ڪنهن ٻڌي، مان ڪمزور ڊنل هيسيل ڏڪندڙ قدمن سان اندر وڃي خاموشيءَ سان هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيس، هت سڀ ويٺل عزت، مان شان وارا، علم ادب ۽ سياست سان واڳيل سڀ ويٺا هئا، جن جي اڪثريت کي مان سڃاڻي نه سگهيس ، مان اکيون مٿي کڻي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏٺم ته علامه دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، علامه علي خان ابڙو، مخدوم نوح، مخدوم بلاول، محمد يعقوب ميمڻ، عبدالله شاهه، شاهه سائينءَ جو پيارو تمر فقير، مير عبدالحسين سانگي وغيره ويٺا هئا.
هن هجوم ۾ مان ماڻهن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي رهيس، ڪجهه شخصيتن کان علاوه اڪثريت منهنجي لاءِ اجنبي هئي، ها ان ڳالهه جي خبر مون کي ضرور هئي ته هنن جي اولادن يا واسطيدارن جن نمائندگي ڪئي آهي سنڌين جي، اڄ هو هن ڌرتيءَ تي پير ڄمائي حق وارثي ڏيکارين پيا، مان آهستي آهستي سرندي علامه علي خان ابڙي جي ڀرسان وڃي ويٺس، علي خان ابڙي منهنجي مٿي تي هٿ رکي علامه دائود پوٽي کي چيو ته سائين مان جڏهن ڪراچيءَ ۾ مسلم آباد واري بنگلي ۾ توهان سان ملڻ ايندو هوس ته مون سان منهنجون ٻه نياڻيون به گڏ هونديون هيون، هيءَ ڇوڪر منهنجي وڏي نياڻيءَ جي ڌيءَ آهي، مون کي حيرت به ٿي ۽ خوشي به ٿي ته منهنجي ناني مون کي سڃاڻي ورتو آهي، مان نانا سائينءَ جو هٿ وٺي مرزا قليچ بيگ ڏي اشارو ڪري چيو ته نانا سائين اوهان کي خبر آهي ته هن ڌرتيءَ تي “مرزا” ۽ ان جا ٻيا ساٿي ڇا پيا ڪن؟ نانا سائين يڪدم چيو ها ها اسان کي خبر آهي، هي جيڪي به ماڻهو ڏسين پئي اهي انهن جا وڏا آهن، ٻيا وري ڌرتيءَ جا هڏ ڏوکي ۽ علم ادب وارا آهن، مان نانا سائين کان پڇيو ته توهان سڀ هت ڇو گڏ ٿيا آهيو؟ نانا سائينءَ چيو جهڙي طرح اسان هت جمع آهيون اوهڙي طرح سان ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي هنن سڀني جو اولاد پهريون دفعو هڪ هنڌ جمع ٿيو آهي. پوءِ آڱر جي آشاري سان چيائين هو پري پري ڏس هن ڌرتي جي وڏي شهر ۾ جيڪي ماڻهو جمع آهن. اسان جي نظر انهن تي آهي.
مرزا قليچ بيگ جي منهن ۾ مسڪراهٽ بجاءِ پريشاني هئي، هٿ کڻي دعا پئي پڙهيائين، مون “مرزا” صاحب جي باري ۾ پڇڻ چاهيو ته ان هٿ جي اشاري سان مون کي چپ رهڻ لاءِ چيو. هاڻ مان ڏاڍي ادب سان اکيون مٿي ڪري شاهه لطيف ڀٽائيءَ کي ڏٺو، منهنجي اکين ۾ هڪ سوال هو، هاڻ ڇا ٿيندو؟ شاهه
سائين جي اکين ۾ به جواب هو، ثابت قدم رهندا، اڳتي وڌندا ته ڪامياب ٿيندا، پٺ ورائي ڏسندا ته پٿر جا ٿي ويندا، پوءِ حضرت نوح جهڙو طوفان ايندو جنهن ۾ پاڻي نه پر رت هوندو.
مان ڊڄي ويس، ڊوڙ پائي اتان ٻاهر نڪتيس، مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر هيءَ ڪهڙي راند آهي، هي سڀ ڪجهه ناٽڪ آهي يا حقيقت، ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته هن ڌرتي تي موهن جي دڙي واري ناچڻي وري رقص ڪري، مهان پڄاري وري ٻيهر ٽوپي ۽ اجرڪ پائي وڏين اميدن سان عبادت جي خوشين جي تياري پوري ڪري سگهندو؟؟
اوچتو هڪ اجنبيءَ منهنجو هٿ پڪڙي مون کي روڪي ڇڏيو، چيائين ايترو خوش نه ٿي، صفا چري پئي لڳين. هت هيٺ سڀ شطرنج جا مهرا آهن، هنن سڀني جي ڏور ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي، ان ئي هنن کي ٿوري اجازت ڏني آهي ته پنهنجي ناراضگي ڏيکاريو، ڏسجانءِ ويٺي اهو وقت پري ڪونهي جو هي سڀ مير جعفر غدار ٿي، هٿ مٿي کڻي جي حضور ڪري ڏنل ڪاغذن تي صحيح ڪري ايندا. اڃا اڳتي وڌيس ته ٻيو آواز آيو، هي راڪاس برڙ باڪاس ته ڌاريو آهي، پر هي سڀ جن کي تون پنهنجو ٿي سمجهين، اميدون ٿي رکين، اهي سڀ مفاهمت جي پاليسي تي عمل ڪري تو وٽان لنگهي ويندا. انهن مان جيڪي ارڏا ۽ ثابت قدم هوندا، اهي فنا ٿي ويندا. مان ڏک مان چيو مون وٽ زندگي جي اهميت آهي، مان سڀني جي زندگي چاهيان ٿي، هنن مان ڪو هڪ به مري پيو ته مان به مري وينديس، پر اهي ڪيئن زندگي گذاريندا، جيڪي بعد ۾ جيئرا رهندا؟ ڇا انهن جو ضمير، ڌرتي ماءُ جي وفاداري، پنهنجي اٻوجهه ماڻهن جي لاچاري ۽ بي وقتي موتن کي برداشت ڪري سگهندا؟ اڄ انهن مان رستا روڪ ڪندس، اڄ اسان کي ناٽڪ نه پر حقيقتون کپن.
مان انهن کي شاهه لطيف جو پيغام ٻڌائينديس. ثابت قدم رهو، اڳتي وڌو، پٺ ورائي ڏسندوءَ ته پٿر جا ٿي ويندؤ. مان انهن کي اهو به ٻڌائينديس ته مرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي، مرزا جيئن جيئري ئي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.
زندگي، خوشي، سک، روزگار، حق وارثي اڄ ڌرتيءَ وارن کي کپن.
اڱارو 18 آڪٽوبر 2011ع