ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)

امر جليل ڏانهن لکيل هڪ خط

جڏهن لکڻ پڙهڻ شروع ڪيوسين ته ادب ۾ ڪيترائي اسان جا رهبر هئا جن کي ڏٺو ئي ڪونه هو پر انهن جون لکڻيون پڙهي مون جهڙي ڇوڪريءَ هڪ واٽ ٺاهي ۽ منزل ڏانهن وک کڻندي رهي. ڪيترا واڏا نالا آهن، انهن مان هڪ نالو آهي “امرجليل” جو مان امر جليل کي اُن وقت پڙهيو ، جڏهن مان اڄان ميٽرڪ به پاس ڪو نه ڪئي هئي. مان ميٽرڪ ۾ هيس ته “روح رهاڻ” رسالو بند ٿي چڪو هو. روح رهاڻ جا ڪيترا ئي پرچا بابا جن وٽ محفوظ هئا. جڏهن روح رهاڻ جا پرچا پڙهيم، ان وقت سهڻي رسالي جو عروج هو. ائين سمجھو کڻي ته آڱر کان وٺي ڪنهن چيو ته لک توکي لکڻ گهرجي ٿورو گهڻو ته مان لکندي هيس پر اصل شروعات لکڻ جي ان دور کان ٿي.
ته ها سائين اڄ مان ڳالهه ڪريان ٿي “امر جليل” جي. امر جليل اسان سڀني جي گڏيل ملڪيت آهي. امر جليل کي پڙهي، امر جليل کي ڏسي، روح کي راحت ايندي آهي. اهڙيءَ طرح اهي شخصيتون اسان جون رهبر ٿي وينديون آهن،. الاهي سال اڳ ۾ شايد 1987ع ۾ مون امرجليل کي اسلام آباد ۾ هڪ خط لکيو. ان خط جو هن جواب به ڏنو. اڄ منهنجي دل چاهي ته توهان کي اهو خط پڙهايان. اچو ته خط پڙهون:
منهنجا پيارا ڀاءُ امرجليل،
وقت ۽ حالتن پٽاندر مان ڪيترو عرصو لکڻ ۽ پڙهڻ کان پري رهي آهيان. مان ڪتاب خريد ڪري نه ٿي سگهان. ڪڏهن ڪو ڪتاب ملي پوندو آهي ته ان جو هڪ هڪ پنو پڙهندي آهيان. پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي آدم ۾ ڪتاب پڙهندي آهيان، ڇو ته اتي بابا سائين هر سنڌي ڪتاب خريد ڪندو آهي. هاڻ جڏهين مان عيد تي ٽنڊو آدم وئي هيس ته برسات رسالي ۾ اوهان جو انٽرويو پڙهيم، ورهيه ٿي ويا آهن اوهان کي ڏٺي. هڪ دفعو اسلام آباد ۾ اوهان سان ڪجهه گهڙين جي ملاقات ٿي هئي. مون کي ايتري يادگيري آهي ته اوهان جي چهري تي انيڪ ڪارا وار هئا، يقين ڪريو ته منهنجي ذهن ۾ اڄ به اهو امر جليل آهي جنهن جي تصوير سهڻي رسالي جي امر جليل نمبر تي ڇپيل آهي.
بس سائين مان ڪيتري دير تائين اوهان جي تصوير کي ڏسندي رهيس. ڏک ٿيم ڏاڍو“هاءِ امر جليل به ڪراڙو ٿي ويو” (ها جيڪڏهن اڇا وار ڪراڙپ جي نشاني هجن) اوهان جون روشن روشن اکيون چشمي جي اندر ڪيتريون نه عجيب ۽ اوپريون پيون لڳن. اوهان کي ڪاوڙ ته نه لڳي مان اوهان کي ڪراڙو پئي چوان؟ توهان ته پنهنجي انٽرويو ۾ به چئي چڪا آهيو ته آئون ٻڍو ٿي ويو آهيان!! امر جليل صاحب اوهان کي ڪاوڙ نه اچڻ گهرجي. در اصل هي منهنجي جذبن جو اظهار آهي هڪ پڙهندڙ جي حوالي سان آهي مان اوهان جي ڪتابن جي هر سٽ کي ورائي ورائي پڙهيو آهي. اوهان برسات رسالي جي ڪور واري تصوير ۾ ڪيترا نه گريس فل پيا لڳو، ان جي باوجود به مونکي ڏک ڏئي ويا آهيو. اندر انٽرويو پڙهيم ته اڃان به جيءُ جھري پيو. ماڻهو اوهان جا افسانا پڙهندا آهن ۽ چوندا آهن امر جليل ته طنز مزاح جو ماهر آهي ۽ مان اوهان جا افسانا پڙهي پنهنجي وجود ۾ اوتيل زهر محسوس ڪندي آهيان....... اڄ سوچيان ٿي ته ايڏو زهر ڪڍڻ کان پوءِ به اوهان اڃان تائين اڪيلا آهيو جو اوهان کي پنهنجو لکڻ به اوپرو لڳندو آهي. گهٽ ڪنهن سان ملندا آهيو. سوشل زندگي ختم ڪري ڇڏي اٿو، بقول اوهان جي، اڳ اوهان اهڙا نه هوندا هئا، اڳ اوهان محفلون مچائيندا هئا، دوستن جا دوست هئا!!!
هاڻي ائين ڀلا ڇو؟ اڇن وارن سان ماڻهو ٻڍو نه ٿيندو آهي. ڀلي توهان جي اڇي ڏاڙهي هجي يا وري اڇا وار، مان اوهان کي ٻڍو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان. سائين امرجليل صاحب ڪتابن جي دنيا ۾ پاڻ کي گم ڪري انسانن کي پاڻ کان پري نه ڪريو. مڃون ٿا ته اوهان پنهنجن ڪتابن جي حوالي سان ماڻهن جي وچ ۾ آهيو....... پر هڪ انسان جي حوالي سان اوهان اڪيلا آهيو يا وري پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو ٿا...... دنيا جا ڏک اوهان پاڻ ۾ اوتي ويٺا آهيو ۽ مون اوهان جو ڏک هن انٽرويو جي حوالي سان پاڻ ۾ اوتيو آهي..... امر جليل صاحب اهو سچ آهي ته موٽ ۾ اسان کي ڪجهه به نه مليو آهي، پر توهان گهڻو ڪجهه ڏنو ۽ ڀوڳيو آهي. هن ڌرتي وارن سان گڏ جيون گهاريندي گهٽ ۾ گهٽ مون اهو محسوس ڪيو آهي ته هيءَ دنيا اسان کي ڪيترو به ڏکوئي، ڪيترو به روئاڙي، پر وري به ڪڏهن ڪڏهن کلڻ اسان جو حق آهي.... ان ڪري مان چوان ٿي ته کلندا ڪريو. دل جي گهراين سان کلندا ڪريو، ڇو ته کلڻ کان سواءِ اسان وٽ رکيو ئي ڇا آهي.
تازو حيدرآباد ۾ خيرالنساءِ جعفريءَ، تاج بلوچ جي ڪتاب جي مهورت ۾ پنهنجو مضمون پڙهيو بس چئني طرفان ٽهڪ هئا. مان کليس پئي هڪ هڪ لفظ تي واهه واهه هئي. ان وقت خيرالنساءِ جعفري جو ڇا حال هو؟ اهو به مان محسوس ڪيو. شگر ڪنٽرول کان ٻاهر جسم ڏڪيس پيو. بيمار پريشان خيرالنساءِ سڀني کي کلائي پئي.
جڏهن اسٽيج تان هيٺ لهي آئي ته مون چيومانس ته خيرو چري تون ته سڀ خوشيون لکيو ٻاهر ڪڍيو ڇڏين. باقي غم پاڻ ۾ ڀريو ويٺي آهين. ان وقت تائين تون خوش رهي نه سگهندينءَ جيستائين پنهنجو ڏک ٻاهر نه ڪڍندينءَ ...... ٻه چار ڏينهن کان پوءِ تنوير جوڻيجي جي گهر خيرالنساءِ جعفريءَ لڙڪ لاڙيندي چيو. منهنجي ماءُ مون سان جٺ ڪري وئي آهي. ان کي مرڻو هو ته گڏ مون کي به وٺي وڃي ها. ماءُ جي مري وڃڻ کان پوءِ مان ڏاڍي اڪيلي ٿي پيئي آهيان. مون چيومانس خيرو اسان پيار اڇلائيندا رهندا آهيون بي مقصد ڪجهه به نه ملندو آهي پر واٽ مٽائڻ جي همت ڪو نه ڪندا آهيون. ماءُ جو پيار ئي سچو پيار آهي پر اسان زندگيءَ ۾ ان جو قدر نه ڪندا آهيون.
امر جليل صاحب، ان وقت مون کي اوهان جا لکيل ماءُ ڏي خط ۽ ٻيا افسانا ياد اچي ويا جن ۾ ماءُ جو ذڪر ٿيل آهي “سمجهيم ارڏن ماڻهن جي ڪمزوري ماءُ ئي هوندي آهي”.
سائين امر جليل، اوهان پنهنجين لکڻين ۾ ڪيترو نه زهر ٻاهر ڪڍيو آهي ته به لڳي ٿو اڃان به ڀريا پيا آهيو. . . . هيڪلائيءَ جي احساس اوهان کي اهو احساس ڏياريو آهي ته توهان اڪيلا آهيو. . . . ڪجهه پاڻ تي رحم ڪريو . . . . ماڻهن سان گڏ رهندا ڪريو . . . . گهڻو نه ڀلا, ٿورو پر دل سان کلندا ڪريو . . . . اگر اوهان کي ڪجهه ٿي پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
مان هڪ پڙهندڙ جي حوالي سان حق رکي اوهان کي هي خط لکيو آهي، هي جيڪو ڪجهه مون لکيو آهي سڀ ڳالهيون مون اوهان جي انٽرويو ۾ پڙهيون ۽ محسوس ڪيون آهن. اهڙيون ڳالهيون اوهان نه ڪيو ها ته مان اوهان جي در تي دستڪ ڏيڻ جي جرئت نه ڪيان ها.
سلطانه وقاصي
جواب
منهنجي ڀيڻ سلطانه
دعائون ۽ دعائون
جڏهن کان آيو آهيان، تڏهن کان اوهان جو خط سامهون ميز تي رکيو آهي، ڏسندو آهيان، روزانو ڏسندو آهيان پر جواب ۾ ڪجهه به لکي نه سگهيو آهيان.
ها پوڙهو ٿي ويو آهيان، گذريل نومبر ۾ پورن پنجاهه سالن جو ٿيو آهيان. منهن ورائي ڏسان ٿو ته هرڪا ڳالهه ڪالهوڪي ڳالهه. . . . ۽ هر ڪو واقعو ڪالهوڪو واقعو محسوس ٿئي ٿو. ان دوران عجيب تجربي مان گذريو آهيان. جسم، تصور ۽ تخيل جي ڊوڙ ۾ تخليقي ۽ عمل سان ڀرپور ساٿ ڏيڻ جهڙو نه رهيو آهي. عمر جو انگ جسم کي کائيندو آهي ۽ تخيل ۽ تصور کي اڳ کان اڳرو ڪندو آهي، اڳ سڄي سڄي رات لکي سگهندو هوس. هينئر چاهڻ جي باوجود به رات جو هڪ ٻين لڳي کان وڌيڪ اوجاڳو ڪري نه ٿو سگهان. بس ائين ئي آهي. ان عمل کي قبول ڪرڻو آهي.
دعائون ۽ سلام
اوهان جو ڀاءُ
امر جليل
(نوٽ وري به معافي جو طلبگار آهيان جو تمام دير سان اوهان جي قربائتي خط جو جواب لکي رهيو آهيان. دل ۾ نه ڪجو، لڳيم ٿو جواب لکڻ جي باوجود به اوهان جي خط جو جواب لکي نه سگهيو آهيان.)

عوامي آواز 29 آگسٽ 2012ع