سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح

14.07.2024 صبوح جو سوا پنجين وڳي اک کلي. هوٽل اٿينس وويو جي پرسڪون بسترن گهري ننڊ ڏياري سمھاري ڇڏيو هو. ان ننڊ ڏيارڻ ۾ نہ فقط بسترن جو ڪمال هو، پر طويل سفر جي ٿڪاوٽ جو بہ ڪجهہ ڪردار شامل هيو. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ پاڻ کي اٿارڻ لاءِ الارام سيٽ نہ ڪيو. نہ ئي گهڙيال جي گهنٽي يا وري موبائيل جو الارام. منھنجو پروگرام ئي منھنجي ذهن ۾ الارام سيٽ ڪري ڇڏيندو آهي. ان ڪري مون کي ڪنھن بہ دوست کي اٿارڻ جي ضرورت نہ هوندي آهي. مان ڀلي رات جو ڪيڏي بہ دير سان سمھان پر وري بہ صبح جو سوير ئي اک کلي ويندي آهي. اصل ۾ مان پنھنجي دماغ جو الارام پنھنجي ڪم سان ئي رات جو سيٽ ڪري ڇڏيندو آهيان. منھنجو دماغ ئي منھنجو الارام آهي، جيڪو مون کي هرروز ساڳي وقت تي جاڳائيندو آهي. مون کي ڪنھن ٻي الارام جي ضرورت نہ آهي.
اها منھنجي سالن جي عادت آهي. ڪورٽ جلدي وڃڻ جي ڪري سوير اٿندو آهي. تقريبن 8 يا سوا اٺين وڳي ڪورٽ پھچي ويندو آهيان. مون کي منھنجو ڪلائينٽ ڳوليندو نہ آهي، بلڪ مان ۽ منھنجا ايسوسيئسٽس ڪلائينٽ کي ڳوليندا آهيون. منھنجي اها ڪوشش هوندي آهي تہ مان جج صاحبان جي ڪورٽ ۾ ويھڻ کان اڳ ۾ ڪورٽ روم ۾ موجود هجان، ان ڪري ڪورٽ روم ۾ منھنجي نالي جو سڏ اڪثر ڪري گهٽ ٿيندو آهي. ان ڪري مان ان سڏ کان اڳ ۾ ئي ڪورٽ ۾ ويٺل هوندو آهيان. پر هڪڙن وڪيلن جو خيال آهي تہ وڪيل جو سڏ ڪورٽ مان ضرور ٿئي، ڪورٽ مان ان جي نالي جي پڪار ٿئي تہ جيئن ٻاهر ويٺل اصيلن کي خبر پوي تہ فلاڻي وڪيل جو سڏ ٿيو آهي. ايئن ڪرڻ سان انھن جو نالو ٿيندو. بدنام هي سھي نام تو هوگا.
منھنجا روم پاٽنرز اڃان ننڊ جي آغوش ۾ ورتل آهن. مان برش ڪري، شيو ڪري، وهنجي فريش ٿي اچي پنھنجي بيڊ تي ويھي هي چند اکر لکي رهيو آهيان. ٿوري دير کان پوءِ سائين مختيار سمون بہ ننڊ مان بيدار ٿيا آهن. پرتاب گهري ننڊ جي مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪندي نظر آيو. هوٽل جو ڪمرو صفا برف ٿي ويو هو. 24 ڪلاڪ اي سي جو هلڻ هن ڪمري جي صحت لاءِ سھي هجي يا نہ هجي پر اسان جي صحت لاءِ اوکو هيو.
جيتوڻيڪ هي ٻيٽ آهي، جهنگ آهي، ٻھراڙي آهي، هن جي چارون طرف پاڻي ئي پاڻي آهي. سمونڊ آهي. پر پوءِ بہ هتي زندگي جي هر سھولت موجود آهي. گئس، پاڻي، ۽ لائيٽ. هتي لائيٽ هڪ منٽ جي لاءِ بہ نہ ويندي آهي. نہ ئي ڪو بريڪ ڊائون آهي. نہ ئي وري گرڊ اسٽيشن جي صفائي جي بھاني سان لائيٽ بند ڪئي ويندي آهي. ۽ اهڙي ريت هتي ڪا بہ لوڊ شيڊنگ جي حرامپائي بہ نہ آهي. اسان جي ڪمري جو نمبر 204 آهي، جڏهن تہ جنيد وارا ڪمري نمبر 202 ۾ آهن جيڪو ساڳي ئي فلور ۾ آهي.
هينئر جنيد وارن جي ڪمري ۾ ويس تہ جيئن انھن کي ننڊ مان جاڳيان تہ جيئن اهي اٿي تيار ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي تياري ڪن. جڏهن ٽي چار دفعا دروازو کڙڪايو تڏهن مس وڃي مظفر کوکر اکيون مھٽيندي دروازو کوليو. ڪمري ۾ نظر ڊوڙايم تہ سڀ دوست گهري ننڊ ۾ ستل هيا. پر پوءِ منھنجي آواز تي سڀ بيدار ٿي پيا. مان موٽي پنھنجي ڪمري ۾ آيس. مختيار سمون صاحب بہ تيار ٿي چڪو هو. هوٽل جو ماحول انتھائي خاموش، ماٺيڻو ۽ پرسڪون آهن. نہ گوڙ، نہ شور، نہ هُل نہ هنگامون. بس سڪون ئي سڪون هيو. سڪون جھڙي شيءَ بہ ڪيڏي نہ نعمت آهي. اسان وٽ دلاسو ڏيندا آهن تہ دنيا ۾ سڪون ڪٿي، سڪون رڳو قبر ۾ ئي آهي، پر اهو جملو هن ماحول ۾ صفا ڪوڙ ٿو لڳي. مالديپ ۾ توهان ڪنھن بہ ٻيٽ ۾ هجو، توهان کي سڪون جيئري ئي ملندو. ان لاءِ توهان کي قبر ڏانھن وڃڻ جو انتظار نہ ڪرڻو پوندو.