مھاڳ: مالديپ جو موھہ
مان تہ هونءَ بہ چوندو آهيان تہ زندگيءَ جو سفر ڄمڻ سان ئي شروع ٿئي ٿو ۽ ان سفر جون ٽي منزلون آهن. پھرئين منزل سندس ننڍپڻ، ٻي منزل جواني ۽ آخري منزل آهي زندگي جو آخري حصو يعني “ٻڍاپو” ۽ انھن ٽنھي منزلن مان انسان ڪيترن ئي مشاهدن ۽ تجربن کان گذري ٿو. ڪٿي انتھائي خوش گوار تہ ڪڏهن تلخ تجربا ۽ مشاهدا بہ ڏسڻا پون ٿا ۽ ان سفر ۾ اڻ کٽ خواهشن جو سلسلو بہ شروع ٿئي ٿو. جيئن ڪنھن شاعر چيو تہ “هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش پي دم نڪلي”.
مان سمجهان ٿو تہ ان خواهشي سفر ۾ بہ اسان جو دوست بلوچ صحبت علي گهڻي قدر ڪامياب ويو آهي.پاڻ هن وقت سنڌ جي مصروف ۽ بھترين وڪيلن ۾ شمار ٿين ٿا، توڙي جو وڪالت فل ٽائم جاب آهي. صبح کان رات تائين ڪم ئي ڪم آهي، مان تہ حيرت ۾ هوندو آهيان تہ هي دوست هڪ وقت ۾ ايترن اهم شعبن کي وقت ڪيئن ٿا ڏين. وڪالت، ادب، شاعري ۽ دنيا جي ملڪن جون رولاڪيون ۽ سندس ذاتي گهريلو زندگي بہ آهي. ان لاءِ وقت ڪڍڻ، هڪ ذميوار والد هجڻ جون ذميواريون پڻ احسن طريقي سان نڀائي رهيا آهن. لکڻ جي حوالي سان ڳالھہ ڪجي تہ انتھائي مصروف ليکڪ ۽ شاعر ۽ سفرنامه نويس پڻ آهن. تقريبن 31 ڪتاب نثر توڙِي نظم ۾ نہ فقط لکيل پر ڇپيل پڻ آهن. جن ۾ انگريزي، اردو توڙي سنڌي ڪتاب شامل آهن.
هاڻي اچون ٿا سندن دنيا جي رولاڪين يعني سفرنامن طرف، اسان هن بحث ۾ نہ ٿا پئون تہ سنڌ ۾ سفرنامن جو باني ڪير آهي، پھريون سفرنامو ڪنھن ۽ ڪڏهن لکيو. پر اسان جي جيئن شعوري سانڀر ٿي آهي تہ اسان جڳ مشھور ليکڪ الطاف شيخ جا ئي سفرناما ٻڌا ۽ پوءِ ڪجهہ پڙهيا بہ. هن وقت بہ مان سمجهان ٿو تہ سنڌ ۾ سفرنامن جو ابو الطاف شيخ کي چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. پاڻ هڪ سوء کان مٿي سفرناما لکي چڪا آهن ۽ شايد دنيا جو ڪو ملڪ رهيل هجي، جتي نہ ويو هجي. پاڻ ميرين انجنيئر هجڻ ڪري دنيا گهمي ڏسي چڪا آهن. هن وقت بہ سنڌ جا ڪيترائي ماڻھو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ روزگار سانگي رهيل آهن. تہ ڪي وري دنيا ڏسڻ لاءِ مختلف ملڪن جو رخ ڪن ٿا. پر سڀئي گهمڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ لکن نہ ٿا. اها خوبي هڪ ليکڪ، اديب ۾ ئي هجي ٿي تہ هو ان ملڪ جي تاريخ، تاريخي ماڳ، مڪان، خوبصورت منظر قلمبند ڪري ٿو. اهڙي طرح بلوچ صحبت وٽ اها نہ فقط خوبي، صلاحيت آهي پر ڏات ۽ ڏانءُ بہ آهي. جيڪو ڏسي ٿو اهو پڙهندڙن لاءِ اهڙي طرح لکي ٿو ڄڻ پڙهندڙ ان ملڪ جو مشاهدو گهر ويٺي ڪري رهيو هجي ۽ سٺي ليکڪ سفرنامو لکندڙ جي اها خوبي آهي.
اسان جي دوست جو هي سفرنامو، “مالديپ ۾ مانڊاڻ” بلڪل تازو گذريل جون جولاءِ 2024ع جو آهي ۽ هي سندس اٺون سفرنامو آهي.هن کان اڳ ۾ “دادو کان دُبئي”، “نيپالي نينھن”، ”انڊونيشيا جو عشق”، “ملائيشيا جون محبتون”، ۽ “ٿائيلينڊ جا ٿاڪ” جا سفرناما مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. هي سفرنامو “مالديپ ۾ مانڊاڻ” بہ اوهان جي هٿن ۾ آهي. جڏهن تہ سندس سفرنامو “سريلنڪا جي سونھن” پڻ پرنٽنگ جي مرحلن ۾ آهي.
اسان جو يار صحبت هن معاملي ۾ بہ خوش نصيب آهي. جو کيس چار يار بہ ڀلا مليا اٿس ۽ سٺن دوستن جو هجڻ بہ اميري ۽ شاهوڪاري جي نشاني آهي. جو کيس سفر جا ساٿي هميشھہ مخلص، بردبار سھپ ۽ ڏاهپ وارا مليا آهن ۽ هم خيال پڻ. ڇو تہ سفر ۾ هم خيالي هجڻ لازمي آهي. ڇو تہ سفر رڳو سھنجو نہ پر ڪڏهن ڪڏهن اڙانگو بہ ٿيندو آهي ۽ انھن حالتن ۾ سٺا هم سفر ئي حوصلو ۽ همت ڏيندا آهن.
مالديپ جي سفر لاءِ بہ بلوچ صحبت دوستن جي چونڊ ڏاڍي سٺي ڪئي آهي ۽ سفر بخير ڪري ماڳ موٽي آيا. سفرنامو بہ اسان جي نثري صنف ۾ هن وقت اهم مقام حاصل ڪري چڪو آهي. اسان جي درسي ڪتابن ۾ بہ نامور ليکڪن جا سفرناما ڏنل آهن. تہ جيئن اسان جو نئون نسل بہ ان صنف کان با خبر رهي سگهي ۽ ملڪن جي معلومات حاصل ڪري سگهي. ڇو تہ سفرنامي جو هڪ سماجي ڪارج بہ ٿئي ٿو. سفرنامو صرف تفريح ۽ ذاتي ذهني تسڪين لاءِ نہ پر معلومات لاءِ بہ هجي ٿو. جڏهن مون هي سرنامو مالديپ بابت پڙهيو جيڪو ڪيترن ئي صفحن تي مشتمل آهي. نھايت ئي informative لڳو. هڪ تہ بلوچ صحبت جي ٻولي ڏاڍي سھڻي، سولي ۽ ادبي آهي. لکڻ جو انداز بہ نھايت خوبصورت، دل کي وڻندڙ آهي. پھرئين صفحي کان پڙهندي آخري صفحي تائين ڪٿي بہ مون کي بوريت جو احساس نہ ٿيو. توڙي جو مون هي سفرنامو ڏهن ڏينھن ۾ پڙهي پورو ڪيو. ان جو ڪارڻ هڪ تہ پنھنجي ذاتي مصروفيت ۽ ٻيو هر وقت بجلي جو نہ هجڻ آهي ۽ مسلسل پڙهڻ سان منھنجي نظر يعني اکين تي اثر پوي ٿو. ان ڪري وقفي وقفي سان پڙهي پورو ڪيم.
هاڻي اچان ٿو تہ هن سفرنامي ۾ مون ڇا پڙهيو، ڇا حاصل ڪيو. توڙي جو مان ڄاڻان ٿو تہ هر ملڪ جون قانوني، جاگرافيائي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون مختلف آهن. هر ملڪ جو سڪو، تاريخ، تھذيب، ثقافت، رهڻي ڪھڻي پنھنجي آهي. موسمي ماحول پڻ پنھنجو آهي. ريتون، رسمون، رواج، ٻولي ۽ لھجا پنھنجا پنھنجا آهن. بلوچ صحبت جي هن سفرنامي مان آءُ مالديپ جو سفر گهر ويٺي پڻ ڪري چڪو آهيان. جنھن ۾ منھنجو روپيو بہ خرچ نہ آيو. بنان پئسي مزو ورتم. ڏاڍيون دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالھيون پڙهڻ لاءِ مليون. پھريون تہ اهو معلوم ٿيو تہ مالديپ اسلامي ملڪن ۾ ننڍي ۾ ننڍو جزيرائي ملڪ آهي. ٻارنھن سو ٻيٽن کان مٿي جي ٻيٽن تي مشتمل آهي. لڳ ڀڳ پنج ڇھہ لک آبادي وارو خوبصورت ملڪ آهي. توڙي جو مالديپ کي آزاد ٿئي سٺ سال کن مس ٿيا آهن، پر هو هن وقت بہ معاشي لحاظ کان پنھنجي پيرن تي بيٺل نظر اچي ٿو. سڪي جي لحاظ کان بہ اسان کان ارڙنھن دفعا وڌيڪ آهي. هي ملڪ جنھن کي land of island ۽ ٻيٽن ۽ جزيرن جو ملڪ چئجي تہ بھتر رهندو. ڇو تہ بلوچ صحبت لکي ٿو تہ،“پاڻ بہ ٽي اهم ٻيٽ گهميا، جنھن ۾ گرائيدو ٻيٽ، مافوشي ٻيٽ ۽ گُلي ٻيٽ، جيڪي انتھائي خوبصورت آهن. ٻي اهم ڳالھہ اها بہ معلوم ٿي تہ هتي گهر يا دڪان ۾ اندر جوتا پائي وڃڻ جي اجازت نہ آهي. هر ماڻھو پنھنجا جوتا ٻاهر لاهي اندر اچي ٿو. ان جا ڪھڙا سبب ٿي سگهن ٿا. مان سمجهان ٿو تہ اهو عمل بھتر عمل آهي. ڇو تہ جوتن کي لڳل گند ڪچرو اندر اچڻ سان ماحولياتي گدلاڻ ڪري ڪيتريون ۽ بيماريون جنم وٺن ٿيون. ان ڪري صحت جي حوالي سان هي عمل بھتر لڳو. ٻي ڳالھہ اها بہ معلوم ٿي تہ هتي جا ٻيٽ خوبصورت هجڻ سان گڏ رهائشي توڙي، کائڻ پيئڻ جي حوالي سان مھانگا آهن. ان جو ڪارڻ مان سمجهان ٿو تہ هنن ٻيٽن تي ٻاهرين سياحن جي آمدورفت ڪجهہ سوائي آهي ۽ اتان جا مقامي ماڻھو يا تاجر انھن جي مجبوري جو فائدو وٺن ٿا ۽ هر شي ڊالر جي ريٽ تي ملي ٿي ۽ اها اسان جي پاڪستاني سڪي جي حساب سان گهڻو مھانگو آهي ۽ آبھوا جي لحاظ کان بہ جون جولاءِ اسان وانگر انتھائي گرم رهي ٿو، پر ان هوندي بہ گهمڻ، ڏسڻ جو مزو گرمي سردي نہ ٿو ڏسي ۽ خوبصورت منظر ٿڪ لاهي ڇڏين.
وقت جي پابندي تہ ڪو اتان جي ماڻھن کان سکي. يا هتان جي ٻيڙن، جھاز وارن کان سکي. يعني جيڪڏهن فيري جي نڪرڻ جو وقت ست بجه آهي تہ پوءِ ست لڳي هڪ منٽ بہ نہ ٿيندو. يعني ڪنھن جو بہ انتظار ناهن ڪندا. ڀلي فيري ۾ پنجن ماڻھو ڇو نہ هجن، يا سڄي فيري خالي ڇو نہ هجي. خوش اخلاقي ۾ بہ اتان جا ماڻھو پنھنجو مٽ پاڻ آهن. انتھائي ڪو آپريٽو. ڪجهہ ڏينھن ۽ راتيون گرائيدو ٻيٽ جو مزو وٺڻ بعد واپسي،مالي ...طرف، ٿئي ۽ اتي سلطان جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ جو شرف بہ حاصل ٿيو. بلوچ صحبت ۽ سندس دوست کي ان کان سواءِ نيشنل لائبريري ۽ آرٽ گيلري گهمڻ جو بہ موقعو مليو. ان کان سواءِ بلوچ صحبت لکي ٿو تہ مالديپ جي صدر جي رهائش گاھہ ... يا آفيس ٻاهران گهمياسين، ڪنھن بہ قسم جو سرڪاري پروٽوڪول، يا پوليس، فوج جي نفري، نظر ڪا نہ آئي ۽ محسوس ٿيو تہ واقعي ئي جهموري ملڪ کي جهموري ملڪ جي سربراھہ کي عوام مان ڪھڙو خوف خطرو ڇو تہ حڪمران عوامي هوندا آهن، عوام جي خدمت لاءِ ئي هوندا آهن تہ پوءِ عوام مان ڪھڙو خطرو. اهو ساڳيو ئي منظر مون پنھنجي ملائيشيا جي سفر ۾ ڏٺو هو، اتي بہ وزير اعظم هائوس آڏو ڪنھن بہ قسم جو ڪو پروٽوڪول يا پوليس نہ هئي. اسان آرام سان هائوس آڏو گهمياسين ۽ ڦوٽوگرافي پڻ ڪئي. مطلب هي آهي تہ حقيقي عوامي ۽ جهموري حڪمراني. هنن ملڪن گهمڻ ۽ ڏسڻ سان، اهو بہ پتو پوي ٿو تہ اسان ڪٿي بيٺا آهيون ۽ هي ملڪ ڪٿي بيٺا آهن. اسان جا حڪمران اسان سان ڇا حالت ڪري رهيا آهن. فرق واضع ٿي وڃي ٿو.
صفائي، سٿرائي، امن و امان جي حوالي سان بہ مالديپ بھترين ملڪ لڳو. هتان جا ٿاڻان بہ ويران نظر آيا. يعني ڪو بہ ڪرائيم وغيرہ نہ هجڻ جي برابر، يعني قانون تي مڪمل عمل آهي. اسان وٽ بہ قانون تہ آهي پر عمل رياست جي پسند نا پسند تي ٿي رهيو آهي. انصاف امير غريب لاءِ جدا جدا آهي. خير اها تہ اسان جي قسمت آهي جو هن ملڪ ۾ پيدا ٿي پيا آهيون تہ پوءِ هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي.
مطلب تہ هي سفرنامو “مالديپ ۾ مانڊاڻ” انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو ثابت ٿيو. بلوچ صحبت جي پوري همسفر ٽيم کي مبارڪ هجي، خاص ڪري پروفيسر مختيار سمي صاحب کي جنھن پڻ هنن جوانن سان سفر ڪيو ۽ هنن جي رهنمائي پڻ ڪئي. واقعي ئي مالديپ جي موھہ مون کي بہ موهي وڌو. آخر ۾ پنھنجي هن شعر سان اوهان کان اجازت وٺندس؛
زندگي جو سفر ڪٽيان ويٺو،
سور هڪ ٻئي مٿان سٿان ويٺو
نفرتن جون پٽي چڪيون “تابش”!
چاھہ جا چيچڪا ڇٽيان ويٺو.
تابش بخاري
دادو-سنڌ