زندگيءَ جي عڪاسي – سلطانه وقاصي
زندگيءَ جي عڪاسي – سلطانه وقاصي
سال 1970ع جي ڪنهن مهيني ۾ تاج بلوچ مون کان سوجھري رسالي لاءِ انٽرويو ورتو هو. تڏهن منهنجي عمر شايد پنجويهه – ڇويهه سال هوندي. اُهو انٽرويو ڏيندي به ڪيترا سال گذري ويا آهن. اُن انٽرويو ۾ مون پنهنجي پسند جا جيڪي شاعر ڳڻايا هئا، تن ۾ ٻين سان گڏ سلطانه وقاصيءَ جونالو به مون کنيو هو. تڏهن شايد مون سلطانه وقاصي کي ڏٺو به ڪونه هو. ائين ئي سندس ڪلا تي غيب تي ايمان آندو هيم. اڄ هيترا سال گذرڻ کانپوءِ به منهنجي راءِ ساڳي آهي. فرق اهو آهي ته تڏهن اڻ ڏٺي تي ايمان آندو هئم هينئر سلطانه وقاصي منهنجي قريبي دوستن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي. هي رشتو هڪ طرفو نه آهي سلطانه پنهنجي هڪ مضمون ۾ جيڪي پنهنجا قريبي دوست ڳڻايا آهن اُنهن ۾ منهنجو نالو به شامل آهي. سلطانه جيڪي پنهنجا ٻيا دوست ڳڻايا آهن انهن ۾ اڪثريت منهنجي دوستن جي به آهي. انهي لسٽ ۾ ڪنهن کي منهنجي دوستيءَ تي اعتراض آهي ته اعتراض داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ اڃا اڳتي پئي آهي.
جڏهن مون سلطانه وقاصيءَ جو نالو پنهنجي انٽرويو ۾ کنيو هو ته اُن وقت سندس حيثيت هڪ نثراڻي نظم جي بهترين شاعرا جي حوالي سان هئي پوءِ اڳتي هلي سندس زندگيءَ جا اڪيچار پهلو منهنجي نظر مان گذريا، هوءَ هڪ متحرڪ، باغي، غير مصلحت پسند، محنتي، اورچ ۽ بهترين سيرت جي مالڪ ثابت ٿي. هوءَ شاعرا هجڻ سان گڏوگڏ ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار به آهي، سلطانه وقاصي خوددار ۽ ارڏي آهي. هوءَ اهڙي لبرل ۽ انقلابي عورت آهي جنهن جو پهريون ڪمٽمينٽ پنهنجو گهر ۽ پنهنجا ٻچا آهن، جن کي پالڻ، پڙهائڻ ۽ هڪ عزت ڀرئي مقام تي پهچائڻ هن اڪيلي خوددار ۽ باعزت عورت جي اعليٰ ڪردار جو ثبوت آهي. هوءَ اهڙي لبرل ۽ پروگريسو به نه آهي جنهن کي ڇڙواڳ يا دربدر جو نالو ڏئي سگهجي. سندس ساٿياڻيون ڏسو مهتاب راشدي، فهميده حسين، انيس رحمان انيس گهانگهرو، تنوير جوڻيجو، خيرالنساءِ جعفري ۽ ٻيون اُهي سڀ لبرل ۽ ترقي پسند شخصيتون آهن جن جو پهريون ڪمٽمينٽ پنهنجو گهر پوءِ معاشرو، سنڌ ۽ انسانيت آهي.
سلطانه وقاصي پنهنجو گهر ڪيئن هلايو؟ پنهنجا ٻچا ڪيئن پاليا ۽ پڙهيا آهن هوءَ ڪهڙين ڏکين حالتن مان گذري ڪامياب ٿي آهي سا سندس ويجهن دوستن کانسواءِ عام ماڻهوءَ کي خبر نه هوندي..... هجي به ڇو؟ هوءَ پاڻ به پسند نه ڪندي آهي ته ڪو سندس گهريلو پسمنظر تي قلم کڻي، سندس مثال ڀٽ ڌڻيءَ جي انهيءَ بيت وانگر آهي.
نهائين کان نيهن، سک منهنجا سپرين
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
سچ پڇو ته جن آزمائشن مان هوءَ جدوجهد ڪري اُڪري پار پئي آهي سا جدوجهد مثالي آهي ۽ اهڙا مثال سنڌ ۾ ورلي ملندا. ڀٽائي صاحب چيو آهي.
مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اُڀا ائين چون متان پاند پسائين.
پر هيءَ اُها عورت آهي جنهن کي ٻَڌي ٻار ۾ اُڇلايو ويو پر هوءَ پاند پسائڻ کان سواءِ ٻاهر نڪري آئي آهي..... سلطانه وقاصي، جيئن مون چيو هڪ پوري تحريڪ جو نالو آهي. هوءَ مصلحت پسند هڪ گهڙيءَ لاءِ به ناهي ٿي تنهنڪري هن گهڻا ڏک ڏٺا آهن. پر ڏک ۽ سک زندگيءَ جي ڪيفتين جا ئي نالا آهن. هو نه ڏکن ۾ ڏاڍي مايوس ٿيندي آهي ۽ نه وري سکن ۾ آپي کان ٻاهر نڪري ويندي آهي. هوءَ متوازن شخصيت جي مالڪ آهي. ڏکن سکن ۾ سالم رهڻ ئي اعليٰ ڪردار جو اهڃاڻ هوندو آهي.
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ
شهر ۾ ڪڏهن ڪٿي ڪا تقريب ٿيندي ته اڪثر فون ڪندي ادا توهان اچو ٿا يا نه.....ائين ڪيترن ئي ادبي موقعن تي اسان پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪندا آهيون ۽ ويچار ونڊيندا آهيون.
سنڌي ادبي بورڊ بچايو واري تحريڪ ۾ جنهن جي اڳواڻي نورالهديٰ شاهه پئي ڪئي. تنهن ۾ ڪراچيءَ کان مان اڪثر ويندو هوس. ڪڏهن شمشير الحيدري به هوندو هو. عورتن مان صرف سلطانه وقاصي هئي جيڪا مونسان گڏ هلندي هئي پوءِ اسان جهنڊا کڻي حيدرآباد جي روڊن تي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻن ۾ گڏ هوندا هئاسين.
سلطانه وقاصي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي به شروع کان سرگرم رڪن رهي آهي وچ ۾سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۾ ڪافي سالن کان تعطل رهيو. جڏهن ادبي سنگت ٻيهر سرگرم ٿي ته وري سلطانه اسان سان گڏ ادبي ڪچهرين ۾ هوندي هئي. سچ ته اهو آهي ته جنهن ادبي ميڙ ۽ گڏجاڻي ۾ سلطانه وقاصي نه هوندي آهي اُها ڄڻ ته ٻُسي پئي لڳندي آهي.
مون کي ويندي ويندي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي ته اها به لکي ڇڏيان سال 1996ع ۾ جڏهن منهنجي بدلي سنگاپور ٿي هئي تڏهن مون کي ادبي حلقن پاران کوڙ دعوتون مليون هيون. سڀ کان پهرين دعوت مهتاب راشدي پنهنجي گهر ۾ ڪئي هئي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۽ حيدرآباد مان منهنجي ڀاءُ عنايت بلوچ ڀرپور دعوتون ڪيون، جيڪي منهنجي دل تي اُڪريل آهن. پر مان سلطانه وقاصي ۽ انيس گهانگهرو جي اُن دعوت کي ڪيئن ٿو وساري سگهان. جڏهن اُهي ٻئي ڄڻيون مٺائيءَ جا دٻا ۽ ڪجهه تحفا کڻي منهنجي گهر آيون هيون. منهنجي گهر ۾ منهنجي ٻچن جي وچ ۾ ويهي ڪري چيو هئائون ته ادا توهان سنگاپور وڃي رهيا آهيو. ٻين توهان کي دعوتن ۾ گهرايو آهي اسان پاڻ دعوت کڻي توهانجي گهر آيا آهيون. اسان اڄ به دوست آهيون، اڳ به هئاسين، سڀاڻي به رهنداسين، سلطانه سان منهنجا رشتا اڻ ٽٽ آهن.